Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Saturday, 11 February 2017

عوامي تحريڪ جي مثالي جدوجهد ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف لانگ مارچ قاسم سوڍر

عوامي تحريڪ جي مثالي جدوجهد ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف لانگ مارچ
قاسم سوڍر
سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جنهن لاءِ کوڙ سارن تاريخدانن جي چوڻ موجب، اها پنج هزار سال پراڻي آهي. اها ساڳي سنڌ آهي جنهن جي بدقسمتي سان عرب دور کان پهرين جي تاريخ لکت ۾ نٿي ملي ۽ جيڪا عرب دور کان لکيل تاريخ ملي ٿي، سا به گھڻي ڀاڱي درٻاري نظر اچي ٿي. پر سنڌ جي سياسي تاريخ جيڪا مستند انداز ۾ اسان کي ملي ٿي، سا انگريز دور ۽ ان کانپوءِ بهتر نموني ملي ٿي.

انگريز دور جي آخر واري وقت يعني 1930ع ڌاري سنڌ اندر سنڌ هاري ڪاميٽي جو ٺهڻ ۽ 1945ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي طرفان پنهنجي ڪاموراشاهي واري نوڪري کي لت هڻي عملي طور سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان سياست جو حصو بڻجڻ، يقينن سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب هو. اهو ساڳيو دور هو جڏهن سنڌ اندر جبري پورهيي کان ويندي وڏيرن جي نجي جيلن ۽ زميندارن طرفان هارين سان ٿيندڙ ڪلورن خلاف سنڌ ٽيننسي ائڪٽ ۽ اڌ بٽئي تحريڪن جنم ورتو جيڪي آخرڪار 1950ع ۾ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻي هارين طرفان پنهنجا شرط مڃرائڻ سان ڪامياب ٿيون. سنڌ جي تاريخ جي ان سونهري دور کانپوءِ ون يونٽ وارو اهو قهري دور به سنڌ سميت بلوچستان ۽ تڏهوڪي سرحد صوبي جي عوام جي ڳچيءَ ۾ لڳو.

ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ اوڀر بنگال ۽ پنجاب کي ڇڏي باقي پوري ملڪ جي سياسي ڌرين زبردست ڪردار ادا ڪيو. ان تحريڪ ۾ بنگالين جي نمائندا عوامي ليگ جي اڳواڻن شهيد سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمن سميت پنجاب جي اڪثريتي سياسي ڌرين طرفان ماٺ اختيار ڪئي وئي. پر اهي سنڌ جون سياسي ڌريون ۽ سياسي شخصيتون ئي هيون جن جي بيمثال جدوجهدن کانپوءِ اها تحريڪ سنڌ ائنٽي ون يونٽ فرنٽ مان تبديل ٿي ملڪي سطح جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي. ان تحريڪ ۾ سنڌ سان گڏ بزنجو صاحب ۽ ٻين بلوچ اڳواڻن سميت سرحد جي پشتون اڳواڻن خاص طور ولي خان ۽ بعد ۾ اوڀر بنگال منجھان ڀاشاني طرفان عوامي ليگ کي خيرآباد چئي نئپ جو حصو بڻجي ون يونٽ مخالف موومينٽ ۾ ڀرپور حصو ورتو ويو. سنڌ ۾ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد سميت ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي، ماما يوسف لغاري سميت ادي اختر بلوچ ۽ سائين رسول بخش پليجو ۽ ٻين ڪيترين ئي شخصيتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان ايڏي وڏي منظم تحريڪ سبب جنرل ايوب خان جون متيون خطا ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ملڪ ۾ ان وقت کاٻي ڌر جي زور وٺڻ سبب خد جنرل ايوب خان لڪ ڇپ ۾ سوويت يونين جي ويجھو ٿيڻ وڃي رهيو هو، جيڪا ڳالهه آمريڪا سرڪار کي ڪنهن به ريت قبول نه هئي. اهڙيءَ طرح نيٺ ايوب خان کي استعفي ڏيئي پنهنجي جان بچائڻي پئي ۽ ڪجھ ئي وقت ۾ نئين جنرل يحيي خان طرفا ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو.

اهو جنرل يحيي جو قهري دور هو جڏهن بنگالين خلاف وٺ پڪڙ جاري هئي، ان ئي وقت 1970ع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ وجود ۾ آئي. سنڌي عوامي تحريڪ جي وجود ۾ اچڻ وقت ۽ بعد ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ڏاڍو عجيب رخ اختيار ڪري چڪي هئي. ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ سندس پارٽي وارو فلسفو ماٺو ٿي چڪو هو، پر ٻئي طرف ذوالفقار ڀٽو ماني، لٽو، اجھو ۽ اسلامي سوشلزم جو نعرو لڳائي ميدان تي اچي چڪو هو. ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جنهن خد 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪرائي، سو پاڪستان مخالف جي صورت ۾ سنڌو ديش جي ڳالهه ڪرڻ لڳو هو. ٽئين طرف رسول بخش پليجو ۽ سندس ساٿي هئا جيڪي هڪ ئي وقت بين الاقواميت ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.

عوامي تحريڪ لاءِ شروعاتي دور ۾ اهو وڏو چئلينج هو ته هڪ طرف اها پارٽي نشانبر ٿي ڪميونزم جو نعرو لڳائي رهي هئي، جيڪو نظريو رياستي مشينري لاءِ ڪفر جي برابر هو. ٻئي طرف سائين جي ايم سيد سان سنڌو ديش واري معاملي تي اختلاف چوٽ چڙهي رهيا هئا ته ٽئين طرف سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جنهن جي اڳواڻي هندستان مان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙن جي هٿن ۾ هئي، سي به بقول رسول بخش پليجو جي، ڪميونزم جي نالي ۾ سنڌ جو استحصال ڪري رهيا هئا ڇاڪاڻ ته اهي قومي سوال کان انڪاري هئا، تنهن سان به عوامي تحريڪ منهن ڏيئي رهي هئي. مطلب ته هڪ ئي وقت ڪيترائي چئلينج کڻي اها نئين پارٽي ميدان ۾ لٿي.

عوامي تحريڪ جي هڪ خاصيت جنهن کان مخالف به انڪار نه ڪري سگھندا آهن، سا پارٽي قيادت جو باصلاحيت هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي علم جي خزانن سان روشناس ڪرائڻ به رهي آهي. ان وقت جيتوڻيڪ دنيا جي نقشي تي سوويت يونين جي موجود هجڻ، چين ۾ ڪجھ ئي عرصو اڳ آيل ڪميونسٽ انقلاب ۽ ويٽنام ۽ ڪيوبا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪميونسٽ تحريڪن ۽ انقلابن جي سلسلي هلڻ سبب سنڌ سميت پاڪستان جي مڙني ترقي پسند پارٽين ۾ ڪارڪنن کي ٽرينڊ ڪرڻ جو رجحان موجود هو. پر عوامي تحريڪ جي خاصيت اها به هئي ته اها هڪ ئي وقت مختلف محاذن کي ٽرينڊ ڪرڻ طرف ڌيان ڏيئي رهي هئي. جنهن سبب هڪ ئي وقت هارين کي منظم ڪرڻ سميت عورتن کي اڳتي آڻڻ ۽ ٻارڙن جي تربيت وغيرهه سڀ محاذن جو هڪ ئي وقت ڪم ڪرڻ تمام زبردست عمل هو. اهو سڀ ڪجھ اڳيان هلي ڪري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ظاهر به ٿيو ته ڪهڙيءَ طرح عوامي تحريڪ جي ليڊرشپ ۽ ڪيڊر طرفان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کي مضبوط ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ جڳ مشهور ليکڪ طارق علي سميت کوڙ سارن اسڪالرن ۽ سياستدانن طرفان عوامي تحريڪ جي ڀرپور ساراهه ڪئي وئي.

ايم آر ڊي تحريڪ دوران هڪ طرف پوري سنڌ جنرل ضياءُ الحق جي قهري ڪوٽ کي ڊاهڻ لاءِ ميدان ۾ هئي ته ٻئي طرف رياستي مشينري جي ”ورهايو ۽ راڄ ڪيو“ واري پاليسي سبب سنڌ جي سياست پڻ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي هئي. هڪ طرف پ پ پ ۽ عوامي تحريڪ سميت ٻيون تنظيمون ميدان ۾ هيون ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد ايم آر ڊي کي پ پ پ جي تحريڪ چئي ان کان ڪن لاٽار ڪري رهيو هو. بهرحال، ان حقيقت کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته ايم آر ڊي جي طاقت پٺيان کاٻي ڌر جون تنظيمون خاص طور سنڌ اندر عوامي تحريڪ ئي هئي جنهن ڪري سنڌ جي عورت، پوڙهي پڪي ۽ ٻار تائين هر ماڻهو ان تحريڪ جو حصو بڻيل هو. اها عوامي تحريڪ جي بيمثال جدوجهد ۽ ايم آر ڊي ۾ ادا ڪيل ڪردار ئي هو جنهن سبب رهزنن هٿان ڪامريڊ فاضل راهو شهيد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح عوامي تحريڪ جي قيادت ۽ ڪارڪن لڏي کي ماٺ ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. پر وقت جا حاڪم شايد اها ڳالهه وساري ويٺا هئا ته جنهن پارٽي جي جدوجهد سبب ڪوٽن ۾ واڙيل سنڌياڻيون ميدان تي اچي وڙهنديون هجن، جيڪا تنظيم بدين جي روڊن تي ٽيهه هزار هارين کي گڏ ڪري رياست خلاف احتجاج ڪرائي سگھڻ جي سگھ رکندي هجي، جنهن پارٽي جي محاذ سجاڳ ٻار تحريڪ جو معصوم ٻار ٻاتي ٻولي ۾ شاعري پڙهڻ سان گڏوگڏ تقرير ڪرڻ جو فن به ڄاڻندو هجي ۽ جنهن پارٽي جي هاري ۽ مزدور جي هٿ ۾ لطيف جو رسالو ۽ داس ڪيپيٽل هجي، تنهن پارٽي کي ڪيئن ٿي جھڪائي سگھجيو؟

عوامي تحريڪ جي انهن لازوال جدوجهدن سان گڏوگڏ ڪالاباغ ڊئم جهڙي ڪاريهر نانگ خلاف پاڻ ملهائڻ به ڪنهن کان لڪل ناهي. اها يقينن تمام مثبت ڳالهه آهي ته سنڌ جي هر سياسي پارٽي ۽ قلمڪار ڪالاباغ ڊئم خلاف هميشه سراپا احتجاج رهيو آهي پر ان ڪاريهر نانگ کي پاڪستان خاص طور سنڌ لاءِ وڏو خطرو ۽ پنجاب جي سازشن کي وائکو ڪرڻ لاءِ پليجو صاحب طرفان پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ مسلسل ڌاڙن کي سڀن جي سامهون آڻڻ لاءِ انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ڪالاباغ ڊئم خلاف عوام کي منظم ڪرڻ جو ڪم جيڪو عوامي تحريڪ ڪيو آهي، تنهن کان به شايد ئي ڪو انڪار ڪري.

اڄ کان تقريبن ٻه سال پهرين قائداعظم يونيورسٽي ۾ هڪ پنجابي استاد سان ڪالاباغ ڊئم متعلق ٿيل خيالن جي ڏي وٺ دوران هن تمام گھڻي ڪوشش ڪئي ته ڪيئن به ڪري سنڌ جي شاگردن کي ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ڪرڻ لاءِ قائل ڪري، تنهن جي زبان مان اهي لفظ بي اختيار نڪتا ته، ”سنڌ جي ماڻهن کي ڪالاباغ ڊئم جو مخالف بڻائڻ پٺيان اهو پليجو ۽ سندس پارٽي آهي جنهن ڪري سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي“ مطلب ته اهي سڀ حقيقتون آهن جيڪي واضع طور نظر اينديون رهن ٿيون. جيتري حد تائين لانگ مارچ جو سوال آهي ته ان حقيقت کان به ڪو انڪار نه ڪندو ته سنڌ اندر لانگ مارچ ڪرڻ جي روايت جو بنياد وجھندڙ به عوامي تحريڪ ئي آهي جيڪا ڪڏهن ڀٽ شاهه کان ڪراچي، ڪڏهن سکر کان ڪراچي، ڪڏهن ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي ته هاڻي اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ذريعي عمل ۾ آهي.

تازو 5 فيبروري کان شروع ٿيل عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ جي تمام گھڻي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي مسئلا سامهون رکي مارچ جا پانڌيئڙا ميدان ۾ نڪتا آهن، سي مسئلا ۽ مطالبا ڏاڍا اهم آهن. جيئن لانگ مارچ جو مقصد سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ جي ماڻهن کي بيدار ڪرڻ آهي، انهن ئي سنڌ دشمن منصوبن ۾ هن وقت ٻه معاملا ڏاڍا اهم ۽ سنگين نوعيت جا آهن؛ هڪ گوڙاڻو ڊئم ۽ ٻيو آدمشماري.

اها ڏاڍي مثبت ڳالهه آهي ته گذريل چند ڏينهن ۾ جتي جتي به لانگ مارچ پهتو آهي اتان جي ماڻهن کي گوڙاڻو ڊئم خلاف ۽ خاص طور آدمشماري مهم طور انهن کي درست رخ ڏيکارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن پيون. ساڳيءَ طرح ذوالفقار رٿا، ڊي ايڇ اي سميت ٻين سمورن سنڌ جي عوام جي جيئڻ ۽ مرڻ وارن مسئلن خلاف مهم هلائڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو بهتر طريقو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو. اها پڻ مثبت ڳالهه ٿي آهي ته گوڙاڻو ڊئم مخالف اسلام ڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ دوست به لانگ مارچ ۾ عمل پيرا آهن. پر ساڳئي وقت عوامي تحريڪ جي دوستن کي سنڌ جي ڪجھ سياسي ڌرين، اديبن، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کان شڪايت به آهي ته هن ڏکيءَ ويل جڏهن سنڌ جي سمورن فردن کي گڏ ٿيڻ گھرجي، ان وقت به پاڻ کي سنڌ دوست سڏائيندڙ ڪيتريون ئي ڌريون ميدان ۾ نظر ئي نه پيون اچن.

عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جو جيڪو سوال آهي ان حوالي سان اهو سمجھڻ گھرجي ته اهو لانگ مارچ فقط هڪ پارٽي جي پليٽ فارم تان شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل ته ساراهه جوڳو آهي پر يقينن جيئن سنڌ اندر هر ڪو الڳ ديڳڙي چاڙهڻ جي روايت کي لڳل آهي، ان صورتحال ۾ سمورين ڌرين کان لانگ مارچ جي عملي طور حمايت جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ مثل آهي. پر اهو به سمجھڻ گھرجي ته ڀلي ڪجھ ڌريون دل ئي دل ۾ بغض رکنديون هجن پر ڪا به ڌر کلي عام ان لانگ مارچ جي مخالفت دليلن سان نٿي ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هر ڪو سمجھي ٿو ته جن مقصدن کي سامهون رکي لانگ مارچ شروع ڪيو ويو آهي، سي مقصد سنڌ جي عوام جي ئي ڀلي ۾ آهي. ٻي ڳالهه ته هي لانگ مارچ آهي ڪو ڪلاڪ کن جو احتجاج يا ڌرڻو نه. اهو هر ڪو سمجھي ٿو ته پورو مهينو قيادت ۽ ڪارڪنن سميت هزارن جي تعداد ۾ نڪتل قافلي طرفان مسلسل پنڌ ۾ هجڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. ان لاءِ هڪ مڪمل نظريو ۽ ڪمٽمينٽ کپي جيڪا عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ هميشه رهي آهي. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته رياستي مشينري ۽ مخالف ڌرين طرفان ان لانگ مارچ کي راهداري معاهدي خلاف هجڻ سميت ٻاهرين ڌرين جي ايجنٽ هئڻ جهڙا الزام لڳندا رهندا پر جيستائين لانگ مارچ جي هڪ پانڌيئڙي جو به ويساهه پختو آهي ته اهو مارچ قوم جي ڀلي لاءِ آهي، تيستائين ان مارچ کي ڪو به روڪي نٿو سگھي. باقي جيستائين سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي شامل ٿيڻ ۽ حمايت ڪرڻ جو سوال آهي ته يقينن هر ڪنهن جي سوچ مختلف ٿي سگھي ٿي، جيڪا خراب ڳالهه به نه آهي. جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو ته جيڪو ڪجھ هو ڪري رهيو آهي سو ئي درست آهي ۽ هر ماڻهو کي ان جي حمايت ڪرڻ گھرجي ته يا ته اهو احمقن جي دنيا ۾ رهي ٿو يا پوءِ هن جي اندر به هڪ ڊڪٽيٽر موجود آهي. تنهنڪري، هر ڪنهن کي جواب ڏيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو پنهنجي منزل طرف روان دوان هجي.

مون سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست ۽ جدوجهدن جي تاريخ کي سهيڙڻ جي حوالي سان پهرين به تحقيقي ڪم ڪيو آهي جنهن کي اڃا تائين ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائي نه سگھيو آهيان پر منهنجي ذاتي خواهش رهي آهي ۽ اڄ به آهي ته مان سنڌ ۾ عورتن جي سياست ۾ ڪردار جي حوالي سان ڪو تحقيقي مقالو لکان ۽ يقينن اهو مقالو تيستائين مڪمل نٿو ٿي سگھي، جيستائين عوامي تحريڪ جي اهم محاذ سنڌياڻي تحريڪ متعلق ڪو تحقيقي ڪم نه ٿئي. ائين ئي سنڌ جي تحقيقدانن خاص طور نوجوانن کي گھرجي ته اهي سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ سياسي شخصيتن متعلق تحقيقي ڪم ڪري انهن جي جدوجهدن جي تاريخ کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن اڳيان آڻين. ائين ڪرڻ سان سنڌ جي لازوال تحريڪن ۽ انهن ۾ پارٽين ۽ شخصيتن جي ڪرادر کي پيش ڪرڻ سنڌ جي موجودهه توڙي ايندڙ نسل جي رهنمائيءَ لاءِ تمام بهتر ثابت ٿيندو. ان ئي ڪڙيءَ طور عوامي تحريڪ جي تاريخ ۽ جدوجهد کي هن مختصر مضمون ۾ سيهڙڻ تمام گھڻو مشڪل آهي پر هڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور آهي جنهن ذريعي پڙهندڙ عوامي تحريڪ جي ماضي واري دور ۾ هلايل تحريڪن کان ويندي اڄ جڏهن پليجو صاحب ان عمر جي حصي ۾ آهي، جڏهن ماڻهو بستري تي ئي رهي فقط آرام ڪرڻ کان علاوهه ڪجھ نه سوچيندو آهي. ان ئي عمر ۾ پليجو صاحب اڏول شخصيت ڌاري اڄ به لانگ مارچ جي صورت ۾ ميدان تي آهي. ساڳيءَ طرح سنڌ جي انهن سنڌياڻين سميت ٻار، نوجوان تائين سڀن جو ميدان ۾ هجڻ يقينن سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اميد جي ڪرڻن کان به ڪيئي ڀيرا وڌيڪ اهميت آهي. اهو لانگ مارچ خاص طور عوامي تحريڪ جي ماضي وارين جدوجهدن ۽ ماضي واري تاريخ ڏانهن ورجاءَ جو به ڏيک ڏيئي ٿو ته اها پارٽي جيڪا ڪجھ سالن تائين سنڌ جي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ ان حد تائين جو جنرلن سان نه صرف گڏ ويهڻ پر انهن طرفان مارشلاءِ لڳائڻ وارن مطالبن کي به جسٽيفاءِ ڪندڙ تنظيم بڻجي چڪي هئي، تنهن سچائي ۽ عوام سان ڪمٽمينٽ خاطر پنهنجو اڌ حصو وڃائي به پنهنجي عوام دوستي ۽ کاٻي ڌر جي نظريي کي ٻيهر اپنائڻ ذريعي اڄ ميدان ۾ آهي.

جيتوڻيڪ، اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ۽ ڪارڪنن جي تربيت لاءِ اسٽڊي سرڪلس کان ويندي سنڌ جي هارين نارين کي منظم ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ پنهنجي ماضي وارين روايتن کي پروان چاڙهي رهي آهي پر ساڳئي وقت اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته هيءَ ساڳي ئي عوامي تحريڪ آهي جنهن جي تربيت منجھان ئي ڪيترا ماڻهو اڄ چوٽيءَ جا دانشور، وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ جج بڻيل آهن ۽ وڏي ڳالهه ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جي ساڃاهوند لڏي جو رشتو تمام پراڻو آهي. تنهن کي هڪ دفعو ٻيهر ان شڪل ۾ واپس آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته  تنقيد براءِ اصلاح ۽ تنقيد جو سهڻي نموني جواب ڏيڻ جي رويت کي برقرار رکندي سنڌ جي ساڃاهوند لڏي کي پاڻ ڏانهن متوجع ڪرڻ گھرجي، جنهن جي اتحاد سان اها پارٽي هڪ دفعو ٻيهر 80ع جي ڏهاڪي واري مضبوط پارٽي بڻجي سگھي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو هن پارٽي سان پاڻ جڙڻ تي فخر محسوس ڪندو.