اڃ جي گهيري ۾ آيل سنڌ کي پاڻي ڪير ڏياريندو؟
سومر 28 جون 2010ع
پاڻيءَ جي کوٽ مسلسل وڌندي وڌندي هڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. ڇنڇر واري ڏينهن شايع ٿيل مضمون ۾ مون سنڌ اندر پاڻيءَ جي خطرناڪ کوٽ جو جيڪو منظر پيش ڪيو هو، ان ۾ پاڻ ميرپور خاص تائين پهتا هئاسين. اڄ وري اسان سنڌ جي ڪجهه ٻين ضلعن جي صورتحال بيان ڪنداسين.
ٿرپارڪر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
ٿرپارڪر کي آباد ڪندڙ اڪيلي رڻ شاخ جا آبادگار ارباب غلام رحيم کي ياد ڪن ٿا، جنهن جي دور ۾ هن شاخ تي ڪڏهن به وارابندي نه ٿي، جنهن ۾ هن وقت مهينن کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن پاڻي اچي ٿو. هزارين مڻ ٿيندڙ ڪڻڪ جي جاءِ تي هاڻ هڪڙو مڻ به مشڪل سان لهي ٿو. ڏيپلو، ڪلوئي، مٺي، اسلام ڪوٽ سميت سوين ڳوٺن کي پاڻي مهيا ڪندڙ تلاءَ پاڻيءَ جي لاءِ سڪن پيا. اهڙيءَ ريت لکين ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ کان به محروم آهن ۽ جر جو زهريلو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. رستي ۾ ڀرپاسن کان بيٺل ديوين جا وڻ به وڍجي چڪا آهن، جيڪي ماڻهن جي گذر جو آخري ذريعو هئا. ان پاسي جو هڪ شخص ٻڌائي ٿو ته، ”هاڻي ماڻهن وٽ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، رڳو مانيءَ جي عيوض به ڪير مزدوري نٿو ڪرائي. ماڻهن جي وڏي اڪثريت نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي چڪي آهي، اسڪول ويران آهن، ماڻهو مفت جي ملندڙ مانيءَ لاءِ پنهنجا ٻار مدرسن ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪلين ٿا. مانيءَ عيوض عزت نيلام ٿي رهي آهي.“ مٽياري ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:
مٽياري ضلعي ۾ پاڻيءَ جي صورتحال اها آهي ته ڏهه دريءَ وٽ پاڻي جي کوٽ سبب ڏهه دريءَ مان نڪرندڙ نصير واهه، حيدرآباد بيراج، اڏيرو لعل شاخ، دينار شاخ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. ٽه دريءَ کان نڪرندڙ مٽياري شاخ، ڄام شاخ ۽ حيدرآباد بئراج مان نڪرندڙ راهو جي شاخ، هٽڙي شاخ، هوسڙي شاخ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري مٽياريءَ ۾ انبن، ليمن، ٻيرين، ڪيلن جا باغ، وغيره سڪي تباهه ٿي ويا آهن. رضوان موجب، مٽيارين ۾ باغن جي تباهيءَ جي ڪري اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. مٽياريءَ ۾ بصر جي تباهيءَ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه، سعيد آباد شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، ڇو ته مٽياري ضلعي جي جر جو پاڻي کارو آهي.
سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
سانگهڙ ضلعي ۾ قاضي شاخ، دم واهه، بوڀر شاخ، سونهري شاخ، دل شاخ، ٽنڊو آدم برانچ، مشائخ، کپر واهه جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو اچي ۽ اهي لڳاتار سڪل رهن ٿيون. سدا واهه ڊسمبر کان وٺي شاهپور چاڪر کان اڳتي نٿو وهي. بابو ڇن شاخ ته 1990ع کان وٺي وهي اچڻ کان جواب ڏيو بيٺي آهي. پاڻيءَ لاءِ جهميل شاخ وارن جون جدوجهدون سدائين هلندڙ آهن. بابوڇن تي ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين کان مٿي جا رند زميندار ڀت ڀوت تي يا ميلي ملاکڙي تي سگريٽن جي گهور ڪري تمام تنگيءَ وارو گذران ڪن ٿا. اڍائي سئو ايڪڙ جا مالڪ ذات جا لاکا آهن، جيڪي مقصودي ۾ مانڊڻي ڪڍيو ويٺا آهن ۽ سندن گذر سفر صرف ان مان پنجاهه، سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائڻ تي آهي. پنجاهه ايڪڙ جو مالڪ سدا واهه جهڙي وڏي شاخ تي به زمين غير آباد هجڻ ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري هڪ مينهن جو کير کپائي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ سندس ڇوڪرا مئٽرڪ پاس به نه ڪري سگهيا آهن، جيڪي هاڻ مزدوري پيا ڪن. بابو ڇن شاخ ته 15 سالن کان ڇٽي ڇهه ماهي مڙيئي ڪو ترو پسائي ٿي، نه ته ٻارهوئي سڪل رهندي آهي. جيڪڏهن وهي اچي ته ماڻهو وڻن ۽ آئٽن ۾ پاڻي کولي ڇڏيندا آهن، پر فصل نه پوکين، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته شاخ وري وهي ڪا نه ايندي، اسان مري جهري جيڪڏهن فصل ڪاهيون ۽ خرچ ڪريون ته سڄو زيان ٿي ويندو. هڪ دفعي هڪ ڳوٺ ۾ ويندي مون کي نواڻ محسوس ٿي، گڏ هلندڙ دوست کان ان سانت ۽ چپ چپات جو سبب پڇيم ته هن وراڻيو، ”هن علائقي ۾ سالن کان وٺي پاڻي ناهي آيو ۽ سڪل وڻن ۾ ڪو پکي پکڻ به ناهي، ڇاڪاڻ ته پکي به ڀرپاسي ۾ پاڻيءَ دٻو هوندو، تڏهن وڻن ۾ ويهندا. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي ماحول عجيب ۽ اوپرو ٿو لڳي.“ اڳي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ گهرن مان مال جون ڳوهرون نڪرنديون هيون ۽ ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا، هاڻي اتي ڍڳي، مينهن ۽ ڏاند ته پري رهيا، چانهه جي کير لاءِ ٻڪري به ڪنهن ڪنهن وٽ آهي. رڳو پاڻي نه هجڻ ۽ گاهه نه ٿيڻ ڪري ائين ٿيو آهي. ”هڪ ٻه ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري گهر مان نڪرندا ئي نه هئا، ڀر وارن ڳوٺن ڏانهن اچڻ وڃڻ لڳا، پڇڻ تي خبر پئي ته هو آني بهاني مڙئي مهمان ٿي ماني کائڻ ويندا آهن. اسان وٽ ڪيترن ئي زميندارن پنهنجون زمينون وڪڻي ڇڏيون آهن ۽ ٻيا وڪڻن پيا، انهن ۾ هڪ اڍائي سئو ايڪڙن جو زميندار به آهي، جنهن وٽ هاڻي صرف اٺ-ڏهه ايڪڙ ٻني وڃي بچي هوندي.“ دائود ٻڌائي پيو.
پڃاري، ڦليلي چئنل (اڪرم واهه) ۽ ٻين واهن ۾ درياءَ جو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري حيدرآباد جي گٽرن ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جو زهريلو پاڻي شهدادڪوٽ ۽ وارهه کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سيوهڻ وٽان اهو زهريلو پاڻي واهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. حيدرآباد جي گٽرن جو ۽ پنجاب ۽ بلوچستان مان ڇڏيل زهريلو ۽ کارو پاڻي پيئڻ ڪري عام ماڻهو گيسٽرو جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. بدين ۽ ٺٽي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ نه رڳو پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران آهي، پر ماڻهو مري وڃڻ جي صورت ۾ غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ آهي. پاڻي جي شديد بحران ۽ کوٽ جي ڪري ماڻهو پنهنجن علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. هڪ طرف سنڌو درياءُ سڪي ويو آهي ته ٻئي طرف جيڪو به ٿورو پاڻي اچي ٿو، اهو وري سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي رشوت طور ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو ڪامورو برابر جو شريڪ آهي ۽ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن کي پاڻي وڪرو ڪريو ڇڏي. سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن کي پاڻي ملي پيو، ان ڪري اهو سنڌي عوام سان غداري ڪري پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي.
عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:
ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1996ع کان پاڻي جي کوٽ جي ڪري هر طرف تباهي آهي. نبي سر ڪئنال، ٿر واهه، نور واهه، مٺڙائو جمڙائو جون پڇڙيون تباهه آهن، هزارين ڳوٺ ويران ٿي ويا. هزارين ڍور مري ويا، نبي سر ايريگيشن سب ڊويزن جي پنجن شاخن، ڪنري شاخ، راهمور شاخ، ٻانڊي شاخ، ٻسٽان شاخ، سونٺي شاخ، لولان شاخ ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي ناهي. پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻهو پريشان آهن. ننڍن شهرن ڪنري، نبي سر روڊ، نبي سر ٽالهي ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. پاڻي نه هجڻ ڪري ڪڻڪن جا فصل سڪي ويا آهن. جيڪي مرچ، ڦٽين جا فصل ٿيڻا هئا، اهي وقت سر نه ٿي سگهندا. ڳوٺن جون عورتون دلا مٿي تي کڻي 16 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀرينديون آهن. نبي سر روڊ تعلقه ڪنري جو هڪ ڳوٺ راهمون نالي آهي، جنهن ۾ پاڻي 1967ع کان ناهي. جيڪو ڳوٺ واپار جو مرڪز هو، اهو هاڻي واريءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿيل آهي. ضلعي عمرڪوٽ ۾ لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ٿي ويون آهن. سامارو ۽ عمرڪوٽ روڊ تي تقريبن 13 ڳوٺ مالهين جا هئا، جيڪي ويران ٿي ويا آهن. جيڪو ڪجهه پاڻي جيڪڏهن اچي ٿو ته حڪمران پارٽي جا وڏيرا آبپاشي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پاڻي کڻيو وڃن ۽ اهي آبادگار ۽ هاري جيڪي سياسي اثر رسوخ نٿا رکن ۽ رشوت نٿا ڏئي سگهن، اهي پاڻي جي کوٽ ڪري 1996ع کان ڪاٺيون وڪڻيو گذر سفر ڪن ٿا. عمرڪوٽ شهر جي ڀر ۾ چاچڙ برادريءَ جا آبادگار جن جون سوين ايڪڙ زمينون هيون، اهي هاڻي تغاريون کڻيو گذر سفر ڪن پيا. ڪنري جي مرچ منڊي جيڪا ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي هئي، اها هن وقت ويران آهي. پاڻي جي کوٽ جي ڪري ضلعي عمرڪوٽ ۾ بدامني ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. منشيات فروشي عروج تي آهي، بدامني جي ڪري چوريون، کاٽ، ڌاڙا، موٽر سائيڪل جي ڦر عام آهي. هر رات ضلعي عمرڪوٽ ۾ سراسري طور 30 موٽر سائيڪلون ڦرجن ٿيون. ڍورن جي چوري ته عام رواجي ڏوهه آهي.
هن وقت سڄي سنڌ خاص ڪري بئراجن ۽ شاخن جي پوڇڙين ۾ رڻ پٽ ۽ ريگستان جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سالن کان درياهه وسيلي پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ ڪري سمنڊ جي ويجهن ضلعن ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر جي لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويئي آهي، سوين ڳوٺ ۽ ٻنيون سامونڊي پاڻي وسيلي کاريون ٿي ويون آهن. اڌ ضلعي ميرپور ۽ عمرڪوٽ جو جر ڪارو ٿي ويو آهي. مڇي ۽ جهينگي جو ڪاروبار ڪندڙ هزارين خاندان بک کان بدحال ٿي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن. آبي جيوت ۽ سامونڊي ٻيلن جي جڳهه تي رڻ بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٽن مهينن کان هيٺين آبادگارن تائين پيئڻ لاءِ به پاڻي نه پهتو آهي. جن زميندارن جون ٻه ٻه سئو ايڪڙ زمينون پوڇڙين ۾ آهن، سي پاڻي نه ملڻ ڪري ڪاٺ وڍي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهن. زميندارن معاشي مجبورين ڪري پنهنجا لکين رپين جا باغ وڍرائي ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي پورهيت خاندانن کي ڪيئي ويلا لنگهڻ ڪاٽڻو ٿو پوي ۽ اهي 300 بدران 50 رپيا وٺي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. ماڻهن کي شادي مرادي ۽ مرڻي پرڻي جي رسمن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ لاءِ ميلن تان نلڪن يا دٻن جو ڪنو پاڻي آڻڻو ٿو پوي. جيڪو مسڪين سنڌي عوام لاءِ مرضن ۽ موت جو سبب بڻيل آهي.
ٽنڊي محمد خان ۾ پاڻي جي کوٽ جو احوال:
امان واهه تي ورڙ، منگي، بهراڻي، شيدي، ڪولهي، سيد، کوکر، رند، لاشاري، ملاڻا، دل، سيال، چانڊيا، نظاماڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. جن جون امام واهه تي زمينون آهن، پر پاڻي نه هئڻ ڪري زمينون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن. اسان جي علائقي جا واهه ۽ انهن جا نالا هي آهن ته ڦليلي، ڊوڪيا، شاهه واهه، ربن، جاڙڪي، دوديري، پانڌي واهه، ابڙي، ڪڙيو واهه، ڄام واهه، غلام محمد بيراج، حسن علي واهه، بلڙي شاهه ۽ ٻيون ڪيتريون شاخون آهن، جن ۾ پاڻي بدران واري پئي اڏامي. ماڻهن جو گذر زمين بدران مال تي وڃي بيٺو آهي. پر هاڻي مال به پاڻي نه هئڻ ڪري گاهه ڪٿان چري؟ ان ڪري مال به اڃ ۽ بک جي ڪري مري رهيو آهي. انور رند ٻڌائي ٿو ته، ”پ پ جي حڪومت ۾ هتي ٿيل ڪلورن جو داستان ڊگهو آهي. سڄي علائقي ۾ پوليس جي ٻڌ-ڇوڙ جاري آهي. پ پ وارا ۽ پوليس گڏجي ماڻهن کي ڦرين ٿا. بينظير سپورٽ پروگرام جي نالي سان مائين کي ڪجهه پئسا ملن ٿا، پر ان مان اڌ پ پ جا مقامي جيالا کنيو وڃن. غريب ماڻهن جو ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي، ليگلا وري سڀ وڏيرا آهن، جيڪي پاڻ ۾ مليا ويٺا آهن.“
سنڌ تي هڪ نظر وجهي ڏسو، جانورن جي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي ۽ ماڻهو زهريلو ۽ شهرن جي گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، وڻ سڪي ختم ٿي ويا آهن. آڪٽوبر ۾ پوکيل ڪمند پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ويو آهي. کيڙي، ٻج ۽ ڀاڻ جو خرچ آبادگارن ۽ هارين جي ڳچيءَ ۾ آهي، ڪمائي ته ڇٽي، پر محنت ۽ خرچ به ٻڏي ويو آهي. سنڌ جي آخري ڪوٽڙي بيراج جون شاخون ڊسمبر کان سڪل آهن. جن علائقن کي ٻارهن مهينا پاڻي ملڻ کپندو هو، انهن علائقن ۾ 4 مهينن کان فصلن لاءِ ته ٺهيو، پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي. غريب هاري، مزدور، آبادگار ۽ واپاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڪاٺيون وڪڻي گذر سفر ڪندڙن جو وسيلو به ختم ٿي چڪو آهي. جانور بکن، اڃن ۽ بيمارين وگهي مري رهيا آهن. مارڪيٽن ۾ وڪري جي پوزيشن به ناهي. ٻهراڙين ۾ ته غربت جي انتها ٿي چڪي آهي، نه روزگار آهي، نه اناج ۽ نه زميندارن طرفان کين قرض ٿو ملي. معصوم ٻارڙا، پنڻ يا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڪرپشن ۽ محتاجي انساني عزت کي نيلام ڪري رهي آهي، حڪومتي وڏيرن ۽ ڪامورن جو ته ڪاروبار اڳئين مشرف دور ۾ به جاري هو ۽ اهو ساڳيو ڪاروبار هن دور ۾ به تيزيءَ سان هلندڙ آهي. سنڌ دهشتگردن، وڏيرن ۽ جيالن جي حوالي آهي، جن لاءِ عوام جون دانهون آهن ته ڪرپشن عروج تي آهي. ڪو به پڇڻ وارو ناهي. محمد خان ٻڌائي ٿو ته، ”هر يونين ڪائونسل کي ملندڙ 2 لک رپيا قسط مان ماهوار ڏيڍ لک رپيا في يونين ڪائونسل ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن تحت وڃي رهيا آهن. حساب ڪيو ته تعلقن، ٽائونن ۽ يونين ڪائونسلن مان اربن جي ڪرپشن هر مهيني ٿئي ٿي. ايريگيشن، هاءِ ويز، پوليس، منرل، فوڊ، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ جي بجيٽ ڪرپشن تحت دهشتگردن ۽ سرڪاري وڏيرن ۽ جيالن جي ذاتي کاتن ۾ وڃي رهي آهي ۽ ڪوڙن ڪاغذن تحت فائل ٺهي رهيا آهن. عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان حڪومتي ڦرلٽ جاري آهي. 5 ڪروڙ عوام پاڻي، تعليم، صحت، روڊن رستن ۽ امن امان جي سهولتن کان محروم آهي ۽ ماڻهو بکن، ڏکن ۽ تڪليفن جي ايذاءَ ۾ ڦاٿل آهن“.
گذريل ٿورن ڏينهن جي اخباري اطلاع موجب پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا ۽ مظاهرا ڪيا ويا. جهڙوڪ سانگهڙ، گلاب لغاري، ڪنري، خانپور مهر، جاتي، جهڏو، ڦل، ڀان، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، ڄامشورو، بٺورو، ڏيئي، دولتپور، کپرو، سوڀوديرو، گهوٽڪي، بدين لاڙڪاڻو وغيره. وڌيڪ اطلاع هئا ته ڄام نواز علي تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. ٽنڊي آدم ۾ آبپاشي کاتي وارن شاخ بند ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڇڪتاڻ پيدا ٿيل آهي. اتر سنڌ جي اهم ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري سارين جو ٻيجارو پوکجي نه سگهيو آهي. رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه ڇڏڻ تي عملدارن کي توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. نصير آباد، ٺٽي، ڄامشوري، پٿوري، ڳوٺ گلاب خان لغاري ۽ سچل ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي. ٿر ۾ برساتي پاڻي جا ذخيرا ختم ٿي ويا آهن. ٽئنڪرن جا مالڪ ٺيڪيدارن سان گڏجي پاڻي پئسن تي وڪڻن ٿا ۽ غريب خريد ڪرڻ کان لاچار آهن. ڄامشوري ۾ به ساڳي حالت آهي ۽ سرنديءَ واريون ڌريون پئسن سان پاڻي خريد ڪرڻ لڳيون آهن ۽ غريب عوام سخت پريشانيءَ ۾ ڦاٿل آهي. پٿوري بابت اطلاع آهي ته پٿوري جي شاخن ۾ 6 مهينن کان پاڻي نه پهتو آهي، فصل سڪي ويا آهن، گذر سفر جا وسيلا ختم ٿيڻ لڳا آهن. آبپاشي عملدارن جي نااهلي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻي جي وڪري ڪرڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر ۽ ويران بڻجي وئي آهي. دولتپور بابت اطلاع آهن ته شاخن جي منڍ ۾ بااثر زميندار لفٽ مشينون هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. ٽنڊي ڄام جي ڄام شاخ ۾ ڪيترن سالن کان پاڻي نه پهچڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بنجي وئي آهي. پوڇڙ وارن آبادگارن جو مطالبو آهي ته ڄام شاخ تي رينجرز مقرر ڪئي وڃي.
سنڌ پاڻيءَ لاءِ ڪيترو پريشان آهي، ان جو رهيل احوال وري ايندڙ تحرير ۾ اورينداسين.
No comments:
Post a Comment