سنڌ جي حڪومت سازي ۽ ماضيءَ جا تلخ تجربا!
اربع 5 مارچ 2008ع
1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي خلاف بغاوت ڪري ۽ 1979ع ۾ کيس ڦاسيءَ تي چاڙهي جنرل ضياءَ پاڻ کي آمريڪي سامراج جي دلپسند شخصيت ثابت ڪيو، جو آمريڪا کي ڀُٽي صاحب طرفان پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ جي ڪوشش جي ڪري مٿانئس سخت ناراضگي هئي. ان کان چئن سالن اندر 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ته نهايت بي ضرر نموني ٿي، پر اڳتي هلي ان جڏهن زور ورتو ۽ سامراج ۽ سندس ساٿارين کي ڌوڏي ڇڏيو، تڏهن هنن محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ اڀريل نئين شعور ۽ احتجاج جي صورتحال کي فقط PNA قسم جي جلسن جلوسن جي ڪارروائين ذريعي دٻائي نه سگهبو، ان ڪري هنن سنڌ ۾ سياست جي نالي ۾ هٿياربند گروپ منظم ڪرڻ شروع ڪيا، جن سنڌ جي جمهوري امنگن کي چيڀاٽي ڇڏڻ ۽ سنڌ يا قوم جي دائمي غلاميءَ کي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي 1985ع ۾ عمل شروع ٿيو. مسئلا گهڻا ڪو نه هئا، پاڻ کي سنڌ جي طاقت ثابت ڪرڻو هو. پٺاڻن سان هٿرادو جهيڙو مچائي، دهشت ڄمائي، پريس کي ڊيڄاري، ماري ڪٽي کين مڪمل طرح فرمانبردار ۽ ٻانهن ٻڌو گولو غلام بنائڻو هو ۽ ڪروڙن اربن جي مفت جي پريس پبلسٽي ۽ ڪنهن به قسم جي تنقيد کان مڪمل آجپو ۽ بالاتري حاصل ڪرڻيون هيون. سنڌين جو قتلام ڪرڻو هو. اردو ڳالهائيندڙن جي روشن خيال حلقي کي چيڀاٽڻو هو. پوءِ رعب تاب سان سنڌ جو مالڪ بڻجي سنڌي وڏيرن کي پنهنجو ساٿي بڻائي آمريڪا جي غلاميءَ جا آداب بجا آڻڻا هئا ۽ سنڌ کي ڦرڻو، کائڻو ۽ تباهه ڪرڻو هو.
حڪمرانن جا هر تنظيم اندر پنهنجا اعتبار جوڳا سيکاريل پاڙهيل ماڻهو ويٺل ۽ پنهنجا الڳ نيم سرڪاري انقلابي نظرياتي، قومي، وفاقي، ديني ۽ جمهوري ٽولا به موجود هئا. رڳو اشاري جي دير هئي، جيڪو جتي هو، اهو اتي تشدد ۾ يقين رکندڙ گروپ کي آسمان تي رسائڻ جي ”قومي ڪم“ ۾ جنبي ويو. ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم جا ڪئين درجا ٿين ٿا. هڪڙي درجي جي ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم خلاف دانهن ڪوڪ ڪري سگهبي آهي ۽ ٻين خلاف خوف سبب نه ڪري سگهبي آهي. ڪي ڏاڍا مڙس ۽ ظالم اهڙا هوندا آهن، جو انهن جي ڏاڍائين ۽ ظلم خلاف ڪو دانهن ڪوڪ ڪندو آهي ته ان جا اوڙي پاڙي وارا ان ڊپ وچان منع ڪندا اٿس ته متان هڪڙن جي دانهن جي ڪري اوڙي پاڙي وارا به مصيبت ۾ پئجي نه وڃن. مٿئين درجي جون ڏاڍايون ۽ ظلم هڪڙي اهڙي دهشت جي فضا پيدا ڪندا آهن، جو ماڻهن جي اندر جي بزدلي ۽ غلامانه ذهنيت اڀري ايندي آهي ۽ هو ان ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم کي ظالمن جي قابلِ رشڪ طاقت ۽ قابلِ فخر مڙسي جا شاندار ڪارناما مڃي ظالمن کي خوش ڪرڻ لاءِ کين داد ڏيندا آهن ۽ عام خلق کي انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن. سمورا ظالم حڪمران ٽولا پنهنجي ظُلمي ڪارنامن کي شاندار فتحون ڪري پيش ڪندا آهن ۽ سندن درٻاري ۽ شاعر سندن شان ۾ قصيدا پيش ڪندا آهن.
تشدد ۾ يقين رکندڙ سياسي ڪلچر 1985ع ۾ شروع ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين گذريل 22 سالن جي عرصي ۾ ان ڪري مٿئين قسم جا هزارين لکين ڳجها ۽ پڌرا شاندار ۽ قابلِ فخر ڪارناما سر انجام ڏيندو رهيو آهي، جو ان کي آمريڪا ان جي ساٿاري اسٽيبلشمينٽ طرفان هر قسم جا انفرادي، اجتماعي، سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ اخلاقي ڏوهه ڪرڻ جي ڄڻ ته کليل اجازت مليل آهي. سندس خلاف پريس ۾ توڙي پبلڪ ۽ پوليس ۾ ڪا به دانهن ڪوڪ يا فرياد نٿو ڪري سگهجي. جيڪي ڪيس ٿين ٿا، سي باقائده سرڪاري طرح ختم ڪرايا وڃن ٿا. جڏهن ڪا ڌر حڪومت ۾ شامل ٿيڻ چاهيندي آهي ته ان کي سڀ کان پهرين ان جي ماڻهن جا سڀ ڪيس ختم ڪرڻا پوندا آهن. ٻي صورت ۾ کيس اقتدار ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو آهي، چاهي کيس ڪيڏي به زبردست اڪثريت ڇو نه حاصل هجي. في الحال هيٺ پريس رڪارڊ جي روشني ۾ انهن جي پهرين پنجن سالن اندر سر انجام ڏنل اهڙن شاندار ۽ قابلِ فخر ڪارنامن ۽ سنڌ جي وقت بوقت چونڊيل نمائندن توڙي نيم سرڪاري قومي ۽ جمهوري تنظيمن طرفان سندن نماڻي خدمت چاڪري، تابعداري ۽ فرمانبرداري جون چند نهايت مختصر جهلڪون پيش ڪجن ٿيون.
تڏهوڪين اخبارن مطابق انهن جي شروعاتي سالن ۾ 2890 ماڻهو دهشتگرديءَ جو کاڄ بڻيا. 1000 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ڪيا ويا. 475 گاڏيون ساڙيون ويون. 20 بئنڪون، 102 گهر، 95 دڪان، 2 ٽيليفون ايڪسچينجز، مختلف سياسي تنظيمن جون 20 آفيسون، 12 پئٽرول پمپ، 2 ڪارخانا، 2 واپڊا آفيسون، 2 پوسٽ آفيسون ۽ چار پوليس ٿاڻا نذرِ آتش ڪيا ويا. هڪڙي اقتصادي ڪاٿي مطابق رڳو ٽن شروعاتي سالن دوران 30 بلين ڊالرز جي سيڙپ ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويئي.
پريس کي پريشر ۾ آڻڻ جي مهم:
6 اپريل 1987ع واري روزاني امن ڪراچي جي شهه سرخي آهي ته ڪنهن به اخبار جيڪڏهن انهن جي خلاف لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا. روزاني جنگ ڪراچيءَ جي مشهور ڪالم نويس نظام صديقي جي 24 جون 1987ع واري جنگ ۾ لکيو ته، انهن جو اصرار آهي ته سندس مخالفت ۾ ايندڙ ڪو به مواد شايع نه ڪيو وڃي. ٻئي ڏينهن جنگ اخبار جون رڳو ڪراچي ۾ ئي ٽيهه هزار ڪاپيون ساڙيون ويون. حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ سڙيل ڪاپين جو تعداد انهيءَ کان ڌار هو. 13 مارچ تي تڪبير جي ايڊيٽر صلاح الدين کي ڪيل مارڪٽ واري خبر شايع ٿي ۽ 15 مارچ جي امن ۾ بيان ڇپيو ته اڄ کان پوءِ هيرالڊ ۽ تڪبير ڪراچي ۾ وڪرو نه ٿيندا، اهو عوام جو فيصلو آهي. 16 مارچ جي قومي اخبار ۾ بيان شايع ٿيو ته جيڪا اخبار اسان جي صحيح ڪوريج نه ڏيندي سا نه هلندي. ان ڳالهه تي تبصرو ڪندڙ بي بي سي جي رپورٽر ظفر عباس مٿان 19 مارچ تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو مرڻينگ ٿي ويو. ان جي ردِ عمل طور صحافين ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ۽ متفقه فيصلو ڪيو ته سنڌ جا سڀئي صحافي انهن جي خبرن جو بائيڪاٽ ڪندا. صحافين جي مظاهري ۽ فيصلي جي ساراهه ڪندڙ اخبارن ۽ رسالن تي ڪاوڙجي انهن 25 مارچ تي ڊان، هيرالڊ، اسٽار، تڪبير جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو.
16 آڪٽوبر 1988ع تي عام چونڊون ٿيون. 2 ڊسمبر 1988ع کان 23 آڪٽوبر 1989ع تائين پوڻا يارنهن مهينا ۽ شهري تنظيم پيپلز پارٽيءَ جو حڪومتي اتحاد قائم رهيو. معاهدي کان ٺيڪ ٻه مهينا پوءِ يعني 14 فيبروري 1989ع تي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي 87 ماڻهن مٿان داخل مختلف خطرناڪ ڪيس واپس ورتا.
ماهوار سهڻي مارچ 89ع جي صفحي نمبر 13 ۽ 14 تي مشهور محبِ وطن اديبه مهتاب محبوب ان باري ۾ لکيو هو ته، ”يارنهن سالن جي طويل آمريت کان نجات ملڻ تي ڪيڏا نه خوش ٿياسين ته جمهوريت جو سج اڀرندي ئي ٻيڙا پار ٿي ويندا ۽ ڪو سُک جو ساهه نصيب ٿيندو، پر جمهوري حڪومت پنهنجي سدا مرڪڻي منهن سان اقتدار ۾ ايندي ئي گهڻي ڀال ڀلايا. هن لڏي آيلن جي هر غير واجبي هاءِ گهوڙا کي جنهن نموني اهميت ڏني آهي، تنهن اصل وارثن جا حال هيڪاندا هيڻا ڪري ڇڏيا.“ هن وقت هڪ ڀيرو وري انهن ۾ ڪنهن اتحاد جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڇا هن ڀيري به ايئن ئي ٿيندو، جيئن ماضيءَ ۾ ٿيو هو، يا ڪجهه مختلف هوندو.
No comments:
Post a Comment