بوگس گھر شماريءَ خلاف سنڌ ۾ تاريخي هڙتال
جي اين مغل
پهرين مئي 2011، روزانه عوامي آواز
سنڌي قوم پرست تنظيمن جي سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”بوگس“ گھر شماريءَ خلاف ڇنڇر، 30 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جيڪا شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي آهي ان جو ڪئين سببن جي ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. اها هڙتال ڪئين نقطئه نگاهن کان تاريخي ۽ مثالي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان دعويٰ کي ڪجهه حلقا ”اجائي وڏي دعويٰ“ سڏين پر اسين هن ڪالم ۾ انهيءَ دعويٰ جو جواز پيش ڪنداسين.
ان کان اڳ جو اسين تفصيل سان ان دعويٰ جو جواز پيش ڪريون، ضروري ٿا سمجھون ته موجوده سرڪار جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايون ته جنهن نموني اها هڙتال ڪرڻ تي سڄي سنڌ جي عوام جنهن غصي، ڪاوڙ ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو آهي ان جو نوٽيس وٺڻ ۽ نئين سر گھر شماري ڪرڻ جون تياريون ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪنهن اتحادي ڌر جي دٻاءَ تحت ايئن ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ان جي نتيجي ۾ سنڌ ڪو انتهائي نوعيت جو رد عمل ظاهر ڪري وجھي. هڙتال جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف حصن کان ايندڙ اطلاعن مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه بشير خان قريشي سنڌ جي اندرين علائقن مان هڪ هنڌ ڪنهن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام پاران ڪيل اڄوڪي ڪامياب هڙتال کان پوءِ جيڪڏهن ڪراچي جي بوگس گھر شماري کي منسوخ نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جو عوام ان خلاف جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. ان ڳالهه کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن بشير خان قريشي جي انهيءَ وارننگ تي فوري طور ڌيان نه ڏنو ويو ته پوءِ سنڌ جون سڀ قوم پرست ڌريون اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿيون.
جيستائين ان دعويٰ جو تعلق آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ڪئين لحاظن کان سنڌ جي هڪ مثالي ۽ تاريخي هڙتال آهي. ان جا ڪئين پاسا آهن. سڀ کان پهرين اسان کي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ گھرجي ته شايد تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته گهر شماري واري انهيءَ اشوءَ تي ايتريون قوم پرست جماعتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ به سنڌ ۾ ان قسم جا اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر منهنجي خيال ۾ ماضيءَ ۾ ٺهندڙ ڪنهن به اهڙي اتحاد ۾ ايتريون قوم پرست جماعتون شامل نه رهيون آهن. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪي اهڙا اتحاد ٺهيا آهن ته ترت ٽٽي به ويا آهن. پر هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو هي اتحاد جيڪو ” آدم شماري واري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي نالي سان وجود ۾ آيو آهي ۽ جنهن جو سربراهه سنڌي قومپرستي جو جديد نظريو ڏيندڙ جي ايم سيد جو پوٽو سيد جلال محمود شاهه آهي، جيڪو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه پڻ آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌ جي هڪ انتهائي تجربيڪار سياسي ڌر عوامي تحريڪ به شامل آهي، جنهن جو پايو وجھندڙ رسول بخش پليجو ۽ جنهن جو موجوده صدر اياز لطيف پليجو آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌي جي هڪ اهم قوم پرست پارٽي ”سنڌ ترقي پسند پارٽي“ پڻ آهي جيڪا ڪافي عرصي کان سنڌ جي اشوز تي جدوجھد ڪندي پئي اچي ۽ جنهنجو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي آهي. ان اتحاد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پڻ آهي جنهنجو سربراهه سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ جاکوڙي قوم پرست بشير خان قريشي آهي. ان کان سواءِ جيئي سنڌ تحريڪ مان ٺهيل ڌڙا جن ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ تحريڪ، رياض چانڊيي جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ محاذ جو هڪ ٻيو گروپ توڙي سيو سنڌ موومينٽ جنهن جو سربراهه سيد شاهه محمد شاهه، ابرار قاضي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ عوامي جمهوري پارٽي جهڙيون پارٽيون شامل آهن. حقيقت اها آهي ته قوم پرستن جي انهيءَ اتحاد پاران ڪراچي جي بوگس آدم شماري خلاف 30 اپريل واري هڙتال هڪ طرح جي ”litmus test“ هئي جنهن مان هيءُ اتحاد ڪاميابي سان پار پيو آهي. اها منزل پار ڪرڻ کان پوءِ اميد ڪرڻ گھرجي ته اهو اتحاد منتشر نه ٿيندو ۽ ڪا به پارٽي ان اتحاد کان ڌار ٿيڻ واري غلطي ڪري سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ کي دعوت نه ڏيندي.هن اتحاد جي هر پارٽي تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اها ان اتحاد جي راهه ۾ ايندڙ هر انا کي رد ڪري ڇڏيندي. هن اتحاد مان سنڌ جي عوام کي تمام وڏيون اميدون آهن. حقيقت اها آهي ته هيءُ اتحاد ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سنڌ ۾ پ پ جي مقابلي ۾ هڪ متبادل سياسي قوت طور اڀرندو. اها ڳالهه نه پ پ جي خلاف آهي ۽ نه سنڌ جي عوام جي خلاف آهي. جيڪڏهن اهو اتحاد هڪ اهڙي سياسي ڌر طور اڀري ٿو جيڪو سنڌ جي خدمت واري مقصد لاءِ پ پ سان صحت مند چٽاڀيٽي ڪري ٿي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. نه فقط پ پ کي ان اتحاد کي مثبت سياسي اڳڀرائي طور قبول ڪرڻ گھرجي پر خود ان اتحاد کي به پنهنجو پاڻ تي اعتماد جو اظهار ڪندي پ پ جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي خدمت ۾ پ پ سان صحت مند سياسي چٽاڀيٽي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري. هن اتحاد کي اهڙن ڪئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي جيڪي هن وقت سنڌ جي اتحاد، سماجي ڍانچي ۽ معاشي ترقي کي چٿي رهيا آهن. مثال طور تي هي اتحاد اپر سنڌ ۾ وقت به وقت ٿيندڙ قبائلي جهڳڙن کي نبيرن لاءِ مداخلت ڪري سگهي ٿو.
30 اپريل واري هڙتال ۽ قوم پرست پارٽين جي هن سڏ تي تاريخي ڪاميابيءَ جو ٻيو به اهم پهلو آهي. آئون سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪالهه ڇنڇر واري هڙتال پهرين هڙتال آهي جنهن جي ايترين پارٽين هڪ ئي وقت حمايت ڪئي. ڏٺو وڃي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي مڙني سياسي جماعتن يا ته سڌي طرح انهيءَ هڙتال جي حمايت ڪئي يا اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي. هڙتال جي سڌي طرح حمايت ڪندڙ پارٽين ۾ عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (نواز شريف گروپ)، تحريڪ انصاف، جميعت علماءِ اسلام، فضل الرحمان گروپ، جماعت اسلامي ۽ جمعيت العماءِ پاڪستان ۽سني تحريڪ شامل آهي. جيڪڏهن ايئن چئجي تي هن هڙتال جي حق ۾ گهڻو ڪري سمورين سياسي جماعتن جو اتفاق راءِ هو ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، خود پير پاڳاري به ان مقصد جي تائيد ڪئي جنهن تحت انهيءَ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. اها ڳالهه ڪيڏي نه چڱي ٿئي ته جن قوم پرست پارٽين ان هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جا سربراهه گڏجي هڙتال جي حمايت ڪندڙ مڙني پارٽين جي سربراهن، جن ۾ پير پاڳارو به شامل هئڻ گھرجي، سان ملي سندن حمايت ڪرڻ تي هنن جا ٿورا مڃين ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته اڳتي به ان مقصد لاءِ انهن پارٽين سان وڌيڪ ويجھڙائپ قائم ڪئي وڃي.
اطلاعن مطابق سڄي سنڌ ۾ اڪثر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي. ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي شهر ۾ ڪراچي جا پراڻا سڀ علائقا نه فقط مڪمل طور بند رهيا پر اتي نه دڪان کليا ۽ نه ڦيٿو ڦريو. ان سلسلي ۾ خاص طور ڪڇي رابطا ڪميٽي توڙي ڪراچيءَ جي ٻين پراڻين برادرين طرفان رضاڪاراڻي طور ۽ پرجوش نموني هن هڙتال ۾ حصو وٺڻ وارو عمل ڪراچي جي تاريخ جو هڪ نئون باب آهي. ڇا مناسب نه ٿيندو ته هڙتال جو سڏ ڏيندڙ پارٽي سربراهه انهن علائقن جو دورو ڪري اتان جي ماڻهن ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين برادرين جا ٿورا مڃين. 30 اپريل واري هڙتال جو هڪ ٻيو به انتهائي تاريخي پهلو آهي. هن هڙتال ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعن مطابق هنن ڪراچي ۾ بندر روڊ تي ڌرڻو هڻي دڪان بند ڪرايا ۽ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي سربراهي ۾سنڌ جي هڪ اهم هنڌ ”حيدر چوڪ“ تي ڌرڻو هنيو. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هڙتال واري سياست جو اهو هڪ انتهائي اهم واقعو آهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ۾ سنڌياڻين طرفان هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ سبب سنڌ ۾ هڙتال واري سياست هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي جنهن جا سنڌ جي آئيندي جي سياست تي ڪافي مثبت اثر پوڻ جا امڪان آهن. اهي به اطلاع آهي ته حيدرآباد شهر جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ”سن آف سوائل“ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. اسين سندن ٿورا مڃون ٿا. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هڙتال جو سڏ ڏيندڙ قوم پرست رهنما حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جا خاص طور ٿورا مڃين.
ڪراچي جي هڙتال جو هڪ اهم ۽ نه وسري سگهجندڙ پهلو اهو آهي ته ڪراچي ۾ هڙتال ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي عوام کي ذهني طور مجبور ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون هڪ ڏينهن اڳ مختلف علائقن ۾ گولين جو وسڪارو ڪندي مارا ماري ڪنديون رهيون آهن. بسن کي باهه ڏيئي ان رات کان ٽرئفڪ کي رستن تان هٽي وڃڻ تي مجبور ڪنديون آهن. پر هن ڀيري اهڙي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکڻ جو حق ڪراچيءَ جي پبلڪ کي ڏنو ويو ته هو ڪاروبار ۽ ٽرئفڪ بند رکن ٿا يا نه . ان جي باوجود ڪراچيءَ جي اڪثر علائقن ۾ اڪثر دڪان بند رهيا. صدر جهڙي علائقي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي دڪان بند رهيا. شهر جي مرڪزي علائقن ۾ ٽرئفڪ هلندي رهي پر گهٽ هئي. منهنجي خيال ۾ هن روايت جي تعريف ڪرڻ گھرجي. هئڻ ايئن گھرجي ڪراچي جي عوام کي به اها روايت وڌي آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن به احتجاج ۾ حصو وٺن ته رضاڪاراڻي طور حصو وٺن.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته مڙني سنڌي قوم پرست رهنمائن هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضلعا ورهايا هئا ۽ اطلاعن مطابق مڙني رهنمائن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هڙتال کي هر هنڌ ڪامياب ڪرايو. اسان جا اهي سڀ رهنما جهڙوڪ سيد جلال محمود شاهه، رسول بخش پليجو، اياز لطيف پيلجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رياض چانڊيو، سيد شاهه محمد شاهه ۽ ابرار قاضي سڀ سنڌ جي هيروز طور اڀريا آهن. اميد ته هو پنهنجو اهو ڪردار مسلسل جاري رکندا. بهرحال انهيءَ ڳالهه کي نوٽ ڪرڻ بغير نه ٿو رهي سگهجي ته جن قوم پرست پارٽين هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جي ڪراچي وارن ڪارڪنن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي حوالي سان تعاون جي کوٽ نظر آئي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪراچي جي هڙتال جا نتيجا ڪجهه مختلف هجن ها.
No comments:
Post a Comment