Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.
Showing posts with label Rasul Bux Palijo. Show all posts
Showing posts with label Rasul Bux Palijo. Show all posts

Saturday, 1 October 2011

Monday, 9 May 2011

Sudden Departure Of Commrade Hakeem Halepoto By Sami Memon


ڪنھن پرروئان پرين کي....!
حڪيم ھاليپوٽي جو اوچتو وڇوڙو
سامي ميمڻ
Sunday 10th, October 2010
روزانه عوامي آواز


علم، عمل ۽ ڏاھپ اھڙي ماڻھوءَ وٽ ھوندي وڏو فخر محسوس ڪندا آھن، جيڪو کين وڏي عزت ۽ اھميت سان سينگاري ٺاھي پنھنجي قوم ۽ وطن جي نصيب کي سنوارڻ لاءِ صحيح ۽ وقتائتو استعمال ڪندو آھي. اھڙي عمل کان پوءِ تبديلي اڻ ٽر ٿي پوندي آھي، پوءِ تھ جھر جھنگ ۾ چنگ بھ انقلابي سـُر وکيريندا آھن، ڌنارن جون جھونگاريل وايون بھ جنگ جا طبل وڄائينديون آھن ۽ چوڌاري نڌڻڪو ۽ بي واھو بڻيل پورھيت ماڻھو ظلم خلاف وِھھ جو ڍڪ ۽ لـُڪن ۾ بھ رُڪ بڻجي ويندو آهي.
بدين جي رڻ پٽ ۾ جنم وٺندڙ حڪيم ھاليپوٽو بھ اھڙو ئي عملي ماڻھو ھو، ھو رڳو نالي جو حڪيم نھ ھو، پر ڄاڻ، سچائي، بھادري ۽ ڏاھپ جو بھ حڪيم ھو، ھن سڄي عمر سنڌ وطن ۽ پورھيت ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري ڇڏي. ھو جو اندر ۾ سچو پچو انقلابي ماڻھو ھو. لطيف، اياز، منشي، فيض سميت ھر وطن دوست شاعر سميت لينن، مارڪس ۽ پليجي جو عمل ۽ ڏاھپ سندن نسن نس ۾ سمايل ھو، ھن وڏن ليڊرن جيان مٿان کان سياست شروع نھ ڪئي هئي، سندس نظريي، سوچ ۽ سياست جو پھريون محور سندس گھر، ٻار ۽ ٻچا ھئا، پوءِ پاڙو ۽ سڄو ڳوٺ سندس سياست جو اول ۽ آخر ھو. ھر جدوجھد جي اڳين صفن ۾ سندس نياڻيون ۽ مٽ مائٽ پڻ ھوندا ھئا. ھن پهرئين ڏينھن کان سنڌ جي خوشحالي، پارٽي سان محبت ۽ وفاداري ڪندي آخري پساھھ تائين سنڌ لاءِ موت بڻيل ڪالاباغ ڊيم خلاف ويڙھھ ڪندي گذاري. نالي ۽ شھرت کان پاسيرو حڪيم ھاليپوٽو سدائين ليڊرشپ جي پوئين صفن ۾ ھوندو ھو، پر ڪارڪن بڻجي پارٽي جي حڪم جي پوئيواري لاءِ سڀ کان اڳين صفن ۾ بيٺل نظر  آيو.
ڪراچي جھڙو قھري شھر ھجي يا محبتن جو امين ٺٽو شھر، سدائين ڊوڙ ۾، ڪڏھن ميٽنگ، ڪڏھن جلسو، ڪڏھن پريس ڪانفرنس، ڪڏھن سيمينار ۾، ڪڏھن لانگ مارچ تھ ڪڏھن جلوس ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندڙ حڪيم ھاليپوٽو دل جي بي وفائي جو نشانو بڻجي اسان کان اوچتو ڌار ٿي ويو. سندس وڇوڙو ھڪڙي حڪيم ھاليپوٽي جو جسماني وڇوڙو ڪونھي، ھو پنھنجي ذات ۾ پيار، امن ۽ آجپو ھو، علم، عقل ۽ ڏاھپ ھو، سونھن ۽ سرھاڻ ھو، نظريو، پارٽي ۽ انقلاب ھو. ھو اسان جي ھٿن مان ايئن موت ھٿان کنڀجي ويو جيئن ٻار جي ھٿ مان سرڻ مٺو لولو لامارو ڏئي کسي ويندي آھي.
اڄ اسان پنھنجي وفادار ساٿي جي وڇوڙي تي روئي بھ نٿا سگھون، ڏک مان ڍڪون ڏئي پار بھ نٿا ڪڍي سگھون، ھو چوندو ھو تھ انقلابي ماڻھو عوام ۽ وطن جي آزادي، امن ۽ آجپي لاءِ پنھنجا سمورا ذاتي سک، لذتون ۽ خوشيون ڇڏي ان ڏينھن ئي مري ويندو آھي جڏھن وطن لاءِ لالچ، لوڀ ۽ ڪروڌ ڇڏي ڏيندو آھي. اسان کي ھڪ ٻئي لاءِ روئڻ بدران سچائي جو ثبوت ڏيندي سندس واٽ تي ايمانداري ۽ بھادري سان ھلڻ گھرجي.
اڄ الاءِ ڇو ھن جون سموريون ڳالھيون، قول، شاعري ۽ دليل اکين اکيان اچي بيٺا آھن، سندس تقريرون ڪنن ۾ گونجن پيون، ڳالھھ ڳالھھ تي دليل طور لطيف جو شعر سو بھ اھڙو جو دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ ڪڍي ڇڏي. ڀاڳ واري آھي اھا پارٽي جنھن وٽ حڪيم ھاليپوٽي جھڙا سچا، ايماندار ۽ سر گھوريندڙ ڪارڪن آھن، جس لھڻي اھا پارٽي جنھن حڪيم جھڙا ڪارڪن ۽ اڳواڻ تيار ڪيا. حڪيم ھاليپوٽو عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ھو ۽ ھاڻ مرڪزي نائب صدر جي عھدي تي ڪم ڪري رھيو ھو. ھو رسول بخش پليجو جو سچو سپاھي، باعمل ڪردار ۽ وفاداري ۾ فاضل راهو ھو.
حڪيم ھاليپوٽي سان ڪيتريون ئي رھاڻيون رھيون، ڪيترائي بحث ٿيا، ھن ھميشھ مون کي آٿت ڏني، ھمٿايو ۽ سنگت اڳيان تعريف ڪئي. يقين ڪريو تھ حڪيم جي تعريف کان وڏو ڪوبھ سرٽيفڪيٽ مون وٽ ڪونھي. اڄ ھنن ڏکن وارن لمحن ۾ اکيون لڙڪن سان ڀريل ھوندي بھ آءُ پاڻ کي خوش نصيب ماڻھو سمجھان ٿو جنھن کي حڪيم شاباس ڏيندي تلقين ڪئي تھ سنڌ وطن لاءِ ڪڏھن بھ ويسلو نھ ٿجانءِ.
سائين حڪيم تون اسان ڪارڪنن ۽ ساٿين کي ھيئن اڪيلو ڇڏي ويندي مون ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھو، ماڻھو ماءُ پيءُ ۽ اولاد جي مرڻ جو ڏک تھ سھسائي وڃي ٿو، پر روحاني، نظرياتي ۽ سوچن کي تبديل ڪندڙ حڪيم جھڙن ابن ڏاڏن، استادن ۽ اڳواڻن کي وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.
بدين ۾ ڪارڪنن لاءِ سياسي بڙ جي وڻ جھڙي گھاٽي ڇانوَ بڻيل شھيد فاضل راھو کانپوءِ ڪارڪنن جي لاءِ شفقت ۽ پيار جي علامت بڻيل حڪيم ھاليپوٽي جو وڇوڙو ڏاڍو ڏکيو برداشت ٿيندو. آءُ کيس سرخ سلام پيش ڪريان ٿو، سندس واٽ تي ھلڻ جو وچن ڪريان ٿو، پنھنجي سنڌ وطن ۽ پورھيت ماڻھن جي حقن لاءِ وس پڄندي ويڙھھ جاري رکڻ جو عزم ڪريان ٿو، شايد پنھنجي پيارن جي پيرن جي خاڪ بڻجي پئون، شل سندن اميدن تي پورا لھي سگھون، شل پنھنجي حياتي جا ڪي پل حڪيم ھاليپوٽو جھڙا ملي پون تھ نصيب ٺھي پوي.

Saturday, 7 May 2011

Bogus Census and role of Sindhi Women Organization by Malhar Khaskhali

بوگس گهر شماري نامنظور
                ڪالهه ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جو هڪ ئي مطالبو هو ته ”سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ بوگس گهر شماري نامنظور!“ ڪالهوڪي هڙتال سنڌ ۾ اڳ ۾ ٿيل هڙتالن کان بلڪل منفرد ۽ انتهائي دلفريب منظر ڏيندڙ هئي، سو هيئن ته عورتن لاءِ قاتل رسمون رکندڙ ۽ ورهين تائين خوني قبيلائي جهيڙن کي تاتيندڙ اتر سنڌ کان وٺي ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي سنڌياڻي تحريڪ ريلين، ڌرڻن ذريعي شديد احتجاج ڪري سنڌ جي احتجاج کي ٻچي ٻچي جو احتجاج بڻائي ڇڏيو. ائين اڳ نه ٿيو آهي. صبح جو جيڪب آباد مان ايس ايم ايس آيو ته ڊي سي او چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ خانزادي ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳي چڪو آهي. ٽائرن کي باهيون. ان کانپوءِ ميسيجز جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڌ ڏينهن گذرڻ بعد به هلندو رهيو. ڪيڏي مهل ميسيج لاڙڪاڻي مان آيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنا راهوجو ۽ ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ جناح چوڪ تي وڏي انگ ۾ سنڌياڻين ٽائرن کي باهيون ڏئي شهر ۾ ريلي ڪڍي. سڄي شهر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. وري ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ، ڪنڌڪوٽ ۾ به سنڌياڻي تحريڪ سراپا احتجاج، حيدرآباد،  بدين، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجن جا ميسيج موصول ٿيندا رهيا. سنڌياڻي تحريڪ جا اهي سمورا احتجاج آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي سمورين ميمبر تنظيمن عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سيو سنڌ موومينٽ، جي يوپي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاجن کي وڌيڪ سگهه ڏيندا رهيا ۽ ائين ڪالهوڪو احتجاج سڄي سنڌ جو احتجاج بڻجي سامهون آيو ته هي بوگس گهر شماري اسان کي قبول ناهي.“ سچ پچ ته سلام آهي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي ۽ جس هجي انهن قومپرست پارٽين کي جن تاريخي احتجاج ڪري سنڌ خلاف ٿيل سازش کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي.
مرڻو به کائبو-پرڻو به کائبو
  


              ڪي ٽي اين تي احتجاج جي خبرن ڏسڻ دوران ان وقت پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جو هڪ ڀيرو وري دلچسپ بيان سامهون جڏهن هن چيو ته ”گهر شماريءَ ۾ وڏي پئماني تي شڪايتون آهن ۽ سموري گڙٻڙ جا ذميوار ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز آهن.“ تاج حيدر اهو به چيو ته ”مون لکت ۾ اهي شڪايتون ڪيون آهن.“ جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت جتي جتي ايم ڪيو ايم کي من پسند نتيجا گهرجن اتي اهو سڄو ڪم ڊي سي اوز ۽ ڊي ڊي اوز ئي ڪري رهيا آهن پر دلچسپ ان ڪري آهي ڄڻ ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ نه پر قومپرستن کان وڌيڪ بيوس هجي ۽ هن وٽ فقط لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ جو رستو بچيو آهي! باقي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه آهي ته اهي تاج حيدر صاحب جي درخاشت قبول ڪن نه ڪن يا پڙهن- نه پڙهن! بيوسيءَ جو اهو عالم آهي جو جلال شاهه صاحب ته سينسس ڪمشنر سان ملي سگهي ٿو ۽ جماعت اسلاميءَ جو وفد ته وڏي وزير سان ملي سگهي ٿو پر پ پ پ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ملي نٿو سگهي، تنهنڪري قانوني گهرج کي به پورو ڪندي درخواست لکي پئي وڃي ته جيئن اڳتي هلي موٽ نه ملي ته ان درخاشت سميت ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري انصاف وٺي سگهجي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته مولوي مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي.“ سو پيپلز پارٽي حڪمران به پاڻ ته مظلوم ۽ مخالف ڌر به پاڻ پئي ٿئي. پيپلز پارٽي سرڪار جو گهر شماري عمل ۾ فقط شڪايتون ملڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي بجاءِ گهوڙا- گهوڙا ٿيندي ڏسي پاڻ به ان کان وڌيڪ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اهڙي حڪمت عملي لڳي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي نالي ۾ ”اتحادين جي به ونگار وهي وڃجي ۽ عوام کي روئي پِٽي چئجي ته ”ڇا ڪجي؟ اسان جي ڪير ٻڌي ئي نٿو!! ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او به نٿا ٻڌن!!“ ڀلا جي ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او نٿا ٻڌن ته بدلي ڪرڻ لاءِ رڳو چوٿائي پنو ته گهرجي ٿو. وڏو وزير به پيپلز پارٽي جو، ايوان صدر ۾ ويٺل صدر به پيپلز پارٽيءَ جو ۽ وزيراعظم سميت ٻيا وڏا حڪومتي اهم عهدا به پيپلز پارٽي وٽ باقي ڇا اڃا ڪي ٻيا عهدا آهن جيڪي پيپلز پارٽي وٽ ناهن ۽ اهي هجن ها ته وڏيون صحيحون ۽ ٺپا هڻي ڊي سي او به بدلي ڪري ڇڏجن ها ۽ چيو نه مڃيندڙ ڊي ڊي اوز جا سر وڃائي ڇڏجن ها؟
 گهر شماريءَ جا مخالف ڪير ڪير
                گهر شماري عمل کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قومپرستن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي تنظيمن سڀ کان پهرين آدمشماري ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي جنهن جي جائزي ۾ گهرشماري ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون نظر آيون، جيڪي ميڊيا ذريعي دنيا اڳيان آنديون ويون، پوءِ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ شامل تنظيم احتجاج ڪرڻ شروع، انهن احتجاجن ۽ ڌانڌلين جي وڏن ثبوتن کانپوءِ سينسس عملدارن ۽ خود وزيراعليٰ سنڌ اعتراف ڪيو ته بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن، ان بعد حڪومتي اتحادي اي اين پي به دانهن ڪئي ته ڌانڌلي پئي ٿئي. ساڳي ريت حڪومت جي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ به دانهيو ته گهر شماري بوگس ٿي رهي آهي ۽ سڀئي گهر شماريءَ ۾ ڌانڌلين جو ذميوار حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم کي قرار ڏئي رهيا آهن. ڪالهوڪي تاريخي هڙتال ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي سمورين جماعتن جي مخالفت- احتجاج ۽ سنڌ جي فيصلي کانپوءِ ڇا ڪو جواز بچي ٿو جو موجوده گهر شماريءَ کي قبول ڪجي ۽ ان کي جاري رهڻ ڏجي؟
پيرپاڳاري جي خواهش ۽ ايم ڪيو ايم جو خواب
                جيتوڻيڪ پير پاڳاري وٽ هميشه سڀني مسئلن جو حل فوج ئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سائين جن جو پنهنجو مسئلو به فوج ذريعي ئي حل ٿئي ٿو، سو پير پاڳاري جي خواهش آهي ته گهر شماري فوج ذريعي ڪرائي وڃي. مطلب ته ٻيو ڪوبه طريقو ناهي جنهن سان گهر شماري ڪرائي سگهجي! پر ائين ناهي. انهيءَ تجويز تي عمل جي ڪابه گارنٽي ناهي ته اهو ڪو غير تڪراري رهندو يا ان ذريعي سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي خطرا نه رهندا. ان ڪري اها تجويز بلڪل به عمل جوڳي ناهي ۽ نه ئي شفاف گهر شماري ڪرائڻ ڪو وڏو مسئلو آهي. ضرورت آهي نيت جي- سنڌ جي مفادن تي مفاهمت کان انڪار جي جرئت جي- موجوده گهر شماري جيئن ٿي رهي آهي، ان مان سرڪار جي رويي مان لڳو آهي ته ان وٽ گهر شماري ڪو سنجيده ڪم ناهي. سمورا بندوبست گهر شماريءَ کي بوگس ڪري رهيا آهن. گهر شماري گهڻن حوالن سان انتهائي سنجيده معاملو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت خاص شهرن لاءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي هٿ وس ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن گهر ۽ آدمشماريءَ جا مرضيءَ جا نتيجا وٺي سگهجن ۽ ان کانپوءِ مرضيءَ جون تڪبنديون ٺاهي سگهجن. يوسيز، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون تڪبنديون اهڙي انداز سان جوڙي سگهجن ته جيئن اڳتي هلي ضلعي حڪومتون به پنهنجون قائم ڪري سگهجن ۽ صوبائي سيٽون به وڌيڪ کڻي سگهجن ته جيئن هميشه لاءِ وڏ وزارت به ماڻي سگهجي ته ان سان گڏ وزارت عظميٰ کي به ڪلهو ڏئي سگهجي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن بوگس گهر ۽ آدمشماريءَ کي قبوليت ملي.
آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آڻيو
                ڳجها معاملا يا ڳالهيون اهي رکيون وينديون آهن جيڪي سلامتيءَ متعلق هونديون پر ڪهڙي گهر ۾ علو، ولو، هيرو ۽ خيرو رهي ٿو؟ اهو ڪو ملڪي سلامتيءَ جو راز ناهي جو گهر شماريءَ ۾ اهي تفصيل ڳجها رکجن ۽ فقط انگ ظاهر ڪجي ته هن صوبي ۾ هيترا ماڻهو آهن ۽ فلاڻيون فلاڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. ڪنهن علائقي ۾ ڪيترا گهر آهن؟ ۽ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا؟ سچ پچ ته اهو راز ۾ رکڻ ڪنهن مشڪري کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته توهان ساڳي ئي وقت تي ووٽر لسٽن جي صورت ۾ انهن ئي ماڻهن جا تفصيل هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آڻي ڇڏيو ٿا ته پوءِ آدمشماري جا سمورا انگن اکرن سميت تفصيل عوام جي پهچ ۾ ڇو نٿا آڻيو؟ سڄي گڙٻڙ ۽ بداعتمادي اتان ئي شروع ٿئي ٿي. ان ڪري ان گورک بڻايل معاملي کي آسان ڪرڻ لاءِ گهر ۽ آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آسانيءَ سان آڻڻ ممڪن بڻايو وڃي ته هر ڪو ڏسي سگهي ته اهو گهر يا آدمشماري ۾ ڳڻيو ويو آهي يا نه؟ ۽ ڪهڙا بوگس گهر ۽ نالا شامل ڪيا ويا آهن جن کي آسانيءَ سان ختم به ڪري سگهجي.
                پيپلز پارٽي سرڪار کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هاڻي سال- ڏيڍ ۾ هن کي وري ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ وڃڻو آهي ۽ سنڌ جهاڳڻي آهي. ان ڪري قومي مفادن تي مفاهمت کي ختم ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ بوگس گهر شماريءَ کي مڪمل ختم ڪيو وڃي، ان بعد شفاف گهر شماريءَ لاءِ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي سڀ کان پهرين (1 ) گهر شماري ڪندڙ عملي ۾ علائقي جي اسڪول جي مقامي استادن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي. (2 ) گهر ۽ ڪٽنب شماريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ اهڙا بوڪ استعمال ڪيا وڃن جيڪي عام نه هجن ۽ انهن تي بوڪ نمبر هجي ۽ پيجز تي سيريل نمبر هجي. (3 )اهي تفصيل/لسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر بلاڪ جي مقامي اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين موجود رهڻ ڏنيون وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجا تفصيل ڏسي سگهن. (4 ) ان سان گڏ اهي سمورا تفصيل انٽرنيٽ تي اپ لوپ ڪيا وڃن ته جيئن اهو بخوبي ڄاڻي سگهجي ته ڪٿي ڪو گهر ۽ ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي ته نه ويو آهي ۽ ڪٿي ڪي بوگس تفصيل ته نه شامل ڪيا ويا آهن؟ ان ڪم ۾ نه حڪومت جو ڪو اضافي خرچ ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان مٿان ڪا آڱر کڄي سگهي ٿي پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي سرڪار جنهن وڻ جي ڏار تي ويهي ان کي وڍڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي ته پوءِ ڀلي اهي ساديون ڳالهيون نه سمجهي ۽ جي هوش ڪرڻ چاهي ٿي ته اڄ ئي اعلان ڪري ته هي بوگس گهر شماري ڪينسل ۽ وري شفاف گهر شماري ڪرائي ويندي 


Wednesday, 4 May 2011

Historical Strike against Bogus in house census By G. N. Mughal


بوگس گھر شماريءَ خلاف سنڌ ۾ تاريخي هڙتال
جي اين مغل
پهرين مئي 2011، روزانه عوامي آواز
سنڌي قوم پرست تنظيمن جي سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”بوگس“ گھر شماريءَ خلاف ڇنڇر، 30 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جيڪا شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي آهي ان جو ڪئين سببن جي ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. اها هڙتال ڪئين نقطئه نگاهن کان تاريخي ۽ مثالي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان دعويٰ کي ڪجهه حلقا ”اجائي وڏي دعويٰ“ سڏين پر اسين هن ڪالم ۾ انهيءَ دعويٰ جو جواز پيش ڪنداسين.
                         ان کان اڳ جو اسين تفصيل سان ان دعويٰ جو جواز پيش ڪريون، ضروري ٿا سمجھون ته موجوده سرڪار جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايون ته جنهن نموني اها هڙتال ڪرڻ تي سڄي سنڌ جي عوام جنهن غصي، ڪاوڙ ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو آهي ان جو نوٽيس وٺڻ ۽ نئين سر گھر شماري ڪرڻ جون تياريون ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪنهن اتحادي ڌر جي دٻاءَ تحت ايئن ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ان جي نتيجي ۾ سنڌ ڪو انتهائي نوعيت جو رد عمل ظاهر ڪري وجھي. هڙتال جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف حصن کان ايندڙ اطلاعن مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه بشير خان قريشي سنڌ جي اندرين علائقن مان هڪ هنڌ ڪنهن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام پاران ڪيل اڄوڪي ڪامياب هڙتال کان پوءِ جيڪڏهن ڪراچي جي بوگس گھر شماري کي منسوخ نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جو عوام ان خلاف جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. ان ڳالهه کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن بشير خان قريشي جي انهيءَ وارننگ تي فوري طور ڌيان نه ڏنو ويو ته پوءِ سنڌ جون سڀ قوم پرست ڌريون اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿيون.
جيستائين ان دعويٰ جو تعلق آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ڪئين لحاظن کان سنڌ جي هڪ مثالي ۽ تاريخي هڙتال آهي. ان جا ڪئين پاسا آهن. سڀ کان پهرين اسان کي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ گھرجي ته شايد تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته گهر شماري واري انهيءَ اشوءَ تي ايتريون قوم  پرست جماعتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ به سنڌ ۾ ان قسم جا اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر منهنجي خيال ۾ ماضيءَ ۾ ٺهندڙ ڪنهن به اهڙي اتحاد ۾ ايتريون قوم پرست جماعتون شامل نه رهيون آهن. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪي اهڙا اتحاد ٺهيا آهن ته ترت ٽٽي به ويا آهن. پر هيءُ  پهريون ڀيرو آهي جو هي اتحاد جيڪو ” آدم شماري واري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي نالي سان وجود ۾ آيو آهي ۽ جنهن جو سربراهه سنڌي قومپرستي جو جديد نظريو ڏيندڙ جي ايم سيد جو پوٽو سيد جلال محمود شاهه آهي، جيڪو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه پڻ آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌ جي هڪ انتهائي تجربيڪار سياسي ڌر عوامي تحريڪ به شامل آهي، جنهن جو پايو وجھندڙ رسول بخش پليجو ۽ جنهن جو موجوده صدر اياز لطيف پليجو آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌي جي هڪ اهم قوم پرست پارٽي ”سنڌ ترقي پسند پارٽي“ پڻ آهي جيڪا ڪافي عرصي کان سنڌ جي اشوز تي جدوجھد ڪندي پئي اچي ۽ جنهنجو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي آهي. ان اتحاد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پڻ آهي جنهنجو سربراهه سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ جاکوڙي قوم پرست بشير خان قريشي آهي. ان کان سواءِ جيئي سنڌ تحريڪ مان ٺهيل ڌڙا جن ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ تحريڪ، رياض چانڊيي جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ محاذ جو هڪ ٻيو گروپ توڙي سيو سنڌ موومينٽ جنهن جو سربراهه سيد شاهه محمد شاهه، ابرار قاضي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ عوامي جمهوري پارٽي جهڙيون پارٽيون شامل آهن. حقيقت اها آهي ته قوم پرستن جي انهيءَ اتحاد پاران ڪراچي جي بوگس آدم شماري خلاف 30 اپريل واري هڙتال هڪ طرح جي ”litmus test“ هئي جنهن مان هيءُ اتحاد ڪاميابي سان پار پيو آهي. اها منزل پار ڪرڻ کان پوءِ اميد ڪرڻ گھرجي ته اهو اتحاد منتشر نه ٿيندو ۽ ڪا به پارٽي ان اتحاد کان ڌار ٿيڻ واري غلطي ڪري سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ کي دعوت نه ڏيندي.هن اتحاد جي هر پارٽي تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اها ان اتحاد جي راهه ۾ ايندڙ هر انا کي رد ڪري ڇڏيندي. هن اتحاد مان سنڌ جي عوام کي تمام وڏيون اميدون آهن. حقيقت اها آهي ته هيءُ اتحاد ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سنڌ ۾ پ پ جي مقابلي ۾ هڪ متبادل سياسي قوت طور اڀرندو. اها ڳالهه نه پ پ جي خلاف آهي ۽ نه سنڌ جي عوام جي خلاف آهي. جيڪڏهن اهو اتحاد هڪ اهڙي سياسي ڌر طور اڀري ٿو  جيڪو سنڌ جي خدمت واري مقصد لاءِ پ پ سان صحت مند چٽاڀيٽي ڪري ٿي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. نه  فقط پ پ کي ان اتحاد کي مثبت سياسي اڳڀرائي طور قبول ڪرڻ گھرجي پر خود ان اتحاد کي به پنهنجو پاڻ تي اعتماد جو اظهار ڪندي پ پ جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي خدمت ۾ پ پ سان صحت مند سياسي چٽاڀيٽي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري. هن اتحاد کي اهڙن ڪئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي جيڪي هن وقت سنڌ جي اتحاد، سماجي ڍانچي ۽ معاشي ترقي کي چٿي رهيا آهن. مثال طور تي هي اتحاد اپر سنڌ ۾ وقت به وقت ٿيندڙ قبائلي جهڳڙن کي نبيرن لاءِ مداخلت ڪري سگهي ٿو.
30 اپريل واري هڙتال ۽ قوم پرست پارٽين جي هن سڏ تي تاريخي ڪاميابيءَ جو ٻيو به اهم پهلو آهي. آئون سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪالهه ڇنڇر واري هڙتال پهرين هڙتال آهي جنهن جي ايترين پارٽين هڪ ئي وقت حمايت ڪئي. ڏٺو وڃي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي مڙني سياسي جماعتن  يا ته سڌي طرح انهيءَ هڙتال جي حمايت ڪئي يا اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي. هڙتال جي سڌي طرح حمايت ڪندڙ پارٽين ۾ عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (نواز شريف گروپ)، تحريڪ انصاف، جميعت علماءِ اسلام، فضل الرحمان گروپ، جماعت اسلامي ۽ جمعيت العماءِ پاڪستان ۽سني تحريڪ شامل آهي. جيڪڏهن ايئن چئجي تي هن هڙتال جي حق ۾ گهڻو ڪري سمورين سياسي جماعتن جو اتفاق راءِ هو ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، خود پير پاڳاري به ان مقصد جي تائيد ڪئي جنهن تحت انهيءَ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. اها ڳالهه ڪيڏي نه چڱي ٿئي ته جن قوم پرست پارٽين ان هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جا سربراهه گڏجي هڙتال جي حمايت ڪندڙ مڙني پارٽين جي سربراهن، جن ۾ پير پاڳارو به شامل هئڻ گھرجي، سان ملي سندن حمايت ڪرڻ تي هنن جا ٿورا مڃين ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته اڳتي به ان مقصد لاءِ انهن پارٽين سان وڌيڪ ويجھڙائپ قائم ڪئي وڃي.
اطلاعن مطابق سڄي سنڌ ۾ اڪثر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي. ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي شهر ۾ ڪراچي جا پراڻا سڀ علائقا نه فقط مڪمل طور بند رهيا پر اتي نه دڪان کليا ۽ نه ڦيٿو ڦريو. ان سلسلي ۾ خاص طور ڪڇي رابطا ڪميٽي توڙي ڪراچيءَ جي ٻين پراڻين برادرين طرفان رضاڪاراڻي طور ۽ پرجوش نموني هن هڙتال ۾ حصو وٺڻ وارو عمل ڪراچي جي تاريخ جو هڪ نئون باب آهي. ڇا مناسب نه ٿيندو ته  هڙتال جو سڏ ڏيندڙ پارٽي سربراهه انهن علائقن جو دورو ڪري اتان جي ماڻهن ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين برادرين جا ٿورا مڃين. 30 اپريل واري هڙتال جو هڪ ٻيو به انتهائي تاريخي پهلو آهي. هن هڙتال ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعن مطابق هنن ڪراچي ۾ بندر روڊ تي ڌرڻو هڻي دڪان بند ڪرايا ۽ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي سربراهي ۾سنڌ جي هڪ اهم هنڌ ”حيدر چوڪ“ تي ڌرڻو هنيو. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هڙتال واري سياست جو اهو هڪ انتهائي اهم واقعو آهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ۾ سنڌياڻين طرفان هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ سبب سنڌ ۾ هڙتال واري سياست هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي جنهن جا سنڌ جي آئيندي جي سياست تي ڪافي مثبت اثر پوڻ جا امڪان آهن. اهي به اطلاع آهي ته حيدرآباد شهر جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ”سن آف سوائل“ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. اسين سندن ٿورا مڃون ٿا. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هڙتال جو سڏ ڏيندڙ قوم پرست رهنما حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جا خاص طور ٿورا مڃين.
ڪراچي جي هڙتال جو هڪ اهم ۽ نه وسري سگهجندڙ پهلو اهو آهي ته ڪراچي ۾ هڙتال ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي عوام کي ذهني طور مجبور ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون هڪ ڏينهن اڳ مختلف علائقن ۾ گولين جو وسڪارو ڪندي مارا ماري ڪنديون رهيون آهن. بسن کي باهه ڏيئي ان رات کان ٽرئفڪ کي رستن تان هٽي وڃڻ تي مجبور ڪنديون آهن. پر هن ڀيري اهڙي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي  ۽ اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکڻ جو حق ڪراچيءَ جي پبلڪ کي ڏنو ويو ته هو ڪاروبار ۽ ٽرئفڪ بند رکن ٿا يا نه . ان جي باوجود ڪراچيءَ جي اڪثر علائقن ۾ اڪثر دڪان بند رهيا. صدر جهڙي علائقي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي دڪان بند رهيا. شهر جي مرڪزي علائقن ۾ ٽرئفڪ هلندي رهي پر گهٽ هئي. منهنجي خيال ۾ هن روايت جي تعريف ڪرڻ گھرجي. هئڻ ايئن گھرجي ڪراچي جي عوام کي به اها روايت وڌي آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن به احتجاج ۾ حصو وٺن ته رضاڪاراڻي طور حصو وٺن.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته مڙني سنڌي قوم پرست رهنمائن هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضلعا ورهايا هئا ۽ اطلاعن مطابق مڙني رهنمائن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هڙتال کي هر هنڌ ڪامياب ڪرايو. اسان جا اهي سڀ رهنما جهڙوڪ سيد جلال محمود شاهه، رسول بخش پليجو، اياز لطيف پيلجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رياض چانڊيو، سيد شاهه محمد شاهه ۽ ابرار قاضي سڀ سنڌ جي هيروز طور اڀريا آهن. اميد ته هو پنهنجو اهو ڪردار مسلسل جاري رکندا. بهرحال انهيءَ ڳالهه کي نوٽ ڪرڻ بغير نه ٿو رهي سگهجي ته جن قوم پرست پارٽين هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جي ڪراچي وارن ڪارڪنن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي حوالي سان تعاون جي کوٽ نظر آئي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪراچي جي هڙتال جا نتيجا ڪجهه مختلف هجن ها.



Friday, 29 April 2011

What HAARP caused this flood 2010 Pakistan? By Rasul Bux Palijo


ڇا اسان آمريڪا جي تيار ڪيل موسمي هٿيار هٿان ٻڏا آهيون؟
سومر 27 سيپٽمبر 2010ع
گهڻا سال اڳ آمريڪا جي هڪڙي اڳوڻي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار زبگ نيو برزرينسڪيءَ هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جنهن جو عنوان آهي ”ٻن زمانن جي وچ ۾“. هن لکيو هو ته ”ٽيڪنالاجي مکيه عالمي قوتن جي رهنمائن کي اهي طريقا ٻڌائيندي جن سان هو پنهنجي مخالف ملڪن خلاف ڳجهيون جنگيون ڪري سگهندا...موسمن ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ردوبدل ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪري هو (انهن ملڪن ۾) ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ڏڪار يا طوفان پيدا ڪري سگهندا“.
اي آر جيرل لکي ٿو: ”هاڻي جيڪي خبرون پيون آهن، سي ظاهر ٿيون ڪن ته آمريڪا ۾ جيڪا ٽيڪنالاجي High frequency active aural research program HAARP واري پروگرام جي ماتحت جوڙي راس ڪئي پئي وڃي، سا ستارن جي جنگين واري منصوبي جو حصو آهي. اهو پروگرام آمريڪا جي رياست الاسڪا جي شهر گوڪوما ۾ هلندڙ آهي. ان جو انتظام آمريڪي ايئرفورس ۽ نيوي گڏ هلائي رهيون آهن. ان پروگرام ماتحت هٿيارن جا نوان نظام تخليق ڪيا پيا وڃن، جن جي ڪمان آمريڪا جي ريسرچ لئبارٽرين واري خلائي گاڏين جي ڊائريڪٽوريٽ جي هٿ ۾ آهي. (HAARP) ڇا آهي؟ اهو ڪمپيوٽر جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ طاقتور ائنٽنائن جو نظام آهي، جيڪي خلائي جهازن ۾ مرضي موجب مڪاني ردوبدل ڪري سگهن ٿيون.
”سائنسدان ڊاڪٽر نڪولس بيگچ جيڪو HAARP يعني آمريڪا واري عام مخلوق کي ختم ڪري سگهندڙ موسمي هٿيار خلاف جدوجهد هلائي رهيو آهي، سو چوي ٿو ته، ”اها ٽيڪنالاجي طاقتور ريڊيائي لهرن جا ترورا استعمال ڪرڻ سان خلائي دنيا جي ڪيترين ايراضين مٿان اهي مٿيان طاقتور ترورا استعمال ڪري گهربل ايراضين کي تپائي باهه ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ بجلي ۽ مقناطيس جون لهرون انهن تتل خلائي ايراضين سان ٽڪرجي جڏهن ڌرتي ڏانهن موٽ کائينديون تڏهن جيڪا به شيءِ يا دنيا، جيئري يا مئل، سامهون اچين ٿي، تنهن ۾ سمائجيو وڃن“.
هن ان موضوع تي هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ملٽري پئنڊورا باڪس“. ان ۾ هن مٿين ٽيڪنالاجي دنيا سان جيڪو حشر ڪري سگهي ٿي، تنهن جا خوفناڪ مثال ڏنا آهن. ”3 نومبر 2000ع تي لنڊن جي مشهور معروف ٽائيمس اخبار جڳ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر روزلي برٽيلس جو هڪڙو سائنسي مقالو شايع ڪيو، جنهن ۾ مٿين ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي ”آمريڪا جا فوجي سائنسدان ان رٿا تي ڪم ڪري رهيا آهن ته موسمي نظامن کي ڪيئن هٿيارن طور ڪم آندو وڃي. انهيءَ ڪم ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪرڻ تي ڪم ٿئي پيو، سي آهن ته ڌرتيءَ جي خلائي ماحول ۾ زبردست طوفان اٿارجن ۽ گهم جي ندين جا رخ موڙجن ته جيئن جتي وڻي اتي پاڻيءَ جي مڪمل سوڪ يا ڏڪار پيدا ڪري سگهجي ۽ جتي وڻي اتي زبردست ٻوڏون آڻي سگهجن“. ڊاڪٽر برٽيل وڌيل لکي ٿي ته، ”HAARP هڪڙو اجگر جيڏو هيٽر آهي، جيڪو خلائي ماحول ۾ ڳڙٻڙيون پيدا ڪري خلائي ديوار ۾ رڳو ٽونگ ٽينڊا نه، پر ڊگها چهڪ ڏئي ڌرتي جي گولي کي ٽهڪائي ٽانڊا ڪري سگهي ٿو. آمريڪي هوائي فوج جي يونيورسٽيءَ هڪڙي آخري رپورٽ AF2025 آمريڪي سرڪار کي موڪلي آهي، جنهن ۾ ايئرفورس طرفان خلا تي تحقيق جو نتيجو پيش ڪيو ويو آهي. ان رپورٽ مطابق خلا ۾ هٿرادا چهڪ ۽ چير ڏئي ڌرتي جي موسمي نظامن ۾ اهڙي ردوبل ڪري سگهجي ٿي، جو دشمن ملڪ جو مواصلاتي نظام ۽ سندس ريڊار نڪما ۽ بي اثر بنائي سگهجن ٿا.“
هڪڙي فوجي هٿيار طور HAARP ائٽم ۽ هائڊروجن بمن کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ آهي. اهو ليزر ۽ پارٽيڪل ترورن ذريعي تباهه ڪندڙ قوت جا ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي اهڙا وار ڪري سگهي ٿو، جيڪو ائٽمي بمباري واري تباهي مچائي سگهندا. هن هٿيار جي زور تي ئي هن بش جي پيءُ صدر جارج بش جي ايڏي جرئت ٿي جو هن اعلان ڪيو ته اچو ته نئين عالمي نظام ڏانهن مارچ ڪريون.
نئون عالمي نظام لِڪَ جو نالو آهي، آمريڪا جي نئين فاشسٽ ٽولي (Neo-con) نيوڪان جي انهيءَ خواب جو ته 21 هين صدي آمريڪا جي صدي هجي، جنهن ۾ آمريڪا سڄي جهان جي مٿان حڪم هلائي. هن خوفناڪ ڳجهي هٿيار کي استعمال ڪري موسمي نظامن کي تهس نهس ڪري دنيا جي ملڪن جا سڄي جا سڄا قومي اقتصادي نظام درهم برهم ڪري سگهجن ٿا. مزو وري اهو هوندو ته ڪنهن به ملڪ کي اها خبر ئي ڪا نه پوندي ته اهو حشر ڪيئن ٿيو آهي، هرڪو پيو قدرت کي ڏوهه ڏيندو. ڪنهن کي به اهو خيال ڪو نه ايندو ته آمريڪا بهادر ڪا مٿس چڙهائي ڪئي آهي. مطلب ته آمريڪا جنهن ملڪ تي ڪاوڙجي تنهن کي بدمعاش قرار ڏئي ان جي زراعت ۽ اقتصاديات کي تباهه ۽ برباد ڪرائي سگهي ٿو، پوءِ اهو ملڪ پنهنجي ماڻهن تان لامارا ڏيندا موت جا راڪاس ٽارڻ لاءِ لاچار پيو آمريڪا جي هٿ ٺوڪين اقتصادي ايجنٽن World bank ۽ آءِ ايم ايف اڳيان جهوليون جهليندو ۽ گيسيون ڪندو، ان ڪري دنيا جي پوئتي پيل ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪن. في الحال سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ جيڪا سڄي دنيا ۾ گهوڙا گهوڙا لڳي پئي آهي ته قدرتي طرح دنيا جون موسمون بدلجي ويون آهن ۽ دنيا قدرتي طرح تپي ٽانڊا ٿي ويئي آهي، سا ڳالهه دراصل نتيجو آهي HAARP ۽ ان جي فوجي سائنسدانن جي ڪرتوتن جو. ان خوفناڪ حقيقت کي لڪائڻ لاءِ آمريڪا رات ڏينهن هڪ ڪري اهي افسانا پئي ڦهلائي ته دنيا جي گرم ٿيڻ جو سبب چين، هندستان ۽ ٻين ترقي ڪندڙ ملڪن طرفان گهڻا ڪارخانا هلائڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو صحيح نيڪال نه ڪرڻ ڪري اهو نتيجو نڪتو آهي. ٻئي طرف اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته دنيا جي ملڪن دنيا کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گهربل اپائن وٺڻ جو جيڪو عهدنامو تيار ڪيو آهي، تنهن تي صحيح ڪرڻ لاءِ آمريڪا هرگز تيار ناهي، ڇو ته ان تي صحيح ڪرڻ سان آمريڪا کي HAARP جو هٿيار استعمال ڪرڻ ۾ رنڊڪون درپيش اينديون. (حوالو: HAARP: American WMD) ڏسو A.R. Jerral جو سائنسي مقالو روزاني The Nation 21 سيپٽمبر 2010).
سنڌ تي ڪڙڪايل هن مها ٻوڏ جي بيان ڪيل صورتحال ۽ آمريڪا بهادر جي نئين خوفناڪ موسمي هٿيار جي حقيقتن جي روشني ۾ جيڪي ماڻهو مشڪل ۽ خطرناڪ مسئلي جي ڪارڻ جي سوال پڇڻ تي جواب ۾ ”الائجي؟“، ”خدا کي خبر!“ چئي جان ڇڏائيندا آهن، تن کي ڇڏي باقي جيڪي دنيا جهان بابت ڪجهه نه ڪجهه سڌ سماءُ رکندڙ آهن، خاص ڪري اهي جن جو قدرتي ۽ سماجي سائنس(Natural and social sciences) سان ڪافي واهپو آهي، سي ان نتيجي تي پهچڻ کان بچي نه سگهندا ته هيءَ مها ٻوڏ بلڪل هٿرادو آندل آهي ۽ ان ۾ اسان جي سموري موجوده جهان جي وارث آمريڪا مائي باپ، اسان جي وڏن موڀي پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن ۽ اسان جي پنهنجي گهر جي وڏن ۽ وارثن سدائين خودبخود چونڊجندڙ سياسي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، ڪاني ڪرامت جي صاحب پيرن ميرن جون دل جان سان ڪيل قربائتيون ڪوششون شامل آهن.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي، پر اسان پنهنجن قابل احترام پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن جو ڪهڙو ايڏو وڏو ڏوهه ثواب ڪيو آهي، جو هو گذريل ڏيڍ سئو سالن کان وٺي اسان جو ساهه نپوڙي ڪڍڻ بنا هڪ پل به رهي نٿا سگهن؟
ان ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين تي پاڻ ايندڙ صحبت ۾ ويچار ڪنداسون.