سنڌو دريا مان پاڻي کڻت جي ڊگهي تاريخ جي ننڍڙي جهلڪ!
آچر 2 مئي 2010ع
دنيا جون اڪثر تهذيبون درياهن جون پيداوار آهن، سنڌي قوم جي جياپي ۽ ان جي تهذيب جي وجود جو دارومدار تاريخي طور سنڌو درياهه ۽ ان جي سٿ جي پنجن ڀرتي ڪندڙ ندين جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج جي پاڻيءَ تي پئي رهيو آهي. سنڌوءَ جون مٿيون ڀرتي ڪندڙ پنج نديون پنجاب مان لنگهي پنجند وٽ اچي سنڌوءَ سان ملي وينديون رهيون آهن ۽ پوءِ سڀني جو گڏيل پاڻي اچي سنڌ ۾ داخل ٿي، سنڌ کي سيراب ڪري، ڪيٽي بندر وٽ وڃي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو رهيو آهي. اهڙيءَ ريت پنجاب ۽ سنڌ ٻئي سنڌو ۽ ان جي سٿ جي مٿين پنجن ندين جي پاڻيءَ ۾ تاريخي طور ڀائيوار آهن. پنجاب منڍ وارو ڀائيوار آهي ۽ سنڌ پوڇڙ وارو ڀائيوار، دنيا ۾ جيئن ٻين شين، زمينن، ملڪيتن، ڌنڌن ۽ ڪاروبارن جي ڀائيواريءَ جا قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي قاعدا ۽ قانون آهن، تيئن درياهن جي پاڻيءَ جي ڀائيوارن جا به قاعدا ۽ قانون آهن.
منڍ ۽ پوڇڙ وارا ڀائيوار:
انهن قانونن موجب جيڪڏهن ڪنهن درياهه جي پاڻيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ علائقا، صوبا يا ملڪ حصيدار هجن ته جن علائقن، صوبن يا ملڪن مان اهو درياهه وهي ٿو، اهو جنهن علائقي، صوبي يا ملڪ مان پهرين لنگهي ان کي منڍ وارو حصيدار (Upper Riparian) سڏبو آهي. سنڌ جهڙي پوڇڙ واري ڀائيوار علائقي، صوبي يا ملڪ کي هيٺيون ڀائيوار (Lower Riparian) سڏبو آهي.
درياهن جي پاڻي جو قانون ڇا ٿو چوي؟
هندستاني ۽ پاڪستاني، اسلامي توڙي بين الاقوامي قانون موجب (پنجاب جهڙن) منڍ وارن ڀائيوارن کي ڪو به حق ناهي ته هو (سنڌ جهڙن) پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي اجازت بنا ۽ سندن مرضيءَ جي خلاف ڀائيواريءَ وارن درياهن مان ڀائيوار دستور موجب جيترو پاڻي کڻندا هجن، تنهن کان وڌيڪ پنهنجي مرضي موجب جڏهن وڻين تڏهن ۽ جيترو وڻين اوترو پاڻي کڻي پنهنجي ڪتب آڻين. جيڪڌهن ڪا منڍ واري ڌر ائين ڪندي ته پوءِ اها اسلامي توڙي بين الاقوامي قانون موجب ڏوهاري ۽ سزا جي لائق ٿيندي. جيڪڏهن ڪا به ملڪي عدالت، سرڪاري حاڪم يا ٻيو اختياريءَ وارو (مثلن صدر، وزير اعظم، وزير اعليٰ، واپڊا، ارسا) پوڇڙ واري ڌر جي پرپٺ يا ان جي حق ۽ مرضيءَ خلاف اهڙو ڪو بي قاعدي فيصلو ڪندا ته اهو فيصلو به ملڪي، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانون موجب سراسر غلط، رد ۽ باطل ٿيندو ۽ ان جو ڪو به قانوني وجود يا اثر نه هوندو.
بدقسمتيءَ سان اسان جي پاڙيسري صوبي پنجاب جا اختياريءَ وارا سنڌوندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ درياهه جي پاڻيءَ ۾ اسان جو جيڪو حصو ٿئي ٿو، سو تمام گهڻي عرصي کان اسان کي نه پيا ڏين ۽ شاهه شاهوڪاري ڦٻائيندا رهن ٿا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان سلسلي ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ويا آهن، ڪا به اٽڪل، حرفت، ۽ ڪا به زبردستي جي ڪارروائي اهڙي ناهي، جيڪا سنڌ جي ٻين حقن سان گڏ پاڻي جي حقن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪئي ويئي هجي.
اصل شڪايت ڪنهن کان؟
اسان کي اصل ۽ بنيادي شڪايت پنجاب جي عوام کان نه، پر پنجاب جي حاڪم طبقي کان آهي. اسين سڄي دنيا جي مظلوم انسانن، قومن ۽ طبقن جي ٻڌيءَ، دوستيءَ ۽ گڏيل جدوجهد ۾ ايمان رکون ٿا. اسان جي قوم مظلوم آهي، پر اسين پنهنجي پنجابي مظلوم عوام توڙي دنيا جي ڪنهن به مظلوم عوام جي حقن، وسيلن ۽ جائز مفادن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڇيهو پهچائڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون. جيتري قدر سنڌي ۽ پنجابي عوام جو تعلق آهي ته اسين ٻه ڀائر ٽيون ليکو جي اصول ۽ جذبي سان پنهنجو نقطهءِ نظر پيش ڪريون ٿا. بلڪه کين دانهن ڏيڻ چاهيون ٿا ته داتا گنج بخش، بابا فريد، بابا نانڪ، شاهه حسين، وارث شاهه، علامه اقبال ۽ فيض احمد فيض ۽ پنجاب جي سرزمين جي ٻين حقيقي ترقي پسند ۽ انسان دوست هستين جي ملڪ جي حڪمران طبقن سنڌي عوام جي پاڻي تي ڏيڍ سئو سالن کان مسلسل ڌاڙا هڻي ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا به بس نٿا ڪن ۽ روز سنڌ کي سڪائڻ لاءِ هر ٻئي چوٿين مهيني ڪي نه ڪي ڌاڙيل ۽ رهزن پروجيڪٽ ٺاهي اسان کي جيئري ماري ڇڏڻ پويان پيا آهن. نتيجي طور اسين مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچي ويا آهيون.
جي سي لوڙائو ٿيا جنين ڀر رهن
ته مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو؟ (شاهه)
اسان جا پيارا پاڙيسري:
هونئن ته اسان جي پيارن پاڙيسري حاڪم طبقن جون پنهنجي آس پاس جي اڀرن ڀائرن تي مهربانيون اٽڪل 200 سال اڳ کان جاري آهن، جڏهن رنجيت سنگهه جي حڪومت واري پنجاب ۽ انگريز سرڪار جي حڪمرانن جي وچ ۾ 1807ع ۾ امرتسر واري اتحاد جو عهدنامو ٿيو هو ۽ ٻنهي حڪومتن گڏجي سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ افغانستان کي غلام بنائڻ جي گڏيل آپريشن شروع ڪري ڇڏي، پر هي درياهن جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هندستان جي 1857ع واري جنگ آزادي خلاف پنجاب جي حڪمران طبقن جيڪا انگريز سامراجين جي فيصلا ڪن مدد ڪئي هئي، تنهن کانپوءِ هڪدم شروع ٿي ويا آهن. روزانه ڊان جي 2 نومبر 2003ع واري اشاعت جي صفحي 10 تي عمران عليءَ جي مضمون ”پنجاب سامراج جي هٿ هيٺ 1947-1885“ تي تبصرو ڪندي ڪرامت علي ڪي غوريءَ لکيو آهي:
”(انگريز) سامراجين ۽ شهنشاهت اڏيندڙن پنجاب کي استعمال ڪرڻ واسطي بلڪل الڳ اسڪيم تيار ڪئي. پنجاب بنگال وانگر زرخيز ۽ پاڻيءَ جي وسيلن سان مالامال ڪو نه هو، بنگال ۾ مسلمان زميندارن جون وڏيون زمينداريون ٽڪرا ٽڪرا ڪري ننڍن کاتيدارن کي ورهائي ڏنيون ويون. پنجاب ۾ هنن هڪڙي نئين حڪمت عمليءَ هيٺ هڪڙو هٿرادو جاگيردار مسلمان طبقو ٺاهيو ۽ انهن کي انعام طور وڏا واهه کوٽرائي ٻارهوئي آباد ٿيڻ جوڳا وڏا زمين جا علائقا ورهائي ڏنا. هندستاني سپاهين جي سامراج خلاف بغاوت جا زخم اڃا تازا هئا، سامراجين ان بغاوت کي انهن نون مسلمان زميندارن جي مدد سان چيڀاٽيو هو. تنهن ڪري هنن کين واهن تي آباد ٿيندڙ زمينون انعام طور ڏئي کين پنهنجو ڄڻ زرخريد بنائي ڇڏيو“.
مٿي ذڪر ڪيل هندستاني، پاڪستاني، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانون موجب جيئن ته پنجاب سنڌو سٿ وارين ندين جي پاڻين جو مٿيون حصيدار (Upper Riparian) هو ۽ آهي، تنهن ڪري کيس ڪو به حق نه هو ۽ نه آهي ته سامراج جي مهربانيءَ واري ان صورتحال جو ناجائز فائدو وٺي، انهيءَ سنڌ-پنجاب جي گڏپ وارن درياهن جي پاڻيءَ مان سنڌ جي اجازت بنا مٿان ئي مٿان واهه کوٽائي سنڌ جي پتيءَ جو پاڻي کڻي ڦٻائي وڃي.
پوءِ سلسلو شروع ٿي ويو!
اهو سلسلو 1859 ۾ 1857ع واري جنگ کان فقط ٻه سال پوءِ شروع ڪيو ويو. ان سال پنجاب سرڪار وارا سنڌ-پنجاب گڏپ واري راوي درياهه مان سينٽرل باري دو-آب ڪئنال کوٽائي اهو سمورو ڀائيواري وارو پاڻي اڪيلي سر کڻي ويا ۽ اڄ ڏيڍ صدي گذرڻ بعد به کڻن پيا. اهو سلسلو مختلف صورتن ۽ بهانن هيٺ اڄ تائين هلندو اچي. مثلن 1885ع کان 1901ع جي وچ وارن سالن ۾ سڌنائي، لوئر چناب ۽ لوئر جهلم ڪئنال، 1908ع ۾پهاڙپور ڪئنال، 1914ع ۾ اپر سوات ڪئنال، 1915ع ۾ ٽرپل ڪئنال پروجيڪٽ جي نالي ۾ جهلم ڪئنال، اپر دو-آب ڪئنال، لوئر باري دو-آب ڪئنال کوٽائي ڀائيواريءَ جو پاڻي اڪيلي سر کڻي ويا ۽ اڄ ڏينهن تائين پيا کڻن، تان جو 1919ع ۾ ستلج نديءَ تي يڪن 11 ڪئنالن ۽ 4 هيڊ ورڪس ٺاهڻ جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيائون.
آقائن تان سر صدقو ڪندڙ سرويچ:
انگريز حاڪم جيتوڻيڪ آقائن تان سر صدقو ڪندڙ پنجاب جي سرويچن مان بيحد راضي هئا. 1901ع ۾ هند سرڪار انڊيا اريگيشن ڪميشن ٺاهي، جنهن پنجاب کي هدايت ڪئي ته سنڌو ۽ ان کي ڀرتي ڪندڙ ندين جي ڪنهن به نديءَ مان پاڻي کڻڻ لاءِ پهرين سنڌ کان اجازت ورتي ويندي. 1919ع ۾ پنجاب سرڪار وري پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي ۽ هڪ ڌڪ سان 11 واهه ۽ 4 هيڊ ورڪ ٺاهڻ لاءِ ستلج واديءَ جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي هند سرڪار بمبئي جي انجنيئر مسٽر ڪاٽن جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪڙي تحقيقاتي ڪميٽي مقرر ڪئي. ان وچ ۾ پنجاب سرڪار وري ٿل پروجيڪٽ پيش ڪيو. سندن چوڻ هو ته کين سکر بيراج جي رٿائن تي اعتراض هو، ان دور جي هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ ٿل جي رٿا رد ڪري ڇڏي.
فقط هڪڙو ڍڪ پاڻيءَ جو کپي!
نومبر 1924ع ۾ پنجاب سرڪار رٿ پيش ڪئي ته ٿل پروجيڪٽ مان فقط 750 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي موڪل ڏيو. اسين فقط تجربو ڪرڻ چاهيون ٿا! اڃا اهو معاملو اڌ ۾ ئي هو ته پنجاب سرڪار وري چيو ته اسين ٿل پروجيڪٽ جي وڏي رٿا ٺاهڻ چاهيون ٿا. نيٺ 1935ع ۾ سرڪار يوپيءَ جي چيف انجنيئر مسٽر اينڊرسن جي اڳواڻي هيٺ ان تڪرار کي نبيرڻ لاءِ هڪڙي اٺن ڄڻن جي ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن کي اينڊرسن ڪميٽي چئجي ٿو. کين چٽي ۽ واضح هدايت ڪئي وئي ته پنجاب کي سنڌو نديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين مان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جي اهڙي ڪا به سفارش نه ڪئي وڃي، جنهن مان ٻئي ڀائيوار (سنڌ) کي نقصان رسي يا سندس نه رڳو موجوده پاڻيءَ جي سپلاءِ کي نقصان رسي، پر سندس آئنده جي پاڻيءَ جي حقن کي به ڪو نقصان رسڻ جو انديشو هجي.
”سنڌ کي ڇيهو متان رسايو!“
اينڊرسن ڪميٽيءَ کي جيڪي هدايتون مليل هيون (Terms of Reference) تن ۾ چيل هو ته ڇا اهڙو امڪان آهي ته پاڻيءَ جي اهڙي سپلاءِ هٿ اچي، جنهن مان سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جي پاڻيءَ تي جن ڌرين جو حق آهي، تن جي حقن کي ڪو ڇيهو نه پهچي، بلڪه خود انهن جي آئندي جي پاڻيءَ جي سپلاءِ تي به ڪو نقصانڪار اثر نه پوي؟ ائنڊرسن ڪميٽيءَ واري معاملي مان ڪو خاص کڙ تيل نڪتو ئي ڪو نه هو ته هڪدم اعلان ڪري ڇڏيائون ته اسين باکڙا ڊيم ٿا ٺاهيون! چوندا آهن ته ”ملي جي ڊوڙ مسيت تائين“! سنڌ 7 جون 1941ع تي هندستان جي گورنر جنرل وٽ فرياد داخل ڪيو، جنهن 11 سيپٽمبر 1941ع تي ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج مسٽر بي ايم رائو جي اڳواڻي هيٺ هڪڙي تحقيقاتي ڪميشن مقرر ڪئي. گورنمينٽ آف انڊيا جي هدايت هيٺ سنڌ ۽ پنجاب جي چيف انجنيئرن جي وچ ۾ معاملي جي نبيري لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون ويون. انهن ڳالهين جو سربراهه هو بمبئي پريزيڊنسي جي اريگيشن ۽ پوني جي هائڊرو ڊنلاڪ ريسرچ اداري جو ڊائريڪٽر سر ڪلاڊ اينگلس.
ڪامياب ڳالهيون!
نيٺ ڳالهيون ڪامياب ٿيون ۽ 28 سيپٽمبر 1945ع تي سنڌ-پنجاب ڊرافٽ ايگريمينٽ تي اتفاق راءِ ٿي ويو ۽ ٻنهي صوبن جي چيف انجنيئرن ان تي صحيحون ڪيون. ان ٺاهه مطابق پنجاب کي غازي پور وٽ جتي سنڌوءَ سميت سڀني درياهن جو پاڻي اچي گڏ ٿي ٿيو، اتان هڪ حصي جيترو پاڻي کڻڻو هو ۽ سنڌ کي ٽن حصن جيترو. ٺاهه جي فقري نمبر 8 ۾ اهو طئي ٿيل هو ته آئنده سنڌ سرڪار جي اجازت کانسواءِ پنجاب سنڌو يا ڪنهن ٻي سندس ڀرتي ڪندڙ نديءَ تي ڪو به ڊيم ٺاهي نه سگهندو. ان ٺاهه ۾ پورن تفصيلن سان ڄاڻايل هو ته درياهن جي سموري پاڻيءَ مان هر ڌر جي واهن کي ڪيترو پاڻي ملندو ۽ کوٽ کي ڪهڙي حساب سان برداشت ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن پاڻي بچت ٿي پوي ته اهو ڪيئن ورهايو ويندو.
پنجاب جي اڳوڻي چيف انجنيئر ۽ اريگيشن سيڪريٽري پير محمد ابراهيم 1948ع ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”مغربي پاڪستان ۾ پاڻيءَ جا حق“ جي صفحي 66 تي لکيو، ”سنڌ-پنجاب ٺاهه وڏي غور ۽ ويچار کانپوءِ ڪيو ويو هو. ان ٺاهه ۾ سنڌو سٿ جي ندين جي پاڻيءَ جي ورڇ هن کان وڌيڪ انصاف ڀري ٿي سگهي ئي نٿي.“ هن ٺاهه جي گهڻين ڌرين تمام گهڻي تعريف ڪئي. پر جڏهن پنجاب حڪمرانن کي پڪ ٿي ته سال ٻن ۾ پاڪستان ٺهڻ وارو آهي ۽ امڪان ان ڳالهه جو آهي ته عملن سڄو پاڪستان پنجاب حڪمران طبقي جي بالادستي هيٺ هوندو، تڏهن هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پنجاب بهانا بنائي ان جڳ مشهور ٺاهه تي عمل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. انهن تمام معصوميت سان اها ڳالهه اهڙي نموني ڪئي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي. چئي، ”پنجاب ۽ سنڌ جي چيف انجنيئرن ڳالهيون شروع ڪيون، 1945ع ۾ هڪڙو ڊرافٽ تيار ڪيائون...جيڪو قبول نه ٿي سگهيو.“ (انڊس واٽر ڪميٽي جنوري 1971ع پنجاب جو بريف، صفحو 54). اهڙيءَ ريت سنڌ جي پتيءَ جي درياهن جي پاڻيءَ کڻت جي سلسلي جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري 86 سالن جو ڊگهو دور پورو ٿيو ۽ ان کان تمام گهڻو وڌيڪ ڦرلٽ جو اهو ٻيو دور شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن اهو دور جاري رهيو ۽ اسان جا افعال ۽ اسان جي ڀوتارشاهيءَ جا حال اهي ئي رهيا ته جيڪي هنر آهن، سنڌ کي رڻ پٽ بنائڻ کان مشڪل سان بچائي سگهجي. 45ع کان پوءِ واري دور ۾ ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي، ان جي تاريخ ايندڙ مضمون ۾ پڙهندا.
No comments:
Post a Comment