دنيا جو ڪلاسيڪي ادب!
اڱارو 29 اپريل 2008ع
ڪائنات، انساني سماج ۽ سوچ جو ڪائناتي قانون آهي ته شيون، ماجرائون ۽ لقاءَ ساڳئي وقت هڪ ٻئي کان ڪن ڳالهين ۾ مختلف، بلڪه هڪٻئي جي ابتڙ به هوندا آهن ته ڪن ۾ وري سڀ هڪٻئي سان لاڳاپيل، هڪٻئي تي دارو مدار رکندڙ ۽ هڪٻئي جي اندر سمايل هوندا آهن. مثلاً هڪڙي پاسي ڳوٺ، راڄ، قبيلا، قومون، شهر، ملڪ ۽ کنڊ ته ٻئي پاسي زندگيءَ جا مختلف شعبا ۽ ميدان جهڙوڪ گهرداري، راڄداري، گذر سفر، سياست، علم، ادب، فلسفو ۽ سائنس هڪٻئي کان ڌار ڌر به هوندا آهن ته هڪٻئي سان گڏيل، هڪٻئي تي دارومدار به رکندا آهن ته هڪٻئي ۾ سمايل به هوندا آهن. جن ملڪن ۽ سماجن ۾ علم، ادب، سوچ ويچار پوئتي پيل هوندو آهي، انهن جي گذر سفر، سياست ۽ سماجي ترقيءَ جا حال به اهڙا ئي هوندا آهن. وري ان جي ابتڙ به هوندو آهي. گذر سفر تنگ، سياست جڏي، سماجي ترقي ٻڙيءَ برابر هوندي ته سندن علم، ادب ۽ سائنس ۽ فلسفي جو نالو به وٺڻ جهڙو ڪو نه هوندو. مثال طور جن ملڪن ۾ علم، ادب، تاريخ، فلسفو وغيره اڳتي وڌيل آهي، اتي سماجي ۽ سياسي اڳواڻ عام طرح ڇڙواڳ ۽ دوکيباز نٿا ٿين. هنن کي خبر آهي ته سندن ملڪ جي علم، ادب، فن ۽ سائنس سندن ماڻهن کي پنهنجي سماجي ۽ سياسي اڳواڻن مان هڪڙي خاص معيار جي هلت چلت، روش ۽ ڪارڪردگيءَ جي توقع رکڻ سيکاري آهي. ان کان گهٽ معيار جي هلت چلت وغيره جو برداشت نه ڪندا. هنن جي تاريخ جي ڄاڻ کين هر ڳالهه جو رڪارڊ ميسر ڪري ڏنو آهن، جنهن جي ڪري سندن سماجي ۽ سياسي اڳواڻ آسانيءَ سان اڄ هڪڙي ڳالهه، سڀاڻي ٻي ڳالهه ۽ ڪوڙ بدوڙ ڪري، ڦڙتيون گهڙتيون هڻي ۽ دهمان ٻڌي، ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، پنهنجي جند آسانيءَ سان ڇڏائي نه سگهندا ۽ گڙ ٻڙ ڪرڻ جي حالت ۾ کين سخت خواري ۽ ذلت نصيب ٿيندي. ان ڊپ کان هو ماڻهن سان ڪافي سڌا هلن ٿا، پر جتي نه مضبوط علمي ادبي ۽ نه اخلاقي ۽ سياسي روايتون ۽ رڪارڊ آهن، اتي جي سياست بازيءَ جي حالت اها ٿئي ٿي جو:
وري رهبر بنيا باطل،
اهي ئي قوم جا قاتل،
سدا غم ڪڙم کان غافل،
نئين نعري ۾ ٿي شامل،
نئون ليبل، اها بوتل،
اها بگري، اهو ڍارو،
خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو. (ابراهيم منشي)
***
ٽڪي جا ماڻهو ٽڪي وڪاڻا، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گڏي وڪاڻا،
هِتي وڪاڻا، هُتي وڪاڻا، پکا پڙيءَ ۾ هڻي وڪاڻا،
لڄن جي لوئي، وڪائون ويهي، اٿي ڏسو هي اَٿَوَ اهي ئي،
صبح وڪاڻا، سنجهي وڪاڻا، ڳڻي وڪاڻا، پٺي وڪاڻا! (آفتاب ڪلوئي)
***
هو جي ٿلها موٽا آهن،
قوم وطن جي غدارن جا
پوٽا ۽ پڙ پوٽا آهن...
پيتل کاڌل، ٻاريل ساريل
سگريٽن جا ٽوٽا آهن...
بوبڪ واري ڀنگ ڀلاري،
تنهن جا گهاٽا گهوٽا آهن...
کوٽن نوٽن سڪن وانگر
دل جا سچ پچ کوٽا آهن...
اڄ يا سڀاڻي گم ٿي ويندا
پاڻي جا ڄڻ ڦوٽا آهن...(محمد خان مجيدي)
***
شال نه ڪنهن شاعر جي ٿئي،
دنيا ۾ درباري دل!
***
ڪيڏن سهڻن قوم جي رهبر ماڻهن جا،
عيد جي ٻڪرن وانگي ذهن وڪامن ٿا!
***
ان جي پنهنجي ٻولي ڪهڙي،
جو ماڻهو سرڪاري آهي!
***
هو پنهنجي بيوفا چهري تي شرمسار نه ٿيو،
لڳي ٿو شهر ۾ هن کي ڪا آرسي نه ملي!
(زاهد شيخ)
سنڌ جي علم، ادب، فن، سائنس ۽ فلسفي جي ترقيءَ يا پسماندگيءَ جو سنڌ جي ذهني، سياسي، اقتصادي ترقيءَ تي اثر پئي ٿو. نه رڳو ايترو، پر خود سنڌ جي علم، ادب، فن ۽ سائنس ۽ زندگيءَ جي فلسفي تي به دنيا جي ٻين ملڪن جي علم، ادب، فن، سائنس جي ترقيءَ جا اثر پوندا رهيا آهن ۽ پئجن پيا. دنيا جي ادب انساني سماج جي تهذيب ۽ ترقيءَ ۾ هڪڙو عالمي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. ادب جو دائرو رڳو بيتن، گيتن، غزلن، قصن، ڪهاڻين، داستانن ۽ ناولن تائين محدود ڪونهي. ادب جا ڪئين قسم آهن، جنهن ۾ (1) سورهيائي جا داستان (2) عشقيه داستان (3) ناول (4) مختصر ڪهاڻيون (5) نقل (6) عوامي گيت (7) ناٽڪ (8) مضمون (9) ادبي تاريخ (10) تنقيد (11) مذهبي ادب (12) فيلسوفي ادب (13) سياسي ادب (14) فلسفيانه ۽ ادبي مڪالمه (15) سفرناما (16) ادبي خط (17) فصاحتي ادب (18) ڊائريون (19) حياتين جا احوال (20) آتم ڪهاڻيون (21) ٻارن جو ادب (22) قديم لوڪ ادب/ڳيچ وغيره شامل آهن.
قديم زماني کان وٺي وڌندڙ ويجهندڙ وڏن ادبن ۾ يوناني، چيني، سنسڪرت ۽ لاطيني ادب سڀ کان مشهور ۽ اهم ادبن منجهان ليکيا وڃن ٿا ۽ انهن کي عالمي ادب جي پيڙهه جا پٿر سمجهيو وڃي ٿو. اڄ جي ادب کي سمجهڻ لاءِ انهن ادبن جي اهم ترين ڪارنامن ۽ حاصلاتن کي سمجهڻ بنا انساني تاريخ ۾ عالمي ادب جي بنيادي اهميت کي سمجهڻ ممڪن ئي ڪونهي. ان ڪري باشعور، وطن دوست ۽ عوام دوست سنڌي ماڻهن لاءِ انهن ادبن بابت ٿوري گهڻي واقفيت رکڻ لازمي آهي.
اڄ کان اٽڪل 34 صديون اڳ چيني ۽ سنسڪرت ڪلاسيڪي يا اعليٰ ادب جو دور جاري هو. ان دور ۾ سنسڪرت جي اعليٰ مذهبي شاعري جو جڳ مشهور شاهڪار رگ ويد لکيو ويو ۽ چيني زبان ۾ فيلسوفي ادب تخليق ڪيو ويو. اڄ کان 26 صديون اڳ يوناني ٻوليءَ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪلاسيڪي شاعر ”هومر“ پنهنجا لافاني منظوم داستان ”اوڊيسي“ ۽ ”اليڊ“ لکيا. ان کان 2 صديون اڳ يونانيءَ ۾ قانون جا ڪوڊ لکجڻ ۽ زباني شاعري ڪرڻ جو رواج شروع ٿي ويو هو. مختلف وڏن ادبن جا سونهري دور مختلف زمانن ۾ ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ اٺين صدي ق.م يوناني ادب هومر جي ”اوڊيسي“ ۽ ”اليڊ“ وارو سونهري دور ليکجي ٿو. 84 قبل مسيح کانپوءِ واري اڌ صدي لاطيني ادب جو سونهري دور ليکي وڃي ٿي. سنسڪرت ادب جو سونهري دور پهرين صدي عيسوي کان ڇهين صدي عيسوي تائين جو دور ليکيو وڃي ٿو. 618ع کان 907ع جي دور کان چيني ادب جو سونهري دور (تهانگ گهراڻي جو دور) ليکيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ڪلاسيڪي وڏن ادبن جون ڪي ڳالهيون نراليون ليکيون وڃن ٿيون. مثلاً:
(1) يوناني ۽ سنسڪرت ادب ۾ اعليٰ ادب لاءِ ضروري هو ته ان جا موضوع يوناني ۽ سنسڪرت جي ڏندڪٿائن منجهان هجن. چين ۾ ڪا به ڏند ڪٿا ڪا نه هئي. لاطيني ادب لاءِ اهڙو ڪو به شرط ڪو نه هو.
(2) چيني ادب ۾ تمام وڏا ڪلاسيڪي ادبي مجموعا تيار ڪيا ويا، جن ۾ تاريخ، پراڻن گيتن، سندن ڌنن، ڪهاڻين جا مجموعا شامل هئا.
(3) ڪيترن وڏن ادبن وڏا تاريخ نويس پيدا ڪيا. جهڙوڪ يوناني ادب هيرو ڊوٽس (484 ق م– 424 ق م)، زينوفن (430 ق م– 354 ق م)، ٿيوسينڊائيڊس (460 ق م– 400 ق م)، پاليني (23 عيسوي -79 عيسوي)، ايرين (96ع-180ع) ۽ پليو ٽارڪ (46ع – 120ع) پيدا ڪيا. لاطيني ٻوليءَ ۾ يوي، ڪئٽو، جوليس سيزر (سپهه سالار)، ٽئسپٽس، پلاٽينس جهڙا تاريخ نويس پيدا ڪيا.
(4) سنسڪرت ۾ ڪا به قابلِ ذڪر تاريخ ڪا نه لکي وئي.
(5) چيني ٻوليءَ ۾ جنگي فن تي، سنسڪرت ۾ انتظام هلائڻ تي ۽ يونانيءَ ۾ آئين تي جڳ مشهور شاهڪار لکيا ويا.
(6) سڀني ٻولين ۾ قانون تي ڪتاب لکيا ويا.
(7) يوناني ۽ لاطيني ادبن ۾ تقرير جي ادب تي زبردست زور ڏنو ويو ۽ تقرير جي فن جا وڏا يگانا ماهر ۽ ڪي قابل ترين تقريرون لکي ڏيندڙ پيدا ٿيا.
(8) سنسڪرت ۽ يوناني ٻولين يوري پائيڊس ۽ ڪاليداس جهڙا وڏا ڊراما نويس پيدا ڪيا.
(9) يونان ۽ روم ۾ فوجي سپهه سالار لاءِ شرط اهو هو ته اهو ماڻهو هڪڙو تمام وڏو تقرير ڪندڙ ۽ قانون ۽ وڪالت جو ناليرو ماهر به هجي.
(10) نامور خط لکندڙن ۾ رومي اديب ۽ اڳواڻ سيسرو، ڪنٽولس، هوريس، پليني، آتم ڪهاڻي ۾ هوريس ۽ اووڊ نالو ڪڍيو. لاطيني ادبي نقادن هوريس، سيسرو، ڪئٽلن جا نالا، يوناني ۾ ارسطو ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ليوسي، يوئان منگ تائو جا نالا مشهور آهن.
(11) سنسڪرت ۾ جڳ مشهور آکاڻين جا مجموعا پنج تنتر، هتو بادشاهه، برهت ڪٿا، سرت ساگر، ڪادمبري تيار ڪيا ويا. سنسڪرت گرامر جي ماهر پاننيءَ جو نالو عالمي شهرت ٿو رکي.
(12) چيني ٻوليءَ وڏا مترجم پيدا ڪيا، جن ۾ يين فو، لنشو وڌيڪ مشهور آهن.
(13) چيني ڊراما نويس ڪوهان، هانگ چنگ، وانگ شي فو، ماجي يوئان وڏو نالو ڪڍيو.
(14) يوناني مزاحيه ڊراما نويسن اير سٽو فينس ۽ مناندر ۽ المياتي ڊراما نويس اسپاڪلس، سوفو ڪلس، يوري پائنڊس جا ڊراما عالمي ادب جا شاهڪار ليکجن ٿا.
ڊرامن جي عالمي ميدان ۾ سنسڪرت جا ڪاليداس، ڀاسا، بس راڪا، وساڪا دتا، سيا ملاڪا، پاوا بوٽي پنهنجو مخصوص ۽ نرالو مقام رکن ٿا.
قديم دور جي عظيم ترين شاعرن ۾ سنسڪرت جي والميڪي، ڪاليداس، اشو گهوش، بانا، داندن، ماگها، ڀاوا ڀوتي، ڀاروي، هرشا، هالا، بلهانا، ڀرتري هري، امارو، جئه ديو، يوناني ٻولي جي هومر آرڪي لوڪس، الڪس، سئفو، هيشا، اناڪرين، سمونائيڊس، زينو فنس، سولون، پندار، لاطيني جي ورجل، هوريس، اووڊ، جوويفل، ٽئيسٽس ۽ چيني ٻوليءَ جي تالو چين، لي پو، توفر جا نالا مشهور آهن. منظوم داستانن ۾ يوناني ۽ سنسڪرت ۽ مهاڀارت، رامائڻ، اوڊيسي ۽ اليڊ پنهنجا مٽ پاڻ آهن. مها ڀارت دنيا جو وڏي ۾ وڏو نظم آهي جنهن ۾ هڪ لک بند آهن ۽ اهو يوناني وڏي ۾ وڏين نظمن اليڊو ۽ اوڊيسي ٻنهي کان ستوڻو وڏو آهي.
يونان ۾ افلاطون، ارسطو، پلاٽينس ۽ چين ۾ ڪنفيوشس، لائوزو عظيم فلسفي طور مشهور ٿيا. چيني ادب ۾ مها ڀارت، رامائڻ يا او ڊي سي ۽ الپس جهڙا ڏندڪٿائي داستان نه آهن. ان جي جاءِ تي تمام اعليٰ قسم جو جنگي ادب موجود آهي. سن زوء جو جنگي شاهڪار ”جنگ جو فن“ سڄي دنيا ۾ بي مثال آهي. منگول دور ۾ چيني ڊراما هندستاني ۽ يوناني ڊرامن کان متاثر ٿيا، جن ۾ منگول حڪومت لاءِ سخت نفرت ظاهر ڪيل آهي. تاريخ جي ميدان ۾ چيني ٻوليءَ ۾ 240 قبلِ مسيح ۾ ”بهار ۽ سرءَ جا داستان“ لکيا ويا. 85 قبلِ مسيح چين جي عظيم تاريخ نويس سوماچين پنهنجي ”تاريخي رڪارڊ“ نالي تصنيف ۾ اڳوڻن 2000 ورهين جي نامور شخصيتن جون ڪهاڻيون لکيون، جن جي لکڻ ۾ کيس 18 سال لڳا هئا. 300-200ع لوچي پهريون شاعر ۽ نقاد هو، جنهن تقليد کان انڪار ڪيو. 500-400ع ۾ ”دنيا جي ڪهاڻين جو نئون احوال“ ليويي چنگ لکيو ۽ 600-500ع ليوشي ”ادبي ذهن“ نالي تنقيد جو ڪتاب لکيو، جيڪو ان موضوع تي پهريون ڪتاب هو.
ايندڙ ڪچهريءَ ۾ اسين عربي ۽ فارسي ادب جي اهم دورن جو سرسري جائزو وٺنداسين ۽ اڳتي هلي سنڌي ادب جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ۽ سنڌ جي جديد دور جي انقلابي وطن دوست ادب ۽ شاعريءَ جو جائزو وٺنداسين.
No comments:
Post a Comment