هاڻوڪا چونڊيل نمائيندا قوم لاءِ ڇا ڪري سگهندا؟
سومر 25 فيبروري 2008ع
خيرن سان چونڊون ٿي گذريون آهن. چوندا آهن ته جيڪي ڪُني ۾ هوندو اهو پاٽ ۾ پوندو. جهڙو هوندو سماجي اقتصادي نظام اهڙيون ٿينديون چونڊون ۽ اهڙا ٿيندا چونڊيل نمائندا. قبائلي سماجي اقتصادي نظام ۾ قبائلي سردار، جاگيردار زميندار نظام ۾ جاگيردار، زميندار ۽ سرمايه دار سماجي اقتصادي نظام ۾ سرمائيدار نمائندا ئي چونڊجي سگهندا.
جنهن ملڪ جا ماڻهو غريب، اڻ پڙهيل، ٻچن جي گذر ۾ تنگ، پوليس، ڌاڙيلن، دهشتگردن، راڄن، قبيلن، ڪوٽن ۽ ٿاڻن جي مالڪ پيرن، ميرن، ڀوتارن، سردارن ۽ نوابن جي پيرن جون جتيون ڪري ليکجندا هجن، پوليس، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي خوف ۾ مبتلا هجن، جن مٿان ڪوڙن ڪيسن، ڪارو ڪاريءَ جي الزامن جي خوفن جون تلوارون لٽڪيل هجن، جن جي نسلن جا نسل ڦورو ۽ ظالم، منافق ۽ مڪار طبقن جي دڙڪن ۽ داٻن، داداگيرين ۽ رهزنين ۽ سندن ڪوڙن آسرن، ڏٽن ۽ سبز باغن ۽ ڪوڙين ڊاڙن ٺڪائن جا رڻ پٽ جهاڳيندي، سهم سهندي، عذاب ڀوڳيندي ڳري کپي ويا هجن، انهن کي ڪهڙي خبر صحيح چونڊ جي؟ ڪهڙو اختيار جو چوي فلاڻو ڀوتار نه کپي؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته جمهوريت حقيقت ۾ ڪهڙي بلا جو نالو هوندو آهي، جمهوري نظامن ۾ چونڊيندڙن جا چونڊيلن تي ڪهڙا حق هوندا آهن؟ چونڊيلن جا ڪهڙا اخلاقي ۽ قانوني فرض هوندا آهن. ٻئي طرف قدرتي ڳالهه آهي ته جن طبقن جي سموري دولت، طاقت، حشمت، رعب تاب ۽ هستيءَ جو دارومدار ئي ان ڳالهه تي آهي ته غريب ۽ نڌڻڪو عوام سندن اڳيان اهڙو ته هيڻو ۽ بي واهه هجي جو پاڻ ساڻن جيڪا به هلت، جيڪا به ڦرلٽ ۽ ڏاڍ مڙسي ڪن، سا کين ڦٻي وڃي ۽ هو ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي سگهن، سي چريا ٿيا آهن ڇا جو چاهيندا ته انهن اڻ ڄاڻن، بي سمجهن، بي وسن ۽ نڌڻڪن جي ڪا اهڙي واهه نڪري پئي، جو هو پنهنجي پيرن تي پاڻ ڀرا ٿي بيهي رهن، پنهنجيءَ وارا ٿي پون، ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ضرورت نه پوين. جيڪو ساڻن ڏاڍائي ڪري تنهن کي سبق سيکاري سگهن؟ چوندا آهن ته جي گهوڙو گاهه تي قياس کائي ته پوءِ کائيندو ڇا؟
دراصل ٻه صديون اڳ هڪڙي انگريز مدبر چئي ڇڏيو هو ته قبائلي جاگيردار سماجن ۾ چونڊن جو مطلب ٿيو قبائلي جاگيردار طبقن جي عوام خلاف ٿيندڙ رهزني ۽ دهشتگرديءَ مٿان جمهوريت جو بخملي چوغو وجهي انهن جي ڀيانڪ اصليت کي لڪائي کين خوبصورت ۽ چمڪندڙ بنائي ڇڏڻ. سنڌ کي صوبائي خودمختياري 1937ع ڌاري حاصل ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وارن ڏهن سالن کي ڇڏي پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي جيڪي 60 سال گذريا آهن تن ۾ گهڻي ۾ گهڻا سرڪاري ڪم ۽ ڌنڌا سنڌي عوام خلاف ٿيا آهن ۽ انهن مان گهڻا سنڌ دشمن ڪم ۽ ڌنڌا يا ته سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي ڀرپور پٺڀرائيءَ سان ٿيا آهن، يا اهي انهن بابت مجرمانه طور لاتعلق، خاموش، اڻڄاڻ بڻجي پئي رهيا آهن. سنڌي چونڊيل نمائندن جي ڪڏهن ڪنهن سنڌ دشمن حڪومتي رٿا، قانون يا ڪارروائي جي مخالفت ڪئي هوندي ته به ”هٿ هلڪو“ رکيو هوندائون. ”ساڌن سان سنمک، پئنچن سان پورا“ واري ڳالهه وانگر مڙيئي رڪارڊ جي پورائي ڪئي هوندائون. مرڻ جيئڻ جو مسئلو بنائي ٽيهن نسن جو زور ورلي لڳايو هوندائون.
اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته سنڌ جي وڏي اڪثريت وارن چونڊيل نمائندن جي اڪثريت جي موجودگيءَ ۾ ۽ ڪنهن حد تائين سندن ڀرپور ساٿ سان متحده وارن سنڌ اسيمبليءَ مٿان اهي فيصلا مڙهي ڇڏيا ته ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ جي ڪنهن به ٻئي ضلعي جا سنڌي ڪراچيءَ ۾ نه پڙهي سگهندا، نه نوڪريون وٺي سگهندا. سندن اکين اڳيان ڪراچيءَ جون سنڌي وسنديون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. جيڪي نام نهاد مخالفت ۾ هئا ۽ جيڪي مٺين مٺين ڳالهين سان سنڌ جي اٻوجهه ۽ ويساهه وسوڙيل ماڻهن کي موهيو ويٺا هئا ۽ جن جي لاءِ اهو رڳو زبان جو خرچ هو ته سندن سڏ تي سڄي سنڌ ۾ هٽ تاڙ ۽ روڊ بلاڪ ٿي وڃن ها ۽ حڪومت جون اکيون ڦاٽي پون ها، تن ڇا رڳو کڻي وات سان احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ اهڙو عمل ڪندڙن کي ناڪام ۽ شرمسار ڪيو؟ نه. ڪجهه ڪرڻو ئي ڪو نه هو، سو ڇو ڪجي؟ هنن ڀوتارن جا ڪم ٿيا پئي. عام غريب سنڌين لاءِ مٿي ۾ سور ڇو وجهجي؟ چوندا آهن ته ”گندئين کير ڏئي ته مينهن ڌارڻ جو ڪهڙو ضرور؟“ پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي لکين ايڪڙ سرڪاري زمين ڌاريا کڻي ويا. ٻي لکين ايڪڙ هينئر کڻي ويا. ڇا اها زمين 60 سالن ۾ چونڊيل نمائندن سنڌي بي زمين هارين کي مفت يا رعايتي اگهن تي ڏني؟ رڳو گهرن ٺاهڻ لاءِ پٽ ۽ معمولي قرض ڏنائون؟ نام نهاد ضلعي گورنمنٽون ٺهيون. ڪراچيءَ جا ٽي ضلعا يڪا گڏ. باقي سنڌ جي هڪڙي هڪڙي ضلعي جا پنهنجي مرضيءَ مطابق ٽي ٽي چار چار ٽڪر ڪري ڇڏيائون. ذري گهٽ سڄي سنڌ انهن جي ذاتي ملڪيت ۽ سنڌ پوليس سندن ڪمدار بڻجي ويئي! جنهن کي وڻين تنهن کي هڻي ليٽائي رکن، ڪاٺ ۾ وجهن يا مورڳو سندس کل لاهي ٻورين ۾ بند ڪري ڳوٺ موڪلي ڇڏين. زبردست اڪثريت هوندي، سنڌي چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه سُري. منهن ٻئي پاسي ڪري مزي سان سنڌ مٿان قهر ڪرڻ جي انهن کي ڄن ته اجازت ڏئي ڇڏيائون.
هڪڙي گهري ۽ ڊگهي سازش جي نتيجي ۾ سنڌي تعليم تباهه آهي. تعليمي ادارا پُرامن شاگردن لاءِ ”نوگو ايريا“ آهن. سنڌي تعليمي ادارن جا اعليٰ تعليم يافته سنڌي جڏهن سنڌيءَ گاڏڙ انگريزي ڳالهائين يا لکن ٿا ته محب وطن ماڻهن کي شرم وچان پگهر اچيو وڃي. چونڊيل نمائندا ستا پيا آهن ۽ چانسلر صاحب مزي سان سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا پنهنجي پاليسيءَ تحت پيو هلائي. پاڻي بند آهي، يا زهريلو آهي. سنڌ جي فصلن جا اگهه هٿراڌو نموني ڪيرايا پيا وڃن. لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. قبائلي قتلام عروج تي آهي. ڌاڙيل ڊيوٽي سان لڳا پيا آهن. ٻارن سان زنا، ڌاڙا، اغوا، مارا ماري، قتل جي بازار گرم آهي. ڏوهارين جا ڪيس باقائدگيءَ سان واپس ورتا ويا آهن. اهو سڀ ۽ ان سان گڏ انهن کان هزار دفعا وڌيڪ ٻيون سنڌ دشمن ڪاروايون سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي اکين اڳيان سنڌي قوم جي وجود کي تباهه ڪري رهيون هيون ۽ هو چپ هئا. دراصل پاڪستان جي تاريخ سنڌي چونڊيل نمائندن جي سنڌ سان ڪيل ويساهه گهاتين ۽ دشمنين جي تاريخ آهي. اٿڻ شرط 1947ع کانپوءِ جڙيل سرڪار سنڌ جا اڌ ڀائيواري وارا ڇهه درياهه اڌ ڀائيوار سنڌ کي نظرانداز ڪري ٻئي ڀائيوار کي ڏئي ڇڏيا. ڪنهن چونڊيل نمائندن ٻڙڪ ٻاهر ڪا نه ڪڍي. لڏي ويلن جي هٿ ٺوڪين قانونن جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌاريا پاڻ ۾ ورهائي کائي ويا پر چونڊيل نمائينده چپ هئا. ون يونٽ جي تائيد ۾ ووٽ ڪنهن ڏنا؟ ون يونٽ جا پُرجوش حامي ڪير هئا؟ ون يونٽ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جي ڦُر لٽ تي ڪنهن به چونڊيل نمائندي احتجاج ڪو نه ڪيو. ذري گهٽ سمورن چونڊيلن اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جي مارشل لا جي حمايت ڪئي ۽ سندن عظمت جاڳڻ ڳايا. مارشل لا نظام جي ساراهن جا ڍڪ ڀريا ويا. هڪڙن سنڌي چونڊيلن چيو ته پارليامينٽ جو ضرور ڪونهي، سڄي پاڪستان کي ون يونٽ بنايو وڃي.
اڄڪلهه جيڪو جنهن پارٽيءَ معرفت چونڊجي اچي ٿو، سو جيڪڏهن ٻي پارٽيءَ ڏانهن وڃي ٿو ته ان کي لوٽو ٿو چئجي. پر سنڌ ۾ اڪثريت اهڙن چونڊيلن جي پئي رهي آهي، جيڪي ووٽ ڏئي چونڊي موڪليندڙ کان ڦري ان جي دشمنن جا ماڻهو ٿيو بيهو رهن. اهڙن ماڻهن کي لوٽو سڏڻ لوٽي جي بي عزتي ٿيندي. جيڪا قوم دوست ۽ دشمن جي، وفادار ۽ غدار جي تميز نه ٿي رکي، جيڪا پنهنجو تاريخي رڪارڊ درست نٿي رکي، گهوڙي ۽ گڏهه جو فرق نٿي سڃاڻي، جيڪا هڪ چونڊيل نمائندي، پارٽي ۽ ڌر جو حساب ۽ رڪارڊ نٿي رکي، تنهن کي پوءِ ڪنهن به شڪايت ڪرڻ جو حق نٿو پهچي.
سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي سنڌ سان ساٿ ۽ وفاداريءَ جو رڪارڊ مجموعي طور سياهه ڪارو پئي رهيو آهي. ان بابت ڄاڻو محققن، سنڌ جي تحقيقاتي صحافين (Investigative journalists) کي تاريخي تحقيق ڪري هر هڪ سنڌ جي چونڊيل نمائندي ۽ سندس پارٽيءَ (جهڙوڪ مسلم ليگ، فنڪشنل ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم وغيره وغيره) جي تاريخي ڪردار جو هڪڙو مستند رڪارڊ تيار ڪري ڇپائڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ماڻهو سندن حقيقي روپ ڏسي سگهن ۽ رڳو زباني ڪلامي ڊاڙن ٺڪاون ۽ اداڪارين تي ڀنڀلجي دشمنن کي دوست سمجهي سندن هٿان قيامت تائين پاڻ ڏنگائيندا ۽ سنڌ سڪائيندا نه رهن. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن اسان جي ويرين کي اسان جي پنهنجي چونڊيل نمائندن جو ساٿ حاصل نه هجي ها ته جيڪر هينئن سنڌ کي ڦري ماري ڪنگو فقير ۽ مرڻينگ مريض بنائي نه سگهن ها.
من از بيگانگان هر گز نه نالم
ڪه با من هرچه ڪرد آن آشناڪرد
(حافظ شيرازي)
(آئون ڌارين خلاف هرگز دانهن نٿو ڏيان، ڇو ته مون سان جيڪي ڪيو سو پنهنجن ڪيو.) نون چونڊيل سنڌي نمائندن کي هي بهترين موقعو مليو ته هو 60 سالن جي ماضيءَ جي غفلتن جي تلافي ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو هر پل ۽ پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي هر قوت پنهنجي مرڻينگ قوم کي وري جيارڻ، تازو توانو ڪرڻ لاءِ وقف ڪري پنهنجي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪن. ان لاءِ کين ٺوس ڪهڙا ڪم ڪرڻ گهرجن. ان بابت پنهنجا ويچار ايندڙ ڪچهرين ۾ پيش ڪيا ويندا.

No comments:
Post a Comment