Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.
Showing posts with label Nationalisl. Show all posts
Showing posts with label Nationalisl. Show all posts

Saturday, 1 October 2011

Thursday, 21 July 2011

Palijo Calls to Sindh by G. N. Mughal


پليجي جو سنڌ کي سڏ جي اين مغل
رسول بخش پليجو هن وقت سنڌ جو بزرگ ترين سياستدان آهي، پليجي سان ڪنهن جا به ڪنهن اشوءَ تي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر هن جي تجربي، سنڌ لاءِ تڙپ ۽ حالتن کي سمجهڻ واري بصيرت تي ڪي به ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن، پليجي صاحب سومر جي ڏينهن حيدرآباد ۾ هڪ انتهائي اهم پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ کي لاحق خطرن جو تفصيل سان ذڪر ڪندي سنڌ جي عوام کي ”اٿي کڙا ٿيو“ وارو سڏ ڏنو آهي، ساڳئي وقت هن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ۽ ماڳن  جي تحفظ لاءِ ڪي انتهائي اهم تجويزون به ڏنيون آهن.
مون جڏهن کان ”عوامي آواز“ جي سٿ ۾شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ اخبار ۾ وقت به وقت مختلف اشوز تي  ڪالم لکيا آهن تن ۾ مون اڪثر سنڌ کي درپيش سنگين خطرن جو ذڪر پئي ڪيوآهي، ان حد تائين جو اڪثر دوستن شڪايت ڪئي ته آئون خوامخواهه  مايوسي ”ڦهلائي رهيو آهيان، انهن خطرن جي مدنظر، جيڪي هڪ صحافي جي حيثيت ۾ حالتن جو جائزو وٺندي مون کي نظر آيا آهن،  انهن جو ذڪر پيش ڪيو آهي، مون تازو ”پليجي ۽ جويي کي سنڌ جي پارت هجي“ جي عنوان سان هڪ ڪالم لکيو، جنهن ۾ مون، پنهنجن راءِ مطابق سنڌ کي درپيش خطرن جي مدنظر پليجي صاحب ۽ جويي صاحب کي اپيل ڪئي ته هو انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مڙني سياسي ڌرين ۽ دانشورن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري لاحق خطرن کان بچاءُ لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي تيار ڪن.
ايئن بلڪل نه آهي ته پليجي صاحب  اها پريس ڪانفرنس  منهنجو ڪالم پڙهڻ کان پوءِ ڪئي، منهنجي اها پڪي راءِ آهي ته، يا ته حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ پليجي صاحب سنڌ کي لاحق خطرن کي سنجيدگيءَ سان محسوس ڪيو ۽ ضروري سمجهيو ته اها پريس ڪانفرنس ڪري، جنهن کي لاشڪ  سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم پريس ڪانفرنس سڏي سگهجي ٿو، يا ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته پليجي صاحب کي سنڌ جي ڪجهه گهڻگهرن اعليٰ سطحي حلقن طرفان ان قسم جي صورتحال جي معلومات ڏني وئي هجي،جنهن کان پوءِ پليجي صاحب ضرور  سمجهيو ته پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ جي عوام تائين اها معلومات پهچايان، سچ پڇ پليجي صاحب اها پريس ڪانفرنس ڪري شايد مٿس تاريخ جو هڪ وڏو قرض لاٿو آهي ۽ سنڌ جي هڪ حلالي پٽ جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي.
پليجي صاحب جي پريس ڪانفرنس جو هر لفظ اهم آهي، پر جيڪي چند ڳالهيون مون کي وڌيڪ اهم محسوس ٿين ٿيون، اهي هن ريت آهن:
(اي) جنهن نموني سان گذريل صدي  ۾ نازين يورپ کي تازي ڪئمپ بڻائي ڇڏيو  ۽ سامراجين فلسطين مٿان اسرائيل مڙهي ڇڏيو آهي، تيئن هن وقت سنڌ کي به هڪ نازي ڪئمپ ۽ هڪڙو ٻيو اسرائيل بڻايو ويو آهي ۽ ننهن کان چوٽي  تائين زرهه پوش هٿياربند قانون جي پهچ  کان ڪوهين ميل پري سامراج جا دادلا دهشت گرد علي الاعلان سنڌين کي مارڻ سان گڏ سنڌي قوم کان سندن  وڏا شهر کسي وٺڻ جي مطالبن جي چاڪنگ  به ڪري  رهيا  آهن ۽ هاڻ ته اهو به پڌرو ٿيو آهي ته ان دهشت گرد  تنظيم وٽ اربين رپين جا اسرائيلي هٿيار پڻ آهن.
(بي) ٻئي طرف سنڌ جا سياسي چنيسر ۽ ميرجعفر، ويڪائو وڏيرا، نالي جا حڪمران بڻيا سنڌ ۾ ٿيندڙ ان ماراماري ۽ قتلام تي نه رڳو خاموش آهن پر هو سنڌين جي قتلن جي باوجود الٽو قاتلن کان معافيون وٺي، گيسيون ڪري ساڻن ڪرسي ڪمائڻ ۽ مال کائڻ جون سياسي سوديبازيون ڪري رهيا آهن.
(سي) موجوده حالتن ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو عوام ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ٻاهرئين حملي آورن بدران پنهنجي ملڪ ۾ موجودهه مختلف قسمن جي مڪاني ۽ ٻاهرين قبضو ڪندڙن ۽ دهشت گردن جي دهشت گرديءَ سبب سخت خطري ۾ آهي.
(ڊي) هڪ طرف سنڌ جون ٻهراڙيون عام طور قوم دشمن، وطن فروش، وڏيرا شاهيءَ جي پالتو ڦوروئن، ڌاڙيلن، اغوا ڪندڙن ۽ قبائلي دهشت گردن جي نشاني تي آهن ته ٻئي طرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن جو بي هٿيار سنڌي عوام مٿيئن ماراماري سان گڏ شهرن جي  ڀتا خوري، ڦورن، سياسي دهشت گردي ۽ مذهب جي اوٽ ۾ ٿيندڙ ماراماري ۽ قتل عام جو شڪار آهن.
(اِي) تيزي سان بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۾ وڏيرن ۽ حڪمرانن جي غداري سبب اسان سخت خطري ۾ آهيون، اسان جو وطن، خطري  ۾ آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل سوديبازي، دهشت گردي ۽ لاقانونيت  هٿان خطري ۾ آهن.
(ايف) ڪارونجهر کان ڪراچي تائين، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سموري سنڌ کي پنهنجو اباڻو ڳوٺ، سندس ڌيئن، پٽن کي پنهنجي گهر جا ڀاتي سمجهي، سمورن سنڌ دوست سنڌي ماڻهن ۽ ڌرين سان گڏ جي پنهنجي علائقن، پاڙن، گهٽين، شهرن، ڳوٺن ۾ محلا ڪميٽيون، مقامي اتحاد، بچاءُ ڪميٽيون ٺاهي چوڪيداري نظام ۽ رات جو پهرو ڏيڻ جو بندوبست ڪري مردن توڙي عورتن کي بچاءُ جون مڪمل ۽ جديد تربيتون ڏئي ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃون.
پليجي  صاحب جي اٿاريل انهن نقطن سان گڏ انهن اطلاعن جو ذڪر ڪرڻ به غير ضروري نه ٿيندو ته پرويز مشرف جي دور ۾ جديد هٿيارن ۽ خطرناڪ اسلحي سان ڀريل سامونڊي جهاز اچي ڪراچي بندر وٽ لنگر انداز ٿيندا هيا ۽ انهن اطلاعن مطابق اهي خطرناڪ هٿيار ڪنهن جي مختلف مخصوص علائقن ۾ زير زمين تهه خانن ۾ ذخيرو ٿيل آهن، افغاني دهشت گردن جي يلغار ان کان علاوه آهي.
بهرحال، پليجي صاحب جيڪو سڏ ڏنو آهي ان جو ما حاصل اهو آهي ته  ڪنهن به ”اڳڀرائي کان پنهنجو ڪيئن بچاءُ ڪيووڃي“ پليجي صاحب ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، جنهن جو مقصد ڪنهن جي خلاف اڳرائي  ڪرڻ  هجي. سنڌ جو ڪو به فرد ايئن سوچي ئي نه ٿو سگهي، پر اهڙن خطرن کان پنهنجي ماءُ سنڌ جو بچاءُ ڪرڻ نه فقط اسان جو فرض پر مذهب به آهي، ڪهڙو سنڌي آهي جيڪو پليجي صاحب جي ان سڏ ۾ سڏ نه ڏيندو ۽ پنهنجو پاڻ کي سڄي قوم آڏو توڙي تاريخ جي ورقن تي به لڄائيندو!.
پليجي صاحب سنڌ کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو سڏ اسان مڙني جو سڏ آهي،پوءِ ڀلي اسان جو ڪهڙي به سوچ ۽ سياسي ڌر سان واسطو هجي، مون کي يقين آهي، جيڪڏهن اڄ سائين جي ايم سيد زنده هجي ها ته مڙني اختلافن کي هڪ طرف رکي سڄي سنڌ مياڻي يا دٻي ۾ اچي گڏ ڪري ها. مون پنهنجي هڪ ڪالم۾ لکيو هو ته سنڌ کي جيڪي خطرا لاحق آهن، انهن جي مدنظر سڄي سنڌ جي ٻڌي جي ضرورت آهي، انهي ڪالم ۾ مون علامتي طور لکيو هو ته اڄ سنڌ جي ڪارڻ “سيد، ڀٽي ۽ پليجي“ جي اتحاد جي ضرورت آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ سڀ سنڌي، پوءِ هو سيد جا پوئلڳ آهن. پليجي جا پوئلڳ آهن يا ذوالفقار  علي ڀٽي جا پوئلڳ آهن، سڀ اختلاف وساري هڪ هنڌ گڏ ٿين، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جون سڀ محب وطن سياسي ڌريون، دانشور، تعليمي ماهر، صحافي ۽ ٻيون سڄاڻ ڌريون هڪ هنڌ گڏ ٿين، انهن خطرن جو تفصيل سان ۽ گهرائي سان جائزو ورتو وڃي. جن جو ذڪر پليجي صاحب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو آهي، يا ان سلسلي ۾ کيس  ڪي ٻيا تفصيل به معلوم آهن، ضرورت آهي ته سڀ گڏي سوچين، گڏ جي حڪمت عملي تيار ڪن ۽ گڏجي سنڌ جي بچاءَ ۾ اڳتي قدم وڌائين، ڇا هن موقعي تي آئون اها جسارت ڪري سگهان ٿو ته سيد جلال محمود شاهه، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادرمگسي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين  رهنمائن دوستن ۽ ساٿين کي اپيل ڪجي ته سنڌ جي واسطي سڀ  اختلاف ختم ڪري هڪ هنڌ گڏ ٿي، سنڌ جي بچاءَ ۾ گڏجي ڪو قدم کڻن

Wednesday, 20 July 2011

Press Conference By Awami Tahreek


سنڌ جو عوام هزارين سالن کان مختلف ٻاهرين حملي آورن سان وڙهندو ۽ پنهنجي وطن ۽ وجود جو تحفظ ڪندو آيو آهي
معزز صحافي ڀائرو؛




سنڌ جو عوام هزارين سالن کان مختلف ٻاهرين حملي آورن سان وڙهندو ۽ پنهنجي وطن ۽ وجود جو تحفظ ڪندو آيو آهي، پر موجوده حالتن ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو عوام ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ٻاهرين حملي آورن جي بدران پنهنجي ملڪ ۾ موجود مختلف قسمن جي مڪاني ۽ ٻاهرين قابضن ۽ دهشتگردن جي دهشتگرديءَ سبب سخت خطري ۾ آهي. هڪ طرف سنڌ جون ٻهراڙيون عام طرح قوم دشمن وطن فروش وڏيرا شاهيءَ جي پالتو ڦوروئن، ڌاڙيلن، اغوا ڪندڙن ۽ قبائلي دهشتگردن جي نشاني تي آهن. قانون ۽ انصاف سودي جون شيون آهن، پوليس وڏيرن جي ذاتي ملازم آهي، ان ڪري غريب بي پهچ عام هاري، مزدور ۽ شاگرد خاص ڪري ٻار ۽ عورتون بي وس ۽ لاچار هجڻ سبب پنهنجو ڪوبه تحفظ نٿا ڪري سگهن. جڏهن ته ٻي طرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن جو بي هٿيار سنڌي عوام  مٿيئن عام مارا ماريءَ سان گڏ شهرن جي ڀتاخوري، ڦرن سياسي دهشتگردي ۽ مذهب جي اوٽ ۾ ٿيندڙ مارا ماريءَ ۽ قتل عام جو شڪار آهي.
تان جو جهڙي نموني سان گذريل صديءَ ۾ نازين يورپ کي نازي ڪئمپ بنائي ڇڏيو هو ۽ سامراجين فلسطين مٿان اسرائيل مڙهي ڇڏيو آهي، تئين هن وقت سنڌ کي هڪ نازي ڪئمپ ۽ هڪڙو ٻيو اسرائيل بنايو ويو آهي ۽ ننهن کان چوٽي تائين زرهه پوش هٿياربند قانون جي پهچ کان ڪوهين پري سامراج جا دادلا دهشتگرد علي اعلان سنڌين کي مارڻ سان گڏ سنڌي قوم کان سندن وڏا شهر کسي وٺڻ جي مطالبن جي چاڪنگ به ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ ته اهو به پڌرو ٿيو آهي ته ان دهشتگرد تنظيم وٽ اربين روپين جا اسرائيلي هٿيار پڻ آهن، ٻئي طرف سنڌ جا سياسي چنيسر ۽ مير جعفر ويڪائو وڏيرا نالي جا حڪمران بنيا سنڌ ۾ ٿيندڙ ان مارا ماري ۽ قتلام تي نه رڳو خاموش آهن، پر هو سنڌين جي قتلن جي باوجود اٽلو قاتلن کان معافيون وٺي، گيسيون ڪري ساڻن ڪرسي ڪمائڻ ۽ مال کائڻ جون سياسي سوديبازيون ڪري پنهنجي ڪمزور ڪرسيءَ کي ٽيڪون ڏيئي سنڌي عوام کي اڃا به وڌيڪ ڦرڻ ۽ ڦرائڻ، لٽڻ ۽ لٽائڻ، آزارڻ ۽ غلام بنائڻ ۽ پنهنجي ستن پيڙهين تائين موجون ماڻڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
ان صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي گذريل 64 سالن کان غلام بنايل، ڦرجندڙ، لٽجندڙ ۽ روز روز رت ۾ وهنجارجندڙ عوام کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃڻ گهرجي ته تيزي سان بدلجندڙ عالمي ۽ علاقائي صورتحال ۾ وڏيرن ۽ حڪمرانن جي غداريءَ سبب اسان سخت خطري ۾ آهيون، اسان جو وطن خطري ۾ آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل سوديبازي، دهشتگردي ۽ لاقانونيت هٿان خطري ۾ آهن. لطيف جي ماروين جي ديس جي لوين جي لڄ خطري ۾ آهي. تنهن ڪري ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته اسين اٿي کڙا ٿيون.
پنهنجي وطن ۽ وسيلن، حقن ۽ آزادين، پنهنجن ٻارن، ٻچن، عزتن ۽ آبروئن جي بچاءَ کي سئو پيڙهياتا غدار وڏيرا حڪمران مفاهمت ۽ گيسين واري سياست ذريعي ۽ اسان جي عوام جي حقن، آزادين، وسيلن بلڪه لاشن کي وڪڻي مزا ماڻي رهيا آهن، تن ۾ ڪابه اجائي اميد نه رکون، پنهنجا ويڄ پاڻ ٿيون، پنهنجي پيرن تي بيهي، پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ پنهنجي سونهري تاريخ جي شاندار سورهيه ڪردارن، دودن ۽ درياخانن، شاهه عنايتن ۽ بلاولن، هوشوئن ۽ هيموئن ۽ ٻاگهين ۽ مائي بختاورن جي مقدس ياد مان اتساهه، قوتون ۽ هشمتون حاصل ڪري پهاڙن وانگر اڏول بنجي هر سختي ۽ تلڪيف کي برداشت ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ ۽ سامراج جي پالتو قاتلن ۽ جلادن کي ٽوٽا چٻائڻ ۽ سندن ڏند کٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون. ڪارونجهر کان ڪراچي تائين، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سموري سنڌ کي پنهنجو اباڻو ڳوٺ سندس ڌين، پٽن کي پنهنجي گهر جا ڀاتي سمجهي، سمورن سنڌ دوست سنڌي ماڻهن ۽ ڌرين سان گڏجي پنهنجي علائقن، پاڙن، گهٽين، شهرن، ڳوٺن ۾ محلا ڪميٽيون، مقامي اتحاد، ڊفينس ڪميٽيون ٺاهي چوڪيداري نظام ۽ رات جو پهرن جو بندوبست ڪري، مردن توڙي عورتن کي بچاءَ جون مڪمل ۽ جديد تربيتون ڏيئي ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ۽ ان لاءِ جيڪي به گهربل قانوني قدم هجن اهي کڻون ۽ جيڪي به وسيلا گهرجن انهن جو انتظام ڪريون.
ٻئي طرف پاڻ کي منهن جي پڪائي ۽ نڪ جي وڏي ڏاڍائيءَ سان سنڌي قوم جي نمائندگي ڪندڙ هر دلعزير حڪومت سڏائيندڙ وڏيرڪي سرڪار جو گهٽ ۾ گهٽ فرض اهو ٿو بنجي ته اها جي ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گذريل 64 سالن ۾ هزارين سنڌي گهر برباد ڪرائي پاڻ کي ٿلهو متارو پاڏو بنائڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڪري جو سنڌي عوام کي جنهن ڳالهه جي فوري ضرورت آهي سا کين مهيا ڪري ڏي، يعني هٿيارن جا ليسن ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي پڪي پختي تربيت.
ان سلسلي ۾ هڪ طرف ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر کان ڪراچي تائين سموري سنڌي قوم جي قوم دوست ماڻهن کي گهرجي ته هو پنهنجي تر جي نام نهاد چونڊيل نمائندن کان مضبوطيءَ سان مطالبو ڪن ته سنڌ جي قتل گاهن جي اڏيءَ تي پهچايل عوام کي هٿيارن جي ليسنن، بچاءَ جي هٿيارن ۽ گهربل تربيت مهيا ڪرڻ جو فوراً بندوبست ڪن ۽ عوام کي ٻڌائين ته منجهانئن هر هڪ پنهنجي پنهنجي تر جي ماڻهن جي ملڪيتن، زندگين، عزتن ۽ لڄن جي بچاءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا قدم کڻي ٿو ۽ بندوسبت ڪري ٿو ۽ سندس ڪوٽا مان ڪيترا لائيسنسزز غريب ۽ ضرورت مند سنڌين کي ڏي ٿو. ساڳئي وقت سنڌ جي سمورن خير جا ڪم ڪندڙن ۽ سرنديءَ وارن جو فرض آهي ته هن ڏکيءَ ۾ ڏکي تاريخي گهڙيءَ ۾ پنهنجي قوم ۽ عوام جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ ۽ کين گهربل بچاءَ خاطرقانوني هٿيار ۽ تربيت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏين.
اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته سامراجي ڇاڙتن نازي فاشٽ، درندن کي منهن ڏيڻ ۾ روس ۽ سڄي يورپ جي بهادر مظلوم ماڻهن پاڻ ملهايو ۽ ايشيا ۾ روسين ۽ چينين، ڪورين، ويٽنامين، فلسطينين ۽ ليبنانين هماليه جبل جيڏي سامراج کي رڪ جا چڻا چٻارائي انسانيت جو ڪنڌ مٿي ڪيو آهي، هينئر تاريخ سنڌ کي موقعو ڏنو آهي ته هو رتو رت ڪيل پنهنجي وطن ۽ قوم جي وجود، وسيلن، عزت ۽ آبرو جي بچاءَ لاءِ دنيا جي ٻين دلير قومن جي نقش قدم تي هلي اهڙو مثال قائم ڪري جو ايندڙ نسلن کي مٿن فخر ٿئي.

پريس ڪانفرنس ڪندڙ
رسول بخش پليجو
سربراهه عوامي تحريڪ


Saturday, 7 May 2011

Bogus Census and role of Sindhi Women Organization by Malhar Khaskhali

بوگس گهر شماري نامنظور
                ڪالهه ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جو هڪ ئي مطالبو هو ته ”سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ بوگس گهر شماري نامنظور!“ ڪالهوڪي هڙتال سنڌ ۾ اڳ ۾ ٿيل هڙتالن کان بلڪل منفرد ۽ انتهائي دلفريب منظر ڏيندڙ هئي، سو هيئن ته عورتن لاءِ قاتل رسمون رکندڙ ۽ ورهين تائين خوني قبيلائي جهيڙن کي تاتيندڙ اتر سنڌ کان وٺي ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي سنڌياڻي تحريڪ ريلين، ڌرڻن ذريعي شديد احتجاج ڪري سنڌ جي احتجاج کي ٻچي ٻچي جو احتجاج بڻائي ڇڏيو. ائين اڳ نه ٿيو آهي. صبح جو جيڪب آباد مان ايس ايم ايس آيو ته ڊي سي او چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ خانزادي ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳي چڪو آهي. ٽائرن کي باهيون. ان کانپوءِ ميسيجز جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڌ ڏينهن گذرڻ بعد به هلندو رهيو. ڪيڏي مهل ميسيج لاڙڪاڻي مان آيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنا راهوجو ۽ ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ جناح چوڪ تي وڏي انگ ۾ سنڌياڻين ٽائرن کي باهيون ڏئي شهر ۾ ريلي ڪڍي. سڄي شهر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. وري ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ، ڪنڌڪوٽ ۾ به سنڌياڻي تحريڪ سراپا احتجاج، حيدرآباد،  بدين، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجن جا ميسيج موصول ٿيندا رهيا. سنڌياڻي تحريڪ جا اهي سمورا احتجاج آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي سمورين ميمبر تنظيمن عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سيو سنڌ موومينٽ، جي يوپي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاجن کي وڌيڪ سگهه ڏيندا رهيا ۽ ائين ڪالهوڪو احتجاج سڄي سنڌ جو احتجاج بڻجي سامهون آيو ته ”هي بوگس گهر شماري اسان کي قبول ناهي.“ سچ پچ ته سلام آهي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي ۽ جس هجي انهن قومپرست پارٽين کي جن تاريخي احتجاج ڪري سنڌ خلاف ٿيل سازش کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي.
مرڻو به کائبو-پرڻو به کائبو
  


              ڪي ٽي اين تي احتجاج جي خبرن ڏسڻ دوران ان وقت پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جو هڪ ڀيرو وري دلچسپ بيان سامهون جڏهن هن چيو ته ”گهر شماريءَ ۾ وڏي پئماني تي شڪايتون آهن ۽ سموري گڙٻڙ جا ذميوار ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز آهن.“ تاج حيدر اهو به چيو ته ”مون لکت ۾ اهي شڪايتون ڪيون آهن.“ جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت جتي جتي ايم ڪيو ايم کي من پسند نتيجا گهرجن اتي اهو سڄو ڪم ڊي سي اوز ۽ ڊي ڊي اوز ئي ڪري رهيا آهن پر دلچسپ ان ڪري آهي ڄڻ ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ نه پر قومپرستن کان وڌيڪ بيوس هجي ۽ هن وٽ فقط لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ جو رستو بچيو آهي! باقي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه آهي ته اهي تاج حيدر صاحب جي درخاشت قبول ڪن نه ڪن يا پڙهن- نه پڙهن! بيوسيءَ جو اهو عالم آهي جو جلال شاهه صاحب ته سينسس ڪمشنر سان ملي سگهي ٿو ۽ جماعت اسلاميءَ جو وفد ته وڏي وزير سان ملي سگهي ٿو پر پ پ پ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ملي نٿو سگهي، تنهنڪري قانوني گهرج کي به پورو ڪندي درخواست لکي پئي وڃي ته جيئن اڳتي هلي موٽ نه ملي ته ان درخاشت سميت ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري انصاف وٺي سگهجي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”مولوي مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي.“ سو پيپلز پارٽي حڪمران به پاڻ ته مظلوم ۽ مخالف ڌر به پاڻ پئي ٿئي. پيپلز پارٽي سرڪار جو گهر شماري عمل ۾ فقط شڪايتون ملڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي بجاءِ گهوڙا- گهوڙا ٿيندي ڏسي پاڻ به ان کان وڌيڪ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اهڙي حڪمت عملي لڳي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي نالي ۾ ”اتحادين جي به ونگار وهي وڃجي ۽ عوام کي روئي پِٽي چئجي ته ”ڇا ڪجي؟ اسان جي ڪير ٻڌي ئي نٿو!! ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او به نٿا ٻڌن!!“ ڀلا جي ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او نٿا ٻڌن ته بدلي ڪرڻ لاءِ رڳو چوٿائي پنو ته گهرجي ٿو. وڏو وزير به پيپلز پارٽي جو، ايوان صدر ۾ ويٺل صدر به پيپلز پارٽيءَ جو ۽ وزيراعظم سميت ٻيا وڏا حڪومتي اهم عهدا به پيپلز پارٽي وٽ باقي ڇا اڃا ڪي ٻيا عهدا آهن جيڪي پيپلز پارٽي وٽ ناهن ۽ اهي هجن ها ته وڏيون صحيحون ۽ ٺپا هڻي ڊي سي او به بدلي ڪري ڇڏجن ها ۽ چيو نه مڃيندڙ ڊي ڊي اوز جا سر وڃائي ڇڏجن ها؟
 گهر شماريءَ جا مخالف ڪير ڪير
                گهر شماري عمل کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قومپرستن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي تنظيمن سڀ کان پهرين آدمشماري ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي جنهن جي جائزي ۾ گهرشماري ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون نظر آيون، جيڪي ميڊيا ذريعي دنيا اڳيان آنديون ويون، پوءِ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ شامل تنظيم احتجاج ڪرڻ شروع، انهن احتجاجن ۽ ڌانڌلين جي وڏن ثبوتن کانپوءِ سينسس عملدارن ۽ خود وزيراعليٰ سنڌ اعتراف ڪيو ته بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن، ان بعد حڪومتي اتحادي اي اين پي به دانهن ڪئي ته ڌانڌلي پئي ٿئي. ساڳي ريت حڪومت جي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ به دانهيو ته گهر شماري بوگس ٿي رهي آهي ۽ سڀئي گهر شماريءَ ۾ ڌانڌلين جو ذميوار حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم کي قرار ڏئي رهيا آهن. ڪالهوڪي تاريخي هڙتال ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي سمورين جماعتن جي مخالفت- احتجاج ۽ سنڌ جي فيصلي کانپوءِ ڇا ڪو جواز بچي ٿو جو موجوده گهر شماريءَ کي قبول ڪجي ۽ ان کي جاري رهڻ ڏجي؟
پيرپاڳاري جي خواهش ۽ ايم ڪيو ايم جو خواب
                جيتوڻيڪ پير پاڳاري وٽ هميشه سڀني مسئلن جو حل فوج ئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سائين جن جو پنهنجو مسئلو به فوج ذريعي ئي حل ٿئي ٿو، سو پير پاڳاري جي خواهش آهي ته گهر شماري فوج ذريعي ڪرائي وڃي. مطلب ته ٻيو ڪوبه طريقو ناهي جنهن سان گهر شماري ڪرائي سگهجي! پر ائين ناهي. انهيءَ تجويز تي عمل جي ڪابه گارنٽي ناهي ته اهو ڪو غير تڪراري رهندو يا ان ذريعي سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي خطرا نه رهندا. ان ڪري اها تجويز بلڪل به عمل جوڳي ناهي ۽ نه ئي شفاف گهر شماري ڪرائڻ ڪو وڏو مسئلو آهي. ضرورت آهي نيت جي- سنڌ جي مفادن تي مفاهمت کان انڪار جي جرئت جي- موجوده گهر شماري جيئن ٿي رهي آهي، ان مان سرڪار جي رويي مان لڳو آهي ته ان وٽ گهر شماري ڪو سنجيده ڪم ناهي. سمورا بندوبست گهر شماريءَ کي بوگس ڪري رهيا آهن. گهر شماري گهڻن حوالن سان انتهائي سنجيده معاملو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت خاص شهرن لاءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي هٿ وس ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن گهر ۽ آدمشماريءَ جا مرضيءَ جا نتيجا وٺي سگهجن ۽ ان کانپوءِ مرضيءَ جون تڪبنديون ٺاهي سگهجن. يوسيز، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون تڪبنديون اهڙي انداز سان جوڙي سگهجن ته جيئن اڳتي هلي ضلعي حڪومتون به پنهنجون قائم ڪري سگهجن ۽ صوبائي سيٽون به وڌيڪ کڻي سگهجن ته جيئن هميشه لاءِ وڏ وزارت به ماڻي سگهجي ته ان سان گڏ وزارت عظميٰ کي به ڪلهو ڏئي سگهجي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن بوگس گهر ۽ آدمشماريءَ کي قبوليت ملي.
آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آڻيو
                ڳجها معاملا يا ڳالهيون اهي رکيون وينديون آهن جيڪي سلامتيءَ متعلق هونديون پر ڪهڙي گهر ۾ علو، ولو، هيرو ۽ خيرو رهي ٿو؟ اهو ڪو ملڪي سلامتيءَ جو راز ناهي جو گهر شماريءَ ۾ اهي تفصيل ڳجها رکجن ۽ فقط انگ ظاهر ڪجي ته هن صوبي ۾ هيترا ماڻهو آهن ۽ فلاڻيون فلاڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. ڪنهن علائقي ۾ ڪيترا گهر آهن؟ ۽ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا؟ سچ پچ ته اهو راز ۾ رکڻ ڪنهن مشڪري کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته توهان ساڳي ئي وقت تي ووٽر لسٽن جي صورت ۾ انهن ئي ماڻهن جا تفصيل هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آڻي ڇڏيو ٿا ته پوءِ آدمشماري جا سمورا انگن اکرن سميت تفصيل عوام جي پهچ ۾ ڇو نٿا آڻيو؟ سڄي گڙٻڙ ۽ بداعتمادي اتان ئي شروع ٿئي ٿي. ان ڪري ان گورک بڻايل معاملي کي آسان ڪرڻ لاءِ گهر ۽ آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آسانيءَ سان آڻڻ ممڪن بڻايو وڃي ته هر ڪو ڏسي سگهي ته اهو گهر يا آدمشماري ۾ ڳڻيو ويو آهي يا نه؟ ۽ ڪهڙا بوگس گهر ۽ نالا شامل ڪيا ويا آهن جن کي آسانيءَ سان ختم به ڪري سگهجي.
                پيپلز پارٽي سرڪار کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هاڻي سال- ڏيڍ ۾ هن کي وري ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ وڃڻو آهي ۽ سنڌ جهاڳڻي آهي. ان ڪري قومي مفادن تي مفاهمت کي ختم ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ بوگس گهر شماريءَ کي مڪمل ختم ڪيو وڃي، ان بعد شفاف گهر شماريءَ لاءِ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي سڀ کان پهرين (1 ) گهر شماري ڪندڙ عملي ۾ علائقي جي اسڪول جي مقامي استادن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي. (2 ) گهر ۽ ڪٽنب شماريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ اهڙا بوڪ استعمال ڪيا وڃن جيڪي عام نه هجن ۽ انهن تي بوڪ نمبر هجي ۽ پيجز تي سيريل نمبر هجي. (3 )اهي تفصيل/لسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر بلاڪ جي مقامي اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين موجود رهڻ ڏنيون وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجا تفصيل ڏسي سگهن. (4 ) ان سان گڏ اهي سمورا تفصيل انٽرنيٽ تي اپ لوپ ڪيا وڃن ته جيئن اهو بخوبي ڄاڻي سگهجي ته ڪٿي ڪو گهر ۽ ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي ته نه ويو آهي ۽ ڪٿي ڪي بوگس تفصيل ته نه شامل ڪيا ويا آهن؟ ان ڪم ۾ نه حڪومت جو ڪو اضافي خرچ ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان مٿان ڪا آڱر کڄي سگهي ٿي پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي سرڪار جنهن وڻ جي ڏار تي ويهي ان کي وڍڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي ته پوءِ ڀلي اهي ساديون ڳالهيون نه سمجهي ۽ جي هوش ڪرڻ چاهي ٿي ته اڄ ئي اعلان ڪري ته هي بوگس گهر شماري ڪينسل ۽ وري شفاف گهر شماري ڪرائي ويندي 


Wednesday, 4 May 2011

Historical Strike against Bogus in house census By G. N. Mughal


بوگس گھر شماريءَ خلاف سنڌ ۾ تاريخي هڙتال
جي اين مغل
پهرين مئي 2011، روزانه عوامي آواز
سنڌي قوم پرست تنظيمن جي سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”بوگس“ گھر شماريءَ خلاف ڇنڇر، 30 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جيڪا شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي آهي ان جو ڪئين سببن جي ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. اها هڙتال ڪئين نقطئه نگاهن کان تاريخي ۽ مثالي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان دعويٰ کي ڪجهه حلقا ”اجائي وڏي دعويٰ“ سڏين پر اسين هن ڪالم ۾ انهيءَ دعويٰ جو جواز پيش ڪنداسين.
                         ان کان اڳ جو اسين تفصيل سان ان دعويٰ جو جواز پيش ڪريون، ضروري ٿا سمجھون ته موجوده سرڪار جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايون ته جنهن نموني اها هڙتال ڪرڻ تي سڄي سنڌ جي عوام جنهن غصي، ڪاوڙ ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو آهي ان جو نوٽيس وٺڻ ۽ نئين سر گھر شماري ڪرڻ جون تياريون ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪنهن اتحادي ڌر جي دٻاءَ تحت ايئن ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ان جي نتيجي ۾ سنڌ ڪو انتهائي نوعيت جو رد عمل ظاهر ڪري وجھي. هڙتال جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف حصن کان ايندڙ اطلاعن مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه بشير خان قريشي سنڌ جي اندرين علائقن مان هڪ هنڌ ڪنهن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام پاران ڪيل اڄوڪي ڪامياب هڙتال کان پوءِ جيڪڏهن ڪراچي جي بوگس گھر شماري کي منسوخ نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جو عوام ان خلاف جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. ان ڳالهه کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن بشير خان قريشي جي انهيءَ وارننگ تي فوري طور ڌيان نه ڏنو ويو ته پوءِ سنڌ جون سڀ قوم پرست ڌريون اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿيون.
جيستائين ان دعويٰ جو تعلق آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ڪئين لحاظن کان سنڌ جي هڪ مثالي ۽ تاريخي هڙتال آهي. ان جا ڪئين پاسا آهن. سڀ کان پهرين اسان کي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ گھرجي ته شايد تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته گهر شماري واري انهيءَ اشوءَ تي ايتريون قوم  پرست جماعتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ به سنڌ ۾ ان قسم جا اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر منهنجي خيال ۾ ماضيءَ ۾ ٺهندڙ ڪنهن به اهڙي اتحاد ۾ ايتريون قوم پرست جماعتون شامل نه رهيون آهن. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪي اهڙا اتحاد ٺهيا آهن ته ترت ٽٽي به ويا آهن. پر هيءُ  پهريون ڀيرو آهي جو هي اتحاد جيڪو ” آدم شماري واري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي نالي سان وجود ۾ آيو آهي ۽ جنهن جو سربراهه سنڌي قومپرستي جو جديد نظريو ڏيندڙ جي ايم سيد جو پوٽو سيد جلال محمود شاهه آهي، جيڪو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه پڻ آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌ جي هڪ انتهائي تجربيڪار سياسي ڌر عوامي تحريڪ به شامل آهي، جنهن جو پايو وجھندڙ رسول بخش پليجو ۽ جنهن جو موجوده صدر اياز لطيف پليجو آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌي جي هڪ اهم قوم پرست پارٽي ”سنڌ ترقي پسند پارٽي“ پڻ آهي جيڪا ڪافي عرصي کان سنڌ جي اشوز تي جدوجھد ڪندي پئي اچي ۽ جنهنجو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي آهي. ان اتحاد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پڻ آهي جنهنجو سربراهه سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ جاکوڙي قوم پرست بشير خان قريشي آهي. ان کان سواءِ جيئي سنڌ تحريڪ مان ٺهيل ڌڙا جن ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ تحريڪ، رياض چانڊيي جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ محاذ جو هڪ ٻيو گروپ توڙي سيو سنڌ موومينٽ جنهن جو سربراهه سيد شاهه محمد شاهه، ابرار قاضي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ عوامي جمهوري پارٽي جهڙيون پارٽيون شامل آهن. حقيقت اها آهي ته قوم پرستن جي انهيءَ اتحاد پاران ڪراچي جي بوگس آدم شماري خلاف 30 اپريل واري هڙتال هڪ طرح جي ”litmus test“ هئي جنهن مان هيءُ اتحاد ڪاميابي سان پار پيو آهي. اها منزل پار ڪرڻ کان پوءِ اميد ڪرڻ گھرجي ته اهو اتحاد منتشر نه ٿيندو ۽ ڪا به پارٽي ان اتحاد کان ڌار ٿيڻ واري غلطي ڪري سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ کي دعوت نه ڏيندي.هن اتحاد جي هر پارٽي تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اها ان اتحاد جي راهه ۾ ايندڙ هر انا کي رد ڪري ڇڏيندي. هن اتحاد مان سنڌ جي عوام کي تمام وڏيون اميدون آهن. حقيقت اها آهي ته هيءُ اتحاد ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سنڌ ۾ پ پ جي مقابلي ۾ هڪ متبادل سياسي قوت طور اڀرندو. اها ڳالهه نه پ پ جي خلاف آهي ۽ نه سنڌ جي عوام جي خلاف آهي. جيڪڏهن اهو اتحاد هڪ اهڙي سياسي ڌر طور اڀري ٿو  جيڪو سنڌ جي خدمت واري مقصد لاءِ پ پ سان صحت مند چٽاڀيٽي ڪري ٿي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. نه  فقط پ پ کي ان اتحاد کي مثبت سياسي اڳڀرائي طور قبول ڪرڻ گھرجي پر خود ان اتحاد کي به پنهنجو پاڻ تي اعتماد جو اظهار ڪندي پ پ جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي خدمت ۾ پ پ سان صحت مند سياسي چٽاڀيٽي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري. هن اتحاد کي اهڙن ڪئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي جيڪي هن وقت سنڌ جي اتحاد، سماجي ڍانچي ۽ معاشي ترقي کي چٿي رهيا آهن. مثال طور تي هي اتحاد اپر سنڌ ۾ وقت به وقت ٿيندڙ قبائلي جهڳڙن کي نبيرن لاءِ مداخلت ڪري سگهي ٿو.
30 اپريل واري هڙتال ۽ قوم پرست پارٽين جي هن سڏ تي تاريخي ڪاميابيءَ جو ٻيو به اهم پهلو آهي. آئون سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪالهه ڇنڇر واري هڙتال پهرين هڙتال آهي جنهن جي ايترين پارٽين هڪ ئي وقت حمايت ڪئي. ڏٺو وڃي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي مڙني سياسي جماعتن  يا ته سڌي طرح انهيءَ هڙتال جي حمايت ڪئي يا اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي. هڙتال جي سڌي طرح حمايت ڪندڙ پارٽين ۾ عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (نواز شريف گروپ)، تحريڪ انصاف، جميعت علماءِ اسلام، فضل الرحمان گروپ، جماعت اسلامي ۽ جمعيت العماءِ پاڪستان ۽سني تحريڪ شامل آهي. جيڪڏهن ايئن چئجي تي هن هڙتال جي حق ۾ گهڻو ڪري سمورين سياسي جماعتن جو اتفاق راءِ هو ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، خود پير پاڳاري به ان مقصد جي تائيد ڪئي جنهن تحت انهيءَ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. اها ڳالهه ڪيڏي نه چڱي ٿئي ته جن قوم پرست پارٽين ان هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جا سربراهه گڏجي هڙتال جي حمايت ڪندڙ مڙني پارٽين جي سربراهن، جن ۾ پير پاڳارو به شامل هئڻ گھرجي، سان ملي سندن حمايت ڪرڻ تي هنن جا ٿورا مڃين ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته اڳتي به ان مقصد لاءِ انهن پارٽين سان وڌيڪ ويجھڙائپ قائم ڪئي وڃي.
اطلاعن مطابق سڄي سنڌ ۾ اڪثر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي. ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي شهر ۾ ڪراچي جا پراڻا سڀ علائقا نه فقط مڪمل طور بند رهيا پر اتي نه دڪان کليا ۽ نه ڦيٿو ڦريو. ان سلسلي ۾ خاص طور ڪڇي رابطا ڪميٽي توڙي ڪراچيءَ جي ٻين پراڻين برادرين طرفان رضاڪاراڻي طور ۽ پرجوش نموني هن هڙتال ۾ حصو وٺڻ وارو عمل ڪراچي جي تاريخ جو هڪ نئون باب آهي. ڇا مناسب نه ٿيندو ته  هڙتال جو سڏ ڏيندڙ پارٽي سربراهه انهن علائقن جو دورو ڪري اتان جي ماڻهن ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين برادرين جا ٿورا مڃين. 30 اپريل واري هڙتال جو هڪ ٻيو به انتهائي تاريخي پهلو آهي. هن هڙتال ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعن مطابق هنن ڪراچي ۾ بندر روڊ تي ڌرڻو هڻي دڪان بند ڪرايا ۽ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي سربراهي ۾سنڌ جي هڪ اهم هنڌ ”حيدر چوڪ“ تي ڌرڻو هنيو. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هڙتال واري سياست جو اهو هڪ انتهائي اهم واقعو آهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ۾ سنڌياڻين طرفان هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ سبب سنڌ ۾ هڙتال واري سياست هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي جنهن جا سنڌ جي آئيندي جي سياست تي ڪافي مثبت اثر پوڻ جا امڪان آهن. اهي به اطلاع آهي ته حيدرآباد شهر جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ”سن آف سوائل“ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. اسين سندن ٿورا مڃون ٿا. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هڙتال جو سڏ ڏيندڙ قوم پرست رهنما حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جا خاص طور ٿورا مڃين.
ڪراچي جي هڙتال جو هڪ اهم ۽ نه وسري سگهجندڙ پهلو اهو آهي ته ڪراچي ۾ هڙتال ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي عوام کي ذهني طور مجبور ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون هڪ ڏينهن اڳ مختلف علائقن ۾ گولين جو وسڪارو ڪندي مارا ماري ڪنديون رهيون آهن. بسن کي باهه ڏيئي ان رات کان ٽرئفڪ کي رستن تان هٽي وڃڻ تي مجبور ڪنديون آهن. پر هن ڀيري اهڙي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي  ۽ اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکڻ جو حق ڪراچيءَ جي پبلڪ کي ڏنو ويو ته هو ڪاروبار ۽ ٽرئفڪ بند رکن ٿا يا نه . ان جي باوجود ڪراچيءَ جي اڪثر علائقن ۾ اڪثر دڪان بند رهيا. صدر جهڙي علائقي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي دڪان بند رهيا. شهر جي مرڪزي علائقن ۾ ٽرئفڪ هلندي رهي پر گهٽ هئي. منهنجي خيال ۾ هن روايت جي تعريف ڪرڻ گھرجي. هئڻ ايئن گھرجي ڪراچي جي عوام کي به اها روايت وڌي آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن به احتجاج ۾ حصو وٺن ته رضاڪاراڻي طور حصو وٺن.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته مڙني سنڌي قوم پرست رهنمائن هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضلعا ورهايا هئا ۽ اطلاعن مطابق مڙني رهنمائن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هڙتال کي هر هنڌ ڪامياب ڪرايو. اسان جا اهي سڀ رهنما جهڙوڪ سيد جلال محمود شاهه، رسول بخش پليجو، اياز لطيف پيلجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رياض چانڊيو، سيد شاهه محمد شاهه ۽ ابرار قاضي سڀ سنڌ جي هيروز طور اڀريا آهن. اميد ته هو پنهنجو اهو ڪردار مسلسل جاري رکندا. بهرحال انهيءَ ڳالهه کي نوٽ ڪرڻ بغير نه ٿو رهي سگهجي ته جن قوم پرست پارٽين هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جي ڪراچي وارن ڪارڪنن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي حوالي سان تعاون جي کوٽ نظر آئي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪراچي جي هڙتال جا نتيجا ڪجهه مختلف هجن ها.