Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday, 29 April 2011

What International Power is balancing towards oppressed By Rasul Bux Palijo


عالمي طاقت جو توازن مظلومن جي حق ۾ ٿي رهيو آهي؟
اڱارو 13 اپريل 2010ع
جڏهن يورپ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري ڪري سرمايه ڪاري جو نظام اسرڻ لڳو، تڏهن ان کي پير جهلڻ کان اڳ هر ملڪ ۾ ڪيتريون نه شڪستون ۽ تباهيون درپيش آيون. رڳو فرانس ۽ انگلينڊ جي ملڪن جو سرمائي واري منزل ڏانهن ڪيڏو اجهاڳ ٿي پيو. سڀني ٿي چيو ته بابا جاگيرداري/بادشاهي نظام قدرتي نظام آهي، اهو ڊهڻو ئي ڪونهي. فرانس جي فرينچ انقلاب ۽ پوءِ سڄي يورپ جي بادشاهين هٿان تباهي ڏسي مارڪس ۽ اينجلس چيو ته يورپ ۾ جيڪڏهن هڪڙي ملڪ اندر سوشلسٽ انقلاب آيو ته فرانس جهڙي تباهيءَ ۽ بربادي وارو حال ٿيندس، گهٽ ۾ گهٽ ٽن ملڪن فرانس، انگلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ گڏ انقلاب ايندو، تڏهن مس ڪا بچڻ جي اميد ته ٿيندس.
جڏهن 1917ع ۾ يورپ جي سڀ کان پوئتي پيل اڪيلي سرمايه دار ملڪ روس ۾ انقلاب آندو ويو ته ڪنهن کي خاطري هئي ته اهو هڪڙو مهينو به جٽاءُ ڪندو، پر اهو پوري مني صدي قائم رهيو ۽ سڄي دنيا کي اهڙو بدلائي ڇڏيائين جو ان داستان کي لکڻ لاءِ ڪتاب گهرجن. 1917ع ۾ جڏهن اهو انقلاب برپا ٿيو، ڏهن سندس ويري آمريڪي يورپي سرمايه دار نظام 5-6 سئو سالن جي عمر کي رسي پاڙون پاتال تائين هڻيو سڄي جهان مٿان قابض ٿيو ويٺو هو. نئين ڪمسن ۽ ڪچڙي سوشلسٽ انقلاب جون پاڙون پٽڻ لاءِ هنن گهاگهه سياستبازن ڇا ڇا نه ڪيو؟ چرچل چيو هو ته، سندس انقلاب کي ڌڪار جو ڦاهو ڏيئي ماريو، ڇا ڇا نه ڪيائون. 1990ع ۾ جڏهن هزارين سازشون، تباهيون ۽ برباديون ڪتب آڻي روسي انقلاب جو تختو اونڌو ڪيائون ته مڙس ڪپڙن ۾ ئي نه پيا ماپن. سندن ٻولڙي اقتصادي فوڪويان فتويٰ ڏني ته هاڻي دنيا ۾ ڪو به سماجي انقلاب اچي ئي نٿو سگهي، سرمايه داري قيامت تائين قائم رهڻي آهي. اها ئي انسان ذات جو مقدر آهي. آمريڪا فيصلو ڪيو ته هاڻ روس جي ڪري جيڪي چين، هندستان ۽ ٻيا سڄي دنيا جا ملڪ مغربي سامراج کان پاڻ ڇڏائي ويا آهن، تن کي وري ماري مڃائي مغرب جي پيرن جي خاڪ بنايو. ڇا جو بين الاقوامي قانون، ڇا جي اقوام متحده، ڇا جي برابري، ڇا جا انساني، قومي ۽ ملڪي حق؟ بس جيسين دنيا وري فتح نه ڪئي اٿئون، تيسين سک جو ساهه نه کڻنداسون. ان ۾ ڀلي سئو سال لڳي وڃن ته به پرواهه ڪانهي. ”آمريڪا جي فوج جي هڪڙي گروهه ۽ سندن هم خيالن ماٺ مٺيءَ ۾ ”ڊگهي جنگ“ جو نظريو پيش ڪيو، جيڪا 50 کان 80 سال هلندي.“ ان نظريي جي هڪڙي علمبردار چيو آهي. عراق، افغانستان ۽ پاڪستان جون لڙايون وڏي جنگ جي دوران ننڍڙيون لڙايون آهن، ان وچ ۾ 80 سالن اندر 20 دفعا صدر چونڊجي چڪا هوندا، جن ۾ اهي ووٽر به ووٽ ڪندا، جيڪي اڃا ڄاوا ئي ڪو نه هوندا. ڊگهي جنگ جو فقرو پهريون ڀيرو 2004ع ۾ آمريڪي مرڪزي ڪمان جي سربراهه جنرل جان پي ابي زيڊ ڪتب آندو ۽ آمريڪي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي رٽائر ٿيندڙ سربراهه رچرڊ  بي ميئرس ان کي دهرايو. 2006ع واري صدارتي پيغام ۾ صدر جارج بش چيو ته، ”اسان جو نسل دشمنن جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي رهيو آهي.“ (Tom Hayden ڊيلي ٽائيمس 29 مارچ 2010ع).
ڪنهن سياسي ڏاهي چيو آهي ته آمريڪي حڪومت اهڙيون ئي سنگين غلطيون ڪري ٿي، جهڙيون ٻيا ملڪ ڪن ٿا، پر آمريڪا انهن غلطين کي جيترو جلد درست ڪري سگهي ٿي، اوترو ٻيا ملڪ نٿا ڪن. ڇو ته آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي حڪمران طبقي تي تنقيد ڪرڻ جا ۽ حڪمران طبقا اها تنقيد ٻڌڻ، ان تي ويچارڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پاليسي ۾ گهربل درستيون ڪرڻ جي لياقت ۽ پهچ رکن ٿا. مغربي سرمايه دار دنيا ۾ پنهنجي پتيءَ جون خوبيون ۽ خرابيون آهن. اها نه ڪي رڳو دانائن ۽ ملائڪن جي دنيا آهن ۽ نه وري رڳو ضدي شيطانن جي دنيا آهي. آمريڪي سماج ڪيترين ئي ڳالهين ۾ دنيا ۾ نيڪي ۽ انسانيت جي مفادن جي خدمت ڪندو رهيو آهي، ان ڪري ان جو سڀ طرفو مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ غلاميءَ جا علمبردار به رهيا آهن ۽ ان جا دلير ۽ بي باڪ مخالف به رهيا آهن. ان ۾ ابراهام لنڪن جهڙا سياستدان ۽ والٽ وٽمئن جهڙا انقلابي عوام دوست شاعر به رهيا آهن. جيڪڏهن آمريڪي سياست تي بيرحم ۽ سفاڪ اسرائيل ۽ ارب پتي يهودي ڇانيل آهن ته ان ۾ خود اسرائيل اندر حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان لاءِ سزائون براشت ڪرڻ لاءِ به موجود آهن ۽ انهن جو آواز آهستي آهستي رجعت پرستن ۽ انسانيت دشمنن جي آواز تي حاوي ٿيندو وڃي. آمريڪا جي پروپيگنڊا مشينري تي رجعت پرست ۽ سرمايه دار ڇانيل آهن، پر ٻيا آواز به اٿندا رهن ٿا. اڄڪلهه انٽرنيٽ جي رواج کانپوءِ عوامي پاسو تيزيءَ سان زور ٿي رهيو آهي. آمريڪا جو حڪمران ٽولو ۽ خاص ڪري فوجي ٽولو هينئر رڳو سوويت يونين کي ڏنل شڪست جي مڳيءَ ۾ مست رهجي ڪو نه  ويو آهي ۽ رڳو انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيو ڪو نه بيٺو آهي، پر ڏسجي پيو ته سوچڻ به شروع ڪيو اٿس. هو ڏسي پيو ته آمريڪا کي عراق ۽ افغانستان ۾ ڪوريا کان وڏي شڪست ملي چڪي آهي. سندس فوجون جيڪڏهن پاڪستان جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيون ته سندن حشر ڪهڙو ٿيندو، سو معلوم ڪرڻ ڏکيو ڪونهي. جپان، ترڪي، ٿائلينڊ ۽ ٻيا اتحادي پويان پير پيا ڪن. جيتريون لڙايون آمريڪا لڙي سگهي ٿو، اوترين لاءِ وٽس خرچ پکو ڪونهي. سندس حال مغل شهنشاهه اورنگزيب جهڙو ٿي ويو آهي. بهادر فوج ته آهي، پر پريان واسطو مرهٽن ۽ سکن سان آهي، جن کي ڏهه دفعا شڪست ٿي ڏجي ته به جان ڪو نه ٿا ڇڏين، هوڏانهن وري خزاني ۾ دم ڪونهي. ڊيوڊ ايڪسلراڊ David Axel rod اسرائيل کي ياد ڏياريو ته آمريڪا جي سلامتيءَ واسطي لازمي آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي ويڙهه ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته ان جهيڙي کي ختم ڪرڻ نه رڳو اسرائيل ۽ فلسطين جي عوام جي سلامتيءَ لاءِ لازمي آهي، پر اهو خود اسان آمريڪين جي سلامتيءَ لاءِ به ضروري آهي.
ٻئي طرف آمريڪا اقتصادي گهوٽالي ۾ ڦاٿل آهي. غربت وڌي رهي آهي، بيروزگاري، قرض ۽ رياستن توڙي فيڊريشن جون کوٽون وڃن روز وڌنديون. ڪن رياستن ۾ پبلڪ اسڪول بند پيا ٿين، اسپتالون گهٽايون پيون وڃن، يونيورسٽيون فيون وڌائن پيون وڃن. انهن رياستن ۾ سرڪاري بلڊگون وڪرو پيون ٿين. ڪجهه ڏينهن اڳي آمريڪا جي وائيس  پريزيڊنٽ Joe bidden اسرائيلي وزير اعظم نيتان ياهو کي چيو ته، توهان جيڪي فلسطين ۾ ڪريو پيا، سا ڳالهه اسان جي عراق، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ وڙهندڙ سپاهين جون زندگيون خطري ۾ پئي وجهي. هڪڙي رٽائرڊ آمريڪي سفارتڪار چيو لڳي ٿو ته راند جا قاعدا ۽ قانون تبديل پيا ٿين. هوڏانهن ايران، حماس ۽ لبنان وارا مجاهد لوهه لڳا بيٺا آهن. صدر عباس تان اسرائيل اڳڙي لاهي ڇڏي آهي ته ان اسان کي چيو ته حماس کي تباهه ڪري وٺو. عرب ليگ باوجود ڪمزوريءَ جي ڪجهه خنڪي پئي ڏيکاري. لڳي ٿو ته علائقائي طاقت جو توازن مظلومن لاءِ بهتر پيو ٿئي. آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي قسمتن جو فيصلو اسرائيلين ۽ يهودي ارب پتين جي هٿ ۾ ڏسي ڏسي بيزار ٿي پيا آهن. وڏي ڳالهه ته خود اسرائيل جا سمجهدار ماڻهو سمجهي ويا آهن ته حالتن ۾ وڏو ڦيرو پيو اچي.

No comments:

Post a Comment