Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Sunday, 17 April 2011

Census is Only Justified & Legal for indigenous people of Sindh By Rasul Bux Palijo

آدمشماري فقط سنڌ جي اصلوڪن باشندن جي جائز ۽ قانوني آهي!
رسول بخش پليجو
ٻين ڪيترين ڳالهين سان گڏ توڙي انهن کانسواءِ هيٺين تاريخي، اخلاقي، سياسي، ملڪي توڙي بين الاقوامي قانوني ۽ آئيني سببن جي ڪري سنڌ ۾ هلندڙ آدمشماري جهڙي نموني ۽ جن مقصدن لاءِ ڪئي پئي وڃي، تن جي مدنظر اها ناجائز، غير قانوني، غير آئيني آهي ۽ موجوده سنڌ توڙي پاڪستاني سرڪار کي ان ڪم کي موجوده مقصدن خاطر ۽ طريقن سان ڪرائڻ جو ڪو به اختيار ڪونهي ۽ سندس ايئن ڪرڻ ملڪ جي 1940ع واري لاهور ٺهراءَ جي بنيادي مقصدن ۽ آئيني بنيادن جي لفظن ۽ روح (Letter and spirit) جي سراسر خلاف ٿيندو ۽ ان عمل جي ڪا به حقيقي ۽ قانوني حيثيت نه هئڻ گهرجي ۽ نه هوندي. نه رڳو ايترو، پر جيڪڏهن پاڪستان جي قانوني سرشتي جي تاريخ جي پراڻين روايتن، موشگافين ۽ اٽڪبازين کي ڪتب آڻي ان کي ڪنهن به طرح نه روڪيو ويو ۽ ساڳين طريقن سان ساڳين مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو ته پوءِ اهو پاڪستان جي چئن خالق قومن مان هڪڙي يعني سنڌي قوم جي وجود تي قهري وار هوندو، جنهن جو نتيجو پاڪستان جي اڳي ئي مونجهارن جي ماريل ۽ آفتن ۾ ورتل تباهه ٿيل معاشري مان هڪڙو اهڙو خطرناڪ سياسي ۽ سماجي وار ثابت ٿيندو، جيڪو اڳتي هلي هر حالت ۾ لاعلاج بنجي ويندو.
(1) پاڪستان جي قائم ٿيڻ جو مکيه سبب اهو هو جو هندستان جا علائقا ٻن مکيه گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙن ۾ (پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان، بنگال، آسام) هندستاني مسلمان اڪثريت ۾ هئا ۽ باقي ٻين علائقن ۾ هندستاني هندو اڪثريت ۾ هئا. سڄي هندستان ۾ اڪثريت هندو هندستانين جي هئي ۽ مسلمان هندستاني اقليت ۾ هئا. هندو هندستانين جي اڪثريت مسلمان هندستانين کي جيڪو پنهنجي وجود ۽ حقن جي بچاءَ جو لازمي طرح گهربل قانوني ۽ آئيني وهنوار ڏيڻ لاءِ  هرگز تيار نه هئي. (ڏسو راقم الحروف جون مڪمل لکڻيون. ”سياسي ادب“ ڀاڱو پهريون، جلد هڪ)
(2) مسلمان علائقا به پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن هڪڙي علائقي جي مسلمانن مثلاً پنجابين يا پٺاڻن يا بنگالين يا بلوچن ۽ سنڌين جي ماتحت ٿي ساڳئي حڪومت ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هئا. ان جا وزندار تاريخي سبب هئا.
(3) پنجاب اڻويهين صديءَ جي شروع کان وٺي انگريز سامراج ۽ سک سرڪار جو ننڍو ڀائيوار ۽ تلوار باز بنجي ويو هو. پنجاب جو هندو توڙي مسلمان حڪمران طبقو هميشه ان ڳالهه جي پٺيان لڳل هوندو هو ته آس پاس جي سمورن مسلمان علائقن جي مٿان اسين حڪومت ڪريون. ان ڪري هو هميشه افغانستان، سرحد،بلوچستان ۽ سنڌ مٿان پيا چڙهايون ڪندا هئا.  خشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ”پنجاب جو مهاراجه رنجيت سنگهه“ ۾ لکي ٿو ته ”هڪڙي منزل تي پهچي پنجاب جي شهنشاهيت جي واڌاري جي گس جي راهه ۾ انگريز رڪاوٽ بنجي ويا، جنهن ڪري رنجيت سنگهه جا انگريزن سان تعلقات بگڙجي ويا. انگريزن سنڌ جي اميرن ڏانهن به سفير پئي موڪليو ۽ رنجيت جي دل ۾ اها هورا کورا متل هئي ته پنهنجي بادشاهيءَ کي ان (سنڌ) طرف سمنڊ جي ڪناري تائين وڌائجي.“ (ص: 76) ”ملتان جي فتح پنجاب ۾ افغان اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڏکڻ طرف جي مسلمان رياستن جو سخت مضبوط دائرو ٽوڙي ڇڏيو. ان فتح بهاولپور، ديره غازي خان، ديره اسماعيل خان ۽ مانڪره جي رياستن کي تابع ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ڏانهن ويندڙ رستو کولي ڇڏبو.“ (ص: 126). ”پنجاب جي درٻار جون فتحون اتر، اولهه ۾ پنجاب جي آخري جاگرافيائي ڇيڙي تائين پهچي چڪيون هيون. جيڪڏهن پنجابي شهنشاهيت کي وڌيڪ ڦهلجڻو هيو ته اهو فقط سنڌ جي رڻ پٽ مٿان سمنڊ ڏانهن ٿي سگهيو ٿي. جڏهن انگريزن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جون خبرون لاهور پهتيون، تڏهن درٻار ۾ سخت چوٻول پيدا ٿي ويو ته انگريزن سان هڪ هڪاڻي ٿيڻ کپي. پنجابي پنهنجي افغان ۽ پٺاڻن مٿان حاصل ڪيل فتحن جي نشي ۾ مست هئا ۽ وڙهه وڙهان سندن فطرت هئي.“ (ص: 54-153) ”هن (رنجيت سنگهه) ميرن کي چوائي موڪليو ته ڌارين کي واپاري يا سياسي دخل اندازي ڪرڻ نه ڏيو، پر ان مان ڪو فائدو ڪو نه ٿيو. ڇو ته سندن ارادن جي سڀني کي خبر هئي ۽ پاڻ جنهن اڳرائيءَ واري انداز ۾ شڪارپور تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنائين، تنهن ڪري سنڌين کي سندس صلاحون دل سان نه لڳيون.“ (ص: 186). ”هن افغان سياست ۾ سرگرميءَ سان داخل ٿيڻ شروع ڪيو. هن سان هرات جي درٻار مان سفير ملڻ لڳا. هن انگريزن کي ٻڌايو ته روسي ساڻس عهدنامو ڪرڻ لاءِ آتا هئا. هن نيپال جي وڪيلن سان گهرائي رکي، اهي افواهه ڦهلجڻ لڳا ته مرهٽا سردار ۽ حيدرآباد جو نظام ساڻس لاڳاپا وڌائي رهيا آهن.“ (ص: 186). ”هڪڙي پاسي سک جنرل (زوراور سنگهه) پنجاب جا جهنڊا لهرائي ٿٻيٽ ۾ داخل ٿيو ته ٻئي طرف هو (رنجيت سنگهه) شاهه سجاج کان مطالبا ڪرڻ لڳو ته نه رڳو ملتان، ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان، مانڪره ۽ پشاور تي دعوائن کان دستبردار ٿئي، پر ڏانهنس گهوڙن ۽ ميون جو ڏن به ڏياري موڪلي.”ملتان جي ڏکڻ طرف مزارين پنجاب جي چوڪين تي حملا ڪيا، يا نه ڪيا، پر رنجيت سنگهه ان جو بهانو ڪري سنڌ ڏانهن منهن ڪيو. شهزادي کڙڪ سنگهه کي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. هن تيزيءَ سان ڇڙواڳ مزاري قبائلين جو ڪم لاهي ڇڏيو ۽ 1836ع جي اونهاري ۾ مٺڻ ڪوٽ ۽ روجهاڻ تي قبضو ڪيائين. هن پڻهس کان شڪارپور تي هلان ڪرڻ جي اجازت گهري. پر هن انگريزن سان اٽڪڻ کان لهرايو. جنهن ڪري ڏکڻ طرف (سنڌي سمنڊ طرف) وڌڻ جون سندس امنگون ۽ ارمان پورا نه  ٿيا. انگريز ان باري ۾ رنجيت سنگهه سان ڳالهيون ڪيون ۽ مٿس زور آندو ته سنڌ تي حملو نه ڪر، ڇو ته خود کين سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو ارادو هو.“، ”عالم جاه (رنجيت سنگهه) بي صبري ڏيکاري (پنهنجي وزير خارجه فقير عزيز الدين جو هٿ پڪڙي، ان تي بار بار زور سان تريون هنيائين، آخر رنجيت سنگهه ڳالهه مڃي. پر هن ان باري ۾ ڪو به عهدنامو ڪرڻ يا روجهان خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ (ص: 93-192).
ان ڪري جڏهن 1930ع ۾ پنجاب وارن مطالبو ڪيو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان اسان جي حوالي ڪريو ته انهن صوبن جا ماڻهو پڙ ڪڍي بيهي رهيا. بلڪه انهن مان ڪو به پنجاب سان گڏ ڪنهن حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ان ڪري جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن ان جي آزاد علائقائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي صوبي جو حصو بنائي ڇڏيائون. پر پنجاب تي قبضي کانپوءِ ان کي هڪدم طاقتور صوبو بنائي خود دهلي ۽ يو پي به پنجاب جا زيردست بنائي ڇڏيائون.
انهن تاريخي سببن جي ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي چوڻ تي سندن پنجاب جي اڪثريت کان مڪمل بچاءَ خاطر 1940ع ۾ ٻه بندوبست ڪيا ويا. (1) نئين ملڪ کان هزارين ميل پري رهندڙ هندستاني بنگالي مسلمانن کي به منٿون ڪري شامل ڪيو ويو ۽ آسام وارن کي به دعوت ڏني وئي. (2) پنجاب سان گڏ ڪا به هڪڙي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بدران پنجئي رياستون آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون بنايون ويون. ڪا به گڏيل فيڊريشن يا ڪانفيڊريشن ڪا نه ٺاهي وئي. ساڳئي طرح هندستان جي يو پي سي پي ۽ بهار جا هندستاني مسلمان هميشه افغانن، ترڪن، مغلن جا لشڪر بنجي تلوارون کڻيو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد مٿان حملا ڪريو بيٺا هوندا هئا. ان ڪري لاهور واري ٺاهه ۾ هڪڙي به هندستاني مسلمان جي لڏي سنڌ، بلوچستان، سرحد ۾ اچڻ جي قانوني گنجائش ڪا نه رکي ويئي. 14 جولاءِ 1942ع تي ڪانگريس مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي هيٺ پنهنجو مشهور ٺهراءُ بحال ڪيو. جنهن کي هندستاني تاريخ ۾ ”ڪئٽ انڊيا“ يا ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ چئجي ٿو. 9 آگسٽ 1942ع جي صبح جو گانڌي، نهرو، آزاد ۽ ٻين ڪانگريسي رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو. هن سرڪار گرفتارين سان گڏ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ۽ سندس ٻين صوبائي ڪميٽين تي بندش وجهي ڇڏي. هندستان ۾ وڏا گوڙ شروع ٿي ويا. هندستان ۾ بمبئي، مدراس، سي پي، بنگال، يوپي ۽ بهار ۾ زبردست ڳڙٻڙ ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ اڙيسا ۽ آسام ۾ به وڏا گوڙ ٿيا. البته سرحد، سنڌ ۽ رياست ۾ نسبتن ماٺ رهي. وائسراءِ لارڊ لنلٿگو لکيو ته، ”1857ع کانپوءِ هي وڏي ۾ وڏي بغاوت هئي“. پر اها بغاوت سال اندر ختم ٿي وئي. 15 جون 1943ع تي لارڊ ويول نئون وائسراءِ ٿي ويو. 17 فيبروري 1944ع تي مهاتما گانڌي قيد مان وائسراءِ سان خط و ڪتابت شروع ڪئي. 6 مئي تي مهاتما گانڌي کي آزاد ڪيو ويو. هن ان کان پوءِ به وائسراءِ سان ڊگهي خط و ڪتابت ڪئي، پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. ساڳئي طرح هن محمد علي جناح سان به ملاقات ڪئي، پر هر ڪو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. 25 جون 1945ع تي وائسراءِ لارڊ ويول شملي ۾ ڪانفرنس سڏائي ۽ مولانا آزاد، جناح ۽ گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪيون، پر ڪو به ٺاهه ٿي نه سگهيو.
ان وچ ۾ هندستان جي مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿي گذريون، جن جا نتيجا ڊسمبر 1945ع جي آخر تائين پڌرا  ٿيا. مسلم ليگ اها اليڪشن 1940ع جي ٺهراءَ مطابق يعني 6 مسلمان اڪثريت وارن صوبن سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب، بنگال ۽ آسام مان هر هڪ جي الڳ الڳ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ جي پروگرام جي بنياد تي کٽي هئي. هن پروگرام جي سڄي هندستان جي مسلمانن وڏي جوش و خروش سان آجيان ڪئي ۽ 5 سالن جي تبليغ کانپوءِ سڄي هندستان جا مسلمان مسلم ليگ جا عاشق ۽ فدائي بڻجي ويا، جنهن ڪري هن اليڪشن ۾ مسلم ليگ زبردست تاريخي سوڀ کٽي پاڻ کي هندستان جي سمورن مسلمانن جو اڪيلو نمائندو تسليم ڪرائڻ جو خواب پورو ڪيو ۽ انگريز توڙي ڪانگريس لاءِ هاڻي ڪو به اهڙو بهانو نه رهيو ته مسلم ليگ هندستان جي سمورن مسلمانن جي نمائندي ناهي، پر ڪانگريسي به آهن.
27 ڊسمبر 1945ع تي لارڊ ويول برطانوي سرڪار کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن هن ڀيري به ڪانگريس 1942ع جهڙي بغاوت ڪئي ته ان کي دٻائڻ لاءِ اسان وٽ وسيلا ڪونهن. 5 جنوري 1946ع تي هڪ 10 ڄڻن جو پارلياماني وفد هندستان آيو. هنن هندستان جو دورو ڪيو ۽ مختلف ليڊرن سان مليا. ٻئي جنگ عظيم مئي 1945ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي. انگريزن ۾ هاڻي وڌيڪ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ جي نه طاقت هئي، نه خواهش. هنن جي هاڻي هيءَ خواهش هئي ته جلد کان جلد هندستان مان بهترين شرطن تي ظاهري طرح هٿ ڪڍون ۽ اندروني طرح کين روس خلاف پنهنجي ڪيمپ ۽ اثر ۾ رکون. هنن تنهن ڪري هڪ وزارتي وفد هندستان موڪليو، جيڪو 23 مارچ 1946ع تي ڪراچي پهتو. انهيءَ وفد شملي ۾ 5 مئي 1946ع کان وٺي 12 مئي 1946ع تائين مختلف پارٽين سان ڳالهيون ڪيون. وزارتي ڪميشن اڳيان قائد اعظم پاڪستان لاءِ هيٺيون آئيني پيڪيج پيش ڪيو:
ميمورينڊم:
”46-5-12 تي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر (محمد علي جناح) هيٺيون ميمورينڊم جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مطالبن جي آڇ شامل آهي. قائد اعظم ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ٺاهيل هن آئيني تجويز جا پنج مکيه ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار رکندڙ اصول هي آهن: (1) سمورن مسلمان اڪثريت وارن صوبن کي پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال کي ڳنڍي هڪڙو اهڙو ملڪ ٺاهيو ويندو. (2) جنهن جي وفاقي مرڪز وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا يعني خارجه، بچاءُ ۽ فقط بچاءَ سان واسطو رکندڙ مواصلات. (3) باقي سڀ معاملا ۽ کاتا صوبن جي حوالي هوندا. (4) مرڪز جو آئين جدا ٺهندو ۽ صوبن جا آئين جدا ٺهندا. (5) آئين ٺهڻ کان پوءِ هر صوبي کي حق هوندو ته صوبي ۾ ريفرينڊم جي وسيلي فيصلو ڪري فيڊريشن کان ٻاهر نڪري. تجويز جا پنج مکيه ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ اصول هي آهن: (1) سمورن مسلمان اڪثريت وارن صوبن کي پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال کي ڳنڍي هڪڙو اهڙ ملڪ ٺاهيو ويندو. (2) جنهن جي وفاقي مرڪز وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا، يعني خارجه، بچاءُ ۽ فقط بچاءَ سان واسطو رکندڙ مواصلات. (3) باقي سڀ معاملا ۽ کاتا صوبن جي حوالي هوندا. (4) مرڪز جو آئين جدا ٺهندو ۽ صوبن جا آئين جدا ٺهندا. (5) آئين ٺهڻ کان پوءِ هر صوبي کي حق هوندو ته صوبي ۾ ريفرينڊم جي وسيلي فيصلو ڪري فيڊريشن کان ٻاهر نڪري.“
23 مارچ 1940ع تي هندستان جي مسلمانن اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ، پنجاب ۽ سرحد پنجاب سان نه گڏبا. پر انهن مان هر هڪ پنهنجي سر الڳ الڳ خودمختيار حڪومت بنجي وڃي. ان ڳالهه کي سٺ سال ٿيا آهن، ان وچ ۾ پاڪستان جي حڪمران ٽولن سوين حيلن بهانن ۽ حرفتن سان هندستان جي مسلمانن جي 23 مارچ 1940ع واري گڏيل فيصلي جو نالو نشان غائب ڪري پاڪستان ۽ قائد اعظم جي نالي جي آڙ ۾ هوبهو اها حڪومت وري مڙهي ڇڏي آهي، جنهن جي 1930ع ۾ رٿ سڄي هندستان جي مسلمانن رد ڪري ان جي جاءِ تي 1940ع واري (آسام سميت) ڇهن آزاد ۽ خودمختيار حڪومتن واري تجويز منظور ڪئي هئي. اسين اڳي پنهنجي هم وطن (هندو ڀائرن) جي دائمي اڪثريت جي راڄ ۾ مظلوم دائمي اقليت ٿي عذاب سهڻ کان ڀڄي اچي وري پنهنجي هم مذهب (پنجاب مسلمان ڀائرن) جي راڄ ۾ دائمي اقليت واري عذاب جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون. سنڌي ۾ چوندا آهن، ”چورن ڇٽي، گهل تان پيئي.“  سڄي سموري دنيا جي دستور موجب آئين رواجي پارليامينٽ نه پر خاص آئين ٺاهڻ لاءِ چونڊيل ۽ اختيار ڏنل آئين ساز اسيمبلي ٺاهيندي آهي ۽ پاڪستان جي پهرئين آئين جنهن ۾ لياقت علي خان روءِ زمين جا هٿرادو قاعدا قانون پاڪستان جي ماڻهن تي مڙهي ڇڏيا، تنهن آئين ٺاهڻ لاءِ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي آئين ٺاهڻ لاءِ ڪا به خصوصي اسيمبليءَ جي چونڊ ڪا نه ٿي. ان ڪري آئين سازيءَ جي دستوري روايتن ۽ روح جي مطابق لياقت علي خان جون سموريون آئيني ڪارروايون جائز اختيار بنايائون.
1940ع جي ٺهراءَ لفظن ۽ روح جي حساب سان اصل پاڪستان سمورين ڌرين جي رضامنديءَ سان جنهن آباديءَ جي توازن جي بنياد تي يعني پنجاب جي عدم اڪثريت جي بنياد تي ٺهيل هو، اهو بنگال جي جدائيءَ کانپوءِ ٽٽي ويو. بنگال کي ماري ڪٽي ڪڍڻ کانپوءِ ڌارين جي آباديءَ جو توازن بلڪل ابتڙ ٿي ويو، يعني پنجاب جنهن جي برتريءَ کان بچاءَ لاءِ 1940ع وارو مخصوص آئيني بنياد وجود ۾ آندو ويو هو، اهو هڪدم دائمي اڪثريت ۾ اچي ويو. ان لاءِ لازم هو ته سڀني ڌرين جي رضامندي سان آباديءَ ۽ اختيارن کي نئين توازن وارو ملڪ ٺاهيو وڃي. اهو اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ٺهيو آهي.
ساڳئي طرح ڀٽي صاحب 1973ع ۾ جيڪو پنجاب کي ملڪ جو دائمي اڪثريت وارو جائز مالڪ بنائڻ لاءِ آئين مڙهيو، ان کي جنهن پارليامينٽ هٿان مڙهايو ويو هو، اها آئين ساز اسيمبلي ڪا نه هئي. وقفن وقفن سان ڌارين اڳراين جو شڪار ٿيڻ جي باوجود سنڌ هزارين سالن کان سنڌي قوم جو وطن ۽ ملڪيت آهي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ شرط سنڌي قوم جي پنهنجي وطن جي مالڪيءَ سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ کيس پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ غلام بنائڻ جون ناجائز ۽ ناپاڪ حرڪتون شروع ڪري کيس سندس علائقن، وسيلن، حڪمرانيءَ جي حق سميت سمورن حقن، اختيارن کان ڏاڪي به ڏاڪي محروم ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان جي ٺاهه موجب سنڌ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آبادين جي مٽا سٽا جي ڪا به گنجائش ڪا نه هئي. هٿرادو مچايل فسادن جي پڄاڻيءَ بعد ٻنهي طرفن جي سڀني پناهه وٺندڙ متاثرن کي واپس پنهنجي وطن وڃڻ کان ڪا به روڪ ڪا نه هئي ۽ نه آهي. سنڌي قوم جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ سڄي جهان ۽ سمورن علائقن (پنجاب، سرحد، افغانستان، برما، بنگلاديش ۽ الائي ڪٿان) ڪٽڪ گهرائي سنڌ جي تخت گاهه جي شهر تي ناجائز قبضا ڪرڻ جي آئيني بنياد جي سراسر خلاف ۽ ان جي مڪمل نفي ڪندڙ ۽ پاڪستان جي وجود جي جواز کي رد ۽ باطل ڪندڙ سياسي حرڪتون آهن. جن جا خطرناڪ نتيجا نڪرڻ اڻٽر آهن. ساڳئي وقت اها بين الاقوامي قانون ۽ ملڪن، قومن جي اصل باشندن جي عالمي طرح تسليم ٿيل ۽ اقوام متحده طرفان پڌرو ڪيل اصلي باشندن جي حقن جي سراسر خلاف آهي.
اصلوڪن ماڻهن بابت گڏيل قومن جي اخلاقي، انساني، سياسي، ملڪي ۽ بين الاقوامي پڌرنامي جي صورتحال ۾ غير سنڌي ماڻهن کي سنڌي ماڻهن تي مسلط ڪري، انهن کي سنڌ اندر ووٽ جو مستحق ڪري سنڌ جو مالڪ بنائي، سنڌين کي پنهنجي گهر ۾ اوپرو بنائڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي ۽ نه هئڻ گهرجي. ان ڪري آدم شماري فقط سنڌ وطن جي اصل مالڪن جي ۽ سمورن سنڌ جي اصل مالڪن جي هجڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن هڪڙي جي به نه.

Published Daily Kawish 18th April 2011

No comments:

Post a Comment