Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.
Showing posts with label Peasent. Show all posts
Showing posts with label Peasent. Show all posts

Saturday, 7 May 2011

Bogus Census and role of Sindhi Women Organization by Malhar Khaskhali

بوگس گهر شماري نامنظور
                ڪالهه ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جو هڪ ئي مطالبو هو ته ”سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ بوگس گهر شماري نامنظور!“ ڪالهوڪي هڙتال سنڌ ۾ اڳ ۾ ٿيل هڙتالن کان بلڪل منفرد ۽ انتهائي دلفريب منظر ڏيندڙ هئي، سو هيئن ته عورتن لاءِ قاتل رسمون رکندڙ ۽ ورهين تائين خوني قبيلائي جهيڙن کي تاتيندڙ اتر سنڌ کان وٺي ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي سنڌياڻي تحريڪ ريلين، ڌرڻن ذريعي شديد احتجاج ڪري سنڌ جي احتجاج کي ٻچي ٻچي جو احتجاج بڻائي ڇڏيو. ائين اڳ نه ٿيو آهي. صبح جو جيڪب آباد مان ايس ايم ايس آيو ته ڊي سي او چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ خانزادي ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳي چڪو آهي. ٽائرن کي باهيون. ان کانپوءِ ميسيجز جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڌ ڏينهن گذرڻ بعد به هلندو رهيو. ڪيڏي مهل ميسيج لاڙڪاڻي مان آيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنا راهوجو ۽ ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ جناح چوڪ تي وڏي انگ ۾ سنڌياڻين ٽائرن کي باهيون ڏئي شهر ۾ ريلي ڪڍي. سڄي شهر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. وري ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ، ڪنڌڪوٽ ۾ به سنڌياڻي تحريڪ سراپا احتجاج، حيدرآباد،  بدين، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجن جا ميسيج موصول ٿيندا رهيا. سنڌياڻي تحريڪ جا اهي سمورا احتجاج آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي سمورين ميمبر تنظيمن عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سيو سنڌ موومينٽ، جي يوپي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاجن کي وڌيڪ سگهه ڏيندا رهيا ۽ ائين ڪالهوڪو احتجاج سڄي سنڌ جو احتجاج بڻجي سامهون آيو ته هي بوگس گهر شماري اسان کي قبول ناهي.“ سچ پچ ته سلام آهي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي ۽ جس هجي انهن قومپرست پارٽين کي جن تاريخي احتجاج ڪري سنڌ خلاف ٿيل سازش کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي.
مرڻو به کائبو-پرڻو به کائبو
  


              ڪي ٽي اين تي احتجاج جي خبرن ڏسڻ دوران ان وقت پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جو هڪ ڀيرو وري دلچسپ بيان سامهون جڏهن هن چيو ته ”گهر شماريءَ ۾ وڏي پئماني تي شڪايتون آهن ۽ سموري گڙٻڙ جا ذميوار ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز آهن.“ تاج حيدر اهو به چيو ته ”مون لکت ۾ اهي شڪايتون ڪيون آهن.“ جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت جتي جتي ايم ڪيو ايم کي من پسند نتيجا گهرجن اتي اهو سڄو ڪم ڊي سي اوز ۽ ڊي ڊي اوز ئي ڪري رهيا آهن پر دلچسپ ان ڪري آهي ڄڻ ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ نه پر قومپرستن کان وڌيڪ بيوس هجي ۽ هن وٽ فقط لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ جو رستو بچيو آهي! باقي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه آهي ته اهي تاج حيدر صاحب جي درخاشت قبول ڪن نه ڪن يا پڙهن- نه پڙهن! بيوسيءَ جو اهو عالم آهي جو جلال شاهه صاحب ته سينسس ڪمشنر سان ملي سگهي ٿو ۽ جماعت اسلاميءَ جو وفد ته وڏي وزير سان ملي سگهي ٿو پر پ پ پ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ملي نٿو سگهي، تنهنڪري قانوني گهرج کي به پورو ڪندي درخواست لکي پئي وڃي ته جيئن اڳتي هلي موٽ نه ملي ته ان درخاشت سميت ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري انصاف وٺي سگهجي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته مولوي مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي.“ سو پيپلز پارٽي حڪمران به پاڻ ته مظلوم ۽ مخالف ڌر به پاڻ پئي ٿئي. پيپلز پارٽي سرڪار جو گهر شماري عمل ۾ فقط شڪايتون ملڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي بجاءِ گهوڙا- گهوڙا ٿيندي ڏسي پاڻ به ان کان وڌيڪ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اهڙي حڪمت عملي لڳي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي نالي ۾ ”اتحادين جي به ونگار وهي وڃجي ۽ عوام کي روئي پِٽي چئجي ته ”ڇا ڪجي؟ اسان جي ڪير ٻڌي ئي نٿو!! ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او به نٿا ٻڌن!!“ ڀلا جي ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او نٿا ٻڌن ته بدلي ڪرڻ لاءِ رڳو چوٿائي پنو ته گهرجي ٿو. وڏو وزير به پيپلز پارٽي جو، ايوان صدر ۾ ويٺل صدر به پيپلز پارٽيءَ جو ۽ وزيراعظم سميت ٻيا وڏا حڪومتي اهم عهدا به پيپلز پارٽي وٽ باقي ڇا اڃا ڪي ٻيا عهدا آهن جيڪي پيپلز پارٽي وٽ ناهن ۽ اهي هجن ها ته وڏيون صحيحون ۽ ٺپا هڻي ڊي سي او به بدلي ڪري ڇڏجن ها ۽ چيو نه مڃيندڙ ڊي ڊي اوز جا سر وڃائي ڇڏجن ها؟
 گهر شماريءَ جا مخالف ڪير ڪير
                گهر شماري عمل کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قومپرستن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي تنظيمن سڀ کان پهرين آدمشماري ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي جنهن جي جائزي ۾ گهرشماري ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون نظر آيون، جيڪي ميڊيا ذريعي دنيا اڳيان آنديون ويون، پوءِ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ شامل تنظيم احتجاج ڪرڻ شروع، انهن احتجاجن ۽ ڌانڌلين جي وڏن ثبوتن کانپوءِ سينسس عملدارن ۽ خود وزيراعليٰ سنڌ اعتراف ڪيو ته بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن، ان بعد حڪومتي اتحادي اي اين پي به دانهن ڪئي ته ڌانڌلي پئي ٿئي. ساڳي ريت حڪومت جي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ به دانهيو ته گهر شماري بوگس ٿي رهي آهي ۽ سڀئي گهر شماريءَ ۾ ڌانڌلين جو ذميوار حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم کي قرار ڏئي رهيا آهن. ڪالهوڪي تاريخي هڙتال ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي سمورين جماعتن جي مخالفت- احتجاج ۽ سنڌ جي فيصلي کانپوءِ ڇا ڪو جواز بچي ٿو جو موجوده گهر شماريءَ کي قبول ڪجي ۽ ان کي جاري رهڻ ڏجي؟
پيرپاڳاري جي خواهش ۽ ايم ڪيو ايم جو خواب
                جيتوڻيڪ پير پاڳاري وٽ هميشه سڀني مسئلن جو حل فوج ئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سائين جن جو پنهنجو مسئلو به فوج ذريعي ئي حل ٿئي ٿو، سو پير پاڳاري جي خواهش آهي ته گهر شماري فوج ذريعي ڪرائي وڃي. مطلب ته ٻيو ڪوبه طريقو ناهي جنهن سان گهر شماري ڪرائي سگهجي! پر ائين ناهي. انهيءَ تجويز تي عمل جي ڪابه گارنٽي ناهي ته اهو ڪو غير تڪراري رهندو يا ان ذريعي سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي خطرا نه رهندا. ان ڪري اها تجويز بلڪل به عمل جوڳي ناهي ۽ نه ئي شفاف گهر شماري ڪرائڻ ڪو وڏو مسئلو آهي. ضرورت آهي نيت جي- سنڌ جي مفادن تي مفاهمت کان انڪار جي جرئت جي- موجوده گهر شماري جيئن ٿي رهي آهي، ان مان سرڪار جي رويي مان لڳو آهي ته ان وٽ گهر شماري ڪو سنجيده ڪم ناهي. سمورا بندوبست گهر شماريءَ کي بوگس ڪري رهيا آهن. گهر شماري گهڻن حوالن سان انتهائي سنجيده معاملو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت خاص شهرن لاءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي هٿ وس ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن گهر ۽ آدمشماريءَ جا مرضيءَ جا نتيجا وٺي سگهجن ۽ ان کانپوءِ مرضيءَ جون تڪبنديون ٺاهي سگهجن. يوسيز، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون تڪبنديون اهڙي انداز سان جوڙي سگهجن ته جيئن اڳتي هلي ضلعي حڪومتون به پنهنجون قائم ڪري سگهجن ۽ صوبائي سيٽون به وڌيڪ کڻي سگهجن ته جيئن هميشه لاءِ وڏ وزارت به ماڻي سگهجي ته ان سان گڏ وزارت عظميٰ کي به ڪلهو ڏئي سگهجي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن بوگس گهر ۽ آدمشماريءَ کي قبوليت ملي.
آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آڻيو
                ڳجها معاملا يا ڳالهيون اهي رکيون وينديون آهن جيڪي سلامتيءَ متعلق هونديون پر ڪهڙي گهر ۾ علو، ولو، هيرو ۽ خيرو رهي ٿو؟ اهو ڪو ملڪي سلامتيءَ جو راز ناهي جو گهر شماريءَ ۾ اهي تفصيل ڳجها رکجن ۽ فقط انگ ظاهر ڪجي ته هن صوبي ۾ هيترا ماڻهو آهن ۽ فلاڻيون فلاڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. ڪنهن علائقي ۾ ڪيترا گهر آهن؟ ۽ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا؟ سچ پچ ته اهو راز ۾ رکڻ ڪنهن مشڪري کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته توهان ساڳي ئي وقت تي ووٽر لسٽن جي صورت ۾ انهن ئي ماڻهن جا تفصيل هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آڻي ڇڏيو ٿا ته پوءِ آدمشماري جا سمورا انگن اکرن سميت تفصيل عوام جي پهچ ۾ ڇو نٿا آڻيو؟ سڄي گڙٻڙ ۽ بداعتمادي اتان ئي شروع ٿئي ٿي. ان ڪري ان گورک بڻايل معاملي کي آسان ڪرڻ لاءِ گهر ۽ آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آسانيءَ سان آڻڻ ممڪن بڻايو وڃي ته هر ڪو ڏسي سگهي ته اهو گهر يا آدمشماري ۾ ڳڻيو ويو آهي يا نه؟ ۽ ڪهڙا بوگس گهر ۽ نالا شامل ڪيا ويا آهن جن کي آسانيءَ سان ختم به ڪري سگهجي.
                پيپلز پارٽي سرڪار کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هاڻي سال- ڏيڍ ۾ هن کي وري ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ وڃڻو آهي ۽ سنڌ جهاڳڻي آهي. ان ڪري قومي مفادن تي مفاهمت کي ختم ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ بوگس گهر شماريءَ کي مڪمل ختم ڪيو وڃي، ان بعد شفاف گهر شماريءَ لاءِ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي سڀ کان پهرين (1 ) گهر شماري ڪندڙ عملي ۾ علائقي جي اسڪول جي مقامي استادن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي. (2 ) گهر ۽ ڪٽنب شماريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ اهڙا بوڪ استعمال ڪيا وڃن جيڪي عام نه هجن ۽ انهن تي بوڪ نمبر هجي ۽ پيجز تي سيريل نمبر هجي. (3 )اهي تفصيل/لسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر بلاڪ جي مقامي اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين موجود رهڻ ڏنيون وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجا تفصيل ڏسي سگهن. (4 ) ان سان گڏ اهي سمورا تفصيل انٽرنيٽ تي اپ لوپ ڪيا وڃن ته جيئن اهو بخوبي ڄاڻي سگهجي ته ڪٿي ڪو گهر ۽ ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي ته نه ويو آهي ۽ ڪٿي ڪي بوگس تفصيل ته نه شامل ڪيا ويا آهن؟ ان ڪم ۾ نه حڪومت جو ڪو اضافي خرچ ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان مٿان ڪا آڱر کڄي سگهي ٿي پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي سرڪار جنهن وڻ جي ڏار تي ويهي ان کي وڍڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي ته پوءِ ڀلي اهي ساديون ڳالهيون نه سمجهي ۽ جي هوش ڪرڻ چاهي ٿي ته اڄ ئي اعلان ڪري ته هي بوگس گهر شماري ڪينسل ۽ وري شفاف گهر شماري ڪرائي ويندي 


Friday, 29 April 2011

What HAARP caused this flood 2010 Pakistan? By Rasul Bux Palijo


ڇا اسان آمريڪا جي تيار ڪيل موسمي هٿيار هٿان ٻڏا آهيون؟
سومر 27 سيپٽمبر 2010ع
گهڻا سال اڳ آمريڪا جي هڪڙي اڳوڻي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار زبگ نيو برزرينسڪيءَ هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جنهن جو عنوان آهي ”ٻن زمانن جي وچ ۾“. هن لکيو هو ته ”ٽيڪنالاجي مکيه عالمي قوتن جي رهنمائن کي اهي طريقا ٻڌائيندي جن سان هو پنهنجي مخالف ملڪن خلاف ڳجهيون جنگيون ڪري سگهندا...موسمن ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ردوبدل ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪري هو (انهن ملڪن ۾) ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ڏڪار يا طوفان پيدا ڪري سگهندا“.
اي آر جيرل لکي ٿو: ”هاڻي جيڪي خبرون پيون آهن، سي ظاهر ٿيون ڪن ته آمريڪا ۾ جيڪا ٽيڪنالاجي High frequency active aural research program HAARP واري پروگرام جي ماتحت جوڙي راس ڪئي پئي وڃي، سا ستارن جي جنگين واري منصوبي جو حصو آهي. اهو پروگرام آمريڪا جي رياست الاسڪا جي شهر گوڪوما ۾ هلندڙ آهي. ان جو انتظام آمريڪي ايئرفورس ۽ نيوي گڏ هلائي رهيون آهن. ان پروگرام ماتحت هٿيارن جا نوان نظام تخليق ڪيا پيا وڃن، جن جي ڪمان آمريڪا جي ريسرچ لئبارٽرين واري خلائي گاڏين جي ڊائريڪٽوريٽ جي هٿ ۾ آهي. (HAARP) ڇا آهي؟ اهو ڪمپيوٽر جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ طاقتور ائنٽنائن جو نظام آهي، جيڪي خلائي جهازن ۾ مرضي موجب مڪاني ردوبدل ڪري سگهن ٿيون.
”سائنسدان ڊاڪٽر نڪولس بيگچ جيڪو HAARP يعني آمريڪا واري عام مخلوق کي ختم ڪري سگهندڙ موسمي هٿيار خلاف جدوجهد هلائي رهيو آهي، سو چوي ٿو ته، ”اها ٽيڪنالاجي طاقتور ريڊيائي لهرن جا ترورا استعمال ڪرڻ سان خلائي دنيا جي ڪيترين ايراضين مٿان اهي مٿيان طاقتور ترورا استعمال ڪري گهربل ايراضين کي تپائي باهه ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ بجلي ۽ مقناطيس جون لهرون انهن تتل خلائي ايراضين سان ٽڪرجي جڏهن ڌرتي ڏانهن موٽ کائينديون تڏهن جيڪا به شيءِ يا دنيا، جيئري يا مئل، سامهون اچين ٿي، تنهن ۾ سمائجيو وڃن“.
هن ان موضوع تي هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ملٽري پئنڊورا باڪس“. ان ۾ هن مٿين ٽيڪنالاجي دنيا سان جيڪو حشر ڪري سگهي ٿي، تنهن جا خوفناڪ مثال ڏنا آهن. ”3 نومبر 2000ع تي لنڊن جي مشهور معروف ٽائيمس اخبار جڳ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر روزلي برٽيلس جو هڪڙو سائنسي مقالو شايع ڪيو، جنهن ۾ مٿين ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي ”آمريڪا جا فوجي سائنسدان ان رٿا تي ڪم ڪري رهيا آهن ته موسمي نظامن کي ڪيئن هٿيارن طور ڪم آندو وڃي. انهيءَ ڪم ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪرڻ تي ڪم ٿئي پيو، سي آهن ته ڌرتيءَ جي خلائي ماحول ۾ زبردست طوفان اٿارجن ۽ گهم جي ندين جا رخ موڙجن ته جيئن جتي وڻي اتي پاڻيءَ جي مڪمل سوڪ يا ڏڪار پيدا ڪري سگهجي ۽ جتي وڻي اتي زبردست ٻوڏون آڻي سگهجن“. ڊاڪٽر برٽيل وڌيل لکي ٿي ته، ”HAARP هڪڙو اجگر جيڏو هيٽر آهي، جيڪو خلائي ماحول ۾ ڳڙٻڙيون پيدا ڪري خلائي ديوار ۾ رڳو ٽونگ ٽينڊا نه، پر ڊگها چهڪ ڏئي ڌرتي جي گولي کي ٽهڪائي ٽانڊا ڪري سگهي ٿو. آمريڪي هوائي فوج جي يونيورسٽيءَ هڪڙي آخري رپورٽ AF2025 آمريڪي سرڪار کي موڪلي آهي، جنهن ۾ ايئرفورس طرفان خلا تي تحقيق جو نتيجو پيش ڪيو ويو آهي. ان رپورٽ مطابق خلا ۾ هٿرادا چهڪ ۽ چير ڏئي ڌرتي جي موسمي نظامن ۾ اهڙي ردوبل ڪري سگهجي ٿي، جو دشمن ملڪ جو مواصلاتي نظام ۽ سندس ريڊار نڪما ۽ بي اثر بنائي سگهجن ٿا.“
هڪڙي فوجي هٿيار طور HAARP ائٽم ۽ هائڊروجن بمن کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ آهي. اهو ليزر ۽ پارٽيڪل ترورن ذريعي تباهه ڪندڙ قوت جا ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي اهڙا وار ڪري سگهي ٿو، جيڪو ائٽمي بمباري واري تباهي مچائي سگهندا. هن هٿيار جي زور تي ئي هن بش جي پيءُ صدر جارج بش جي ايڏي جرئت ٿي جو هن اعلان ڪيو ته اچو ته نئين عالمي نظام ڏانهن مارچ ڪريون.
نئون عالمي نظام لِڪَ جو نالو آهي، آمريڪا جي نئين فاشسٽ ٽولي (Neo-con) نيوڪان جي انهيءَ خواب جو ته 21 هين صدي آمريڪا جي صدي هجي، جنهن ۾ آمريڪا سڄي جهان جي مٿان حڪم هلائي. هن خوفناڪ ڳجهي هٿيار کي استعمال ڪري موسمي نظامن کي تهس نهس ڪري دنيا جي ملڪن جا سڄي جا سڄا قومي اقتصادي نظام درهم برهم ڪري سگهجن ٿا. مزو وري اهو هوندو ته ڪنهن به ملڪ کي اها خبر ئي ڪا نه پوندي ته اهو حشر ڪيئن ٿيو آهي، هرڪو پيو قدرت کي ڏوهه ڏيندو. ڪنهن کي به اهو خيال ڪو نه ايندو ته آمريڪا بهادر ڪا مٿس چڙهائي ڪئي آهي. مطلب ته آمريڪا جنهن ملڪ تي ڪاوڙجي تنهن کي بدمعاش قرار ڏئي ان جي زراعت ۽ اقتصاديات کي تباهه ۽ برباد ڪرائي سگهي ٿو، پوءِ اهو ملڪ پنهنجي ماڻهن تان لامارا ڏيندا موت جا راڪاس ٽارڻ لاءِ لاچار پيو آمريڪا جي هٿ ٺوڪين اقتصادي ايجنٽن World bank ۽ آءِ ايم ايف اڳيان جهوليون جهليندو ۽ گيسيون ڪندو، ان ڪري دنيا جي پوئتي پيل ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪن. في الحال سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ جيڪا سڄي دنيا ۾ گهوڙا گهوڙا لڳي پئي آهي ته قدرتي طرح دنيا جون موسمون بدلجي ويون آهن ۽ دنيا قدرتي طرح تپي ٽانڊا ٿي ويئي آهي، سا ڳالهه دراصل نتيجو آهي HAARP ۽ ان جي فوجي سائنسدانن جي ڪرتوتن جو. ان خوفناڪ حقيقت کي لڪائڻ لاءِ آمريڪا رات ڏينهن هڪ ڪري اهي افسانا پئي ڦهلائي ته دنيا جي گرم ٿيڻ جو سبب چين، هندستان ۽ ٻين ترقي ڪندڙ ملڪن طرفان گهڻا ڪارخانا هلائڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو صحيح نيڪال نه ڪرڻ ڪري اهو نتيجو نڪتو آهي. ٻئي طرف اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته دنيا جي ملڪن دنيا کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گهربل اپائن وٺڻ جو جيڪو عهدنامو تيار ڪيو آهي، تنهن تي صحيح ڪرڻ لاءِ آمريڪا هرگز تيار ناهي، ڇو ته ان تي صحيح ڪرڻ سان آمريڪا کي HAARP جو هٿيار استعمال ڪرڻ ۾ رنڊڪون درپيش اينديون. (حوالو: HAARP: American WMD) ڏسو A.R. Jerral جو سائنسي مقالو روزاني The Nation 21 سيپٽمبر 2010).
سنڌ تي ڪڙڪايل هن مها ٻوڏ جي بيان ڪيل صورتحال ۽ آمريڪا بهادر جي نئين خوفناڪ موسمي هٿيار جي حقيقتن جي روشني ۾ جيڪي ماڻهو مشڪل ۽ خطرناڪ مسئلي جي ڪارڻ جي سوال پڇڻ تي جواب ۾ ”الائجي؟“، ”خدا کي خبر!“ چئي جان ڇڏائيندا آهن، تن کي ڇڏي باقي جيڪي دنيا جهان بابت ڪجهه نه ڪجهه سڌ سماءُ رکندڙ آهن، خاص ڪري اهي جن جو قدرتي ۽ سماجي سائنس(Natural and social sciences) سان ڪافي واهپو آهي، سي ان نتيجي تي پهچڻ کان بچي نه سگهندا ته هيءَ مها ٻوڏ بلڪل هٿرادو آندل آهي ۽ ان ۾ اسان جي سموري موجوده جهان جي وارث آمريڪا مائي باپ، اسان جي وڏن موڀي پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن ۽ اسان جي پنهنجي گهر جي وڏن ۽ وارثن سدائين خودبخود چونڊجندڙ سياسي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، ڪاني ڪرامت جي صاحب پيرن ميرن جون دل جان سان ڪيل قربائتيون ڪوششون شامل آهن.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي، پر اسان پنهنجن قابل احترام پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن جو ڪهڙو ايڏو وڏو ڏوهه ثواب ڪيو آهي، جو هو گذريل ڏيڍ سئو سالن کان وٺي اسان جو ساهه نپوڙي ڪڍڻ بنا هڪ پل به رهي نٿا سگهن؟
ان ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين تي پاڻ ايندڙ صحبت ۾ ويچار ڪنداسون.

Friday, 15 April 2011

Bogus Census and playing with the future of Sindh By Rasul Bux Palijo

بوگس آدمشماري ۽ سنڌ  جي مستقبل سان ٿيندڙ راند!
رسول بخش پليجو
  

ڪا شيءِ يا ڳالهه ڪهڙي به سٺي هجي پر حد کان وڌيڪ هوندي ته نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. اسين سنڌي صدين کان رڳو تاريخي سچ ٻڌندا اچون ۽ ٻڌي ٻڌي اسان ننڍن وڏن کي سورنهن آنا خاطري ٿي وئي آهي ته عربن، سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي مجموعي طرح عيشن ۾ هئا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ٻه ٽي سال گوڙ فساد ڪيو، پر ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ ٿلهي ليکي وري به بهاريون ٿي ويون، حاڪم ۽ رعيت سڀ هڪ ڳالهه، فلاڻا شاعر، فلاڻا سگهڙ، فلاڻا صوفي، فلاڻا درويش، هندو مسلمان کير کنڊ هئا. چوطرف صلح، امن، قرب ۽ محبتون هيون. انگريزن جي واريءَ ۾ کڻي ڪي ٻه ٽي ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون ٿي ويون هونديون، پر پوءِ به حاڪم انصاف، راڄن ڳوٺن جا چڱا مڙس اڪثر سڀ عام ماڻهن جا خير خواهه ۽ هڏ ڏوکي هئا. هندو-مسلمان اڳ وانگر هڪ ڳالهه تي هئا.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ غيرن کان آزاد ٿيو، حڪومت پنهنجي هٿن ۾ آئي، هاڻ ڪنهن جا محتاج ڪو نه رهياسين، جمهوريت ته جمهوريت، پر ايوب جهڙن جي مارشل لائن ۾ به غريبن جا هڏ ڏوکي ملڪان ملڪ مشهور اڳواڻ ڪرسين تي ويٺا هئا. وچ وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ون يونٽ آيا، ڇڪتاڻون ٿيون، ڪجهه ڀڃ ڊاهه ٿي، پر پڇاڙيءَ ۾ خير ٿي ويو. لکا پوڻ نه ڏني سون، تان جو اڄ نه رڳو جمهوريت جو، پر جمهوريت جي اعليٰ ترين ۽ لاثاني ۽ بي مثال قسم يعني مفاهمتي جمهوريت جو دور آهي، جنهن ۾ پاڻ ٻن ٽن وڏن ڪرسين تي چڙهي ويهي  رهبو ۽ ٻچن جي پيٽ گذر جو بلو ڪبو رهبو ۽ ملڪ ۽ صوبائي حڪومت جا ڪم ڪار ۽ خفا سڀ اتحادين جي مٿي ۾ هڻي ڇڏبا. تان جو هاڻ گهر شماري ۽ آدمشماري به اتحادين جي مٿي ۾ لڳل آهي ۽ پاڻ ڪرسين تي ويهي ”سڀ خير آهي“، ”سڀ خير آهي“ جا بيان ڏبا رهبا ته سڀ خير ٿي ويندو. ٽي سال خير سان گذري ويا آهن. ٻه سال ٻيا به سڀ ڪجهه ڪرسيءَ تي پهچائيندڙ آقائن جي مقرر ڪيل اتحادين جي حوالي ڪري کين ڪلهي تي کڻي گهمائبو ۽ ٻئي طرف پنهنجا ٻچا به ڏکيا سکيا پالبا. پوءِ به  مولا خير ڪندو، قسمت هوندي ته وري به مفاهمتي جمهوريت جو جهنڊو بلند ڪبو ۽ سندس بول بالا ڪبو. هاڻ سچ گهڻو ئي ٿيو، ٻه ٽي ڪوڙ به ٻڌي ڇڏيون:
گذريل سمورن دورن ۾ ٻي دنيا وانگر سنڌ ۾ به عوام لاءِ غلام داري، قبائلي نظامن ۽ ڌارين جي غلاميءَ جا ڪلور هئا. گڏيل هندستان، جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي، تنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين هندستاني علائقن جي ماڻهن، ڌارين ۽ خاص ڪري آرين جي ڌارين جي راڄ جا ڏينهن، جيڪي خدا دشمن کي به نه ڏيکاري، سي ڏٺا ۽ رت رنا. آرين جي دور ۾ برهمڻن کانسواءِ ٻيا سڀ سنڌين سميت هندستاني ماڻهو ناپاڪ ۽ نيچ ۽ دوزخي هئا، ”جيڪو برهمڻ علم جو مالڪ آهي، تپسيائون ڪري ٿو ۽ روز پاڪ اکر اچاري ٿو سو ڀل کڻي سدائين گناهه جهڙا ڪم ڪندو رهي ته به ان کي ڪو به گناهه ڪو نه ٿيندو.“ (ڏسو عالمي مذهبي ڪتابي سلسلو ”مشرق جا مقدس ڪتاب مرتب ۽ مترجم: مئڪس ملر، جلد 14، پاڪ ڪتاب و سيشٿا، ڀاڱو 24-ص 129) ۽ ٻيا مقدس آريائي ڪتاب. پوءِ جي ڌارين حملي آور ڦورو ۽ ظالم مسلمانن جي راڄن ۾ عام مڪاني مسلمانن سان جيڪي ويل پئي ٿيا سي ته ٿيا، پر سنڌ ۽ هند جي هندن سان 8 سئو سال جيڪي ويل ٿيا، تن جو تت اڀرين سڀرين فارسي تاريخن ۾ به لکيو پيو آهي. ايتري قدر جو دين متين جي مفتين ۽ شيخ الاسلامن بادشاهن تي زور ڀريو ته هندستان جي هندن کي مسلمان ڪريو. جي نٿا ٿين ته هڪڙي هڪڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇو ته مسلمانن جي حڪومت ۾ هندن جو هندو ٿي رهڻ جائز ئي ڪونهي. (ڏسو منتخب التواريخ ۽ هندستان بابت ٻيون فارسي تاريخون). ڪنهن زماني ۾ چيائون ٿي ته ”مٽيارين جو موت ويندي جي ويرم“ هندن جي تذليل ڪرڻ ڄڻ ته اسان جي حاڪمن جو فرض هو. هندو ڪروڙ پتي هجي، پر چڙهي گڏهه تي، گهوڙي تي نه.
انگريزن جو  دور آيو ته انهن سنڌي هندن کي سنڌي مسلمان غريبن خلاف استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي ۽ انگريز پرست هندو سيٺيون انتقامي جذبي وچان سڀ ليڪا لنگهي ويا. سنڌ کي زبردست هندو اڪثريت واري صوبي بمبئي سان ملائي کيس تباهه ڪري ڇڏيو ويو. ٻيا ادارا ۽ امتحان ته ڇڏيو، پر سنڌ ۾ سنڌي فائنل جي امتحان جو مرڪز به قائم ڪرڻ نه ڏنو ويو. چوندا آهن ته ”نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار“. ان دور جي سنڌ جي مسلمان وڏيرن، ميرن، پيرن به سنڌي عوام جي دشمنيءَ ۾ رتيءَ جي ڪسر ڪا نه ڇڏي. سنڌ جي هڪڙي حقيقي عظيم اڳواڻ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ رٿ ڏني ته غريب سنڌي ماڻهن جي پڙهائي لاءِ ڍل جي هڪڙي رپئي پٺيان هڪڙو پئسو وڌائي ورتو وڃي، ته سخت مخالفت ڪئي ويئي. خاص ڪري لاڙڪاڻي جي وڏن زميندارن طرفان رٿ ڏني ويئي ته پرائمري تعليم عام ۽ مفت ڪئي وڃي، ته به سنڌي وڏيرن مخالفت ڪئي، چي ”ڄٽ جا پٽ پڙهي پيا ته پوءِ اسان جي خدمت چاڪري ڪير ڪندو ۽ ٻنين ۾ هر ڪير ڪاهيندو؟“
سنڌ کي بمبئي جي ٻين علائقن جي برابريءَ جا حق ڏيڻ جي ۽ اڳتي هلي سنڌ کي جدا صوبائي حيثيت ڏيڻ جي هندو ڀائرن طرفان جيڪا ڇتي مخالفت ڪئي ويئي، تنهن جو تصور به سنڌ جي عام پڙهيل ماڻهن کي ڪونهي (ڏسو ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جا دستاويز“ مرتب حميده کهڙو) اها مخالفت صوبائي درجو ملڻ کانپوءِ به نام نهاد قومپرست سنڌي مسلمان وڏيرن جي مدد سان ايڏي خطرناڪ حد تائين جاري رهي، جو سنڌ لاءِ عذاب بمبئي جي غلاميءَ جي دور کان پوءِ گهٽيو ڪو نه، وڌي ويو. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته صوبائي خودمختياريءَ کانپوءِ هندو ڀائرن ۽ سندن نام نهاد قومپرست ساٿارين ان صوبائي خودمختياريءَ جو جيڪو حشر ڪيو، جي اهو نه ڪيو وڃي ها ته 1938ع واري سنڌ ڪانفرنس ۾ سنڌ طرفان هندستان کي ورهائي سنڌ کي ڌار ڪرڻ جو ڪنهن کي خيال ئي ڪو نه اچي ها! چوندا آهن ته ”چري ڪيئن؟ چي ويران وير وڌ!“ پيارو پاڪستان ٺهيو ته ڄڻ پراڻن مسلمان حملي آورن جو دور وري شروع ٿي ويو. ارغون، ترخان ۽ مغل ڦورو ۽ ظالمن جي جاءِ تي يوپي، سي پي، بهاري ۽ پنجابي مسلمان حملي آورن جو قبضو ٿي ويو ۽ نادر شاهن ۽ مدد خانن جو زمانو وري اکين اڳيان اچي ويو.
هنن کان ڪنهن پڇيو ٿي ته ابا هي ڇا پيا ڪريو ته چوندا هئا ته ”ڪافرن کان جان بچائي پناهه وٺڻ ۽ اسلام جو قلعو قائم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“ گهرن، زمينن، شهرن ۽ مقامن تي قبضا ٿي ويا، صوبائي خودمختياري کسجي وئي، ٻيا حاڪم ڪڙڪي پيا، ڇهن درياهن جي اڌ ڀائيواري کسجي وئي، تان جو اڄ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۽ ٻيا شهر ذري گهٽ کسجي ويا آهن. باقي اڏيءَ تي پهتل آهن. فقط ٻه ٽي ڏينهن آدمشماريءَ جي معلوم نتيجن جي پڌري ٿيڻ جو انتظار آهي.
ٻولي کسجي ويئي، تعليم کسجي ويئي، امن امان کسجي ويو، عملي طرح حڪومت کسجي ويئي. موجوده پاڪستان جو مطالبو 1930ع ۾ الهه آباد ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو هو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان پنجاب جي حوالي ڪريو. پوءِ انگريز ڀلي وڃي نه وڃي. کڻي سئو سال ويٺو هجي، اهو مطالبو تڏهن پورو ٿيو، جڏهن سنڌي وڏيرن يحيٰ شاهيءَ سان ٻٽ ٿي پنجابي اڪثريت ۾ رخنو وجهندڙ بنگالين کي ڀڄائي، پنجابين کي پاڪستان جي قطعي ۽ دائمي اڪثريت بنائي سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي سندن جمهوري حساب سان دائمي غلام بنائي ڇڏيو. اڄ ملڪ ۾ مفاهمتي جمهوريت جو بول بالا آهي. جمهوريت چئبو ڇا کي آهي؟ ڇا جمهوريت جي معنيٰ فقط ووٽن سان ڀرايل دٻن جي ڳڻپ آهي؟ ڇا جمهوريت جي معنيٰ فقط ڪنهن به ريت چونڊيل نمائندن جي گهڻائيءَ جو هر هڪ فيصلو آهي؟ هٽلر (1938ع ڌاري) جرمنيءَ ۾ جيڪا چونڊ کٽي هئي، ان ۾ چونڊيل نمائندن جي اڪثريت قانونسازيءَ جا سمورا اختيار کيس ڏيئي ڇڏيا هئا. ڇا ان ڪري هو جرمن عوام جو چونڊيل بااختيار جائز اڳواڻ بنجي ويو؟ ڇا دنيا کي هينئر هٽلر جهڙا چونڊيل نمائندا ۽ جنهن پارليامينٽ کيس اڇي ڪاري جو مالڪ ڪري ڇڏيو هو اهڙي پارليامينٽ کپي؟ جي نه ته ڇو؟
ڇو ته جمهوريت جي اصل ڪسوٽي رڳو ووٽن جي دٻن ۾ پيل ووٽن جي ڳڻپ يا پارليامينٽ جي ووٽن جي اڪثريت نه، پر اها ڳالهه آهي ته جن ماڻهن چونڊ ڪئي آهي، انهن جي ضرورت، مفادن ۽ زندگي ۽ موت جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت رويو ۽ عمل ڪهڙو آهي؟ ووٽ وٺجن هڪڙن کان ۽ سندن گهر جا ٽپڙ ۽ اختيار سڀ ٻين مخالفن جي حوالي ڪرڻ جمهوريت نه، پر جمهوريت سان مذاق ۽ ان جي بنيادي اصولن سان کلي کلائي کيڏ آهي. سنڌي سڏائي (ڪي ته سنڌي سڏائڻ به بي عزتي سمجهن ٿا) سنڌي قوم جا ٽپڙ، حق، ملڪيتون، ٻنيون، شهر، روزگار جا وسيلا ڌارين جي حوالي ڪرڻ ۽ ان جي عيوض ڪرسيون وٺي پنهنجا پيٽ ڀرڻ کان وڌيڪ حرڪت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
مغربي سامراجين نالي ماتر شهنشاهتون ڇڏيون، پر ويٺا اندر گهڙيا آهن. (ڏسو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“) هندستان ۾ انگريزن ۽ آمريڪين پنهنجي مڪاني سهڪارين سان سازش ڪري رڳو مٽا سٽا ڪئي. انگريز جي جاءِ تي پاڪستان جو مالڪ آمريڪا ٿيو، جيڪو هاڻ سنڌ جو علي الاعلان مالڪ ٿيڻ وارو آهي. رستي ۾ رڳو ڪجهه رڪاوٽون آهن. اهي هي آهن ته سمورن سنڌي ماڻهن جي اڃا مڪمل طرح اڻ پڙهيل، جاهل، خوفزده، بي روزگار، اٽي لپ لاءِ ڪستو کڻي پنندڙ مخلوق ٿيڻ ۾ اڃا ٿورڙي دير آهي. حالانڪه گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. تعليم جي ڀينگ ڪئي وئي آهي. اعليٰ تعليم سامراجي ڇاڙتن جي حوالي آهي، جنهن انهن ۾ سنڌ دشمن جو قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻيلن ۾ سرڪاري وڏيرن جا ڌاڙيل تشريف فرما آهن، ڪارو ڪاريءَ جي نالي ۾ اپر سنڌ سنڌ دشمن قبائلي قاتلن هٿان هڪڙو باقاعدي قتل گاهه  بنايل آهي. گذر جا وسيلا بند ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۽ ٻيا روزگار جا مرڪز سنڌين لاءِ قانوني طور نوگو ايريائون بنايل آهن، مهانگائيءَ هٿان سنڌين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ويئي آهي. بدامنيءَ ۽ قسمين قسمين لاعلاج بنيل مرضن جو ڳوٺن ۽ شهرن تي قبضو آهي. ڪرپشن آسمان سان پيئي ڳالهيون ڪري. مطلب ته سنڌي قوم جو قومي وجود آخري پساهن تي آهي، هاڻ رڳو هنن ٻٽن اکرن چوڻ جي دير آهي: ”سنڌي ماڻهو هاڻ سنڌ ۾ اقليت ۾ آهن، تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو هاڻ سنڌ جي مالڪيءَ سان ڪو به واسطو ڪونهي. هاڻ سنڌ جا مالڪ آمريڪا ۽ ان جا يوپي، سي پي ۽ پنجاب وارا آهن. سنڌين کي فقط روئي رڙي آمريڪي اين جي اوز کان خيرات پنڻ جو حق آهي.“ انهن اکرن جي چوائڻ لاءِ آمريڪا طرفان ڪرسيءَ تي ويهاريل مفاهمتي جمهوري حڪومت وارن تي ڊيوٽي رکي ويئي آهي. جيڪا ڊيوٽي اسان جي سنڌي سرڪار موجوده گهر شماري ۽ آدمشماريءَ ذريعي پوري ڪرڻ واري آهي. ان کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي قوم جي سمورن اندرين ٻاهرين ويرين کي پڪ آهي ته ان کان پوءِ ٿيندو ”کيل ختم، سنڌ هضم!“.