Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

U.S's World Dirty Plans By Rasul Bux Palijo

 
آمريڪا دنيا سان ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟
سومر 5 اپريل 2010ع
خيرن سان آمريڪي سامراجي دادلي عراقي وزيراعظم نوري المالڪي لاءِ به ڏهاڳ جو ڏينهن اچي ويو!
خبر رسان ايجنسي (اي ايف پي) جو اطلاع آهي ته 28 مارچ يعني آچر ڏينهن تي عالمي پريس اڳيان دانهون ڪندي پنهنجي قوم جي هن قاتل ۽ وطن دشمن خونخوار ڊڪٽيٽر چيو آهي ته مون سان چونڊن ۾ زبردست دوکو ٿيو آهي، اقوام متحده وٽ فرياد ڪري ڪري ٿڪو آهيان ڪا ڳالهه نٿا ٻڌن.
ڪا به ڌانڌلي ڪا نه ٿي آهي!
هوڏانهن ساڳي خبر رسان ايجنسيءَ 30 مارچ تي واشنگٽن کان اطلاع ڏنو آهي ته آمريڪا جي عراق واري سفير هڪ ڀيرو وري چيو آهي ته عراق ۾ 7 مارچ تي ٿيل عام چونڊون بلڪل صحيح ۽ درست هيون ۽ انهن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿي آهي. هن چيو ته مالڪيءَ خاطري ڏياري آهي ته هو قانون جي دائري اندر رهندو. هن وڌيڪ چيو ته عراق جا ماڻهو به چاهين ٿا ته سمورا عراقي سياستدان قانون جي دائري ۾ ئي رهن.
سڌري وڃ!
سفارتي ٻوليءَ ۾ ڏنل هن ظاهري طور عام رواجي بيان ۾ آمريڪا طرفان جناب مالڪي صاحب کي جيڪو پيغام ڏنل آهي، تنهن جو سولي سنڌيءَ ۾ جيڪو مطلب ٿئي ٿو سو هي آهي ته، ”سڌري وڃ! چونڊن ۾ ڌانڌليءَ بابت ڦشري بند ڪر! نه ته تون پاڻ سمجهين ٿو...!“
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾
دهلين، دمامين، نقرين ٿي پلپل پڇياس
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾ (شاهه)
وزير اعظم مالڪي صاحب پريس  وارن کي اهو ڪو نه ٻڌايو ته آمريڪي سامراج جي ”بليجان!“ ”بليجان!“ ۽ هشيءَ تي مست ٿي، مڳيءَ ۾ اچي هن پنهنجي اباڻي وطن عراق جي مظلوم عوام سان سالن جا سال ڪهڙيون ڪربلائون ڪيون ۽ ڪرايون، ڪهڙيءَ بيدرديءَ سان سندن ٻچا ڪهايا، گهر ۽ خاندان برباد ڪيا، رت جون نديون وهايون، سندن قومي وجود جون پاڙون پٽيون ۽ کين ڇورو ڇنو ۽ يتيم ٻارن جو هجوم بنائي کين ڏينهن رات رت رئاڙيو.
ياد رهي ته عراق اهو ئي ملڪ آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان اوائلي تهذيب ۽ تمدن جو مالڪ ملڪ هو، جيڪو سميري اسيريائي، بابلي تهذيبن جو گهر هو، جنهن دنيا کي ان وقت سڀ کان اڻلڀ تهذيبي فن يعني لکڻ جي فن جو تحفو ڏنو، جنهن ان کي همورابي قانون جي صورت ۾ پهريان قانون ڏنا، جنهن اڳتي هلي مغرب جي سڀ کان وڏي ثقافتي حاصلات يعني يوناني فلسفي ۽ سائنس کي (جڏهن اهي مغرب مان عيسائي مذهبي جنونين هٿان تڙجي نڪتا هئا) تن کي پنهنجي هاڪاري جڳ مشهور شهر بغداد، خليفي منصور عباسي جي اڏايل بغداد ۽ هارون الرشيد ۽ الف ليليٰ جي ڪهاڻين واري بغداد ۾ دارالحڪومت ٺهرائي، ان ۾ انهن جا عربي ترجما ڪرائي محفوظ رکيو ۽ دنيا ۾ پکيڙيو ۽ مسلمانن ان علم، فلسفي ۽ سائنس سان پاڻ کي به هٿياربند ڪيو ۽ ان کي چار چنڊ لڳائي واپس ان دور جي نسبتن پوئتي پيل يورپي ملڪن کي تحفي طور ڏنو، ان بغداد مٿان جڏهن 1258ع ۾ هلاڪو جي وحشي منگول ڪَٽڪن قهري قيامت ڪڙڪائي هئي، تڏهن فارسي جي شاعر آسمان ڏانهن منهن ڪري ٻاڪاريو هو:
آسمارا حق بود گر خود ببارد بر زمين
بر زوالِ ملڪ مستعصم امير المومنين
(آسمان تي فرض آهي ته امير المومنين مستعصم جي ملڪ جي برباديءَ تي پاڻيءَ جي برسات بدران رت جي ڳوڙهن جي برسات وسائي!)
منگول قيامت:
ان بغداد تي ان منگول قيامت جي زماني کان ساڍا ست سئو سال پوءِ 21 صديءَ جي شروعات ۾ آمريڪي وحشي ڪَٽڪن پنهنجي سر توڙي پنهنجن نوري المالڪي جهڙن قوم جي قاتلن هٿان سالن جا سال، روزانو اٺ ئي پهر جيڪا تباهي ۽ بربادي آندي، انهن ان عراق جي ڪروڙين انسانن جو رت نپوڙي انساني تاريخ جي وحشانيت ۽ بربريت ۽ درندگيءَ جي تاريخ جا شايد سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
شايد عراقي وزير اعظم صاحب کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ويٺي آهي ته سامراج کي کانئس جيڪو  ڪم وٺڻو هو، سو وٺي ڇڏيائين، هاڻي کيس هن پارن ڪرائي جي قاتلن جي وڌيڪ گهرج ڪانهي ۽ نه وري سندس سڄڻن کيس سمجهايو ته هاڻ مٿو پٽڻ، دانهون ڪرڻ ۽ ٻاڪارڻ مان ڪجهه به ڪو نه ورندو.
چئي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ مَ تون
ايءُ ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نڪا مون نه تون
روئنديون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون. (شاهه)
رڳو اگهاڙي وحشي قوت ڪافي ناهي:
دنيا جي ننڍڙن، وڏن ۽ توڙي فيل مست عوام دشمنن ۽ انسانيت جي ويري قوتن کي ڄڻ ته روز ازل کان وٺي اها خبر آهي ته دنيا جي ڪروڙين اربين مظلوم ماڻهن کي هميشه لاءِ بيوس ۽ غلام رکي کين ڦرڻ لٽڻ لاءِ سکڻي اگهاڙي وحشي قوت، ڏاڍ ۽ دهشت ڪافي ناهن، کين خبر آهي ته جيستائين ماڻهن کي طرح طرح جي روز بدلجندڙ نت نين غلط فهمين، گمراهين، خوشفهمين، تعصبن، ساڙن ۽ دشمنين ۾ مبتلا نه رکبو، تيستائين کين پنهنجو هميشه لاءِ ٻڌو ٻانهو ڪري رکي ڪو نه سگهبو.
عراق جي عوام جي اڪثريت شيعن جي آهي، پر گهڻي وقت کان مٿن حڪومت سني حاڪم ڪندا رهيا آهن. آمريڪي حملي آورن ۽ قبضا گيرن عراق تي حملو ۽ قبضو ڪرڻ شرط شيعن سکَرَن کي چيو ته هڪدم اٿي کڙا ٿيو ۽ مها شيعا بنجي سنين کان صدين جا حساب ڪتاب وٺو ۽ وير پاڙيو، نوري المالڪي جهڙا هڪدم هٿراڌا مها شيعا بنجي اٿي کڙا ٿيا ۽ سڀ حساب چڪتو ڪرڻ لڳا، مڙس ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن.
پر هاڻ آمريڪا کي شيعن جي غلبي جي وڌيڪ ضرورت ڪانهي، ڇو ته هو هاڻ نٿا چاهين ته سامراج مخالف ايران جي شيعن حڪمرانن جي طاقت ۾ واڌارو ٿئي، هاڻ هو ايران تي حملا ڪرڻ جا سانباها پيا ڪن، تنهن ڪري هاڻ کين شيعو عراق نه پر سني عراق گهرجي، ان ڪري هو ڄڻ رات وچ ۾ سني اسلام جا حمايتي ۽ علمبردار بنجي ويا آهن، هو اسرائيل سان گڏ سني مسلمان حڪومتن کي به ايران مٿان ڪڙڪائڻ گهرن ٿا.
ان ڪري نوري المالڪي جهڙن کي ڪڍي عياد علوي جهڙن هٿراڌن نرم ۽ وچٿرن ۾ هوا ڀري کين عراق جو مالڪ بنائي آمريڪا جي ايجنٽ مسلمان حڪومتن سان ملائي، اسرائيل کي ٿڌو ۽ معقول بنائڻ جا ڊراما ڪرائي ايران کي تباهه برباد ڪرائڻ جو بندوبست ڪرڻ چاهين ٿا.
پهريان مينهن، پويان مينهن:
وارا ڄمارا آهن، چوندا آهن ته ڪن کي پهريان مينهن ڍئين، ڪن کي پويان، اڄ جيڪو آفريڪا کنڊ سڄي دنيا ۾ وڌيڪ اونداهو ۽ برن حالن ۾ آهي، اهو ڪنهن زماني ۾ دنيا جو پهريون نمبر کنڊ هو. انسان، انسان انهيءَ کنڊ ۾ بنيو، اتان ئي ٻين علائقن ۽ کنڊن ۾ پکڙيو، پوءِ وارو آيو ايشيا کنڊ جو، جتي دنيا جون پهريون تهذيبون (مصري، عراقي، موهن جو دڙو، چيني وغيره) پهريان مذهب پهريون شهنشاهتون (ايراني، مصري وغيره) قائم ٿيون، پوءِ وارو آيو يورپ ۽ آمريڪا جي کنڊ جو، اڄڪلهه آمريڪا وارن جي اڃا به بلي بلي آهي، البته وچ ۾ دور آيو عربن ۽ ٻين مسلمانن جو، جن اموي، عباسي، مغل، ترڪ وغيره وغيره سلطنتون برپا ڪيون. وڏي ڳالهه ته يوناني روشن خيالي ۽ سائنس جو ٻيو جنم يورپ ۾ نه پر بغداد ۽ ايران وغيره ۾ آيو، جتان اسپين ۽ يورپ ۾ پکڙيو، آخري زبردست پر نهايت قدامت پرست ۽ مطلق العنان مسلم شهنشاهيت عثماني ترڪيءَ جي هئي، جيڪا صدين جون صديون اوڀر يورپ ۽ وچ مشرق تي ڇانيل هئي، آخر سڄي يورپ جي حڪومتن هم صلاح ٿي، گڏجي هڪڙي طرف پاڻ سڌي طرح فوجي حملن ذريعي ته ٻئي طرف ترڪن جي زيردست عربن جون ڪوڙيون همدرد بنجي انهن کي بدنام برطانوي دهشتگرد لارنس آف عربيا جي اڳواڻي هيٺ ڀڙڪائي، کائنس ترڪن خلاف بغاوتون ڪرائي، ترڪي سلطنتن کي وڪوڙي ڇڏيو. لارنس جي فرمانبردارن انعام ۾ سامراج پرست بادشاهتون حاصل ڪيون، تان جو پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ويو. مصطفيٰ ڪمال وارن ان جو مس مس ڪو ٽڪر بچائي ورتو. هن وقت وري ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي پئسفڪ تائين نالي ماتر آزاد مسلمان ملڪ آهن، پر انهن تي سامراج هڪڙي پاسي جاهل ۽ جنوني ٻئي پاسي غدار ۽ وطن فروش سامراج جي چمچن قبائليت ۽ جاگيرداريءَ جو قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي، ٽئين پاسي انهن سڀني جي پٺ ۾ ”مظلوم اعظم“ اسرائيل جو خنجر کپائي ڇڏيو ويو آهي، جيڪو سڀني جي ڪنڌ تي چڙهي ويٺو آهي.
اسرائيل جي ڪل آبادي 75 لک آهي، جنهن ۾ 26 سيڪڙو (14 لک) اسرائيلي عرب آهن، باقي 61 لک اسرائيلي آهن، انهن مان به 20 سيڪڙو اسرائيلي، اسرائيلي شهريت ته وٺي چڪا آهن، پر ان ۾ رهن ڪو نه ٿا، سندن تعداد اٽڪل 20 سيڪڙو آهي. (Max-Hastings ڊيلي ٽائيمس، 29 مارچ 2010). مطلب ڳالهه جو ته اسرائيل ۾ اسرائيلي ڇڪي تاڻي اڌ ڪروڙ کن ٿيندا، جن آمريڪا ۽ يورپي سامراج جي هشيءَ تي سڄي دنيا مٿي تي کڻي ڇڏي آهي.
اسرائيل عراق ۽ شام جا ائٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيا:
1981ع ۾ اسرائيل عراق جو ڪو سيرڪَ وارو ائٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو ۽ 2007ع ۾ شام جو ائٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو. (ڊيوڊ اي سنگر روزانه نيشن 29 مارچ 2010)
”آمريڪا هر سال اسرائيل کي ٽي بلين ڊالر موڪلي ٿو ۽ ٻيءَ طرف جون مددون ڏي ٿو. اسرائيل آمريڪي مدد جي ڪري اقتصادي، ٽيڪنالاجيڪل ۽ فوجي راڪاس بنجي پيو آهي. آمريڪا جي ”نسدق“ NASDAQ ايڪسچيج تي سڀ کان وڌيڪ ڪمپنيون اسرائيل جون داخل آهن ۽ اهي جپان، ڪوريا، هندستان ۽ چين کان تعداد ۾ وڌيڪ آهن. اسرائيل دنيا جي پنجون نمبر طاقتور فوجي قوت آهي، اسرائيل کي آمريڪا جون سڀ کان جديد هٿيارن جون ٽيڪنالاجيون مليل آهن، جنهن ڪري اهو دنيا جو هڪڙو جبرو هٿيارن جو واپاري بنجي پيو آهي.
گذريل 5 سالن ۾ اسرائيل جي في ماڻهوءَ جي آمدني يورپ جي گهڻن ملڪن جي ماڻهن جي آمدني کان وڌيڪ آهي. (ڊيلي ٽائيمس 25 مارچ 2010 ص: A8).
اخبار ڊان (ص 12) 29 مارچ 2010ع تي لکيو ته؛ ”اسرائيل جي هڪڙي سينيئر وزير آچر جي ڏينهن چيو ته، حماس سان ويڙهه ۾ اسان جا ٻه اسرائيلي سپاهي مارجي ويا آهن، حماس کي اسرائيل ختم ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته اسان ان بابت ڪو ٽائيم ٽيبل نٿا ڏئي سگهون“. ياد رهي تازي غزه تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ 13 اسرائيلي سپاهي ۽ 1400 بي هٿيار فلسطيني مرد عورتون ۽ ٻار قتل ڪيا ويا، غزه ۾ پاڙن جا پاڙا ڊاهي ميدان ڪيا ويا، هزارين فلسطيني بي گهر بنايا ويا. هڪ پاسي اسرائيل جون فلسطين خلاف وحشي درندن واريون ڪارروايون ڪن زمانن کان هلندڙ آهن ته ٻئي پاسي مسلمان ملڪن جي سامراج پرست حڪومتن جون مجرمانه خاموشيون، نه رڳو انڊونيشيا، پاڪستان، بنگلاديش ۽ ملائيشيا چپ آهن، پر سعودي عرب، مصر، اردن، گلف جون رياستون وغيره وغيره ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين پکڙيل مسلمان حڪومتن زبانون سبيل آهن.
فقط ترڪي جيڪا هنن کان اڳ ۾ آمريڪا جي ٻانهن ٻڌي غلام هئي ۽ مسلمانيءَ جي نالي مان بيزار هئي، ايتري قدر جو ترڪي جي وزيراعظم جي زال مٿي تي پوتيءَ جو پلاند رکندي هئي ته به ترڪيءَ جي فوج، سندس عدالتون ۽ سندس پريس سيڪيولر غيرت ۾ اچي زمين آسمان هڪ ڪري ڏينديون هيون، تنهنجي وزيراعظم طيب اردگان پهريون دفعو اسرائيلي وزيراعظم کي فلسطين مٿان وحشي ظلم ڪرڻ تي زبردست ڇنڊ ڪڍي، تازو ان چيو آهي ته ڇا مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ ڪو اهڙو آهي، جيڪو ايٽمي هٿيارن پنوهارن جو مالڪ هجي؟ (يعني اسرائيل) ته پوءِ ايران ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ان تي وٺ وٺان لڳي وئي آهي، ان کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن؟
ڊيلي ٽائيمس 30 مارچ 2010 ص 9 تي لکيو آهي ته، ”آمريڪا جي ڪانگريس (جيڪا اسرائيل ۽ يهودي ارب پتين جي ڄڻ ته روز ازل کان ٻڌي ٻانهي آهي، ان ترڪيءَ کي ان گستاخيءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ هڪڙو ٺاهه پاس ڪري ترڪيءَ تي الزام هنيو آهي ته هن پهرين جنگ عظيم ۾ ارمينيا جيڪا سندس سلطنت جي حدن ۾ داخل هئي، تنهن ۾ ارمينيائي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي هئي! ان جي کيس هينئر ئي سزا ملڻ گهرجي“. مطلب ته ”مئا پر پٽجن پيا هيل! دنيا جي هيترن سارن مسلمان ملڪن جي سامراج جي ڇاڙتن اڳڙي جي گڏن نام نهاد حاڪمن مان ڪنهن ۾ به جرئت ڪا نه ٿي ڏسجي جو کڻي آمريڪي ڪانگريس کان پڇي ته، ”اوهان جي مغربي حڪومتن روس جي پورهيتن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ سازش ڪري، ٻي جنگ عظيم جو آڙاهه ٻارائي سڄي دنيا جا جيڪي ڪروڙين انسان مارائي، ساڙائي، رک ڪرائي ڇڏيا ۽ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ ۾ هڪڙي رات ۾ لکين جپاني مرد عورتون ۽ ابهم ٻار ائٽمي جهنم جي حوالي ڪري ڇڏيا، تن جي آمريڪا ۽ يورپ کي ڪيتري ۽ ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي ۽ ان لاءِ اوهان آمريڪي ڪانگريس وارا انصاف جا ابا ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيا آهيو؟“.
ٻئي طرف روس جيڪو اڳي ايران تي سخت پابنديون مڙهڻ جو مخالف هو، تنهن کي به آمريڪا ڦيرائي ويو آهي ۽ هو ايران خلاف پابنديون لڳائڻ جي حد تائين کڙو ٿي ويو آهي. هاڻي وڏين ويٽو پاور جي مالڪ طاقتن مان اڪيلو چين وڃي بچيو آهي، جيڪو اڃا تائين ته چوي پيو ته پابندين واري سياست غلط آهي، سڀ معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ کپن.
تازو عرب ليگ جي ميٽنگ ٿي آهي، جنهن ۾ اسرائيل خلاف ۽ فلسطين ۽ ايران جي فائدي ۾ موقف انتهائي ڍلو ڍلو ۽ ڪنهن نه ڪم جو اختيار ڪيو ويو آهي. فلسطين جي حماس ان جي سختيءَ سان مذمت ڪئي آهي. آمريڪا جي حد درجي جي ڪوشش اها آهي ته فلسطين بابت مڙيئي ڪو ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو نالي ماتر ٺاهه ڪرائي، دنيا کي ٻڌائجي ته فلسطين جو مسئلو حل ٿي ويو. هاڻي عربن ۽ مسلمان دنيا کي اسرائيل مان نه پر ايران مان خطرو آهي! تنهن ڪري سڀ ان تي ڪڙڪي پئو! اڪثر عرب ۽ ٻيا مسلم دنيا جا حاڪم سڳورا آمريڪا جي هر فرمان لاءِ باادب با ملاحظه تيار ٿيا ويٺا آهن، هوڏانهن هن جي حڪم ڏيڻ جي دير آهي ته هيڏانهن هي ”ايران مان خطرو!“ ”ايران مان خطرو!“ جي واويلا مچائي ايران کي ورائي ويندا ۽ اهو جيڪو اڪيلو مسلمان ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي قومي خودمختياري ۽ قومي حقن جي حفاظت لاءِ سامراج اڳيان سر تريءَ تي رکي ميدان ۾ ويٺو آهي. تنهنجي موجوده ثابت قدم، خودمختيار ۽ سرفروش حڪومت کي ڊاهي اتي پاڻ جهڙو ڀاڙ جو تنبو ٽولو حاڪم بنارائي ويهارائي، آمريڪا وٽ سرخرو ٿي شاباسون  انعام ڪرام حاصل ڪرڻ ۾ جنبي ويندا.

No comments:

Post a Comment