پاڻي کوٽ جا ڀوائتا منظر پسندڙ سنڌ!
ڇنڇر 26 جون 2010ع
سنڌ لاءِ هن وقت قيامت جي گهڙي ويجهي پوندي وڃي، تباهيءَ جو سج نيزي پاند اچي بيٺو آهي. ڪنهن هڪڙي مصيبت، آفت يا تباهيءَ جو خطرو هجي، جنهن کي ٽارڻ جو ڪو بلو ڪجي، هڪڙو ويري يا دشمن هجي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌجي، هتي ته ڳالهه لطيف واري سَسئيءَ جي ويرين کان به چڙهيل آهي.
”اٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽيا پنهونءَ پير،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير،
واهيريءَ جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين (شاهه)
آسمان کي ڇهندڙ مهانگائي، اٿاهه اڃ، بک ۽ بيروزگاري ۽ ان جي ڪري آنڊن ڄاون ٻچن جا وڪرا، خودڪشيون، ديده دليري واري رشوت خوريءَ جي گرم بازاري، ڏينهن ۽ رات جي اٺن ئي پهرن ۾ هر پل ڦرون، ڌاڙا، اغوا، قبائلي قتلِ عام، نياڻين جا ڪوس، ابهم ٻارڙين سان اجتماعي زنائون روزمرهه جو معمول بڻجي ويو آهي. پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ عزيزن جي جانين ۽ عزتن ۽ آزادين مٿان خوف جي راڪاسن جو راڄ آهي. بي رحم ۽ سفاڪ دورن جا ڀوائتا منظر ڄڻ اکين اڳيان بيٺا ڏسجن. جمهوريت، انتظام، قانون جي حڪومت، تعليم، انصاف، امن و امان مذاق ۽ ڍونگ بنجي ويا آهن. سنڌي ماڻهن جي تاريخي، قانوني، آئيني ۽ انساني ملڪيتن، حقن، آزادين، اختيارين ۽ هزارين بي دردين سان ختم ڪيل جانين جي حساب ڪتاب ۽ جزا ۽ سزا جي انصاف کي مفاهمت جو راڪاس ڳهي ويو آهي. سنڌ جو تخت گاهه دهشتگردن جي نشاني تي آهي، جن جي هڪڙي دلپسند تفريح ۽ راند ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ آهي. پنهنجي بي شمار پراڻين توڙي نين ڪارگذارين، ڪار وهنوارن ۽ دوستين دشمنين جي حسابن ڪتابن جي فڪرن ۾ مبتلا جمهوري حڪمرانن کي پنهنجا پلاند آجا رکڻ جي پل پل جي انيڪ خسارن کان ايتري فرصت ڪٿي، جو هو کين ووٽ ڏيندڙ ۽ چونڊيندڙ الهه لوڪ ۽ ويساهه وسوڙيل سنڌي مخلوق جي گهڙيءَ گهڙيءَ جي گهاوَن سان چڪنا چور موت جهڙي زندگيءَ جي ڦٽن تي ڪو مرهم رکڻ جو سوچي سگهن. هونئن کين هن پاسي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ڪا اهڙي گهڻي ضرورت نظر نٿي اچي، ته هو پنهنجي ذاتي ۽ حڪمرانيءَ جي اٿاهه مصروفيتن ۽ مجبورين هوندي پنهنجو قيمتي وقت سنڌي ماڻهن جي اڻکٽ ۽ ڄڻ ته قدرتي طرح ۽ لاعلاج مسئلن کي منهن ڏيڻ تي سيڙائي سگهن. سندن حساب ڪتاب موجب سنڌي ماڻهو جيڪي روزِ ازل جا محروم ۽ مجبور آهن ۽ ڪڏهن سک جو ڏينهن سنبرن ئي ڪو نه، تن لاءِ موجوده جمهوري حڪمرانن جا دلاسي جا ٻه اکر ئي وڏي ڳالهه آهن، ڇو ته سندن جسم جو وار وار جمهوري حڪمرانن جي قرب ۽ محبت ڀريل ٻولن، سهڻن واعدن، من موهيندڙ اقرارن ۽ خاص ڪري جمهوريت لاءِ سر قربان ڪندڙ شهيدن جي قربانين جي احسانن ۾ گرفتار آهي. هو ۽ سندن ايندڙ نسل کڻي سوين جنم جيئرا رهن، ته به حاڪمن جي انهن احسانن جو قرض لاهي ئي نٿا سگهن، ان ڪري جمهوري حڪمران کڻي، سئو ڀيرا کين سندن ٻچن ٻارن جي جانين، ملڪيتن، بلڪه زندگين کي تين وال ڪري ڇڏين يا گهاڻن ۾ وجهي پيڙهائي ڇڏين ته به خير آهي. سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سندن جهڻ ٻچو سندن احسانن جون زرخريد ملڪيتون آهن، جن کي هو جيڏانهن به ڪن ۽ جيئن به ڪن، کين سئو ڀيرا اختيار آهي. جيڪڏهن سنڌي قوم کي چهٽيل انهن سمورن بيشمار موزي مرضن مان ڪو هڪڙو سڀ کان خطرناڪ ۽ اک ڇنڀ ۾ ڪم لاهڻ جهڙو آهي ته اهو آهي پاڻي. خاص ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڏڪار جو موتمار مرض.
سنڌ هن وقت پاڻي جي جنهن ڪربلا ۽ قيامت هيٺ آيل آهي، تنهن جو قصو ڪو هڪ اڌ سال يا ٻن ٽن سالن جي سوڪهڙي ۽ سختيءَ جو ڪونهي، جو ماڻهو ڀانئين ته دنيا ۾ اهي لاها چاڙها ته سدائين آهن، الله ڪندو ته ڏکيو سکيو ڏڪار سڪار جو وقت نيٺ گذاري ڪنڌيءَ ڀيڙا ٿينداسين. هيءَ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي، اهو ذري گهٽ ڪنهن خون جي ڪيس ۾ مليل موت جي سزا جهڙو يا ڪنهن موذي مرض ۾ لوڙي لوڙي اچي مرض الموت جي ڪنهن ڪنڌي تي پهچڻ جي برابر آهي. جهڙيون حالتون آهن، تن مان جند ڇٽڻ جي ذري گهٽ خير ڪا به اميد نٿي ڏسجي. جن ماڻهن کي سرزمين تي پاڻيءَ جي سپلاءِ جي صورتحال جي اکين ڏٺي خبر آهي، تن کي معلوم آهي ته جيڪڏهن فوري ۽ اثرائتا اپاءَ نه ورتا ويا ته سنڌ جي لاڙ توڙي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ مال ۽ ماڻهن جي موت جا حقيقي امڪان نظر اچي رهيا آهن. ڪجهه هفتن کان سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪلورن بابت مختلف علائقن جي متاثر ماڻهن کان جيڪي احوال ملن پيا تن جا ڪجهه تفصيل هن ريت آهن.
ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:
ٺٽي سان تعلق رکندڙ بلاول ٻڌائي ٿو ته، ”اسان جي شهرن ٺٽي، مڪلي، ور، ميرپورساڪرو، ڳاڙهو، ٻهارا، جنگشاهي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به موجود ڪونهي. کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ماڻهن کي ايترو مٺو پاڻي نٿو ملي، جو جنازن کي غسل ڏيئي سگهن. کارو ڇاڻ تعلقي کي آباد ڪندڙ ناليون ماڇڪي نالي، انڊو دارسي ۾ ڇهه ڇهه مهينا پاڻي ڪونهي. ٻن شاخ، جنهن تي ٻگهاڻ ۽ ڪيٽي بندر شهرن جون واٽر سپلائي لائينون آهن، گذريل 4 مهينن کان بند آهي. گهار گهگهي، راڄ واهه، ڊوهڙو ناڪاڻي، ناهيڪي، پالڪي ماڙي، ڄام واهه، ڄام برانچ، خاناڻي، کيراڻي، لڌ کانٽي، نصير واهه، کارڙو، وهڙو جاگي، نانگو واهه، لڌيا، ڪرم پور، اوٺارڪي، شورڪي نالين ۾ پاڻي موجود ناهي. ٺٽي، ساڪري، گهوڙا ٻاريءَ جا بااثر زميندار نالين مان ڪٽ ڏيئي پنهنجا فش فارم ڀرائي ننڍن آبادگارن کي پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ تڙپائي رهيا آهن.“
بدين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
لطيف بلوچ ٻڌايو ته، ”پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٺٽو ۽ بدين ضلعا ٿيا آهن. جتي جا 200 ايڪڙ جا زميندار به ڪاٺيون وڪڻي پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف سمنڊ کي ويجهي زمين تيزيءَ سان کاري پاڻيءَ جو کاڄ بڻجندي پئي وڃي.“ تازو رپورٽ ٿيو آهي ته سيراڻيءَ جي پاسي ميت کي تڙ ڏيارڻ لاءِ به ڳوٺاڻن چندو ڪري بدين مان پاڻي گهرائي لاش کي غسل ڏياريو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڻيءَ جي آسري جن ماڻهن هن مهانگائيءَ جي دور ۾ قرض کڻي ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکيا، تن سان ڪهڙو حشر ٿيو هوندو. اڳي پوڇڙ وارن جون دانهون هونديون هيون. هاڻي منڍ وارا به روئن پيا. ڪوٽڙي بيراج جي کاٻي پاسي نڪرندڙ ٽيئي واهه ڦليلي، پڃاري ۽ اڪرم واهه حيدرآباد جي شهر وچان وهي نڪرن ٿا. ٿوري تڪليف ڪري وڃي ڏسو ته توهان کي انهن واهن ۾ درياهه جي پاڻيءَ بدران حيدرآباد جي گٽرن جو کارو پاڻي وهندي نظر ايندو ۽ بدبوءِ توهان کي ساهه کڻڻ نه ڏيندي.
حيدرآباد تعلقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
حيدآباد تعلقي ۾ گهوٽاڻا شاخ، شاخ ماتي مائينر، بلوري شاخ، هوسڙي شاخ ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙين ۾ پاڻي ناهي. اتان جي هڪ مقامي رهواسي اياز خاصخيلي پاران مليل معلومات موجب ”انهن شاخن جي پوڇڙيءَ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻهن پنهنجون زمينون سرن جي بٺن لاءِ پٺاڻن کي ڏيئي ڇڏيون آهن. پٺاڻن جي ڪري علائقي ۾ منشيات جو ڪاروبار وڌي ويو آهي، نوجوانن ۾ نشي جو رجحان وڌي رهيو آهي. هن علائقي ۾ سال ٻن کان ٽنڊو حيدر کان ڳوٺ بهاول زنئور تائين شيخ ڀرڪيو روڊ جي ٻنهي پاسن کان غير آباد زمينون اسٽيٽ ايجنسين وارن زمين مالڪن کان ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري پلاٽن جون اسڪيمون هلائي رهيا آهن. انهن پلاٽن جي قيمت 300 کان 400 رپيا في اسڪوائر فوٽ آهي. اهي پلاٽ حيدرآباد شهر جا سنڌي نه ڳالهائيندڙ سيٺ، واپاري ۽ پٺاڻ وڏي پئماني تي خريد ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ ريت هن علائقي جا ننڍا آبادگار پنهنجون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري وڪڻي بي زمين ٿي رهيا آهن.“ انهن شاخن جي منڍ ۾ ٿورو گهڻو پاڻي وارابنديءَ تحت اچي ٿو. وڏا زميندار، جن جي واٽر ڪورسن جا منهن ڀڳل آهن، انهن تي لفٽ مشينون رکيل آهن. اهي سڀ پاڻي کڻي وٺن ٿيون. ننڍن آبادگارن ڏانهن پاڻيءَ جو ڦڙو به نٿو وڃي، انهن جون زمينون غير آباد آهن. جنهن ڪري وڏا زميندار غير آباد زمينون خريد ڪري رهيا آهن. آهستي آهستي ننڍو آباگار ختم ٿيندو پيو وڃي، وڏن زميندارن جون زمينون وڌنديون پيون وڃن. ٽنڊو حيدر، بهاول زنئور، موري منگر، ٽنڊو عالم مري وارن علائقن ۾ زمين جو پاڻي کارو هجڻ ڪري ماڻهو شاخن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. هنن علائقن جا ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ٽئنڪرن وارن کان 40 کان 50 رپيا في ڏول وٺڻ تي مجبور آهن. هن علائقي ۾ غريب ماڻهو ڪاٺيون وٺي گذارو ڪن ٿا. ڪاٺيون ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي ماڻهو انهن جا لاهه ڪڍي وڪڻڻ لڳا آهن. پٻڻ شريف جي 4 ڪلوميٽرن جي هم چورس زمين جو مٺو پاڻي هجڻ ڪري ننڍن آبادگارن پنهنجين ٻنين ۾ ٽيوب ويل لڳرايا آهن. ٽيوب ويلن جي مسلسل هلڻ ڪري ڳوٺ جا هينڊ پمپ پاڻي ڇڏي ويا آهن. انهن جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي. ان سان آئنده پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران وڌي ويندو.
لاڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
ڪوٽڙي بيراج مان چار واهه نڪرن ٿا. ڪوٽڙي بگهاڙ فيڊر جو پاڻي 12 مهينا وهائڻ جو فيصلو ٿيل آهي، ان ڪري جو هن واهه جي پاڻي کي ڪينجهر ڍنڍ ذريعي ڪراچي جي آبادي کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ٿو. 15 ڊسمبر کانپوءِ ڪوٽڙي تائين سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب 15 ڏينهن وقفي سان پاڻي ويندو رهيو آهي، ان ڪري ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي اٽڪل 12 فٽ کان وڌيڪ هيٺ لاٿ ڏني آهي. سبب ڪراچيءَ کي پاڻي مسلسل ڏيڻو پوي ٿو، ان ڪري ٺٽو سب ڊويزن ۽ ساڪرو سب ڊويزن جون آباد زمينون پاڻي نه ملڻ ڪري سوڪهڙي جو شڪار ٿيون آهن. ٻئي طرف تر جا بااثر زميندار ڇتي چنڊ ويجهو KB فيڊر جي ريگيولٽر وٽان غير قانوني طور زوري زبردستي ڪٽ هڻي درياءَ جي ڪچي جي علائقي ۾ 500 ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي وهائي درياءَ جي ڪچي جون زمينون آباد ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه KB فيڊر تي تمام گهڻيون بي قاعدي لفٽ مشينون رکيل آهن، جن سان به گهڻو پاڻي کنيو وڃي پيو. گهوڙا ٻاري ۽ ميرپور ساڪرو جا ننڍا آبادگار سخت مشڪلات جو شڪار آهن. ڪوٽڙي بئراج وٽان اوڀر طرف ڦليلي واهه نڪري ٿو، جنهن جي گهرج اٽڪل 2400 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان پڃاري واهه، گوني واهه ۽ اڪرم واهه (لائين چينل) آهن، ۽ گوني واهه ۾ تمام ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو، جيڪو وڏا بااثر زميندار هڙپ ڪن ٿا. انهن جا فصل ڪجهه نه ڪجهه ٿيا آهن ۽ ڏسڻ جهڙا آهن، پر پڃاري واهه، جنهن جي گنجائش 14 هزار ڪيوسڪ ٿيندي، ان ۾ 15 ڊسمبر کان اڄ تائين هڪڙو ڦڙو پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي. هن سب ڊويزن ۾ آبادگار شگر مل، شاهمراد شگر مل، ديوان شگر مل ۽ لاڙ شگر مل، جن جي سالياني ڪمند جي پيڙهائي اٽڪل 6 ڪروڙ مڻ کان به مٿي آهي، انهن کي هن سال هڪ ڪروڙ 50 لک مڻ کان مٿي ڪمند نه مليو، جنهن جو سبب پاڻي جو نه هئڻ آهي. ياد رهي ته پڃاري واهه حيدرآباد شهر جي وچ مان وهي ٿو، ان ڪري حيدرآباد شهر جا سمورا گٽر پڃاري ۾ کوليا ويا آهن، اهو گٽر جو پاڻي پڃاري تي رهندڙ انسان، جانور، پکي پکڻ ۽ ٻيا ساهه وارا جيت پين ٿا. ان ڪري هزارين انسان، جانور، پکي پکڻ هر سال موت جو شڪار ٿين ٿا.
گل حسن ٻڌائي ٿو ته، ”ڪوٽڙي کان هيٺ درياهه ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سنڌ سرڪار اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن طرفان ڏنل انگن اکرن موجب 16 لک ايڪڙ آباد زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. هاڻي اتي ڪو به فصل پوکي ڪو نه پيو سگهجي. درياهه اندر جر جو پاڻي تار تائين کارو ٿي ويو آهي. چوهڙ جمالي، سجاول، ٻيلو، دڙو ۽ بٺورو تائين نلڪن جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. سجاول سب ڊويزن ۾ ڪاري سائي عام آهي، هر گهر جا تقريبن چار کان 7 ڀاتي انهيءَ مرض ۾ ورتل آهن. سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪاري سائي جو مرض 70 سيڪڙو تائين آهي.“ پڃاري واهه مان ڪل 14 ننڍا وڏا واهه ۽ شاخون نڪرن ٿيون. قادر ڏنو شاهه ريگيوليٽر وٽان 6 شاخون نڪرن ٿيون، وري دڙو ڀرسان دڙو بيراج، محمود واهه، شيخا واهه ۽ گنج بحر نڪرن ٿا. هوڏانهن ڇريٽاڻي وٽان شاخون نڪرن ٿيون. هي فقط پڃاري واهه جون شاخون آهن. گوني واهه مان تقريبن 15 کان 16 ننڍيون وڏيون شاخون نڪرن ٿيون، جن ۾ به هن چيٽ جي موسم ۾ پاڻي اڻ لڀ آهي. هڪ اندازي موجب 5 ايڪڙن کان 50 ايڪڙن تائين جا ننڍا وڏا آبادگار شهري سيٺين جي وياج هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ميرپورخاص ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
ميرپورخاص جي جمڙائو واهه ۾ ڊسمبر ۽ جنوريءَ کان گهربل پاڻي موجود ناهي. جمڙائو ڪئنال جي ايسٽ جمڙائو ۽ ويسٽ جمڙائو ٻنهي جي پوڇڙيءَ تائين پاڻي موجود ناهي. منڍ ۾ به پاڻي موجود ناهي. بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڪي ويو آهي. انبن، ڪيلن ۽ ٻيرن جا باغ سڪي ويا آهن، آبادگارن ۽ هارين جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن. آبادگارن ۽ هارين جو ڀاڻ، کيڙي ۽ زرعي دوائن جو خرچ ٻڏي ويو آهي. ميرپورخاص کان جهڏي تائين پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي، جنهن ۾ وچ جا شهر ٽنڊو جان محمد، ڪوٽ غلام محمد، ڏهون ميل موري، لانڍي، ميرواهه، ڊگهڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي. غلام مصطفيٰ ٻڌائي ٿو ته، ”انهن علائقن ۾ جر جو پاڻي به خراب آهي، مال متاع، پکي پکڻ توڙي انسان وڏي پيماني تي بيمار ٿي رهيا آهن، مال ۾ مينهن، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن ۾کارو ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ سبب موت لامارا ڏيئي رهيو آهي، اسان ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ۽ ميرپورخاص کان نئون ڪوٽ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڏسنداسين ته اسان کي مئل جانورن جا ڪيترائي هڏاوان پڃرا پکڙيل نظر ايندا. انسانن ۾ زهريلي پاڻيءَ جي ڪري هيپاٽائيٽس سي ۽ بي الٽيون، پيچش، ٽائيفائيڊ جون بيماريون عام آهن، ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو بي موت مري رهيا آهن.“ ٻين شهرن جي ڇا صورتحال آهي؟ ايندڙ مضمون ۾ اها بيان ڪئي ويندي.
No comments:
Post a Comment