بوگس آدمشماري ۽ سنڌ جي مستقبل سان ٿيندڙ راند!
رسول بخش پليجو
ڪا شيءِ يا ڳالهه ڪهڙي به سٺي هجي پر حد کان وڌيڪ هوندي ته نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. اسين سنڌي صدين کان رڳو تاريخي سچ ٻڌندا اچون ۽ ٻڌي ٻڌي اسان ننڍن وڏن کي سورنهن آنا خاطري ٿي وئي آهي ته عربن، سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي مجموعي طرح عيشن ۾ هئا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ٻه ٽي سال گوڙ فساد ڪيو، پر ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ ٿلهي ليکي وري به بهاريون ٿي ويون، حاڪم ۽ رعيت سڀ هڪ ڳالهه، فلاڻا شاعر، فلاڻا سگهڙ، فلاڻا صوفي، فلاڻا درويش، هندو مسلمان کير کنڊ هئا. چوطرف صلح، امن، قرب ۽ محبتون هيون. انگريزن جي واريءَ ۾ کڻي ڪي ٻه ٽي ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون ٿي ويون هونديون، پر پوءِ به حاڪم انصاف، راڄن ڳوٺن جا چڱا مڙس اڪثر سڀ عام ماڻهن جا خير خواهه ۽ هڏ ڏوکي هئا. هندو-مسلمان اڳ وانگر هڪ ڳالهه تي هئا.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ غيرن کان آزاد ٿيو، حڪومت پنهنجي هٿن ۾ آئي، هاڻ ڪنهن جا محتاج ڪو نه رهياسين، جمهوريت ته جمهوريت، پر ايوب جهڙن جي مارشل لائن ۾ به غريبن جا هڏ ڏوکي ملڪان ملڪ مشهور اڳواڻ ڪرسين تي ويٺا هئا. وچ وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ون يونٽ آيا، ڇڪتاڻون ٿيون، ڪجهه ڀڃ ڊاهه ٿي، پر پڇاڙيءَ ۾ خير ٿي ويو. لکا پوڻ نه ڏني سون، تان جو اڄ نه رڳو جمهوريت جو، پر جمهوريت جي اعليٰ ترين ۽ لاثاني ۽ بي مثال قسم يعني مفاهمتي جمهوريت جو دور آهي، جنهن ۾ پاڻ ٻن ٽن وڏن ڪرسين تي چڙهي ويهي رهبو ۽ ٻچن جي پيٽ گذر جو بلو ڪبو رهبو ۽ ملڪ ۽ صوبائي حڪومت جا ڪم ڪار ۽ خفا سڀ اتحادين جي مٿي ۾ هڻي ڇڏبا. تان جو هاڻ گهر شماري ۽ آدمشماري به اتحادين جي مٿي ۾ لڳل آهي ۽ پاڻ ڪرسين تي ويهي ”سڀ خير آهي“، ”سڀ خير آهي“ جا بيان ڏبا رهبا ته سڀ خير ٿي ويندو. ٽي سال خير سان گذري ويا آهن. ٻه سال ٻيا به سڀ ڪجهه ڪرسيءَ تي پهچائيندڙ آقائن جي مقرر ڪيل اتحادين جي حوالي ڪري کين ڪلهي تي کڻي گهمائبو ۽ ٻئي طرف پنهنجا ٻچا به ڏکيا سکيا پالبا. پوءِ به مولا خير ڪندو، قسمت هوندي ته وري به مفاهمتي جمهوريت جو جهنڊو بلند ڪبو ۽ سندس بول بالا ڪبو. هاڻ سچ گهڻو ئي ٿيو، ٻه ٽي ڪوڙ به ٻڌي ڇڏيون:
گذريل سمورن دورن ۾ ٻي دنيا وانگر سنڌ ۾ به عوام لاءِ غلام داري، قبائلي نظامن ۽ ڌارين جي غلاميءَ جا ڪلور هئا. گڏيل هندستان، جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي، تنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين هندستاني علائقن جي ماڻهن، ڌارين ۽ خاص ڪري آرين جي ڌارين جي راڄ جا ڏينهن، جيڪي خدا دشمن کي به نه ڏيکاري، سي ڏٺا ۽ رت رنا. آرين جي دور ۾ برهمڻن کانسواءِ ٻيا سڀ سنڌين سميت هندستاني ماڻهو ناپاڪ ۽ نيچ ۽ دوزخي هئا، ”جيڪو برهمڻ علم جو مالڪ آهي، تپسيائون ڪري ٿو ۽ روز پاڪ اکر اچاري ٿو سو ڀل کڻي سدائين گناهه جهڙا ڪم ڪندو رهي ته به ان کي ڪو به گناهه ڪو نه ٿيندو.“ (ڏسو عالمي مذهبي ڪتابي سلسلو ”مشرق جا مقدس ڪتاب مرتب ۽ مترجم: مئڪس ملر، جلد 14، پاڪ ڪتاب و سيشٿا، ڀاڱو 24-ص 129) ۽ ٻيا مقدس آريائي ڪتاب. پوءِ جي ڌارين حملي آور ڦورو ۽ ظالم مسلمانن جي راڄن ۾ عام مڪاني مسلمانن سان جيڪي ويل پئي ٿيا سي ته ٿيا، پر سنڌ ۽ هند جي هندن سان 8 سئو سال جيڪي ويل ٿيا، تن جو تت اڀرين سڀرين فارسي تاريخن ۾ به لکيو پيو آهي. ايتري قدر جو دين متين جي مفتين ۽ شيخ الاسلامن بادشاهن تي زور ڀريو ته هندستان جي هندن کي مسلمان ڪريو. جي نٿا ٿين ته هڪڙي هڪڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇو ته مسلمانن جي حڪومت ۾ هندن جو هندو ٿي رهڻ جائز ئي ڪونهي. (ڏسو منتخب التواريخ ۽ هندستان بابت ٻيون فارسي تاريخون). ڪنهن زماني ۾ چيائون ٿي ته ”مٽيارين جو موت ويندي جي ويرم“ هندن جي تذليل ڪرڻ ڄڻ ته اسان جي حاڪمن جو فرض هو. هندو ڪروڙ پتي هجي، پر چڙهي گڏهه تي، گهوڙي تي نه.
انگريزن جو دور آيو ته انهن سنڌي هندن کي سنڌي مسلمان غريبن خلاف استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي ۽ انگريز پرست هندو سيٺيون انتقامي جذبي وچان سڀ ليڪا لنگهي ويا. سنڌ کي زبردست هندو اڪثريت واري صوبي بمبئي سان ملائي کيس تباهه ڪري ڇڏيو ويو. ٻيا ادارا ۽ امتحان ته ڇڏيو، پر سنڌ ۾ سنڌي فائنل جي امتحان جو مرڪز به قائم ڪرڻ نه ڏنو ويو. چوندا آهن ته ”نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار“. ان دور جي سنڌ جي مسلمان وڏيرن، ميرن، پيرن به سنڌي عوام جي دشمنيءَ ۾ رتيءَ جي ڪسر ڪا نه ڇڏي. سنڌ جي هڪڙي حقيقي عظيم اڳواڻ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ رٿ ڏني ته غريب سنڌي ماڻهن جي پڙهائي لاءِ ڍل جي هڪڙي رپئي پٺيان هڪڙو پئسو وڌائي ورتو وڃي، ته سخت مخالفت ڪئي ويئي. خاص ڪري لاڙڪاڻي جي وڏن زميندارن طرفان رٿ ڏني ويئي ته پرائمري تعليم عام ۽ مفت ڪئي وڃي، ته به سنڌي وڏيرن مخالفت ڪئي، چي ”ڄٽ جا پٽ پڙهي پيا ته پوءِ اسان جي خدمت چاڪري ڪير ڪندو ۽ ٻنين ۾ هر ڪير ڪاهيندو؟“
سنڌ کي بمبئي جي ٻين علائقن جي برابريءَ جا حق ڏيڻ جي ۽ اڳتي هلي سنڌ کي جدا صوبائي حيثيت ڏيڻ جي هندو ڀائرن طرفان جيڪا ڇتي مخالفت ڪئي ويئي، تنهن جو تصور به سنڌ جي عام پڙهيل ماڻهن کي ڪونهي (ڏسو ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جا دستاويز“ مرتب حميده کهڙو) اها مخالفت صوبائي درجو ملڻ کانپوءِ به نام نهاد قومپرست سنڌي مسلمان وڏيرن جي مدد سان ايڏي خطرناڪ حد تائين جاري رهي، جو سنڌ لاءِ عذاب بمبئي جي غلاميءَ جي دور کان پوءِ گهٽيو ڪو نه، وڌي ويو. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته صوبائي خودمختياريءَ کانپوءِ هندو ڀائرن ۽ سندن نام نهاد قومپرست ساٿارين ان صوبائي خودمختياريءَ جو جيڪو حشر ڪيو، جي اهو نه ڪيو وڃي ها ته 1938ع واري سنڌ ڪانفرنس ۾ سنڌ طرفان هندستان کي ورهائي سنڌ کي ڌار ڪرڻ جو ڪنهن کي خيال ئي ڪو نه اچي ها! چوندا آهن ته ”چري ڪيئن؟ چي ويران وير وڌ!“ پيارو پاڪستان ٺهيو ته ڄڻ پراڻن مسلمان حملي آورن جو دور وري شروع ٿي ويو. ارغون، ترخان ۽ مغل ڦورو ۽ ظالمن جي جاءِ تي يوپي، سي پي، بهاري ۽ پنجابي مسلمان حملي آورن جو قبضو ٿي ويو ۽ نادر شاهن ۽ مدد خانن جو زمانو وري اکين اڳيان اچي ويو.
هنن کان ڪنهن پڇيو ٿي ته ابا هي ڇا پيا ڪريو ته چوندا هئا ته ”ڪافرن کان جان بچائي پناهه وٺڻ ۽ اسلام جو قلعو قائم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“ گهرن، زمينن، شهرن ۽ مقامن تي قبضا ٿي ويا، صوبائي خودمختياري کسجي وئي، ٻيا حاڪم ڪڙڪي پيا، ڇهن درياهن جي اڌ ڀائيواري کسجي وئي، تان جو اڄ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۽ ٻيا شهر ذري گهٽ کسجي ويا آهن. باقي اڏيءَ تي پهتل آهن. فقط ٻه ٽي ڏينهن آدمشماريءَ جي معلوم نتيجن جي پڌري ٿيڻ جو انتظار آهي.
ٻولي کسجي ويئي، تعليم کسجي ويئي، امن امان کسجي ويو، عملي طرح حڪومت کسجي ويئي. موجوده پاڪستان جو مطالبو 1930ع ۾ الهه آباد ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو هو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان پنجاب جي حوالي ڪريو. پوءِ انگريز ڀلي وڃي نه وڃي. کڻي سئو سال ويٺو هجي، اهو مطالبو تڏهن پورو ٿيو، جڏهن سنڌي وڏيرن يحيٰ شاهيءَ سان ٻٽ ٿي پنجابي اڪثريت ۾ رخنو وجهندڙ بنگالين کي ڀڄائي، پنجابين کي پاڪستان جي قطعي ۽ دائمي اڪثريت بنائي سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي سندن جمهوري حساب سان دائمي غلام بنائي ڇڏيو. اڄ ملڪ ۾ مفاهمتي جمهوريت جو بول بالا آهي. جمهوريت چئبو ڇا کي آهي؟ ڇا جمهوريت جي معنيٰ فقط ووٽن سان ڀرايل دٻن جي ڳڻپ آهي؟ ڇا جمهوريت جي معنيٰ فقط ڪنهن به ريت چونڊيل نمائندن جي گهڻائيءَ جو هر هڪ فيصلو آهي؟ هٽلر (1938ع ڌاري) جرمنيءَ ۾ جيڪا چونڊ کٽي هئي، ان ۾ چونڊيل نمائندن جي اڪثريت قانونسازيءَ جا سمورا اختيار کيس ڏيئي ڇڏيا هئا. ڇا ان ڪري هو جرمن عوام جو چونڊيل بااختيار جائز اڳواڻ بنجي ويو؟ ڇا دنيا کي هينئر هٽلر جهڙا چونڊيل نمائندا ۽ جنهن پارليامينٽ کيس اڇي ڪاري جو مالڪ ڪري ڇڏيو هو اهڙي پارليامينٽ کپي؟ جي نه ته ڇو؟
ڇو ته جمهوريت جي اصل ڪسوٽي رڳو ووٽن جي دٻن ۾ پيل ووٽن جي ڳڻپ يا پارليامينٽ جي ووٽن جي اڪثريت نه، پر اها ڳالهه آهي ته جن ماڻهن چونڊ ڪئي آهي، انهن جي ضرورت، مفادن ۽ زندگي ۽ موت جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت رويو ۽ عمل ڪهڙو آهي؟ ووٽ وٺجن هڪڙن کان ۽ سندن گهر جا ٽپڙ ۽ اختيار سڀ ٻين مخالفن جي حوالي ڪرڻ جمهوريت نه، پر جمهوريت سان مذاق ۽ ان جي بنيادي اصولن سان کلي کلائي کيڏ آهي. سنڌي سڏائي (ڪي ته سنڌي سڏائڻ به بي عزتي سمجهن ٿا) سنڌي قوم جا ٽپڙ، حق، ملڪيتون، ٻنيون، شهر، روزگار جا وسيلا ڌارين جي حوالي ڪرڻ ۽ ان جي عيوض ڪرسيون وٺي پنهنجا پيٽ ڀرڻ کان وڌيڪ حرڪت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
مغربي سامراجين نالي ماتر شهنشاهتون ڇڏيون، پر ويٺا اندر گهڙيا آهن. (ڏسو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“) هندستان ۾ انگريزن ۽ آمريڪين پنهنجي مڪاني سهڪارين سان سازش ڪري رڳو مٽا سٽا ڪئي. انگريز جي جاءِ تي پاڪستان جو مالڪ آمريڪا ٿيو، جيڪو هاڻ سنڌ جو علي الاعلان مالڪ ٿيڻ وارو آهي. رستي ۾ رڳو ڪجهه رڪاوٽون آهن. اهي هي آهن ته سمورن سنڌي ماڻهن جي اڃا مڪمل طرح اڻ پڙهيل، جاهل، خوفزده، بي روزگار، اٽي لپ لاءِ ڪستو کڻي پنندڙ مخلوق ٿيڻ ۾ اڃا ٿورڙي دير آهي. حالانڪه گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. تعليم جي ڀينگ ڪئي وئي آهي. اعليٰ تعليم سامراجي ڇاڙتن جي حوالي آهي، جنهن انهن ۾ سنڌ دشمن جو قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻيلن ۾ سرڪاري وڏيرن جا ڌاڙيل تشريف فرما آهن، ڪارو ڪاريءَ جي نالي ۾ اپر سنڌ سنڌ دشمن قبائلي قاتلن هٿان هڪڙو باقاعدي قتل گاهه بنايل آهي. گذر جا وسيلا بند ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۽ ٻيا روزگار جا مرڪز سنڌين لاءِ قانوني طور نوگو ايريائون بنايل آهن، مهانگائيءَ هٿان سنڌين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ويئي آهي. بدامنيءَ ۽ قسمين قسمين لاعلاج بنيل مرضن جو ڳوٺن ۽ شهرن تي قبضو آهي. ڪرپشن آسمان سان پيئي ڳالهيون ڪري. مطلب ته سنڌي قوم جو قومي وجود آخري پساهن تي آهي، هاڻ رڳو هنن ٻٽن اکرن چوڻ جي دير آهي: ”سنڌي ماڻهو هاڻ سنڌ ۾ اقليت ۾ آهن، تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو هاڻ سنڌ جي مالڪيءَ سان ڪو به واسطو ڪونهي. هاڻ سنڌ جا مالڪ آمريڪا ۽ ان جا يوپي، سي پي ۽ پنجاب وارا آهن. سنڌين کي فقط روئي رڙي آمريڪي اين جي اوز کان خيرات پنڻ جو حق آهي.“ انهن اکرن جي چوائڻ لاءِ آمريڪا طرفان ڪرسيءَ تي ويهاريل مفاهمتي جمهوري حڪومت وارن تي ڊيوٽي رکي ويئي آهي. جيڪا ڊيوٽي اسان جي سنڌي سرڪار موجوده گهر شماري ۽ آدمشماريءَ ذريعي پوري ڪرڻ واري آهي. ان کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي قوم جي سمورن اندرين ٻاهرين ويرين کي پڪ آهي ته ان کان پوءِ ٿيندو ”کيل ختم، سنڌ هضم!“.
No comments:
Post a Comment