Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

What does it mean separate mandate for Karachi?


ڪراچيءَ جي الڳ مئنڊيٽ واري ڳالهه مان ڇا مراد آهي؟




اربع 27 فيبروري 2008ع



دنيا جي حڪمرانيءَ جي روايتي دستورن تي عمل ڪندي اڄوڪو عالمي سامراج به پنهنجا سڀ ڪم ڪار پنهنجي سر اڪيلو نٿو ڪري پر ٻين ساٿارين، ننڍن ڀائيوارن معرفت ڪرائي ٿو. ٻي جنگ عظيم جيڪا 1945ع ۾ ختم ٿي، تنهن جي خاتمي کان وٺي آمريڪي سامراج جا هونئن ته ذري گهٽ سڀ ملڪ سلامي ۽ ڇهه آني ڀريندڙ آهن، پر ڪي ملڪ سندس خاص الخاص نورِ نظر پئي رهيا آهن. جهڙوڪ يورپ ۾ انگلينڊ، اڳوڻي جنرل فرينڪو وارو اسپين، سالازار وارو پورچوگال، ايشيا ۾ جپان، آفريقا ۾ اڳوڻو ڏکڻ آفريقا، وچ مشرق ۾ شاهه وارو ايران، سعودي عرب، جنرل ضياءَ وارو دور وغيره. پر جيڪڏهن سوال ڪجي ته سندس دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دادلو ۽ البيلو رهزن ڇاڙتو ملڪ ڪير آهي ته جواب هڪڙو ئي ٿي سگهي ٿو. صيهوني اسرائيل. جيڪڏهن سوال پڇجي ته اڄ مغربي سامراج هٿان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ بي حساب عذاب ۾ ۽ جيئري موت جي منهن ۾ ڪهڙو ملڪ ۽ ڪهڙي قوم پيل آهي ته جواب ٿيندو فلسطين ۽ فلسطيني قوم. عالمي سامراج جي شهنشاهيت ۾ اسرائيل فلسطيني قوم سان جيڪي به ويل ڪيو ويٺو آهي، انهن جو ذڪر ڪرڻ به اڄوڪي سامراجي روايت ۾ ڪبيرو گناهه آهي. دنيا ۾ ڪنهن به مذهب جي مڃيندڙن جا ايترا گهڻا ملڪ ڪونهن، جيترا مسلمان مذهب جا، بچن شل 50 کان گهڻا آهن. پر جڏهن اسرائيل جي فلسطين مٿان گذريل 60-70 سالن کان وهيل ويلن جو ذڪر نڪرندو ته سڀني مسلمان اميرن، ڪبيرن، بادشاهن، صدرن، جنرلن جا وات ڄڻ سبجي ويندا. ايران بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ائٽمي بجلي گهر ٺهرائي ٿو ته سڄي يورپ ۾ قيامت متل آهي. چي، ايران ايٽم بم ٺاهي ٿو. پر جيڪڏهن چئجي ته اسرائيل وٽ ته 200 ائٽم بم اڳ ۾ تيار ٿيا رکيا آهن ته اکيون ڦوٽارجي وينديون. اهو ڪو نه چوندا ته اها ڳالهه ڪا ڪوڙي آهي. پر چوندا ته اسرائيل بابت اها ڳالهه ڪرڻ جي توهان جرئت ڇو ڪئي؟ جيڪي يورپي تاريخدان چون ٿا ته اسرائيلين تي هٽلر جا ظلم برابر ٿيا آهن، پر انهن ۾ وڌاءُ به گهڻو ڪيو اٿن ۽ ان جو ناجائز فائدو به وٺن ٿا ته اهڙن کي سندن ئي ملڪن جون سرڪاريون جيلن ۾ بند ڪريو ڇڏين. سوچن جي آزاديءَ جي علمبردار مغرب ۾ گستاخي وارا ڪارٽون فڪري آزاديءَ جو ساراهه جوڳو اظهار قرار ڏنا وڃن ٿا، پر اسرائيل جي ڪنهن به ڪوڙ بدوڙ يا ظلم ۽ وحشانيت تي اعتراض ڪرڻ ڄڻ عالمي برادري جي آدابن خلاف واجب القتل جرم آهي. مطلب ڳالهه جو ته فلسطيني قوم کي جيئري ماري ڇڏڻ جهڙي ڳالهه ۽ هلي چلي آهي. انهن خلاف اسرائيل جيڪا به قيامت برپا ڪريو ويٺو آهي، ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اها آهي اصل اعتراض جوڳي ڳالهه...اسرائيل خلاف فرياد ته پري جي ڳالهه رهي، پر رڳو دانهن ڪوڪن جي به اجازت ڪانهي، ڇو ته اسرائيل پيدائشي مظلوم آهي، نيڪ آهي، صالح آهي. جمهوريت پسند آهي، ڪا به غلط ڳالهه نه ڪندو، اهو ڇا به ڪري يا نه ڪري ان جي ڪا به جزا سزا ٿي ئي نٿي سگهي. فلسطين جو نالو وٺڻو ناهي. چئي اهي فلسطيني فلسطين ۾ اجايو ڇا پيا ڪن. جڏهن خود اسرائيلي اتي ويهي چڪا آهن، تڏهن هنن جو اتي ڪهڙو ڪم آهي اجايو هنن شريف ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جو، سڄو عربستان ڪو نه پيو اٿن. بي فائدو گوڙ فساد بند ڪري نڪري نٿا اوڏانهن وڃن؟

دنيا جا ٻيا به اهڙا علائقا آهن، جتي آمريڪا ۽ يورپ جي سامراجين جو ساڳيو اهڙو رويو آهي، اتي جي رهاڪن سان. چي، ”عراقي عراق ۾ ڇا لاءِ گوڙ مچايو ويٺا آهن؟ جڏهن آمريڪي فوج پهچي ويئي آهي ۽ ڪارروائين ۾ لڳي پيئي آهي، تڏهن هنن جو ڪهڙو ڪم آهي، دست اندازي ڪرڻ جو؟افغانستان ۾ به ساڳئي ڳالهه آهي. ”افغاني بس ڪري ويهي ڇو نٿا رهن؟“ اتحادين کي پنهنجون ڊيوٽيون (گوليباري، بمباري، خونريزي، مارا ماري) ڪرڻ ڇو نٿا ڏين؟ اجايو پاڻ کي ڇو ٿا مارائين؟

هن وقت ڪراچيءَ جي سنڌ کان الڳ مئنڊيٽ جو مسئلو کڙو ڪيو ويو آهي. جڏهن لياقت علي 1948ع ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد جون چونڊيل وزارتون هڪ ٻئي پٺيان پئي ٽوڙيون، جڏهن هن آئين ئي نٿي ٺهڻ ڏنو ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏئي حڪومتون ٺاهڻ جو حق ئي نٿي ڏنو، جڏهن گورنر جنرل غلام محمد 1956ع جو ٺهيل آئين ۽ سڄي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي سڄي ملڪ جي ڪروڙن ماڻهن جو جيڪو جيترو مئنڊيٽ هو، سو ٽوڙي ڇڏيو، تڏهن آمريڪا بهادر ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي؟ اسڪندر مرزا، ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ الحق، صدر مشرف سڄي ملڪ جون سڄيون ساريون چونڊيل پارليامنٽون ۽ اسيمبليون ٽوڙي ووٽرن کان حڪومتون ۽ قانون ٺاهڻ جو بنيادي حق کسي ورتو، تڏهن آمريڪا بهادر جو پاڪستاني ووٽرن جي مئنڊيٽ سان عشق ڪٿي هو؟ جڏهن صدر مشرف سڄي پاڪستان جي اعليٰ عدالتن کي ڄڻ تالا هڻي جج صاحبن کي ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيو، ايمرجنسي هڻي آئين جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو، تڏهن آمريڪا بهادر جناب مشرف کان ڪيتري قدر بيزاري ۽ لاتعلقي جو اظهار ۽ اعلان ڪيو؟

ڇا ملڪ يا صوبي جي حڪمراني اڪثريت يا اقليت سڄي ملڪ يا سڄي صوبي جي حساب سان ٺهندي آهي يا هر شهر، ضلعي، تعلقي، تپي ۽ يونين ڪائونسل جي الڳ الڳ حساب سان؟ پر اهي ڳالهيون ڄڻ ته ڪرڻ جهڙيون ئي ڪونهن. انهن طرف ڌيان ڇڪائڻ ڄڻ ته فضول ۽ نامناسب ڳالهه آهي. ڇو ته اها مڊل ڪلاس جي نمائنده پارٽي آهي، هو لطيف، جي ايم سيد ۽ ڀُٽي جو مشن پيا پورو ڪن، انتها پسنديءَ خلاف لڙائيءَ ۾ مصروف آهن، پاڪستان ۾ جمهوريت جي علمبرداري پيا ڪن، جاگيردارن خلاف تحريڪ پيا هلائين. اهي اعتدال پسند آهن، روشن خيال آهن، انقلابي آهن، غريبن جا حامي آهن، مسڪينن تي مهربان آهن. رحمدل آهن، ٻاجهارا آهن، معصوم آهن. جيڪڏهن خبر نه هجيوَ ته وڃي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کان پڇو، جن جو هميشه اهو موقف هوندو آهي ته جيڪو انهن کي حڪومت ۾ شامل نه ڪندو، تنهن کي حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي.

چوندا آهن ته جيڪا ڌُر سياست ۾ قدم رکي ٿي، ان جو وجود ۽ ڪردار ڄڻ ته پبلڪ جي ملڪيت بنجي وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪن کي ان جي ساراهه ڪرڻ جو حق آهي ته ٻين ڪن کي وري ان تي تنقيد ڪرڻ ۽ ان کان پڇاڻو ۽ سوال جواب ڪرڻ جو حق آهي. جنهن کي اهو سودو منظور ڪونهي ۽ سوال ۽ تنقيد جي جواب ۾ ڏنڊو اڀو ٿئي ٿو يا بندوق سڌي ٿو ڪري، ان کي قومي سياست جي ميدان ۾ پير پائڻ جو ڪو به جائز حق ڪونهي. 1985ع ۾ قائم ٿيل ان ڌر جي گذريل 22 سالن ۾ پاڪستاني عوام ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن مٿان ڪيل احسانن جو مختصر ئي سهي، پر مستند احوال عوام اڳيان موجود هجڻ لازم آهي ته جيئن، جيڪڏهن ڪو ان احوال جي صحيح يا غلط هجڻ تي روشني وجهڻ ۽ ڪنهن موقف جي تائيد يا ترديد ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي.

No comments:

Post a Comment