Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.
Showing posts with label Census. Show all posts
Showing posts with label Census. Show all posts

Saturday, 1 October 2011

Saturday, 7 May 2011

Bogus Census and role of Sindhi Women Organization by Malhar Khaskhali

بوگس گهر شماري نامنظور
                ڪالهه ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جو هڪ ئي مطالبو هو ته ”سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ بوگس گهر شماري نامنظور!“ ڪالهوڪي هڙتال سنڌ ۾ اڳ ۾ ٿيل هڙتالن کان بلڪل منفرد ۽ انتهائي دلفريب منظر ڏيندڙ هئي، سو هيئن ته عورتن لاءِ قاتل رسمون رکندڙ ۽ ورهين تائين خوني قبيلائي جهيڙن کي تاتيندڙ اتر سنڌ کان وٺي ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي سنڌياڻي تحريڪ ريلين، ڌرڻن ذريعي شديد احتجاج ڪري سنڌ جي احتجاج کي ٻچي ٻچي جو احتجاج بڻائي ڇڏيو. ائين اڳ نه ٿيو آهي. صبح جو جيڪب آباد مان ايس ايم ايس آيو ته ڊي سي او چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ خانزادي ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳي چڪو آهي. ٽائرن کي باهيون. ان کانپوءِ ميسيجز جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڌ ڏينهن گذرڻ بعد به هلندو رهيو. ڪيڏي مهل ميسيج لاڙڪاڻي مان آيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنا راهوجو ۽ ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ جناح چوڪ تي وڏي انگ ۾ سنڌياڻين ٽائرن کي باهيون ڏئي شهر ۾ ريلي ڪڍي. سڄي شهر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. وري ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ، ڪنڌڪوٽ ۾ به سنڌياڻي تحريڪ سراپا احتجاج، حيدرآباد،  بدين، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجن جا ميسيج موصول ٿيندا رهيا. سنڌياڻي تحريڪ جا اهي سمورا احتجاج آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي سمورين ميمبر تنظيمن عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سيو سنڌ موومينٽ، جي يوپي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاجن کي وڌيڪ سگهه ڏيندا رهيا ۽ ائين ڪالهوڪو احتجاج سڄي سنڌ جو احتجاج بڻجي سامهون آيو ته ”هي بوگس گهر شماري اسان کي قبول ناهي.“ سچ پچ ته سلام آهي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي ۽ جس هجي انهن قومپرست پارٽين کي جن تاريخي احتجاج ڪري سنڌ خلاف ٿيل سازش کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي.
مرڻو به کائبو-پرڻو به کائبو
  


              ڪي ٽي اين تي احتجاج جي خبرن ڏسڻ دوران ان وقت پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جو هڪ ڀيرو وري دلچسپ بيان سامهون جڏهن هن چيو ته ”گهر شماريءَ ۾ وڏي پئماني تي شڪايتون آهن ۽ سموري گڙٻڙ جا ذميوار ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز آهن.“ تاج حيدر اهو به چيو ته ”مون لکت ۾ اهي شڪايتون ڪيون آهن.“ جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت جتي جتي ايم ڪيو ايم کي من پسند نتيجا گهرجن اتي اهو سڄو ڪم ڊي سي اوز ۽ ڊي ڊي اوز ئي ڪري رهيا آهن پر دلچسپ ان ڪري آهي ڄڻ ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ نه پر قومپرستن کان وڌيڪ بيوس هجي ۽ هن وٽ فقط لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ جو رستو بچيو آهي! باقي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه آهي ته اهي تاج حيدر صاحب جي درخاشت قبول ڪن نه ڪن يا پڙهن- نه پڙهن! بيوسيءَ جو اهو عالم آهي جو جلال شاهه صاحب ته سينسس ڪمشنر سان ملي سگهي ٿو ۽ جماعت اسلاميءَ جو وفد ته وڏي وزير سان ملي سگهي ٿو پر پ پ پ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ملي نٿو سگهي، تنهنڪري قانوني گهرج کي به پورو ڪندي درخواست لکي پئي وڃي ته جيئن اڳتي هلي موٽ نه ملي ته ان درخاشت سميت ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري انصاف وٺي سگهجي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”مولوي مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي.“ سو پيپلز پارٽي حڪمران به پاڻ ته مظلوم ۽ مخالف ڌر به پاڻ پئي ٿئي. پيپلز پارٽي سرڪار جو گهر شماري عمل ۾ فقط شڪايتون ملڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي بجاءِ گهوڙا- گهوڙا ٿيندي ڏسي پاڻ به ان کان وڌيڪ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اهڙي حڪمت عملي لڳي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي نالي ۾ ”اتحادين جي به ونگار وهي وڃجي ۽ عوام کي روئي پِٽي چئجي ته ”ڇا ڪجي؟ اسان جي ڪير ٻڌي ئي نٿو!! ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او به نٿا ٻڌن!!“ ڀلا جي ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او نٿا ٻڌن ته بدلي ڪرڻ لاءِ رڳو چوٿائي پنو ته گهرجي ٿو. وڏو وزير به پيپلز پارٽي جو، ايوان صدر ۾ ويٺل صدر به پيپلز پارٽيءَ جو ۽ وزيراعظم سميت ٻيا وڏا حڪومتي اهم عهدا به پيپلز پارٽي وٽ باقي ڇا اڃا ڪي ٻيا عهدا آهن جيڪي پيپلز پارٽي وٽ ناهن ۽ اهي هجن ها ته وڏيون صحيحون ۽ ٺپا هڻي ڊي سي او به بدلي ڪري ڇڏجن ها ۽ چيو نه مڃيندڙ ڊي ڊي اوز جا سر وڃائي ڇڏجن ها؟
 گهر شماريءَ جا مخالف ڪير ڪير
                گهر شماري عمل کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قومپرستن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي تنظيمن سڀ کان پهرين آدمشماري ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي جنهن جي جائزي ۾ گهرشماري ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون نظر آيون، جيڪي ميڊيا ذريعي دنيا اڳيان آنديون ويون، پوءِ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ شامل تنظيم احتجاج ڪرڻ شروع، انهن احتجاجن ۽ ڌانڌلين جي وڏن ثبوتن کانپوءِ سينسس عملدارن ۽ خود وزيراعليٰ سنڌ اعتراف ڪيو ته بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن، ان بعد حڪومتي اتحادي اي اين پي به دانهن ڪئي ته ڌانڌلي پئي ٿئي. ساڳي ريت حڪومت جي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ به دانهيو ته گهر شماري بوگس ٿي رهي آهي ۽ سڀئي گهر شماريءَ ۾ ڌانڌلين جو ذميوار حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم کي قرار ڏئي رهيا آهن. ڪالهوڪي تاريخي هڙتال ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي سمورين جماعتن جي مخالفت- احتجاج ۽ سنڌ جي فيصلي کانپوءِ ڇا ڪو جواز بچي ٿو جو موجوده گهر شماريءَ کي قبول ڪجي ۽ ان کي جاري رهڻ ڏجي؟
پيرپاڳاري جي خواهش ۽ ايم ڪيو ايم جو خواب
                جيتوڻيڪ پير پاڳاري وٽ هميشه سڀني مسئلن جو حل فوج ئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سائين جن جو پنهنجو مسئلو به فوج ذريعي ئي حل ٿئي ٿو، سو پير پاڳاري جي خواهش آهي ته گهر شماري فوج ذريعي ڪرائي وڃي. مطلب ته ٻيو ڪوبه طريقو ناهي جنهن سان گهر شماري ڪرائي سگهجي! پر ائين ناهي. انهيءَ تجويز تي عمل جي ڪابه گارنٽي ناهي ته اهو ڪو غير تڪراري رهندو يا ان ذريعي سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي خطرا نه رهندا. ان ڪري اها تجويز بلڪل به عمل جوڳي ناهي ۽ نه ئي شفاف گهر شماري ڪرائڻ ڪو وڏو مسئلو آهي. ضرورت آهي نيت جي- سنڌ جي مفادن تي مفاهمت کان انڪار جي جرئت جي- موجوده گهر شماري جيئن ٿي رهي آهي، ان مان سرڪار جي رويي مان لڳو آهي ته ان وٽ گهر شماري ڪو سنجيده ڪم ناهي. سمورا بندوبست گهر شماريءَ کي بوگس ڪري رهيا آهن. گهر شماري گهڻن حوالن سان انتهائي سنجيده معاملو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت خاص شهرن لاءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي هٿ وس ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن گهر ۽ آدمشماريءَ جا مرضيءَ جا نتيجا وٺي سگهجن ۽ ان کانپوءِ مرضيءَ جون تڪبنديون ٺاهي سگهجن. يوسيز، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون تڪبنديون اهڙي انداز سان جوڙي سگهجن ته جيئن اڳتي هلي ضلعي حڪومتون به پنهنجون قائم ڪري سگهجن ۽ صوبائي سيٽون به وڌيڪ کڻي سگهجن ته جيئن هميشه لاءِ وڏ وزارت به ماڻي سگهجي ته ان سان گڏ وزارت عظميٰ کي به ڪلهو ڏئي سگهجي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن بوگس گهر ۽ آدمشماريءَ کي قبوليت ملي.
آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آڻيو
                ڳجها معاملا يا ڳالهيون اهي رکيون وينديون آهن جيڪي سلامتيءَ متعلق هونديون پر ڪهڙي گهر ۾ علو، ولو، هيرو ۽ خيرو رهي ٿو؟ اهو ڪو ملڪي سلامتيءَ جو راز ناهي جو گهر شماريءَ ۾ اهي تفصيل ڳجها رکجن ۽ فقط انگ ظاهر ڪجي ته هن صوبي ۾ هيترا ماڻهو آهن ۽ فلاڻيون فلاڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. ڪنهن علائقي ۾ ڪيترا گهر آهن؟ ۽ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا؟ سچ پچ ته اهو راز ۾ رکڻ ڪنهن مشڪري کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته توهان ساڳي ئي وقت تي ووٽر لسٽن جي صورت ۾ انهن ئي ماڻهن جا تفصيل هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آڻي ڇڏيو ٿا ته پوءِ آدمشماري جا سمورا انگن اکرن سميت تفصيل عوام جي پهچ ۾ ڇو نٿا آڻيو؟ سڄي گڙٻڙ ۽ بداعتمادي اتان ئي شروع ٿئي ٿي. ان ڪري ان گورک بڻايل معاملي کي آسان ڪرڻ لاءِ گهر ۽ آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آسانيءَ سان آڻڻ ممڪن بڻايو وڃي ته هر ڪو ڏسي سگهي ته اهو گهر يا آدمشماري ۾ ڳڻيو ويو آهي يا نه؟ ۽ ڪهڙا بوگس گهر ۽ نالا شامل ڪيا ويا آهن جن کي آسانيءَ سان ختم به ڪري سگهجي.
                پيپلز پارٽي سرڪار کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هاڻي سال- ڏيڍ ۾ هن کي وري ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ وڃڻو آهي ۽ سنڌ جهاڳڻي آهي. ان ڪري قومي مفادن تي مفاهمت کي ختم ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ بوگس گهر شماريءَ کي مڪمل ختم ڪيو وڃي، ان بعد شفاف گهر شماريءَ لاءِ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي سڀ کان پهرين (1 ) گهر شماري ڪندڙ عملي ۾ علائقي جي اسڪول جي مقامي استادن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي. (2 ) گهر ۽ ڪٽنب شماريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ اهڙا بوڪ استعمال ڪيا وڃن جيڪي عام نه هجن ۽ انهن تي بوڪ نمبر هجي ۽ پيجز تي سيريل نمبر هجي. (3 )اهي تفصيل/لسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر بلاڪ جي مقامي اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين موجود رهڻ ڏنيون وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجا تفصيل ڏسي سگهن. (4 ) ان سان گڏ اهي سمورا تفصيل انٽرنيٽ تي اپ لوپ ڪيا وڃن ته جيئن اهو بخوبي ڄاڻي سگهجي ته ڪٿي ڪو گهر ۽ ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي ته نه ويو آهي ۽ ڪٿي ڪي بوگس تفصيل ته نه شامل ڪيا ويا آهن؟ ان ڪم ۾ نه حڪومت جو ڪو اضافي خرچ ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان مٿان ڪا آڱر کڄي سگهي ٿي پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي سرڪار جنهن وڻ جي ڏار تي ويهي ان کي وڍڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي ته پوءِ ڀلي اهي ساديون ڳالهيون نه سمجهي ۽ جي هوش ڪرڻ چاهي ٿي ته اڄ ئي اعلان ڪري ته هي بوگس گهر شماري ڪينسل ۽ وري شفاف گهر شماري ڪرائي ويندي 


Wednesday, 4 May 2011

Historical Strike against Bogus in house census By G. N. Mughal


بوگس گھر شماريءَ خلاف سنڌ ۾ تاريخي هڙتال
جي اين مغل
پهرين مئي 2011، روزانه عوامي آواز
سنڌي قوم پرست تنظيمن جي سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”بوگس“ گھر شماريءَ خلاف ڇنڇر، 30 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جيڪا شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي آهي ان جو ڪئين سببن جي ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. اها هڙتال ڪئين نقطئه نگاهن کان تاريخي ۽ مثالي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان دعويٰ کي ڪجهه حلقا ”اجائي وڏي دعويٰ“ سڏين پر اسين هن ڪالم ۾ انهيءَ دعويٰ جو جواز پيش ڪنداسين.
                         ان کان اڳ جو اسين تفصيل سان ان دعويٰ جو جواز پيش ڪريون، ضروري ٿا سمجھون ته موجوده سرڪار جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايون ته جنهن نموني اها هڙتال ڪرڻ تي سڄي سنڌ جي عوام جنهن غصي، ڪاوڙ ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو آهي ان جو نوٽيس وٺڻ ۽ نئين سر گھر شماري ڪرڻ جون تياريون ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪنهن اتحادي ڌر جي دٻاءَ تحت ايئن ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ان جي نتيجي ۾ سنڌ ڪو انتهائي نوعيت جو رد عمل ظاهر ڪري وجھي. هڙتال جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف حصن کان ايندڙ اطلاعن مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه بشير خان قريشي سنڌ جي اندرين علائقن مان هڪ هنڌ ڪنهن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام پاران ڪيل اڄوڪي ڪامياب هڙتال کان پوءِ جيڪڏهن ڪراچي جي بوگس گھر شماري کي منسوخ نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جو عوام ان خلاف جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. ان ڳالهه کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن بشير خان قريشي جي انهيءَ وارننگ تي فوري طور ڌيان نه ڏنو ويو ته پوءِ سنڌ جون سڀ قوم پرست ڌريون اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿيون.
جيستائين ان دعويٰ جو تعلق آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ڪئين لحاظن کان سنڌ جي هڪ مثالي ۽ تاريخي هڙتال آهي. ان جا ڪئين پاسا آهن. سڀ کان پهرين اسان کي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ گھرجي ته شايد تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته گهر شماري واري انهيءَ اشوءَ تي ايتريون قوم  پرست جماعتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ به سنڌ ۾ ان قسم جا اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر منهنجي خيال ۾ ماضيءَ ۾ ٺهندڙ ڪنهن به اهڙي اتحاد ۾ ايتريون قوم پرست جماعتون شامل نه رهيون آهن. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪي اهڙا اتحاد ٺهيا آهن ته ترت ٽٽي به ويا آهن. پر هيءُ  پهريون ڀيرو آهي جو هي اتحاد جيڪو ” آدم شماري واري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي نالي سان وجود ۾ آيو آهي ۽ جنهن جو سربراهه سنڌي قومپرستي جو جديد نظريو ڏيندڙ جي ايم سيد جو پوٽو سيد جلال محمود شاهه آهي، جيڪو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه پڻ آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌ جي هڪ انتهائي تجربيڪار سياسي ڌر عوامي تحريڪ به شامل آهي، جنهن جو پايو وجھندڙ رسول بخش پليجو ۽ جنهن جو موجوده صدر اياز لطيف پليجو آهي. انهيءَ اتحاد ۾ سنڌي جي هڪ اهم قوم پرست پارٽي ”سنڌ ترقي پسند پارٽي“ پڻ آهي جيڪا ڪافي عرصي کان سنڌ جي اشوز تي جدوجھد ڪندي پئي اچي ۽ جنهنجو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي آهي. ان اتحاد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پڻ آهي جنهنجو سربراهه سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ جاکوڙي قوم پرست بشير خان قريشي آهي. ان کان سواءِ جيئي سنڌ تحريڪ مان ٺهيل ڌڙا جن ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ تحريڪ، رياض چانڊيي جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ محاذ جو هڪ ٻيو گروپ توڙي سيو سنڌ موومينٽ جنهن جو سربراهه سيد شاهه محمد شاهه، ابرار قاضي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ عوامي جمهوري پارٽي جهڙيون پارٽيون شامل آهن. حقيقت اها آهي ته قوم پرستن جي انهيءَ اتحاد پاران ڪراچي جي بوگس آدم شماري خلاف 30 اپريل واري هڙتال هڪ طرح جي ”litmus test“ هئي جنهن مان هيءُ اتحاد ڪاميابي سان پار پيو آهي. اها منزل پار ڪرڻ کان پوءِ اميد ڪرڻ گھرجي ته اهو اتحاد منتشر نه ٿيندو ۽ ڪا به پارٽي ان اتحاد کان ڌار ٿيڻ واري غلطي ڪري سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ کي دعوت نه ڏيندي.هن اتحاد جي هر پارٽي تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اها ان اتحاد جي راهه ۾ ايندڙ هر انا کي رد ڪري ڇڏيندي. هن اتحاد مان سنڌ جي عوام کي تمام وڏيون اميدون آهن. حقيقت اها آهي ته هيءُ اتحاد ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سنڌ ۾ پ پ جي مقابلي ۾ هڪ متبادل سياسي قوت طور اڀرندو. اها ڳالهه نه پ پ جي خلاف آهي ۽ نه سنڌ جي عوام جي خلاف آهي. جيڪڏهن اهو اتحاد هڪ اهڙي سياسي ڌر طور اڀري ٿو  جيڪو سنڌ جي خدمت واري مقصد لاءِ پ پ سان صحت مند چٽاڀيٽي ڪري ٿي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. نه  فقط پ پ کي ان اتحاد کي مثبت سياسي اڳڀرائي طور قبول ڪرڻ گھرجي پر خود ان اتحاد کي به پنهنجو پاڻ تي اعتماد جو اظهار ڪندي پ پ جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي خدمت ۾ پ پ سان صحت مند سياسي چٽاڀيٽي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري. هن اتحاد کي اهڙن ڪئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي جيڪي هن وقت سنڌ جي اتحاد، سماجي ڍانچي ۽ معاشي ترقي کي چٿي رهيا آهن. مثال طور تي هي اتحاد اپر سنڌ ۾ وقت به وقت ٿيندڙ قبائلي جهڳڙن کي نبيرن لاءِ مداخلت ڪري سگهي ٿو.
30 اپريل واري هڙتال ۽ قوم پرست پارٽين جي هن سڏ تي تاريخي ڪاميابيءَ جو ٻيو به اهم پهلو آهي. آئون سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪالهه ڇنڇر واري هڙتال پهرين هڙتال آهي جنهن جي ايترين پارٽين هڪ ئي وقت حمايت ڪئي. ڏٺو وڃي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي مڙني سياسي جماعتن  يا ته سڌي طرح انهيءَ هڙتال جي حمايت ڪئي يا اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي. هڙتال جي سڌي طرح حمايت ڪندڙ پارٽين ۾ عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (نواز شريف گروپ)، تحريڪ انصاف، جميعت علماءِ اسلام، فضل الرحمان گروپ، جماعت اسلامي ۽ جمعيت العماءِ پاڪستان ۽سني تحريڪ شامل آهي. جيڪڏهن ايئن چئجي تي هن هڙتال جي حق ۾ گهڻو ڪري سمورين سياسي جماعتن جو اتفاق راءِ هو ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، خود پير پاڳاري به ان مقصد جي تائيد ڪئي جنهن تحت انهيءَ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. اها ڳالهه ڪيڏي نه چڱي ٿئي ته جن قوم پرست پارٽين ان هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جا سربراهه گڏجي هڙتال جي حمايت ڪندڙ مڙني پارٽين جي سربراهن، جن ۾ پير پاڳارو به شامل هئڻ گھرجي، سان ملي سندن حمايت ڪرڻ تي هنن جا ٿورا مڃين ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته اڳتي به ان مقصد لاءِ انهن پارٽين سان وڌيڪ ويجھڙائپ قائم ڪئي وڃي.
اطلاعن مطابق سڄي سنڌ ۾ اڪثر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي. ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي شهر ۾ ڪراچي جا پراڻا سڀ علائقا نه فقط مڪمل طور بند رهيا پر اتي نه دڪان کليا ۽ نه ڦيٿو ڦريو. ان سلسلي ۾ خاص طور ڪڇي رابطا ڪميٽي توڙي ڪراچيءَ جي ٻين پراڻين برادرين طرفان رضاڪاراڻي طور ۽ پرجوش نموني هن هڙتال ۾ حصو وٺڻ وارو عمل ڪراچي جي تاريخ جو هڪ نئون باب آهي. ڇا مناسب نه ٿيندو ته  هڙتال جو سڏ ڏيندڙ پارٽي سربراهه انهن علائقن جو دورو ڪري اتان جي ماڻهن ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين برادرين جا ٿورا مڃين. 30 اپريل واري هڙتال جو هڪ ٻيو به انتهائي تاريخي پهلو آهي. هن هڙتال ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعن مطابق هنن ڪراچي ۾ بندر روڊ تي ڌرڻو هڻي دڪان بند ڪرايا ۽ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي سربراهي ۾سنڌ جي هڪ اهم هنڌ ”حيدر چوڪ“ تي ڌرڻو هنيو. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هڙتال واري سياست جو اهو هڪ انتهائي اهم واقعو آهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته 30 اپريل واري هڙتال ۾ سنڌياڻين طرفان هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ سبب سنڌ ۾ هڙتال واري سياست هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي جنهن جا سنڌ جي آئيندي جي سياست تي ڪافي مثبت اثر پوڻ جا امڪان آهن. اهي به اطلاع آهي ته حيدرآباد شهر جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ”سن آف سوائل“ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. اسين سندن ٿورا مڃون ٿا. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هڙتال جو سڏ ڏيندڙ قوم پرست رهنما حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جا خاص طور ٿورا مڃين.
ڪراچي جي هڙتال جو هڪ اهم ۽ نه وسري سگهجندڙ پهلو اهو آهي ته ڪراچي ۾ هڙتال ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي عوام کي ذهني طور مجبور ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون هڪ ڏينهن اڳ مختلف علائقن ۾ گولين جو وسڪارو ڪندي مارا ماري ڪنديون رهيون آهن. بسن کي باهه ڏيئي ان رات کان ٽرئفڪ کي رستن تان هٽي وڃڻ تي مجبور ڪنديون آهن. پر هن ڀيري اهڙي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي  ۽ اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکڻ جو حق ڪراچيءَ جي پبلڪ کي ڏنو ويو ته هو ڪاروبار ۽ ٽرئفڪ بند رکن ٿا يا نه . ان جي باوجود ڪراچيءَ جي اڪثر علائقن ۾ اڪثر دڪان بند رهيا. صدر جهڙي علائقي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي دڪان بند رهيا. شهر جي مرڪزي علائقن ۾ ٽرئفڪ هلندي رهي پر گهٽ هئي. منهنجي خيال ۾ هن روايت جي تعريف ڪرڻ گھرجي. هئڻ ايئن گھرجي ڪراچي جي عوام کي به اها روايت وڌي آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن به احتجاج ۾ حصو وٺن ته رضاڪاراڻي طور حصو وٺن.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته مڙني سنڌي قوم پرست رهنمائن هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضلعا ورهايا هئا ۽ اطلاعن مطابق مڙني رهنمائن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هڙتال کي هر هنڌ ڪامياب ڪرايو. اسان جا اهي سڀ رهنما جهڙوڪ سيد جلال محمود شاهه، رسول بخش پليجو، اياز لطيف پيلجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رياض چانڊيو، سيد شاهه محمد شاهه ۽ ابرار قاضي سڀ سنڌ جي هيروز طور اڀريا آهن. اميد ته هو پنهنجو اهو ڪردار مسلسل جاري رکندا. بهرحال انهيءَ ڳالهه کي نوٽ ڪرڻ بغير نه ٿو رهي سگهجي ته جن قوم پرست پارٽين هڙتال جو سڏ ڏنو انهن جي ڪراچي وارن ڪارڪنن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي حوالي سان تعاون جي کوٽ نظر آئي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪراچي جي هڙتال جا نتيجا ڪجهه مختلف هجن ها.



Stricken Against in house census conspiracy and Karachi’an positive response


ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!
دودو چانڊيو
پهرين مئي 2011
"ڪراچي ۾ پاڪستان ۾ آباد هر قوم هڙتال ڪرائي سگهي ٿي، پر اوهان سنڌي ڪراچي ۾ 4 دڪان به بند نٿا ڪرائي سگهو." اهي طعنا اسان کي بلوچ، پنجاب، پختون ۽ سرائڪي ٻوليون ڳالهائيندڙ صحافي هڻندا رهيا آهن. پنهنجي ڌرتي جو، پنهنجو شهر، ان ۾ اسان جي اها لاوارثي انتهائي ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي، پر آئون ڪالهه تمام گهڻو خوش هئس، جڏهن اهي طعنا هڻندڙ صحافي فون ڪري ٻڌائي رهيا هئا ته "يار  آگرا تاج ڪڏهن بند ناهي ٿيو، اڄ بند آهي، منگهو پير ۾ سنڌين ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪريون جاري آهن. ايم اي جناح روڊ تي سنڌياڻيون ڌرڻو هڻي ويٺل آهن." مون کي گورا قبرستان وٽ هڪ ٽيڪسي ڊائيور مليو، چيائين "ڪورنگي مان پيو اچان، سنڌين هي هيڏو سڄو صنعتي علائقو بند ڪرائي ڇڏيو آهي. گاڏيون پيون سڙن." جنهن بعد سفوران چورنگي، ڊالميا، شانتي نگر، عزيز آباد ۽ نائين زيرو سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ڀانگرا (برفت) ڳوٺ، ڪلمتي ڳوٺ، تين هٽي وٽ بلوچ پاڙن، چنيسر ڳوٺ، گذري ۽ ٻين علائقن مان فون ايندا رهيا ته، اتي ڪامياب هڙتال آهي." مون کي ڪنهن چيو ته، مزو نه آيو. مون چيو "آئون خوش آهيان، ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جي اها پهرين انٽري هئي. آئون هڪ سنڌ دوست ۽ وطن پرست صحافي جي حيثيت ۾ مطمئين آهيان." ان جا ڪافي ڪارڻ آهن.
(1) ڪراچي ۾ سنڌي قومپرست جماعتون هن کان اڳ ايتريون سرگرم نه ٿيون هون، جيتريون هن وقت آدمشماري جي معاملي تي ٿيون. ان ۾ جلال محمود شاهه جو ڪردار انتهائي اهم هو. هن سمورين قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان گڏجي تمام گهڻي محنت ڪئي. نواز شريف جي اڳواڻن کان وٺي پير پاڳاري، سني تحريڪ ۽ ٻين فورسز آڏو پنهنجو ڀرپور ڪيس رکيو.
(2) ڪراچي ۾ جيئن پختون، ڀلي ڪهڙي به پارٽي ۾ هجي، پر ڪراچي ۾ هو پختون نعري هيٺ گڏ ٿئي ٿو، ائين پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ سنڌين به اهڙي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. علي حسن چانڊئي کان وٺي الاهي بخش بڪڪ تائين، مظهر راهوجي کان وٺي حريف چانڊئي تائين، سامي ميمڻ کان وٺي هارون جمالي تائين، شاهنواز سرگهاڻي کان وٺي گل محمد ڪلمتي تائين، سليمان سنڌي کان وٺي سمورين پارٽين جي قومي ڪارڪنن پارٽي نظرين ۽ اختلافن کان مٿاهون ٿي سنڌين جي جذبي تحت ڪراچي ۾ محنت ڪئي، جيڪو عمل پڻ تعريف جوڳو آهي.
(3) ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو نون ۽ پراڻن سنڌين جي وچ ۾ جيڪا ويجهڙائپ ٿي آهي، اها انتهائي فيصلا ڪن آهي. ڪراچي جي پراڻن سنڌين، ملاحن، ڪڇين، ميمڻن، منڌرن، سومرن ۽ ٻين سان سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري آيل سنڌين سياسي رابطا رکيا آهن، جن هن آدمشماري ۽ هڙتال واري عمل ۾ انتهائي اهم رول ادا ڪيو.
(4) هڙتال جي ڪال بعد آدمشماري ڪاميٽي جي اڳواڻن اسماعيل راهو، مخدوم شاهنواز، حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ سني تحريڪ جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري سڄي ڪراچي جي ميڊيا آڏو جيڪو موقف رکيو، اهو انتهائي اهم هو. سنڌين جي هن ڪيس کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. ڪراچي جي ميڊيا ان سنڌين جي موقف کي غور سان ٻڌو ۽ ڇپيو.
(5) پير پاڳاري جيڪو آدمشماري تي Stand  ورتو، اهو به انتهائي اهم هو. ملڪي سطح جي سياست ڪندڙ ليڊرشپ مان پير پاڳارو پهريون ماڻهو هو، جنهن چيو ته "هي آدمشماري ٽوٽل ڪوڙي آهي، ان کي رد ڪري فوج جي نگراني ۾ ٻيهر آدمشماري/گهرشماري ڪئي وڃي. پاڳاري جي اهڙي وزندار موقف ڪراچي ۾ آباد سنڌين جي ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
(6) آدمشماري ڪمشنر نور محمد لغاري تي ڀلي هزارين الزام لڳن، پر هن پنهنجي سمورين پريس ڪانفرنس ۾ سنڌي قومپرستن جي موقف جي ڄڻ حمايت ڪئي. هن هڪ ڀيري ائين به چيو ته "ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسان جي عملي کي اگر سياسي ڪارڪن ٺهيل لسٽون ڏيندا ته سنڌ جا ماڻهو ان آدمشماري کي ڪيئن قبول ڪندا ۽ پوءِ احتجاج ڪندا،" هڪڙو سرڪاري ملازم ايترو ئي ڪجهه چئي سگهي ٿو.
(7) ڪراچي ۾ هڙتال کي ناڪام بنائڻ لاءِ ايتريون ئي ڪوششون ٿيون، جيتريون ڪوششون آدمشماري ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون. سرڪاري ۽ ڏنڊا بردار مشينري لاڳيتو سرگرم رهي، پوءِ به هڙتال ۾ شهر جا وڏا علائقا بند رهيا، جيڪا سنڌين جي ڪراچي ۾ تمام وڏي ڪاميابي آهي. ائين چئجي ته پهريون قدم بهترين قدم هو، هن کان اڳ ريليون، جلوس ۽ مارچون ته ڪراچي آيون آهن، پر شهر ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪرائڻ جي پهرين ڀيرو ڪوشش ٿي آهي، جيڪا تمام گهڻو ڪامياب وئي.
ڪراچي ۾ ٿيل هن ڪامياب ڪوشش جو سهرو ڪنهن هڪ جي سر تي نٿو وڃي پوري قوم تي وڃي ٿو. ان ماموي ڪڇي کي به ڪيئن وساريون، جنهن آگرا تاج ۾ سڀ کان پهرين دڪان بند ڪيو. 7-ڊي اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ويٺل فهميده سومرو، شازيه ڀٽو، تسبحه مري، ۽ شهربانو راهوجو ڏي ئي ڪريڊٽ وڃي ٿو، جيڪي صبح سان ئي شهر جي شهه رڳ وٽ پهتيون. هن شهر ۾ جيڪا اوپرائپ ٿي رهي هئي، اها هاڻي ختم ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي. هاڻي ڪير ائين نه چوندو ته سنڌي ڪراچي بند نٿا ڪرائي سگهن. مون کي سڄي سنڌ جي بند ٿيڻ تي ضرور خوشي ٿي هوندي، پر وڌيڪ خوشي ڪراچي جي ڇوٿين حصي بند ٿيڻ تي ٿي آهي. جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ ائين ٻڌي جو مظاهرو ڪيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن مورڙي جي ماڳ جا وارث ئي هن شهر جي سياسي قوت هوندا.
Published in Daily Kawish

 

 

Sunday, 17 April 2011

Census is Only Justified & Legal for indigenous people of Sindh By Rasul Bux Palijo

آدمشماري فقط سنڌ جي اصلوڪن باشندن جي جائز ۽ قانوني آهي!
رسول بخش پليجو
ٻين ڪيترين ڳالهين سان گڏ توڙي انهن کانسواءِ هيٺين تاريخي، اخلاقي، سياسي، ملڪي توڙي بين الاقوامي قانوني ۽ آئيني سببن جي ڪري سنڌ ۾ هلندڙ آدمشماري جهڙي نموني ۽ جن مقصدن لاءِ ڪئي پئي وڃي، تن جي مدنظر اها ناجائز، غير قانوني، غير آئيني آهي ۽ موجوده سنڌ توڙي پاڪستاني سرڪار کي ان ڪم کي موجوده مقصدن خاطر ۽ طريقن سان ڪرائڻ جو ڪو به اختيار ڪونهي ۽ سندس ايئن ڪرڻ ملڪ جي 1940ع واري لاهور ٺهراءَ جي بنيادي مقصدن ۽ آئيني بنيادن جي لفظن ۽ روح (Letter and spirit) جي سراسر خلاف ٿيندو ۽ ان عمل جي ڪا به حقيقي ۽ قانوني حيثيت نه هئڻ گهرجي ۽ نه هوندي. نه رڳو ايترو، پر جيڪڏهن پاڪستان جي قانوني سرشتي جي تاريخ جي پراڻين روايتن، موشگافين ۽ اٽڪبازين کي ڪتب آڻي ان کي ڪنهن به طرح نه روڪيو ويو ۽ ساڳين طريقن سان ساڳين مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو ته پوءِ اهو پاڪستان جي چئن خالق قومن مان هڪڙي يعني سنڌي قوم جي وجود تي قهري وار هوندو، جنهن جو نتيجو پاڪستان جي اڳي ئي مونجهارن جي ماريل ۽ آفتن ۾ ورتل تباهه ٿيل معاشري مان هڪڙو اهڙو خطرناڪ سياسي ۽ سماجي وار ثابت ٿيندو، جيڪو اڳتي هلي هر حالت ۾ لاعلاج بنجي ويندو.
(1) پاڪستان جي قائم ٿيڻ جو مکيه سبب اهو هو جو هندستان جا علائقا ٻن مکيه گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙن ۾ (پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان، بنگال، آسام) هندستاني مسلمان اڪثريت ۾ هئا ۽ باقي ٻين علائقن ۾ هندستاني هندو اڪثريت ۾ هئا. سڄي هندستان ۾ اڪثريت هندو هندستانين جي هئي ۽ مسلمان هندستاني اقليت ۾ هئا. هندو هندستانين جي اڪثريت مسلمان هندستانين کي جيڪو پنهنجي وجود ۽ حقن جي بچاءَ جو لازمي طرح گهربل قانوني ۽ آئيني وهنوار ڏيڻ لاءِ  هرگز تيار نه هئي. (ڏسو راقم الحروف جون مڪمل لکڻيون. ”سياسي ادب“ ڀاڱو پهريون، جلد هڪ)
(2) مسلمان علائقا به پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن هڪڙي علائقي جي مسلمانن مثلاً پنجابين يا پٺاڻن يا بنگالين يا بلوچن ۽ سنڌين جي ماتحت ٿي ساڳئي حڪومت ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هئا. ان جا وزندار تاريخي سبب هئا.
(3) پنجاب اڻويهين صديءَ جي شروع کان وٺي انگريز سامراج ۽ سک سرڪار جو ننڍو ڀائيوار ۽ تلوار باز بنجي ويو هو. پنجاب جو هندو توڙي مسلمان حڪمران طبقو هميشه ان ڳالهه جي پٺيان لڳل هوندو هو ته آس پاس جي سمورن مسلمان علائقن جي مٿان اسين حڪومت ڪريون. ان ڪري هو هميشه افغانستان، سرحد،بلوچستان ۽ سنڌ مٿان پيا چڙهايون ڪندا هئا.  خشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ”پنجاب جو مهاراجه رنجيت سنگهه“ ۾ لکي ٿو ته ”هڪڙي منزل تي پهچي پنجاب جي شهنشاهيت جي واڌاري جي گس جي راهه ۾ انگريز رڪاوٽ بنجي ويا، جنهن ڪري رنجيت سنگهه جا انگريزن سان تعلقات بگڙجي ويا. انگريزن سنڌ جي اميرن ڏانهن به سفير پئي موڪليو ۽ رنجيت جي دل ۾ اها هورا کورا متل هئي ته پنهنجي بادشاهيءَ کي ان (سنڌ) طرف سمنڊ جي ڪناري تائين وڌائجي.“ (ص: 76) ”ملتان جي فتح پنجاب ۾ افغان اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڏکڻ طرف جي مسلمان رياستن جو سخت مضبوط دائرو ٽوڙي ڇڏيو. ان فتح بهاولپور، ديره غازي خان، ديره اسماعيل خان ۽ مانڪره جي رياستن کي تابع ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ڏانهن ويندڙ رستو کولي ڇڏبو.“ (ص: 126). ”پنجاب جي درٻار جون فتحون اتر، اولهه ۾ پنجاب جي آخري جاگرافيائي ڇيڙي تائين پهچي چڪيون هيون. جيڪڏهن پنجابي شهنشاهيت کي وڌيڪ ڦهلجڻو هيو ته اهو فقط سنڌ جي رڻ پٽ مٿان سمنڊ ڏانهن ٿي سگهيو ٿي. جڏهن انگريزن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جون خبرون لاهور پهتيون، تڏهن درٻار ۾ سخت چوٻول پيدا ٿي ويو ته انگريزن سان هڪ هڪاڻي ٿيڻ کپي. پنجابي پنهنجي افغان ۽ پٺاڻن مٿان حاصل ڪيل فتحن جي نشي ۾ مست هئا ۽ وڙهه وڙهان سندن فطرت هئي.“ (ص: 54-153) ”هن (رنجيت سنگهه) ميرن کي چوائي موڪليو ته ڌارين کي واپاري يا سياسي دخل اندازي ڪرڻ نه ڏيو، پر ان مان ڪو فائدو ڪو نه ٿيو. ڇو ته سندن ارادن جي سڀني کي خبر هئي ۽ پاڻ جنهن اڳرائيءَ واري انداز ۾ شڪارپور تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنائين، تنهن ڪري سنڌين کي سندس صلاحون دل سان نه لڳيون.“ (ص: 186). ”هن افغان سياست ۾ سرگرميءَ سان داخل ٿيڻ شروع ڪيو. هن سان هرات جي درٻار مان سفير ملڻ لڳا. هن انگريزن کي ٻڌايو ته روسي ساڻس عهدنامو ڪرڻ لاءِ آتا هئا. هن نيپال جي وڪيلن سان گهرائي رکي، اهي افواهه ڦهلجڻ لڳا ته مرهٽا سردار ۽ حيدرآباد جو نظام ساڻس لاڳاپا وڌائي رهيا آهن.“ (ص: 186). ”هڪڙي پاسي سک جنرل (زوراور سنگهه) پنجاب جا جهنڊا لهرائي ٿٻيٽ ۾ داخل ٿيو ته ٻئي طرف هو (رنجيت سنگهه) شاهه سجاج کان مطالبا ڪرڻ لڳو ته نه رڳو ملتان، ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان، مانڪره ۽ پشاور تي دعوائن کان دستبردار ٿئي، پر ڏانهنس گهوڙن ۽ ميون جو ڏن به ڏياري موڪلي.”ملتان جي ڏکڻ طرف مزارين پنجاب جي چوڪين تي حملا ڪيا، يا نه ڪيا، پر رنجيت سنگهه ان جو بهانو ڪري سنڌ ڏانهن منهن ڪيو. شهزادي کڙڪ سنگهه کي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. هن تيزيءَ سان ڇڙواڳ مزاري قبائلين جو ڪم لاهي ڇڏيو ۽ 1836ع جي اونهاري ۾ مٺڻ ڪوٽ ۽ روجهاڻ تي قبضو ڪيائين. هن پڻهس کان شڪارپور تي هلان ڪرڻ جي اجازت گهري. پر هن انگريزن سان اٽڪڻ کان لهرايو. جنهن ڪري ڏکڻ طرف (سنڌي سمنڊ طرف) وڌڻ جون سندس امنگون ۽ ارمان پورا نه  ٿيا. انگريز ان باري ۾ رنجيت سنگهه سان ڳالهيون ڪيون ۽ مٿس زور آندو ته سنڌ تي حملو نه ڪر، ڇو ته خود کين سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو ارادو هو.“، ”عالم جاه (رنجيت سنگهه) بي صبري ڏيکاري (پنهنجي وزير خارجه فقير عزيز الدين جو هٿ پڪڙي، ان تي بار بار زور سان تريون هنيائين، آخر رنجيت سنگهه ڳالهه مڃي. پر هن ان باري ۾ ڪو به عهدنامو ڪرڻ يا روجهان خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ (ص: 93-192).
ان ڪري جڏهن 1930ع ۾ پنجاب وارن مطالبو ڪيو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان اسان جي حوالي ڪريو ته انهن صوبن جا ماڻهو پڙ ڪڍي بيهي رهيا. بلڪه انهن مان ڪو به پنجاب سان گڏ ڪنهن حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ان ڪري جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن ان جي آزاد علائقائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي صوبي جو حصو بنائي ڇڏيائون. پر پنجاب تي قبضي کانپوءِ ان کي هڪدم طاقتور صوبو بنائي خود دهلي ۽ يو پي به پنجاب جا زيردست بنائي ڇڏيائون.
انهن تاريخي سببن جي ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي چوڻ تي سندن پنجاب جي اڪثريت کان مڪمل بچاءَ خاطر 1940ع ۾ ٻه بندوبست ڪيا ويا. (1) نئين ملڪ کان هزارين ميل پري رهندڙ هندستاني بنگالي مسلمانن کي به منٿون ڪري شامل ڪيو ويو ۽ آسام وارن کي به دعوت ڏني وئي. (2) پنجاب سان گڏ ڪا به هڪڙي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بدران پنجئي رياستون آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون بنايون ويون. ڪا به گڏيل فيڊريشن يا ڪانفيڊريشن ڪا نه ٺاهي وئي. ساڳئي طرح هندستان جي يو پي سي پي ۽ بهار جا هندستاني مسلمان هميشه افغانن، ترڪن، مغلن جا لشڪر بنجي تلوارون کڻيو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد مٿان حملا ڪريو بيٺا هوندا هئا. ان ڪري لاهور واري ٺاهه ۾ هڪڙي به هندستاني مسلمان جي لڏي سنڌ، بلوچستان، سرحد ۾ اچڻ جي قانوني گنجائش ڪا نه رکي ويئي. 14 جولاءِ 1942ع تي ڪانگريس مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي هيٺ پنهنجو مشهور ٺهراءُ بحال ڪيو. جنهن کي هندستاني تاريخ ۾ ”ڪئٽ انڊيا“ يا ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ چئجي ٿو. 9 آگسٽ 1942ع جي صبح جو گانڌي، نهرو، آزاد ۽ ٻين ڪانگريسي رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو. هن سرڪار گرفتارين سان گڏ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ۽ سندس ٻين صوبائي ڪميٽين تي بندش وجهي ڇڏي. هندستان ۾ وڏا گوڙ شروع ٿي ويا. هندستان ۾ بمبئي، مدراس، سي پي، بنگال، يوپي ۽ بهار ۾ زبردست ڳڙٻڙ ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ اڙيسا ۽ آسام ۾ به وڏا گوڙ ٿيا. البته سرحد، سنڌ ۽ رياست ۾ نسبتن ماٺ رهي. وائسراءِ لارڊ لنلٿگو لکيو ته، ”1857ع کانپوءِ هي وڏي ۾ وڏي بغاوت هئي“. پر اها بغاوت سال اندر ختم ٿي وئي. 15 جون 1943ع تي لارڊ ويول نئون وائسراءِ ٿي ويو. 17 فيبروري 1944ع تي مهاتما گانڌي قيد مان وائسراءِ سان خط و ڪتابت شروع ڪئي. 6 مئي تي مهاتما گانڌي کي آزاد ڪيو ويو. هن ان کان پوءِ به وائسراءِ سان ڊگهي خط و ڪتابت ڪئي، پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. ساڳئي طرح هن محمد علي جناح سان به ملاقات ڪئي، پر هر ڪو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. 25 جون 1945ع تي وائسراءِ لارڊ ويول شملي ۾ ڪانفرنس سڏائي ۽ مولانا آزاد، جناح ۽ گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪيون، پر ڪو به ٺاهه ٿي نه سگهيو.
ان وچ ۾ هندستان جي مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿي گذريون، جن جا نتيجا ڊسمبر 1945ع جي آخر تائين پڌرا  ٿيا. مسلم ليگ اها اليڪشن 1940ع جي ٺهراءَ مطابق يعني 6 مسلمان اڪثريت وارن صوبن سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب، بنگال ۽ آسام مان هر هڪ جي الڳ الڳ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ جي پروگرام جي بنياد تي کٽي هئي. هن پروگرام جي سڄي هندستان جي مسلمانن وڏي جوش و خروش سان آجيان ڪئي ۽ 5 سالن جي تبليغ کانپوءِ سڄي هندستان جا مسلمان مسلم ليگ جا عاشق ۽ فدائي بڻجي ويا، جنهن ڪري هن اليڪشن ۾ مسلم ليگ زبردست تاريخي سوڀ کٽي پاڻ کي هندستان جي سمورن مسلمانن جو اڪيلو نمائندو تسليم ڪرائڻ جو خواب پورو ڪيو ۽ انگريز توڙي ڪانگريس لاءِ هاڻي ڪو به اهڙو بهانو نه رهيو ته مسلم ليگ هندستان جي سمورن مسلمانن جي نمائندي ناهي، پر ڪانگريسي به آهن.
27 ڊسمبر 1945ع تي لارڊ ويول برطانوي سرڪار کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن هن ڀيري به ڪانگريس 1942ع جهڙي بغاوت ڪئي ته ان کي دٻائڻ لاءِ اسان وٽ وسيلا ڪونهن. 5 جنوري 1946ع تي هڪ 10 ڄڻن جو پارلياماني وفد هندستان آيو. هنن هندستان جو دورو ڪيو ۽ مختلف ليڊرن سان مليا. ٻئي جنگ عظيم مئي 1945ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي. انگريزن ۾ هاڻي وڌيڪ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ جي نه طاقت هئي، نه خواهش. هنن جي هاڻي هيءَ خواهش هئي ته جلد کان جلد هندستان مان بهترين شرطن تي ظاهري طرح هٿ ڪڍون ۽ اندروني طرح کين روس خلاف پنهنجي ڪيمپ ۽ اثر ۾ رکون. هنن تنهن ڪري هڪ وزارتي وفد هندستان موڪليو، جيڪو 23 مارچ 1946ع تي ڪراچي پهتو. انهيءَ وفد شملي ۾ 5 مئي 1946ع کان وٺي 12 مئي 1946ع تائين مختلف پارٽين سان ڳالهيون ڪيون. وزارتي ڪميشن اڳيان قائد اعظم پاڪستان لاءِ هيٺيون آئيني پيڪيج پيش ڪيو:
ميمورينڊم:
”46-5-12 تي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر (محمد علي جناح) هيٺيون ميمورينڊم جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مطالبن جي آڇ شامل آهي. قائد اعظم ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ٺاهيل هن آئيني تجويز جا پنج مکيه ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار رکندڙ اصول هي آهن: (1) سمورن مسلمان اڪثريت وارن صوبن کي پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال کي ڳنڍي هڪڙو اهڙو ملڪ ٺاهيو ويندو. (2) جنهن جي وفاقي مرڪز وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا يعني خارجه، بچاءُ ۽ فقط بچاءَ سان واسطو رکندڙ مواصلات. (3) باقي سڀ معاملا ۽ کاتا صوبن جي حوالي هوندا. (4) مرڪز جو آئين جدا ٺهندو ۽ صوبن جا آئين جدا ٺهندا. (5) آئين ٺهڻ کان پوءِ هر صوبي کي حق هوندو ته صوبي ۾ ريفرينڊم جي وسيلي فيصلو ڪري فيڊريشن کان ٻاهر نڪري. تجويز جا پنج مکيه ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ اصول هي آهن: (1) سمورن مسلمان اڪثريت وارن صوبن کي پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال کي ڳنڍي هڪڙو اهڙ ملڪ ٺاهيو ويندو. (2) جنهن جي وفاقي مرڪز وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا، يعني خارجه، بچاءُ ۽ فقط بچاءَ سان واسطو رکندڙ مواصلات. (3) باقي سڀ معاملا ۽ کاتا صوبن جي حوالي هوندا. (4) مرڪز جو آئين جدا ٺهندو ۽ صوبن جا آئين جدا ٺهندا. (5) آئين ٺهڻ کان پوءِ هر صوبي کي حق هوندو ته صوبي ۾ ريفرينڊم جي وسيلي فيصلو ڪري فيڊريشن کان ٻاهر نڪري.“
23 مارچ 1940ع تي هندستان جي مسلمانن اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ، پنجاب ۽ سرحد پنجاب سان نه گڏبا. پر انهن مان هر هڪ پنهنجي سر الڳ الڳ خودمختيار حڪومت بنجي وڃي. ان ڳالهه کي سٺ سال ٿيا آهن، ان وچ ۾ پاڪستان جي حڪمران ٽولن سوين حيلن بهانن ۽ حرفتن سان هندستان جي مسلمانن جي 23 مارچ 1940ع واري گڏيل فيصلي جو نالو نشان غائب ڪري پاڪستان ۽ قائد اعظم جي نالي جي آڙ ۾ هوبهو اها حڪومت وري مڙهي ڇڏي آهي، جنهن جي 1930ع ۾ رٿ سڄي هندستان جي مسلمانن رد ڪري ان جي جاءِ تي 1940ع واري (آسام سميت) ڇهن آزاد ۽ خودمختيار حڪومتن واري تجويز منظور ڪئي هئي. اسين اڳي پنهنجي هم وطن (هندو ڀائرن) جي دائمي اڪثريت جي راڄ ۾ مظلوم دائمي اقليت ٿي عذاب سهڻ کان ڀڄي اچي وري پنهنجي هم مذهب (پنجاب مسلمان ڀائرن) جي راڄ ۾ دائمي اقليت واري عذاب جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون. سنڌي ۾ چوندا آهن، ”چورن ڇٽي، گهل تان پيئي.“  سڄي سموري دنيا جي دستور موجب آئين رواجي پارليامينٽ نه پر خاص آئين ٺاهڻ لاءِ چونڊيل ۽ اختيار ڏنل آئين ساز اسيمبلي ٺاهيندي آهي ۽ پاڪستان جي پهرئين آئين جنهن ۾ لياقت علي خان روءِ زمين جا هٿرادو قاعدا قانون پاڪستان جي ماڻهن تي مڙهي ڇڏيا، تنهن آئين ٺاهڻ لاءِ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي آئين ٺاهڻ لاءِ ڪا به خصوصي اسيمبليءَ جي چونڊ ڪا نه ٿي. ان ڪري آئين سازيءَ جي دستوري روايتن ۽ روح جي مطابق لياقت علي خان جون سموريون آئيني ڪارروايون جائز اختيار بنايائون.
1940ع جي ٺهراءَ لفظن ۽ روح جي حساب سان اصل پاڪستان سمورين ڌرين جي رضامنديءَ سان جنهن آباديءَ جي توازن جي بنياد تي يعني پنجاب جي عدم اڪثريت جي بنياد تي ٺهيل هو، اهو بنگال جي جدائيءَ کانپوءِ ٽٽي ويو. بنگال کي ماري ڪٽي ڪڍڻ کانپوءِ ڌارين جي آباديءَ جو توازن بلڪل ابتڙ ٿي ويو، يعني پنجاب جنهن جي برتريءَ کان بچاءَ لاءِ 1940ع وارو مخصوص آئيني بنياد وجود ۾ آندو ويو هو، اهو هڪدم دائمي اڪثريت ۾ اچي ويو. ان لاءِ لازم هو ته سڀني ڌرين جي رضامندي سان آباديءَ ۽ اختيارن کي نئين توازن وارو ملڪ ٺاهيو وڃي. اهو اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ٺهيو آهي.
ساڳئي طرح ڀٽي صاحب 1973ع ۾ جيڪو پنجاب کي ملڪ جو دائمي اڪثريت وارو جائز مالڪ بنائڻ لاءِ آئين مڙهيو، ان کي جنهن پارليامينٽ هٿان مڙهايو ويو هو، اها آئين ساز اسيمبلي ڪا نه هئي. وقفن وقفن سان ڌارين اڳراين جو شڪار ٿيڻ جي باوجود سنڌ هزارين سالن کان سنڌي قوم جو وطن ۽ ملڪيت آهي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ شرط سنڌي قوم جي پنهنجي وطن جي مالڪيءَ سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ کيس پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ غلام بنائڻ جون ناجائز ۽ ناپاڪ حرڪتون شروع ڪري کيس سندس علائقن، وسيلن، حڪمرانيءَ جي حق سميت سمورن حقن، اختيارن کان ڏاڪي به ڏاڪي محروم ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان جي ٺاهه موجب سنڌ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آبادين جي مٽا سٽا جي ڪا به گنجائش ڪا نه هئي. هٿرادو مچايل فسادن جي پڄاڻيءَ بعد ٻنهي طرفن جي سڀني پناهه وٺندڙ متاثرن کي واپس پنهنجي وطن وڃڻ کان ڪا به روڪ ڪا نه هئي ۽ نه آهي. سنڌي قوم جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ سڄي جهان ۽ سمورن علائقن (پنجاب، سرحد، افغانستان، برما، بنگلاديش ۽ الائي ڪٿان) ڪٽڪ گهرائي سنڌ جي تخت گاهه جي شهر تي ناجائز قبضا ڪرڻ جي آئيني بنياد جي سراسر خلاف ۽ ان جي مڪمل نفي ڪندڙ ۽ پاڪستان جي وجود جي جواز کي رد ۽ باطل ڪندڙ سياسي حرڪتون آهن. جن جا خطرناڪ نتيجا نڪرڻ اڻٽر آهن. ساڳئي وقت اها بين الاقوامي قانون ۽ ملڪن، قومن جي اصل باشندن جي عالمي طرح تسليم ٿيل ۽ اقوام متحده طرفان پڌرو ڪيل اصلي باشندن جي حقن جي سراسر خلاف آهي.
اصلوڪن ماڻهن بابت گڏيل قومن جي اخلاقي، انساني، سياسي، ملڪي ۽ بين الاقوامي پڌرنامي جي صورتحال ۾ غير سنڌي ماڻهن کي سنڌي ماڻهن تي مسلط ڪري، انهن کي سنڌ اندر ووٽ جو مستحق ڪري سنڌ جو مالڪ بنائي، سنڌين کي پنهنجي گهر ۾ اوپرو بنائڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي ۽ نه هئڻ گهرجي. ان ڪري آدم شماري فقط سنڌ وطن جي اصل مالڪن جي ۽ سمورن سنڌ جي اصل مالڪن جي هجڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن هڪڙي جي به نه.

Published Daily Kawish 18th April 2011

Friday, 15 April 2011

Bogus Census and playing with the future of Sindh By Rasul Bux Palijo

بوگس آدمشماري ۽ سنڌ  جي مستقبل سان ٿيندڙ راند!
رسول بخش پليجو
  

ڪا شيءِ يا ڳالهه ڪهڙي به سٺي هجي پر حد کان وڌيڪ هوندي ته نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. اسين سنڌي صدين کان رڳو تاريخي سچ ٻڌندا اچون ۽ ٻڌي ٻڌي اسان ننڍن وڏن کي سورنهن آنا خاطري ٿي وئي آهي ته عربن، سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي مجموعي طرح عيشن ۾ هئا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ٻه ٽي سال گوڙ فساد ڪيو، پر ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ ٿلهي ليکي وري به بهاريون ٿي ويون، حاڪم ۽ رعيت سڀ هڪ ڳالهه، فلاڻا شاعر، فلاڻا سگهڙ، فلاڻا صوفي، فلاڻا درويش، هندو مسلمان کير کنڊ هئا. چوطرف صلح، امن، قرب ۽ محبتون هيون. انگريزن جي واريءَ ۾ کڻي ڪي ٻه ٽي ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون ٿي ويون هونديون، پر پوءِ به حاڪم انصاف، راڄن ڳوٺن جا چڱا مڙس اڪثر سڀ عام ماڻهن جا خير خواهه ۽ هڏ ڏوکي هئا. هندو-مسلمان اڳ وانگر هڪ ڳالهه تي هئا.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ غيرن کان آزاد ٿيو، حڪومت پنهنجي هٿن ۾ آئي، هاڻ ڪنهن جا محتاج ڪو نه رهياسين، جمهوريت ته جمهوريت، پر ايوب جهڙن جي مارشل لائن ۾ به غريبن جا هڏ ڏوکي ملڪان ملڪ مشهور اڳواڻ ڪرسين تي ويٺا هئا. وچ وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ون يونٽ آيا، ڇڪتاڻون ٿيون، ڪجهه ڀڃ ڊاهه ٿي، پر پڇاڙيءَ ۾ خير ٿي ويو. لکا پوڻ نه ڏني سون، تان جو اڄ نه رڳو جمهوريت جو، پر جمهوريت جي اعليٰ ترين ۽ لاثاني ۽ بي مثال قسم يعني مفاهمتي جمهوريت جو دور آهي، جنهن ۾ پاڻ ٻن ٽن وڏن ڪرسين تي چڙهي ويهي  رهبو ۽ ٻچن جي پيٽ گذر جو بلو ڪبو رهبو ۽ ملڪ ۽ صوبائي حڪومت جا ڪم ڪار ۽ خفا سڀ اتحادين جي مٿي ۾ هڻي ڇڏبا. تان جو هاڻ گهر شماري ۽ آدمشماري به اتحادين جي مٿي ۾ لڳل آهي ۽ پاڻ ڪرسين تي ويهي ”سڀ خير آهي“، ”سڀ خير آهي“ جا بيان ڏبا رهبا ته سڀ خير ٿي ويندو. ٽي سال خير سان گذري ويا آهن. ٻه سال ٻيا به سڀ ڪجهه ڪرسيءَ تي پهچائيندڙ آقائن جي مقرر ڪيل اتحادين جي حوالي ڪري کين ڪلهي تي کڻي گهمائبو ۽ ٻئي طرف پنهنجا ٻچا به ڏکيا سکيا پالبا. پوءِ به  مولا خير ڪندو، قسمت هوندي ته وري به مفاهمتي جمهوريت جو جهنڊو بلند ڪبو ۽ سندس بول بالا ڪبو. هاڻ سچ گهڻو ئي ٿيو، ٻه ٽي ڪوڙ به ٻڌي ڇڏيون:
گذريل سمورن دورن ۾ ٻي دنيا وانگر سنڌ ۾ به عوام لاءِ غلام داري، قبائلي نظامن ۽ ڌارين جي غلاميءَ جا ڪلور هئا. گڏيل هندستان، جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي، تنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين هندستاني علائقن جي ماڻهن، ڌارين ۽ خاص ڪري آرين جي ڌارين جي راڄ جا ڏينهن، جيڪي خدا دشمن کي به نه ڏيکاري، سي ڏٺا ۽ رت رنا. آرين جي دور ۾ برهمڻن کانسواءِ ٻيا سڀ سنڌين سميت هندستاني ماڻهو ناپاڪ ۽ نيچ ۽ دوزخي هئا، ”جيڪو برهمڻ علم جو مالڪ آهي، تپسيائون ڪري ٿو ۽ روز پاڪ اکر اچاري ٿو سو ڀل کڻي سدائين گناهه جهڙا ڪم ڪندو رهي ته به ان کي ڪو به گناهه ڪو نه ٿيندو.“ (ڏسو عالمي مذهبي ڪتابي سلسلو ”مشرق جا مقدس ڪتاب مرتب ۽ مترجم: مئڪس ملر، جلد 14، پاڪ ڪتاب و سيشٿا، ڀاڱو 24-ص 129) ۽ ٻيا مقدس آريائي ڪتاب. پوءِ جي ڌارين حملي آور ڦورو ۽ ظالم مسلمانن جي راڄن ۾ عام مڪاني مسلمانن سان جيڪي ويل پئي ٿيا سي ته ٿيا، پر سنڌ ۽ هند جي هندن سان 8 سئو سال جيڪي ويل ٿيا، تن جو تت اڀرين سڀرين فارسي تاريخن ۾ به لکيو پيو آهي. ايتري قدر جو دين متين جي مفتين ۽ شيخ الاسلامن بادشاهن تي زور ڀريو ته هندستان جي هندن کي مسلمان ڪريو. جي نٿا ٿين ته هڪڙي هڪڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇو ته مسلمانن جي حڪومت ۾ هندن جو هندو ٿي رهڻ جائز ئي ڪونهي. (ڏسو منتخب التواريخ ۽ هندستان بابت ٻيون فارسي تاريخون). ڪنهن زماني ۾ چيائون ٿي ته ”مٽيارين جو موت ويندي جي ويرم“ هندن جي تذليل ڪرڻ ڄڻ ته اسان جي حاڪمن جو فرض هو. هندو ڪروڙ پتي هجي، پر چڙهي گڏهه تي، گهوڙي تي نه.
انگريزن جو  دور آيو ته انهن سنڌي هندن کي سنڌي مسلمان غريبن خلاف استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي ۽ انگريز پرست هندو سيٺيون انتقامي جذبي وچان سڀ ليڪا لنگهي ويا. سنڌ کي زبردست هندو اڪثريت واري صوبي بمبئي سان ملائي کيس تباهه ڪري ڇڏيو ويو. ٻيا ادارا ۽ امتحان ته ڇڏيو، پر سنڌ ۾ سنڌي فائنل جي امتحان جو مرڪز به قائم ڪرڻ نه ڏنو ويو. چوندا آهن ته ”نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار“. ان دور جي سنڌ جي مسلمان وڏيرن، ميرن، پيرن به سنڌي عوام جي دشمنيءَ ۾ رتيءَ جي ڪسر ڪا نه ڇڏي. سنڌ جي هڪڙي حقيقي عظيم اڳواڻ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ رٿ ڏني ته غريب سنڌي ماڻهن جي پڙهائي لاءِ ڍل جي هڪڙي رپئي پٺيان هڪڙو پئسو وڌائي ورتو وڃي، ته سخت مخالفت ڪئي ويئي. خاص ڪري لاڙڪاڻي جي وڏن زميندارن طرفان رٿ ڏني ويئي ته پرائمري تعليم عام ۽ مفت ڪئي وڃي، ته به سنڌي وڏيرن مخالفت ڪئي، چي ”ڄٽ جا پٽ پڙهي پيا ته پوءِ اسان جي خدمت چاڪري ڪير ڪندو ۽ ٻنين ۾ هر ڪير ڪاهيندو؟“
سنڌ کي بمبئي جي ٻين علائقن جي برابريءَ جا حق ڏيڻ جي ۽ اڳتي هلي سنڌ کي جدا صوبائي حيثيت ڏيڻ جي هندو ڀائرن طرفان جيڪا ڇتي مخالفت ڪئي ويئي، تنهن جو تصور به سنڌ جي عام پڙهيل ماڻهن کي ڪونهي (ڏسو ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جا دستاويز“ مرتب حميده کهڙو) اها مخالفت صوبائي درجو ملڻ کانپوءِ به نام نهاد قومپرست سنڌي مسلمان وڏيرن جي مدد سان ايڏي خطرناڪ حد تائين جاري رهي، جو سنڌ لاءِ عذاب بمبئي جي غلاميءَ جي دور کان پوءِ گهٽيو ڪو نه، وڌي ويو. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته صوبائي خودمختياريءَ کانپوءِ هندو ڀائرن ۽ سندن نام نهاد قومپرست ساٿارين ان صوبائي خودمختياريءَ جو جيڪو حشر ڪيو، جي اهو نه ڪيو وڃي ها ته 1938ع واري سنڌ ڪانفرنس ۾ سنڌ طرفان هندستان کي ورهائي سنڌ کي ڌار ڪرڻ جو ڪنهن کي خيال ئي ڪو نه اچي ها! چوندا آهن ته ”چري ڪيئن؟ چي ويران وير وڌ!“ پيارو پاڪستان ٺهيو ته ڄڻ پراڻن مسلمان حملي آورن جو دور وري شروع ٿي ويو. ارغون، ترخان ۽ مغل ڦورو ۽ ظالمن جي جاءِ تي يوپي، سي پي، بهاري ۽ پنجابي مسلمان حملي آورن جو قبضو ٿي ويو ۽ نادر شاهن ۽ مدد خانن جو زمانو وري اکين اڳيان اچي ويو.
هنن کان ڪنهن پڇيو ٿي ته ابا هي ڇا پيا ڪريو ته چوندا هئا ته ”ڪافرن کان جان بچائي پناهه وٺڻ ۽ اسلام جو قلعو قائم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“ گهرن، زمينن، شهرن ۽ مقامن تي قبضا ٿي ويا، صوبائي خودمختياري کسجي وئي، ٻيا حاڪم ڪڙڪي پيا، ڇهن درياهن جي اڌ ڀائيواري کسجي وئي، تان جو اڄ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۽ ٻيا شهر ذري گهٽ کسجي ويا آهن. باقي اڏيءَ تي پهتل آهن. فقط ٻه ٽي ڏينهن آدمشماريءَ جي معلوم نتيجن جي پڌري ٿيڻ جو انتظار آهي.
ٻولي کسجي ويئي، تعليم کسجي ويئي، امن امان کسجي ويو، عملي طرح حڪومت کسجي ويئي. موجوده پاڪستان جو مطالبو 1930ع ۾ الهه آباد ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو هو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان پنجاب جي حوالي ڪريو. پوءِ انگريز ڀلي وڃي نه وڃي. کڻي سئو سال ويٺو هجي، اهو مطالبو تڏهن پورو ٿيو، جڏهن سنڌي وڏيرن يحيٰ شاهيءَ سان ٻٽ ٿي پنجابي اڪثريت ۾ رخنو وجهندڙ بنگالين کي ڀڄائي، پنجابين کي پاڪستان جي قطعي ۽ دائمي اڪثريت بنائي سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي سندن جمهوري حساب سان دائمي غلام بنائي ڇڏيو. اڄ ملڪ ۾ مفاهمتي جمهوريت جو بول بالا آهي. جمهوريت چئبو ڇا کي آهي؟ ڇا جمهوريت جي معنيٰ فقط ووٽن سان ڀرايل دٻن جي ڳڻپ آهي؟ ڇا جمهوريت جي معنيٰ فقط ڪنهن به ريت چونڊيل نمائندن جي گهڻائيءَ جو هر هڪ فيصلو آهي؟ هٽلر (1938ع ڌاري) جرمنيءَ ۾ جيڪا چونڊ کٽي هئي، ان ۾ چونڊيل نمائندن جي اڪثريت قانونسازيءَ جا سمورا اختيار کيس ڏيئي ڇڏيا هئا. ڇا ان ڪري هو جرمن عوام جو چونڊيل بااختيار جائز اڳواڻ بنجي ويو؟ ڇا دنيا کي هينئر هٽلر جهڙا چونڊيل نمائندا ۽ جنهن پارليامينٽ کيس اڇي ڪاري جو مالڪ ڪري ڇڏيو هو اهڙي پارليامينٽ کپي؟ جي نه ته ڇو؟
ڇو ته جمهوريت جي اصل ڪسوٽي رڳو ووٽن جي دٻن ۾ پيل ووٽن جي ڳڻپ يا پارليامينٽ جي ووٽن جي اڪثريت نه، پر اها ڳالهه آهي ته جن ماڻهن چونڊ ڪئي آهي، انهن جي ضرورت، مفادن ۽ زندگي ۽ موت جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت رويو ۽ عمل ڪهڙو آهي؟ ووٽ وٺجن هڪڙن کان ۽ سندن گهر جا ٽپڙ ۽ اختيار سڀ ٻين مخالفن جي حوالي ڪرڻ جمهوريت نه، پر جمهوريت سان مذاق ۽ ان جي بنيادي اصولن سان کلي کلائي کيڏ آهي. سنڌي سڏائي (ڪي ته سنڌي سڏائڻ به بي عزتي سمجهن ٿا) سنڌي قوم جا ٽپڙ، حق، ملڪيتون، ٻنيون، شهر، روزگار جا وسيلا ڌارين جي حوالي ڪرڻ ۽ ان جي عيوض ڪرسيون وٺي پنهنجا پيٽ ڀرڻ کان وڌيڪ حرڪت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
مغربي سامراجين نالي ماتر شهنشاهتون ڇڏيون، پر ويٺا اندر گهڙيا آهن. (ڏسو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“) هندستان ۾ انگريزن ۽ آمريڪين پنهنجي مڪاني سهڪارين سان سازش ڪري رڳو مٽا سٽا ڪئي. انگريز جي جاءِ تي پاڪستان جو مالڪ آمريڪا ٿيو، جيڪو هاڻ سنڌ جو علي الاعلان مالڪ ٿيڻ وارو آهي. رستي ۾ رڳو ڪجهه رڪاوٽون آهن. اهي هي آهن ته سمورن سنڌي ماڻهن جي اڃا مڪمل طرح اڻ پڙهيل، جاهل، خوفزده، بي روزگار، اٽي لپ لاءِ ڪستو کڻي پنندڙ مخلوق ٿيڻ ۾ اڃا ٿورڙي دير آهي. حالانڪه گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. تعليم جي ڀينگ ڪئي وئي آهي. اعليٰ تعليم سامراجي ڇاڙتن جي حوالي آهي، جنهن انهن ۾ سنڌ دشمن جو قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻيلن ۾ سرڪاري وڏيرن جا ڌاڙيل تشريف فرما آهن، ڪارو ڪاريءَ جي نالي ۾ اپر سنڌ سنڌ دشمن قبائلي قاتلن هٿان هڪڙو باقاعدي قتل گاهه  بنايل آهي. گذر جا وسيلا بند ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۽ ٻيا روزگار جا مرڪز سنڌين لاءِ قانوني طور نوگو ايريائون بنايل آهن، مهانگائيءَ هٿان سنڌين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ويئي آهي. بدامنيءَ ۽ قسمين قسمين لاعلاج بنيل مرضن جو ڳوٺن ۽ شهرن تي قبضو آهي. ڪرپشن آسمان سان پيئي ڳالهيون ڪري. مطلب ته سنڌي قوم جو قومي وجود آخري پساهن تي آهي، هاڻ رڳو هنن ٻٽن اکرن چوڻ جي دير آهي: ”سنڌي ماڻهو هاڻ سنڌ ۾ اقليت ۾ آهن، تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو هاڻ سنڌ جي مالڪيءَ سان ڪو به واسطو ڪونهي. هاڻ سنڌ جا مالڪ آمريڪا ۽ ان جا يوپي، سي پي ۽ پنجاب وارا آهن. سنڌين کي فقط روئي رڙي آمريڪي اين جي اوز کان خيرات پنڻ جو حق آهي.“ انهن اکرن جي چوائڻ لاءِ آمريڪا طرفان ڪرسيءَ تي ويهاريل مفاهمتي جمهوري حڪومت وارن تي ڊيوٽي رکي ويئي آهي. جيڪا ڊيوٽي اسان جي سنڌي سرڪار موجوده گهر شماري ۽ آدمشماريءَ ذريعي پوري ڪرڻ واري آهي. ان کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي قوم جي سمورن اندرين ٻاهرين ويرين کي پڪ آهي ته ان کان پوءِ ٿيندو ”کيل ختم، سنڌ هضم!“.