Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

New Government and Question of the Repect of Peoples Mandate By Rasul Bux Palijo


نئين حڪومت ۽ عوامي مينڊيٽ جي احترام وارو سوال!
جمع  14  مارچ  2008ع
تنهن ڏينهن ڪنهن سنڌي اخبار ۾ سنڌ جي چونڊيل قومي گهڻگهرن، ويڄن ۽ طبيبن جي سنڌ جي دردن جي دوا ڪرڻ بابت ارادن جي سروي ڏنل هئي. دستور موجب گهڻو زور ايوانن ۾ آواز اٿارڻ ۽ قومي امنگن جي ڀرپور ترجماني ڪرڻ تي هو. مسئلن جي واضح، تز ۽ ۽ ڀرپور نشاندهي نه هئي، انهن کي حل ڪرڻ بابت حڪمت عملي، پاليسي ۽ واٽ بابت ڪو به اشارو ڪو نه هو. مخالفتن، رنڊڪن ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي طريقن جو ڪو به ذڪرِ ڪل ڪو نه هو. انهيءَ ڳالهه مان پڙهندڙ ۽ عام سنڌين کي تاثر اهو ٿي مليو ته سندن سوچ موجب پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي گذريل 60 سالن ۾ سنڌي قوم جي قومي، انساني، قانوني ۽ آئيني حقن ۽ وسيلن تي جيڪي به قهري وار ڪيا ويا آهن ۽ سندن وجود تي جيڪي قيامتون ڪڙڪايون ويون آهن، تن جو يڪ ٽِڪ علاج اهو رٿيو ويو آهي جو اسان جا وڏي هيج مان چونڊيل سيبتا، سوڍا ۽ سرواڻ قومي جذبي سان سشار ۽ ٽمٽار ٿي، ڀرپور تياري ڪري، ٺهي جڙي قانون ساز ايوانن ۾ جلوه افروز ٿيندا ۽ سر تريءَ تي رکي ايوانن ۾ اهڙيون لاجواب ۽ دليلن دلائلن سان ڀرپور طوفاني تقريرون ڪندا جن کي ٻڌي سنڌي ووٽر عوام جون دليون بهار ٿي وينديون. اهو سلسلو هڪڙي اجلاس ۾ نه، پر سدائين ۽ هر روز قائم رهندو، تان جو ڏسندي ڏسندي ڄڻ کن پل ۾ هن ملڪ ۽ وطن جو سياسي نقشو ۽ ذهني مزاج ئي بدلجي ويندو. اسان جي ارڏن ۽ اڻموٽ عوامي چونڊيل نمائندن جي روزانو وڌيڪ کان وڌيڪ مٿي اڀرندڙ ۽ گرجندڙ آواز جي جادوءَ ۽ عوامي امنگن جي ڀرپور کان ڀرپور ۽ تلوار کان تکي، ترجمانيءَ جي طلسمي تاثير سبب مخالفن جون وايون بتال ٿي وينديون ۽ ڪيترن ئي پٿر دل ويرين جون دليون ميڻ ٿي پونديون. سنڌ دشمني جا ڪوٽ ٺڪاءُ ڏئي پٽ تي ڦهڪو ڪرڻ شروع ٿيندا، ويرين طرفان هٿرادو سڪائي ٺوٺ ڪيل سنڌو وري ڪڙڪا ڪري وهڻ لڳندو، کسيل درياهه واپس ملندا، برباد ڪيل زمينون سرسبز ۽ شاداب ٿينديون، رشوت خوري، ڌاڙيل بازي ۽ دهشتگردي، اغوا، ڪاروڪاري، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتلام، ڳڀا ڳڀا ڪري ٻورين ۾ بند لاشن جا تحفا، روز روز نون قومي وسيلن تي ڌارين جا قبضا ۽ نوگو ايريا پراڻا قصا بڻجي ويندا.
ظاهر آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا جن مان گهڻن جو ايوانن مٿان قبضو رڳو اڄڪلهه جو ڪونهي ۽ هو نسل در نسل انهن ايوانن ۾ پنهنجين همتن ۽ قابليتن جا جوهر ڏيکاريندا ۽ سنڌ کي جنت جو نمونو بڻائيندا رهيا آهن، سي شايد هروڀرو غلط نه هجن. ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي غير معمولي تجربي، جذبي ۽ تقرير جي فن جي زور تي جيڪي سوچين ٿا، سو ڪري وڃن، پر بظاهر ملڪن ۽ قومن، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن جي دردن جي دوا رڳو ايوانن ۾ ”آواز اٿارڻ“ ۽ ”عوامي امنگن جي ڀرپور ترجماني“ ڪرڻ ذريعي ڪو نه ٿي سگهندي آهي. اڪثر ٻين ملڪن ۾ ان لاءِ
(1) محڪم ۽ مضبوط قومي حب جي جذبي، وڏي ڄاڻ ۽ قابليت سان تپاس ڪئي ويندي آهي ته ملڪ ۽ قوم جا حل طلب مکيه مسئلا ڪهڙا آهن ۽ انهن جي حل جون مخالف قوتون ۽ انهن جا مقصد ۽ واردات جا طريقا ڪهڙا آهن.
(2) پوءِ قوم جي ڄاڻو، ڏاهن ۽ ماهرن کي سڏي گڏ ڪري اها قومي تحقيقات، صلاح مصلحت ۽ رٿابندي ڪئي ويندي آهي ته مخالفن جي واردات جي طريقن کي منهن ڪيئن ڏجي ۽ گهربل نتيجا ڪيئن حاصل ڪجن.
(3) پوءِ مکيه قومي مسئلن، انهن جي رٿيل حل، انهن جي راهه ۾ امڪاني رڪاوٽن ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي پروگرام بابت اها سموري حقيقت ۽ ڄاڻ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي عوام اڳيان تيستائين لڳاتار پيش ڪئي ويندي رهي آهي، جيستائين قوم جو ٻچو ٻچو سمجهي وڃي ته مکيه مسئلا ۽ وارداتون ڪهڙيون آهن، ڇو آهن، ڪير انهن لاءِ ذميوار آهن، ڪهڙا حل آهن، ڪهڙا ان جا مخالف آهن، انهن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهبو، انهن حلن کي عملي جامو پهرائڻ جو پروگرام، واٽ ۽ عمل جا طريقا ڪهڙا هوندا.
جيڪڏهن سموري حقيقت سمجهڻ کانپوءِ قوم قبول ڪري وڃي ته برابر مکيه مسئلا اهي آهن، انهن جا حل جيڪي چئجن ٿا ته اهي ئي آهن، انهن حلن جي مخالفن کي منهن ڏيڻ جو جيڪو طريقو ٻڌايو وڃي ٿو، اهو صحيح آهي ۽ اسين توهان جي سمورين تحقيقاتن، تجزين، رٿيل حلن جي پروگرام سان متفق آهيون ۽ پوءِ هو واقعي تحقيق ۽ رٿا وغيره پيش ڪندڙ پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا ته پوءِ ۽ فقط پوءِ ئي چئبو ته ان پارٽيءَ کي فلاڻي پروگرام تي فلاڻي ڏسيل واٽ تي هلي عمل ڪرڻ جو قوم طرفان مينڊيٽ يا اجازت نامو مليل آهي.
جيڪا پارٽي ۽ جيڪي چونڊيل نمائندا عوام طرفان چونڊجڻ کانپوءِ ماٺ مٺي ۾ اهڙا اختلافي ۽ تڪراري قدم کڻن ٿا، جن قدمن جو هنن چونڊن کان اڳ ۾ ووٽرن سان ذڪر ئي ڪو نه ڪيو، انهن خلاف اعتراض ئي ڪو نه معلوم ڪيا يا ٻڌا، ووٽرن کان اهي قدم کڻڻ جي موڪل ئي ڪانه ورتائون ته پوءِ اهڙو عمل جمهوري روايتن جي سنگين خلاف ورزي ۽ عوام جي مينڊيٽ يا اجازت نامي جي سخت خلاف ورزي ۽ توهين آهي.
نه 1988ع واري اليڪشن ڀيري، نه وچ وارين چونڊن ڀيري ۽ نه هنن تازين چونڊن ڀيري ڪنهن سنڌي اميدوار يا پارٽيءَ سنڌي ماڻهن کي چونڊن کان اڳ ٻڌايو هو ته اسين توهان پاران چونڊجڻ کانپوءِ ”سنڌ جي خلاف مسلسل ڪم ڪندڙن“ کي سامراج جي ڳجهن حڪمن مطابق حڪومت ۾ نالي ماتر ”ڀائيوار“ بنائي سنڌ حڪومت ۽ صوبي جي سموري آڳ واڳ انهن جي حوالي ڪري پاڻ رڳو وڏا پڳڙ ٻڌيو، ڀڳل ڪرسين تي چڙهيو سموري قوم جي جانين ۽ ملڪيتن، سندن گهر گهاٽ، گذر جي وسيلن، زمينن، درياهن، سندن، قومي دولت، حڪمرانيءَ جي حق، قومي وسيلن، قومي عزت ۽ آبروءَ کي تين وال ڪندڙ بڻيا ويٺا هونداسين. ان حالت ۾ گذريل ويهن سالن ۾ ان ڌر سان حڪومت ۾ ڀائيواريءَ وارا جيڪي به عمل ڪيا ويا، تن جو ڪنهن به پارٽيءَ طرفان سنڌي عوام کان مينڊيٽ يا اجازت نامو ورتل ڪو نه هو ۽ سندن اهي فعل جمهوري سياسي اخلاقيات جي سراسر ابتڙ هئا ۽ آهن.
سنڌي پارٽين طرفان جيئن ته هن ڀيري به ڪو به اهڙو مينڊيٽ يا اجازت نامو نه طلب ڪيل آهي ۽ نه عوام طرفان ڏنل آهي، ان ڪري جيڪڏهن انهن مان ڪنهن عوام جي مرضيءَ خلاف ڪنهن اهڙي ڌر سان اتحاد ڪيو، جنهن ڌر سان عوام اتحاد ڪرڻ نٿو چاهي ته اهو سنڌي ووٽر عوام جي مينڊيٽ ۽ اجازت نامي جي سراسر خلاف هوندو. دنيا جون ڪنهن حد تائين جمهوري سياسي پارٽيون ۽ سندن اميدوار ڪوشش ڪري ڪا به اهڙي ڳالهه هرگز ڪا نه ڪندا آهن، جنهن لاءِ هنن پنهنجن ووٽرن کان اڳواٽ اجازت نامو يا مينڊيٽ حاصل نه ڪيو هجي. آمريڪا ۾ ان مينڊيٽ يا اجازت نامي جي اهميت اها آهي ته جڏهن ڪي اميدوار چاهيندا آهن ته سندن پارٽي صدارت لاءِ کين ٽڪيٽ ڏئي ته هو سڀ اڳواٽ پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ پروگرام پيش ڪندا آهن. مثلن هڪڙو چوندو ته آئون جيڪڏهن چونڊيس ته عراق مان آمريڪي فوجون هڪدم گهرائي وٺندس، ٻيو چوندو ته آئون ڇهه مهينا پوءِ گهرائيندس، ٽيون چوندو ته جيڪڏهن آئون چونڊيس ته آئون آمريڪي فوجون فقط مڪمل فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪڍندس. هڪڙو چوندو ته آئون چونڊيس ته مشرف جي حمايت نه ڪندس، چونڊيل نمائندن جي ڪندس، ٻيو چوندو آئون توڙ تائين مشرف سان گڏ هوندس، ٽيون چوندو ته آئون ٻنهي کي ٺاهي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، وغيره. پوءِ سڄو سال پيا پنهنجي پنهنجي الڳ پروگرام بابت ووٽرن کي قائل ڪندا، تان جو وڃي ٻه اميدوار بچندا، اهي سڄو سال پيا پنهنجي پروگرام لاءِ ووٽرن کي قائل ڪندا، پوءِ گهڻي ۾ گهڻا ووٽر جنهن کي سندس پروگرام جو مينڊيٽ يا اجازت نامو ڏيندا، هو صدر ٿيندو.
ٻيو سوال آهي ته ڇا جمهوري ملڪن ۾ عوام جا کسيل حق حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي حامي سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فقط ڳالهيون ۽ تقريرون ۽ تحريرون ڪرڻيون هونديون آهن؟ ۽ جيڪڏهن ڪو ڪا ڳالهه ئي نه ٻڌي ته ماٺ ڪري ايوان جي ڪرسين تي ويهي اوٻاسيون ڏيڻيون آهن يا رڪارڊ جي پورائي لاءِ بار بار ساڳيون بور تقريرون ڪرڻيون ۽ ووٽر عوام کي بيوقوف بڻائيندو رهڻ ئي آهي ڇا؟ ٻيو ڪجهه به نه ڪرڻو آهي؟ گڏيل هندستان ۾ مختلف محبِ وطن رهنمائن جمهوري جدوجهد جا مختلف طريقا اختيار ڪيا. ڪن عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ تقريرون ڪيون، ڪن مهاتما گانڌيءَ سان گڏ ننڍڙيون وڏيون سول نافرمانيون ڪيون. شروعات ۾ مهاتما گانڌي بي قاعدي لوڻ ٺاهڻ جهڙي بظاهر خسيس نافرماني ڪري لکين ماڻهو تيار ڪيا، پوءِ هارين ۽ مزدورن جي مطالبن جي محدود حمايت ڪيائين، تان جو 1942ع ۾ جڏهن ڪانگريس هندستان جي 11 صوبن مان اٺن ۾ وزارتن جي مالڪ هئي، تڏهن انگريز ”وائسراءِ“ هندستانين کان پڇڻ بنا اعلان ڪيو ته هندستان انگريزن پاران جرمنن سان ويڙهه ۾ شامل ٿيو آهي. ڪانگريس ڪاوڙجي اٺن ئي صوبن جي سرڪارين تان استعيفائون ڏئي هندستانين کي سڏ ڏنو ته ”انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍو.“ انگريزن کي چيائون، ”هندستان خالي ڪريو!“ (Quit India). انگريزن سڄي هندستان جي چوٽيءَ جا ڪانگريسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيا ۽ ٻين لاءِ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محشر مچائي ڇڏيو، تان جو تحريڪ في الحال ته سال اندر ڄڻ هميشه لاءِ چيڀاٽجي وئي، پر ان جو اڳتي هلي اثر اهو ٿيو جو ٻن سالن کانپوءِ 1945ع ۾ ان وقت جي وائسراءِ لارڊ ويول انگريز سرڪار کي لکي موڪليو ته، ”جيڪڏهن هاڻ ڪانگريس وري به اهڙو سڏ ڏنو ته پاڻ کي ڀڄڻ کانسواءِ ٻي واهه ڪا نه رهندي، تنهن ڪري اچو ته اڳواٽ ئي هندو اڪثريت وارن صوبن کي جلد کان جلد خالي ڪريون ۽ في الحال مسلمان اڪثريت وارن صوبن ۾ ديرو دمايون. انگريزن جي تڙ تڪڙ ۾ هندستان خالي ڪرڻ جو اصل ڪارڻ اها صورتحال هئي! حقيقي جمهوري پارٽيون عوام پاران زباني ۽ تحريري جدوجهد سان گڏ سدائين ڪنهن نه ڪنهن ڪڏهن ننڍي، ڪڏهن وڏي ۽ ڪڏهن تمام وڏي عوامي جدوجهد ۾ مصروف رهنديون آهن.
صحيح سال ياد ناهي پر گهڻو ڪري شايد 1989ع جي ڳالهه آهي، صبح جو وقت هو، مون هندستان جي شهر ڪلڪتي جي هڪڙي هوٽل جي پهرين ماڙ تي الهندينءَ بالڪنيءَ ۾ چانهه پئي پيتي ته سامهون الهندي پاسي پريان باغ جي سامهون، ٻه ٽي گاڏيون اچي بيٺيون. انهن مان پنج اٺ سوٽن ۽ ڌوتين وارا وچئين طبقي جا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو اچي لٿا ۽ لهندي شرط وٺي نعريبازي شروع ڪيائون. ان وچ ۾ ٻيا به کوڙ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ڏهن، پندرنهن منٽن کانپوءِ پوليس اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ ڪيتري دير پوليس ۽ هنن همراهن جي پاڻ ۾ جوشيلي ڏي وٺ ٿيندي رهي. نيٺ پوليس وارن سڀني کي واڙي کڻي گاڏين ۾ هنيو ۽ رمندا رهيا.
جڏهن بئرو ٿانوَ کڻڻ آيو ته مون کانئس پڇيو ته، ”هي گوڙ فساد ڇا جو هو، هي نعرا هڻندڙ ڪير هئا ۽ ڇو پئي گوڙ ڪيائون؟“ ته مون کي چيائين ته، ”هي ڪانگريسي هئا، جيڪو سامهون وارو باغ آهي، ان کي هتان جي کاٻي ڌر جي سرڪار رهائشي جڳهه بڻائي، ان ۾ مزدورن لاءِ ڪمرا بڻائڻ ٿي چاهي. ڪانگريسي ان تي اعتراض ٿا ڪن ته اهو باغ ٻارن جي تفريح جو باغ آهي، ان کي رهائشي جڳهه بڻائڻ نه ڏينداسين.“ مون پڇيو هي ته سنجيدا ۽ معتبر قسم جا ماڻهو ٿي لڳا، انهن کي ٻارن جي تفريح جهڙين ننڍڙين ڳالهين سان هروڀرو ڪهڙو واسطو؟ چيائين ته، ”هي رڳو ڏسڻ ۾ ڳنڀير ۽ معتبر ماڻهو ڪو نه هئا، هي مرڪزي ڪانگريسي حڪومت جا هن صوبي (مغربي بنگال) مان چونڊيل مرڪزي وزير هئا. هنن اهو ظاهر ٿي ڪرڻ چاهيو ته دهليءَ ۾ رهندي به کين هن شهر (ڪلڪتي) جي ٻارن جي تفريح ۾ رخنو پوڻ جو اونو هو.“
آئون تن ڏينهن ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري هئس. مغربي بنگال جي کاٻي ڌر جي حڪمران پارٽيءَ جي دعوت تي ڪيترائي ڏينهن ڪلڪتي ۾ رهيس. هر روز مون کي نئون نئون تجربو ٿيندو هو ته هتي جي سرڪار توڙي مخالف پارٽيون اسان وارين نڪمين ڏٽي باز حڪمران پارٽين يا ”هٿ هلڪو“ رکڻ واري جڙتو مخالفت ڪندڙ پارٽين جي ابتڙ پنهنجي عوامي مينڊيٽ جو سنجيدگيءَ، سچائيءَ ۽ خلوص سان احترام ٿيون ڪن ۽ کين انهن جي ڀلائيءَ جو ڪيڏو سچو پچو اونو آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي عوام چوڪس ٿين ۽ چونڊيل حضرات کي صاف صاف ٻڌائين ته هاڻي ناٽڪ ۽ اداڪاريون گهڻي ئي ٿي چڪيون، هاڻ صفا صاف حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. عوام کي هاڻ پورو پورو وهنوار گهرجي، صحيح ڪارڪردگي کپي، بنيادي ۽ دائمي حل گهرجن، پنهنجا سمورا کسيل حق ۽ وسيلا گهرجن ۽ محرومين، دهشتگردين، ذلتن ۽ ظلمن کان حقيقي ۽ دائمي ڇوٽڪارو گهرجي، دستوري عربيون، فارسيون، امير حمزي ۽ دودي چنيسر جون ڪهاڻيون يا دم دلاسا ۽ اهڙيون ڪي ٻيون ڳالهيون نه گهرجن. ان لاءِ گهربل صلاح مصلحت، رٿابندي ۽ عمل جي واٽ جلد از جلد ڪري، بنا دير عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن سٺ سالن جي ساڙيل ٻاريل سنڌي قوم ۾ وري ساهه پوي ۽ اها وري دنيا ۾ هلڻ چلڻ ۽ اڳتي وڌڻ جهڙي ٿئي.

No comments:

Post a Comment