Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

Is This Flood Natural Or Man Made? By Rasul Bux Palijo


هيءَ مها ٻوڏ قدرتي آهي يا هٿرادو؟
ڇنڇر 25 سيپٽمبر 2010ع
”99 سيڪڙو ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جا حمايتي ٿي ويا آهن“. اها آهي پنجاب جي شائونسٽ ذهنيت رکندڙ اسٽيبلشمينٽ جي ترجمان هڪ روزاني انگريزي اخبار جي گذريل عيد جي ڏينهن واري پرچي جي فاتحانه شاهه سرخي.
مهيني کن کان اها اخبار روزانو هڪڙي مخصوص ڪالم ۾ ڪالاباغ ڊيم جا ڳڻ ڳائيندي، ان کي سڄي پاڪستان جي سمورن دردن جو درمان مشهور ڪندي، ان جي مخالفت ڪندڙ سنڌين ۽ ٻين ماڻهن کي قومي ڏوهي ۽ مجرم ٺهرائيندي، ان کي زوريءَ نه ٺهرائيندڙ حاڪمن کي پاڪستان جو غدار ۽ سياسي بزدل ثابت ڪندي رهي آهي ۽ روزانو عام راءِ وٺڻ جو اشتهار هلائيندي رهي آهي. هاڻ گذريل عيد جي سڳوري ڏينهن تي اهو اعلان ڪري خوشخبري ٻڌائي اٿس ته پاڪستان جا 99 سيڪڙو ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جا پرجوش حامي آهن. ان کان ستت پوءِ پنجاب جي پ پ واري محترم گورنر صاحب ساڳيو مطالبو ڪيو آهي ۽ تازو خود محترم وزير اعظم چيو هو ته کيس ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪو به اعتراض ڪونهي. پ پ پنجاب جي پارليامينٽري سيڪريٽري فائزه ملڪ چيو آهي ته پ پ ئي قوم کي ڪالاباغ ڊيم جو تحفو ڏيندي، البته وزير اعظم ٿورڙو بيان ڦيرايو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي ضرور، پر ٻين صوبن جي صلاح سان ٺهي. پنجاب جي لاکيڻي پ پ گورنر جناب تاثير صاحب وري چيو آهي ته جيئن هيترا سارا ٻيا (سنڌ دشمن) ڪم ٺاهه ڪري ٺاهيا ويا آهن، (جهڙوڪ ون يونٽ، گريٽر ٿل ڪئنال وغيره) ته پوءِ هي ”قومي“ ڪم ڌرين جي ٺاهه سان ڇو نٿو ٿي سگهي؟ مطلب ڳالهه جو ته اڳيئي هٿرادو پاڻيءَ جي کوٽ ذريعي سنڌ کي ويران ڪري ڇڏيو اٿئون، مٿان  هن مها ٻوڏ سنڌ کي ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو آهي، موقعو آهي جلدي ڪريو فورن ڪالاباغ ڊيم ٺاهي سنڌ کي صفا رڻ پٽ بنائي ڇڏيو ۽ سنڌي قوم کي ڪوچڙا ۽ ڪهيري بنائي تاريخ جي صفحن تان ميسارڻ ۾ دير نه ڪريو.
مطلب ته ان خير جي (سنڌ کي رڻ پٽ بنائڻ جي) ”قومي ڪم“ ۾ سنڌي قوم خلاف هر سازش ۽ ڏوهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ترت تيار بلڪه بي چين سنڌي ڀوتارن کي به شريڪ ڪجي ته بهتر ته جيئن سڀاڻي سنڌي اها گهوڙا گهوڙا به نه ڪري سگهن ته جيئن 1859ع کان وٺي گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي حقن ۽ پاڻيءَ سميت سمورن وسيلن تي داداگيري سان ڌاڙا هڻندا آيا آهن تيئن هي سنڌ کي نسورو رڻ پٽ بنائڻ جو ڪم به ڪو سنڌ خلاف زبردستيءَ ٿيو آهي. ٻئي طرف جتان غضبناڪ احتجاج جون صدائون، زبردست ترديدون، مظاهرا، جلسا، جلوس ڪري سڄي ڌرتي تپائي ٽامو ڪري ڇڏڻ گهرجي، اتي اها خوفناڪ چپ ۽ موتمار ماٺ آهي، جنهن جي پڙاڏن کي سڄي سنڌ، سڄي پاڪستان بلڪه سڄي دنيا جي حقيقتن کان آگاهه انصاف پسند ماڻهن جي ڪنن مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. سنڌ جو وزير اعليٰ خاموش آهي، صوبائي ڪئبنيٽ خاموش آهي ۽ سنڌ صوبائي اسيمبلي خاموش آهي. مجموعي طور سنڌ جا گهڻگهرا، اديب، اهلِ قلم، اڪثر صحافي، دانشور، مفڪر، نام نهاد پاڻيءَ جا ماهر خاموش آهن. وڪيل، ڊاڪٽر، ميمبر، ناظم، پير، مير، سردار خاموش آهن. سنڌ خاموش آهي، ڪٿان به ڪو سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ ڪو نه پيو اچي ته ڪو سنڌ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي خلاف آهي ۽ هرگز ڪا نه ٺهڻ ڏيندي. هي جو ڪالاباغ ڊيم جي گهوڙا گهوڙا پئي پوي، سو سوال آهي ته ڇا واقعي به اهو سچ آهي ته سنڌ ۾ مها ٻوڏ ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ ڪري آئي آهي؟
ان سلسلي ۾ هيٺين سوالن جا ڪهڙا جواب آهن؟
(1) سنڌو درياهه ۾ آيل ٻوڏ دوران پنجاب جي پنجن ندين ۾ ٻوڏ ڇو نه آئي؟ (2) افغانستان، هندستان، چين ۽ پاڪستان ڏانهن ايندڙ نديون هڪ گليشئر مان نڪرن ٿيون ته پوءِ سنڌو درياهه کانسواءِ ٻين ندين ۾ پاڻي ڇو ڪو نه ويو. رڳو سنڌو درياهه واري ڪيڇ مينٽ ۾ برساتن جو وسڪارو ڇو ٿيو؟ (3) ڪابل نديءَ ۾ ته ٻوڏ آئي، پر افغانستان ۾ برساتن نقصان ڇو ڪو نه ڪيو؟ (4) ڪابل نديءَ تي قائم سرياب ڊيم ڇو خالي ڪيو ويو؟ پاڪستان جا ٻيا ڊيم ڇو نه وقت سر ساڳي ريت خالي ڪيا ويا؟ (5) ٻوڏ دوران پاڪستان جا چشما-جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال جيڪي خاص ههڙي قسم جي ٻوڏ جو پاڻي ڇڪڻ ۽ ٻوڏ کي ختم ڪرڻ لاءِ بنايا ويا هئا، اهي هونئن ته کليل هئا ۽ عين ٻوڏ وقت ڇو بند ڪيا ويا؟ (6) پاڪستان جي ڊيمن ۾ منگلا، تربيلا وغيره ۾ پاڻي ٻوڏ دوران ذخيرو ڇو نه ڪيو ويو. ڇو اهي اڳواٽ ڀري تار ڪري ڇڏيا ويا ته سنڌ مٿان ڪڙڪايل ٻوڏ جو ڍڪ پاڻيءَ جو به ذيان نه ٿئي ۽ سنڌ کي ٻوڙڻ جي ئي ڪم اچي؟  (7) ٻوڏ دوران پنجاب جا سمورا ڪئنال ۽ بئراجون ڇو بند ڪيون ويون؟
زميني حقيقتن جي ڄاڻ رکڻ جا دعويدار ماڻهو وڌيڪ اهو به پڇن ٿا ته: (8) سنڌ ۽ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي سانگهڙ ضلعي ۾ واقع ڍنڍون ڇو ٻوڏ دوران نه ڀريون ويون؟ (9) سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ طرف علي واهڻ کان ڇو ڪٽ نه هنيو ويو؟ ان طرف پاڻي موڪلڻ سان زرعي نقصان به گهٽ ٿئي ها ۽ ماڻهو به متاثر تمام گهٽ ٿين ها. اهو پاڻي ٿرپارڪر هليو وڃي ها يا ڪوٽڏيجي وارن پهاڙن ۽ واريءَ جي ڀٽن ۾ بيهي ها، جتان جمڙائون ڪئنال ۽ هاڪڙي ذريعي اهو پاڻي ٿرپارڪر موڪليو وڃي ها. (10) ريڻي ڪئنال وارو قدرتي گس جيڪڏهن پاڻيءَ کي ڏيارجي ها ته گهوٽڪي ضلعي جو مٿيون پاسو وٺي پاڻي اڇڙي ٿر ۾ وڃي ها، جتي اسان جو نه جاني نقصان ٿئي ها ۽ نه مالي نقصان ٿئي ها، ائين ڇو نه ڪيو ويو؟ (11) ڇا اها تباهي آندي ئي ان ڪري وئي آهي ته جيئن ڪالاباغ ڊيم لاءِ آسانيءَ سان راهه هموار ڪري سگهجي؟ (12) سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي غير فطري ڪٽ هڻي جيڪو 7 ضلعن کي تباهه ڪيو ويو ته جيئن هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿين ۽ ڊيم ٺاهڻ تي راضي ٿين، ڇاڪاڻ ته کاٻي پاسي ڪٽ هڻڻ سان مشڪل سان (5) لک ماڻهو متاثر ٿين ها. (13) سکر بئراج جا 13 دروازا بند ڪرڻ پٺيان ڪهڙو راز آهي؟ 15 لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهائڻ واري سکر بئراج کي ڇو ري ماڊلنگ ڪري ان جي گنجائش تمام گهڻي گهٽائي 9 لک ڪيوسڪ ڪئي وئي، ان پويان ڪنهن جو ۽ ڪهڙو هٿ آهي؟ (14) سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ وڏيرن جون زمينون ۽ بند ڪيئن قائم ڪرڻ ڏنا ويا؟ (15) ڪچي مان ٻيلن مان ڇو وڻ وڍڻ ڏنا ويا؟ (16) سالن کان بندن جي مرمت ڇو نه ڪئي وئي، انهن کي ائين ڇو لاوارث ڇڏيو ويو؟ (17) ايم اين وي ڊرين جا بند ڇو مضبوط نه ڪيا ويا؟ (18) منڇر ڍنڍ کي ٻوڏ اچڻ جي اطلاع باوجود ڇو وقت سر اڳواٽ ئي خالي نه ڪيو ويو؟ (19) مون بندن جو معائنو ڪندي پنهنجي اکين سان ڏٺو ته حيدرآباد ۾ بند جي قاسم آباد واري حصي تي بند تي پٿر رکيا هئا، پر هيٺ بند جي بچاءَ لاءِ ڪجهه به ڪو نه پئي ٿيو، پر ان جي برعڪس لطيف آباد واري حصي تي ڌڙا ڌڙ گاڏيون بجري، پٿر کڻي آيون ويون پئي، بچاءَ بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم زور شور سان پئي ٿيو.
ساڳي حالت سجاول جي بند سورجاڻي وغيره جي هئي. بند تي پٿر ۽ بجري رکيل هئا، پر بچاءَ بند جو ڪم ڪو به ڪو نه پئي ٿيو، ائين ڪنهن ۽ ڪهڙي سبب ٿي ڪيو؟ نيت ڇا هين؟ (20) قمبر-شهدادڪوٽ کان وٺي دادو ضلعي تائين ايف پي بند کي ڇو مضبوط نه ڪيو ويو؟ (21) سپريو بند ڇا لاءِ ڪمزور رهيو؟ آر بي او ڊي، حمل ڍنڍ ۽ منڇر ڍنڍ وارن بندن جو ڪهڙن ادارن جي نگراني ۾ ڪم هلندڙ آهي؟ اهي واپڊا جي حوالي ڇو ڪيا ويا؟ (22) چيو وڃي ٿو ته 1953ع ۾ ايوب خان جي دور ۾ ٺهيل گڊو بئراج جي وهڪرن ۾ ٻوڏ جي وقت ۾ پاڻي کي نيڪال ڏيڻ لاءِ علي واهڻ وٽ “Exit door” رکيو ويو هو ۽ بند جي پريان هڪ مخصوص پٽي ان مقصد لاءِ رکي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان پٽيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به آبادڪاري يا ڪو به ادارو قائم نه ڪيو ويندو. جيئن پاڻي اچڻ جي صورت ۾ نقصان کان بچي سگهجي، پر پوءِ جي سياسي حڪومتن مصلحت پسندي، اقتدار پرستي وارن قبضا گروپ، بااثر ماڻهن انهن علائقن ۾ قبضا ڪري آبادڪاريون، فئڪٽريون ۽ زمينون زراعت لاءِ حاصل ڪيون، جنهن ۾ هن وقت لکين ماڻهو سوين هزارين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ رهن ٿا. هڪ رپورٽ موجب علي واهڻ کي ڪٽ ڏيڻ واري فيصلي ۾ اهي مٿيون بااثر ڌريون رڪاوٽ بڻيون آهن. هڪ ٻئي رپورٽ موجب ڪنهن بااثر جي فئڪٽرين ۾ اربين رپين جي کنڊ ۽ ڪڻڪ رکيل آهي، تن کي به بچايو ويو. (23) ڪي ته اها به دعويٰ ٿا ڪن ته جيتري وڏي تباهي ايندي اوتري وڏي نئين سر تعمير جي ضرورت پوندي ۽ واسطيدار اختياريءَ وارن کي اوتري اٿاهه ڪمائي ٿيندي ۽ سڄا سون ٿي ويندا. (24) ائين ته ناهي ته ٻين ڳالهين سان گڏ ڪنهن بلڪل نئين ۽ جديد ترين سائنسي ٽيڪنالاجي کي ڪم آڻي هي هٿرادو ٻوڏ آندي وئي آهي؟ (25) ڇا دنيا ۾ ڪا اهڙي ٽيڪنالاجي وجود ۾ آيل آهي، جنهن جي ذريعي قدرتي موسم کي ڪنٽرول ڪري ان کي پنهنجي هٿ وس بنائي، جتي وڻي اتي ڏڪار، ٻوڏ، طوفان وغيره آڻي سگهجن؟
سائنس انساني عقل ۽ دماغ جي ٻين پئدائشن وانگر نه قطعي نيڪ آهي نه بد آهي، ان کي جيڏانهن ڇڪبو تيڏانهن ويندي. موتمار هٿيارن جي معاملي ۾ به سائنس کان جيڪو ڪم وٺجي ٿو، اهو ڏي ٿي. قديم زماني کان جنگ تلوارن، ڀالن، نيزن سان ٿيندي هئي، شايد يارهين ٻارهين صديءَ ۾ چينين بارود ايجاد ڪيو، جنهن کان ٻي دنيا اهو فن سکيو. هاڻي لڙايون بندوقن ۽ توبن سان ٿيڻ لڳيون. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمنن راڪيٽ ايجاد ڪرڻ ۽ ائٽمي قوتن کي ڪتب آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو، پر ان ڪم جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي جنگ ختم ٿي وئي ۽ آمريڪين اها ائٽمي ۽ راڪيٽ ٽيڪنالاجي جرمن سائنسدانن کان سکي. 1945ع ۾ دنيا کي ڊيڄارڻ لاءِ بنا ڪنهن خاص ضرورت جي جپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم هڻي ائٽمي هٿيارن جو دور شروع ڪيو.
رڳو ننڍڙي ۽ پتڪڙي اسرائيل وٽ 200 ائٽم بم آهن، جن سان اهو عرب دنيا جو ساهه سڪايو ويٺو آهي. ان کانپوءِ به موتمار هٿيارن جي تلاش ۽ کوجنا بند ڪو نه ٿي ۽ اڳي کان اڳري آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن وقت آمريڪا ۾ موسمي هٿيار مڪمل ٿي چڪا آهن، جن جي ذريعي اها جتي چاهي اتي خلا کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري، جتي وڻيس اتي ٻوڏون، ڏڪار، طوفان آڻي دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪري سگهي ٿي. ان باري ۾ ڪافي اطلاع ۽ احوال موجود آهن، في الحال ڏسو روزاني “The Nation” جي 21 سيپٽمبر واري پرچي ۾ A.R Jerral جو سائنسي مقالو (Haarp:The American WMD) (آمريڪا جو دنيا جي خلق کي تباهه ڪرڻ جو هٿيار).
ٻي صحبت ۾ اسين ان خطرناڪ موسمي هٿيار تي ڪجهه تفصيلي روشني وجهنداسين.

No comments:

Post a Comment