Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday, 29 April 2011

Why Sindh Suffers from Migration of Sawates? By Rasul Bux Palijo


سوات جي لڏپلاڻ کي سنڌ ڇو ڀوڳي؟
آچر 31 مئي 2009ع
جن کي اڄوڪي دور جي دنيا جهان جي بنيادي سياسي حقيقتن جي چڱي موچاري خبر آهي، سي ڄاڻن ٿا ته ٽئين دنيا جي اڪثر ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري فقط نالي ماتر آهي. دنيا جي ملڪن ۽ ماڻهن جي اصل حاڪم ۽ مالڪ آمريڪي-يورپي شهنشاهت آهي. اها انهن ملڪن مان ڳولي ڳولي اهڙا ماڻهو هٿ ڪري تاتي نپائي انهن ملڪن جي ماڻهن تي نالي ماتر حاڪم بنائي ٿاڦيندي آهي، جيئن اهي ملڪن کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ سدائين سندن گولو ٻانهون بنائي رکڻ جي ڊيوٽي ڏين ۽ ان جي عيوض مٿين آقائن جي زور تي پنهنجي ماڻهن کي جانورن وانگر وهائي سندن جيئري کلون لاهي عيش عشرتون ڪن. ٽئين دنيا جا حاڪم ٽولا جيڪي قبائلي سردارن، زميندارن، دلال سرمايه طبقن جا ماڻهو آهن، سي به عالمي سامراج طرفان فراڊي چونڊن ذريعي جعلي جمهوريت جا چوغا پهرائي ائين ئي ٿاڦيا ويندا رهيا آهن ۽ ائين ئي پاڻ کي جائز حاڪم ۽ چونڊيل نمائندا چوائي ڪروڙين ماڻهن کي ڍورن وانگر وهائيندا رهيا آهن. سامراج جا ٿاڦيل سمورا غير فوجي ٽولا پاڻ کي اڪثر عوام جا چونڊيل نمائندا ۽ جمهوري حڪمران سڏائيندا رهيا آهن. 18 صديءَ جي ڪنهن انگريز مفڪر جي چواڻي ٽين دنيا جي قبائلي/جاگيردار/زميندار طبقن جي محڪوم لتاڙيل سماجن ۾ نام نهاد چونڊون ڪرائڻ اتي جي سامراجي ڇاڙتن، عوام آزار حڪومتن کي جمهوري حڪومتن هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ڄڻ ته رجعت پرستيءَ جي بدصورت چهري تي جمهوري پالش ڪري سندس اصل بدصورتي لڪائي ڇڏڻ جي برابر آهي.
حقيقي چونڊون ۽ چونڊيل نمائندا:
سوال آهي ته چونڊن جي اصل اهميت ۽ معنيٰ ڇا آهي؟ حقيقي چونڊيل نمائندا سڏرائڻ جا حقدار ڪير آهن؟ انهن جا حق، فرض ۽ ذميواريون ڪهڙيون آهن؟  جمهوري دنيا ۾ چونڊن جي معنيٰ آهي ملڪ جا اهڙا آزاد شهري جن کي پنهنجي ذاتي، قومي ۽ ملڪي نفعي نقصان جي مامرن جي خبر هجي، جن کي خبر هجي ته اهي مامرا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو حل ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي چونڊجي آيا ته حل ڪندا ۽ جن کي اها آزادي حاصل هجي ته جن ماڻهن کي هو اهڙين ڳالهين لاءِ ڪم جو ماڻهو سمجهن تن کي چونڊين ۽ کانئن گهربل ڪم وٺن ۽ جيڪڏهن هو گهربل ڪم ڪرڻ ۾ نااهل ثابت ٿئي ته کيس لاهي ڦٽو ڪري ڇڏين.
صحيح چونڊيندڙ (ووٽر) ۽ چونڊجندڙ ڪهڙا هجڻ گهرجن؟
چونڊيل نمائندو چونڊڻ لاءِ سڀ کان پهرين اهڙو ماڻهو (ووٽر) گهربل آهي. جيڪو پنهنجي ذاتي، قومي ۽ ملڪي مامرن جي چڱي موچاري خبر رکندڙ هجي. جنهن کي عام طرح اها خبر هجي ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو انهن مامرن جي حل ڪرڻ جا ڄاڻو آهن ۽ جيڪڏهن اهي چونڊيا ويا ته اهي اهڙا قابل ۽ اعتبار جوڳا آهن جو ضرور به ضرور اهي مامرا حل ڪري ڏيندا ۽ ڦري ڪو نه ويندا، يا ماٺ ڪري ڀڄي وڃي پنهنجي پيٽ جي پوڄا ۾ ڪو نه لڳندا. جيڪو ڪنهن به ڏاڍي ماڻهو جي زور بار هيٺ نه هجي ۽ جنهن به ماڻهو لاءِ پوري پوري پڪ هجي ته هي ماڻهو نمائندو چونڊجڻ جي  لائق آهي، ان کي شاهه شاهوڪاريءَ ووٽ ڏيئي چونڊي سگهي ۽ جنهن کي لائق نه سمجهي يا جنهن کي اٽلو نقصانڪار سمجهي، تنهن کي هرگز هرگز ووٽ نه ڏئي ۽ صاف صاف روڪڙو جواب ڏئي سگهي. جيڪو ڪجهه ڏسي ته سندس چونڊيل نمائندو ڦري ويو آهي، تڏهن ان خلاف ذاتي طرح توڙي ٻين سان گڏ اهڙو  زبردست پرامن جمهوري احتجاج ڪري جو غدار ۽ لوٽي چونڊيل جو جيئڻ وهه ڪري ڇڏي ۽ هو ڇا به ڪري ۽ ڪهڙا به ڪوڙا سوڙا بهانا ڏئي، تڏهن به هي کيس هرگز هرگز بخش نه ڪري.
عوام جا نمائندا چونڊجڻ جا لائق ڪهڙا ماڻهو ٿي سگهن ٿا؟ سندن حق، فرض ۽ جوابداريون ڪهڙيون آهن؟ اهي اهڙا ماڻهو هئڻ گهرجن، جن کي ٻي مخلوق جي ڀيٽ ۾ دنيا  جهان جي تمام گهڻي خبر هجي، جن جا ذاتي ۽ طبقاتي مفاد ساڳيا عوام وارا هجن ۽ انهن جي مخالف ۽ ابتڙ هرگز نه هجن، جيڪي اهڙي ڪنهن به ڌر يا پارٽيءَ سان سلهاڙيل نه هجن، جيڪا  عام ماڻهن جي دشمن هجي ۽/يا سندن دشمنن جي ٻانهي گولي يا حڪم جي بندي نه هجي، جيڪي ڪنهن پارٽيءَ ۾ صرف ۽ صرف ان لاءِ شامل ٿين ۽ ڪا ڪرسي صرف ۽ صرف ان لاءِ ئي وٺن ته جن غريب ماڻهن پنهنجي نمائندگي لاءِ کين چونڊيو آهي، تن جي حقن، آزادين ۽ وسيلن جي بهتر حفاظت ٿي سگهي ۽ هنن جون زندگيون وڌيڪ سکيون، آجيون ۽ خوشين سان مالامال ٿي سگهن. جيڪڏهن ۽ جڏهن به هو اهو محسوس ڪن ته سندن ڪرسي يا سندن پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرشپ کين پنهنجو نمائندو چونڊيندڙ عوام ۽ سندن قوم ۽ وطن جي مفادن لاءِ نقصانڪار بڻجي ويون آهن ته ان ڪرسيءَ کي لت هڻي يا خود ان عوام مخالف پارٽيءَ کي الوداع چئي موٽي اچي پنهنجي عوام سان گڏجن ۽ انهن جي مدد سان ماحول ۾ اهڙي تبديلي آڻين، جو ڪنهن به چونڊيل ميمبر يا پارٽيءَ کي عوام سان غداري ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿئي.
اڳين تاريخي دورن ۾ سنڌي ماڻهن ڇا سٺو؟
سومرن ۽ سمن جي دور ۾ ڪن حاڪمن جون اهڙيون تعريفون ٿيل آهن، جو خبر ئي نٿي پوي ته ان دور ۾ حاڪمن هٿان عوام جو ڪهڙو حشر پئي ٿيو، البته ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌي عوام کي جيڪي اذيتون مليون، تن جو ڪجهه نه ڪجهه احوال تاريخن ۾ موجود آهي. ڪلهوڙن ۽ مير صاحبن جي دورن ۾ سنڌ جي هندو مسلمان رعيت تي ڪيل مهربانين جو ۽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندن ڪوششن جو به ڪجهه نه ڪجهه رڪارڊ انگريز مورخن جي مهرباني جي ڪري موجود آهي. چوندا آهن ته ”درس پلي، ڍڪي ڀلي“ ان مامري تي جيترو گهٽ ڳالهائجي اوترو بهتر.
دلفريب نعرا ۽ من موهيندڙ آسرا:
مغربي هندستان ۾ آزاد ۽ خودمختيار سنڌ ۽ ٻيون قومي رياستون ٺاهي ڏيڻ جي 1940ع واري قرارداد جي بنياد تي 1947ع ۾ جيڪو دور شروع ٿيو، اهو خوبصورت ۽ دلفريب نعرن ۽ من موهيندڙ آسرن ۽ اميدن جي پوش هيٺ عملي طور ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارين چڙهاين جو ورجاءُ ثابت ٿيو. سنڌ کي لکن جون لوڌيون وڪوڙي ويون، سنڌ جي اڌ ڀائيواري وارا ڇهه درياهه پنجاب جي حوالي ٿي ويا. لکين ايڪڙ زمينون، گهر، آباديون، شهرن جا شهر ۽ سنڌ جو تخت گاهه ڪراچي هندستان کان آيل ڌارين ڪٽڪن هٿان کسجي ويا. سنڌ يو پي، سي پي وارن ڀائرن جي ڪالوني بڻجي ويئي. ستن سالن جي عرصي اندر ٻيو قهري وار ٿيو، پنجاب وارو ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ڌارين، فوجي آفيسرن، ڪامورن ۽ رانديگرن ۾ ورهايل لکين لک ايڪڙ سنڌ جي زمين سنڌ پنجاب ۽ يو پي، سي پيءَ جي مهربان ڀائرن حوالي ٿي ويئي. سنڌ جونالو وٺڻ قومي ڏوهه-ٽن درجن کان مٿي سنڌي پڙهڻ يا پڙهائڻ ڏوهه، سنڌ جي براجن جي 25 لک ايڪڙ زمين سڄي پاڪستان جي ماڻهن، ڪامورن، فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن ۾ انعامن طور ورهاجي وئي. پوءِ بنگالين جا ڪوس ڪري انهن جي اڪثريت کي ختم ڪري، انهن کي ڀڄائي انهن بدران پنجاب-يو پي، سي پي وارن جي نئين اڪثريت جي بالادستيءَ کي دائمي بنايو ويو. اڳتي هلي ڪراچيءَ ۾ وحشانيت ۽ بربريت سان ڊرل مشينن ۽ ڪاتن سان ڳڀا ڳڀا ڪري لاش گٽرن ۾ اڇلايا ويا، ٻورين ۾ بند ڪري مائٽن ڏانهن روانا ڪيا، يا جيئري ساڙيا پئي ويا آهن، 12 مئي وانگر ڪراچي ۾ ٻڌي اگهه تي قتلام ڪيا ويندا رهيا، جنهن ۾ سنڌي قوم جي هزارين سالن جي ميڙي چونڊي، گذر سفر جا وسيلا، حڪمرانيءَ جا اختيار ۽ وقار ڀينگ ڪيا ويا.
چيو وڃي ٿو ته ايندڙن جي رجسٽريشن ٿيندي، هي ڪجهه وقت هتي سنڌ ۾ رهي پوءِ واپس پنهنجي وطن هليا ويندا. هيستائين 60 سالن ۾ جيڪي جيڪي ڌاريا هندستان، پنجاب، افغانستان، بنگال ۽ برما مان آيا آهن، تن مان گهڻا رجسٽر ڪيل واپس ويا آهن؟ سرڪار چواڻي ته سنڌ ۾ 15 لک غير ملڪي رڳو ڪراچي ۾ موجود آهن، جن مان ڪيترائي دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ به شامل آهن. ڇا سرڪار انهن دهشتگردن کي پڪڙي سنڌ کان ٻاهر ڪڍيو آهي، يا انهن کي ڪيمپن ۾ آڻي رکيو ويو آهي، جو هاڻي ٻين ايندڙ ڌارين کي ٻاهرڪڍڻ جون ڪهاڻيون پيا ٻڌائين!؟ آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڳجهن ادارن جو ڪم ئي آهي سنڌ کي ڌارين جي ٻوڏ ۾ ٻوڙي لوڙهي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏڻ. اهو عمل 60 سالن کان جاري آهي. اڄ اتر، ڪاڇو، لاڙ، سرو ڌاڙن، اغوائن قبائلي قتلام، پوليس ۽ دهشتگردن جي رهزنين جي جهنم ۾ سڙي ٻري رهيو آهي. حڪمران رڳو اعلان ڪرڻ ۾ پورا آهن. روم سڙي پيو، سنڌ جا نيرو مرليون پيا وڄائين.
ڊالرن جون برساتون ۽ ٻوڏون!
سڀ کان اول اهو ٻڌائڻ گهرجي ته انهن طالبانن، جن سواتين کي دربدر ڪيو آهي، انهن (طالبانن) کي ڄڻيو نپايو ۽ پاليو تاتيو ڪنهن ۽ ڇو؟ انهن کي اسان جي حاڪمن ۽ آمريڪين توڙي سندس ڇاڙتي اسرائيل ۽ ٻين افغانستان ۾ آيل سماجي انقلاب کي ميسارڻ ۽ حقيقت ۾ روس کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. ٽريننگون ڏنيون، خطرناڪ هٿيار سپلاءِ ڪيا، اسان جي فوجي ۽ غير فوجي حاڪمن، اربين ڊالرن جا ڪرايا ورتا، پاڻ کي سڄو سون ڪري ڇڏيائون. هيئنر به مٿانئن ڊالرن جا مينهن پيا وسن. ايندڙ ڪٽڪن جي کاڌي پيتي، سار سنڀال جي نالي ۾ ڊالرن جون ڄڻ ٻوڏون اچڻيون آهن. ان جو ڪو نتيجو ملڻ کپي ته انهن کي ملڻ کپي، جن تي اهي مينهن وٺا آهن ۽ وسن پيا. اسان سنڌي ڦريل ماريل وطن ۾ بي وطن ٿيل ۽ پنهنجن جي غداري ۽ ڌارين جي تباهه ڪيل سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟
ڌارين جي ٻوڏ اڳيان بند ٻڌڻ جو قانون ڪونهي؟
سرڪار بهادر چوي ٿي ته سواتي ڏتڙيلن کي سنڌ اچڻ کان روڪڻ جو ڪو به قانون ڪونهي، تنهن ڪري ڀلي اچن، سدا اچن ۽ سدائين هتي سنڌين جي ڇاتين تي مڱ ڏرين. ”ماما جي گهر مزمان، منهنجي دل کي لوڏو ئي ڪونهي“. دراصل سنڌ جا قبائلي ۽ جاگيردار حڪمران ٽولا تاريخ جي هر دور ۾ سنڌي قوم جا ازلي ۽ ابدي دشمن پئي رهيا آهن. هنن کي جڏهن به سنڌين کي هڪڙو ڏنگ هڻڻ لاءِ چيو ويو آهي ته هنن وڏي خوشيءَ سان ڏهه ڏنگ هڻي پنهنجي غيرن سان وفاداريءَ کي چار چنڊ لڳايا آهن.
چونڊيل سنڌي سورمن جا چونڊ ڪارناما!
1927ع ۾ جڏهن سائمن ڪميشن اڳيان سنڌ جي ڳچيءَ مان بمبئي جي غلامي جو ڳٽ ڪڍڻ جو سوال پيش ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪيس جي مخالفت ڪندڙن جا سردار سنڌي وڏيرا نه هئا ته ٻيا ڪير هئا؟ هر عوام دشمن ڊڪٽيٽر کي ووٽ سنڌي وڏيرن نه ڏنا ڇا؟ جمهوريت مخالفن جو هر قدم سنڌي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ نالي ماتر ۽ جعلي مخالفت وارو هو ۽ اڄ به ائين پيو ٿئي ۽ جيسين هي قبائلي، جاگيردار، وڏيرڪي لڏي جو ٽوڙهو سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيل هوندو، تيستائين سنڌي عوام پيو سهم سهندو، ڪٽبو ماربو، پينوئن ۽ جوڳين وانگر پنهنجي وطن ۾ غيرن اڳيان در در ٻاڏائيندو ۽ رحم جي خيرات پنندو رهندو.
قانون ۽ آئين سان اوچتي عاشقي!
سنڌ سرڪار بهادر سنڌ تي بدنصيب سواتي ڪٽڪ ڪڙڪائڻ لاءِ اوچتوئي اوچتو پاڪستاني قانون ۽ آئين تي عاشق ٿي پيئي آهي ۽ اٿندي ويهندي رڳو قانون، قانون ۽ آئين، آئين پئي ڪري. چي ”سواتي ڪٽڪن کان سنڌ جي ماڻهن کي بچائڻ جي قانون ۽ آئين ۾ اجازت ئي ڪانهي. اسين ڇا ڪريون؟“
آئين جو آرٽيڪل 15 پڙهو!
اڳئين زماني جي سنڌي درسي ڪتابن ۾ ڪي سبق دلچسپ هوندا هئا. انهن ۾ هڪڙي سبق ۾ ٻڌايل هوندو هو ته هر شيءِ کي غور سان ڏسڻ گهرجي. جڏهن اسان مان ڪو ٻار چڱي طرح ڏسڻ وائسڻ بنا ڪنهن  شيءِ بابت ڪو ڌڪو هڻندو هو ته ٻيا کيس ان سبق جو نمبر ۽ عنوان ٻڌائي ٽوڪيندا هئا ته اکيون کولي چڱي طرح ڏسڻ بنا ڳالهه ڇو ٿو ڪرين؟ پر چئبو رڳو ايترو هو: ”سبق چوڏهون، اکيون کولي هلو“ ٻڌڻ وارو سمجهي ويندو هو ته ڪهڙي ٽوڪ پيئي ٿئي. سو هاڻوڪي سرڪار کي به چوڻ کپي ”آئين جو آرٽيڪل پندرهون اکيون کولي پڙهو“. 1973ع واري پاڪستاني آئين جو آرٽيڪل 15 چوي ٿو ته، پاڪسان جي هر شهريءَ کي پاڪستان ۾ ترسڻ، داخل ٿيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ آزاديءَ سان گهمڻ ۽ پاڪستان جي ڪنهن به هنڌ رهڻ ۽آباد ٿيڻ جو حق هوندو، هن شرط سان ته: پاڪستان جي عوام جي ڀلائي خاطر مٿين حقن تي قانون موجب ڪي به مناسب پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون. اهو اهم ترين قانوني شرط پڙهڻ، پروڙڻ ڀوتارن وساري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهو شرط نه هجي ها ته هر پاڪستاني شهريءَ کي آئين جي ان فقري 15 موجب ڄڻ ته اهو قانوني پروانو مليل هجي ها ته پاڪستان جي جنهن به شهر، ڳوٺ، روڊ، رستي، گهر، گهاٽ، غسل خاني ۾ ڌوڪي پئي ۽ اتي ان فقري مطابق ترسي، اتي گهر گهاٽ ٺاهي ۽ آباد ٿي وڃي! سرڪاري آفيسن، عدالتن، ججن جي چيمبرن، ٿاڻن، اسپتالن، بئنڪن، تعليمي ادارن، حويلين، ڇوڪرين جي هاسٽلن ۾ ائين چئي ڪاهي پئي ها ته آئين جي آرٽيڪل 15 فقري موجب هتي ترسڻ، رهڻ ۽ آباد ٿيڻ لاءِ آيو آهيان. تنهن کانسواءِ ڇا ڪو به هڪڙو ماڻهو جتي وڻيس اتي وڃي رهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ڇا ته لکين ماڻهو گڏجي ڪنهن ڳوٺ يا علائقي تي وڃي ڪڙڪن ۽ سندس سڀ ٽپڙ کائي چٽ ڪري ڇڏين، کيس اڪثريت مان بدلائي اقليت ۾ ڪري ڇڏين. ڇا ان جي به آئين ۽ قانون اجازت ڏئي ٿو؟ ڀوتارن جي ”جي حضور“ قانوندانن کي ڪجهه”قانوني دماغ“ مان به وٺڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment