Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Sunday 22 May 2011

In the reference of "What Chandar Gupat Moria Was Sindhi?" By Rasul Bux Palijo


چندر گپت موريا جي  سنڌي هجڻ واري ڳالهه!
رسول بخش پليجو

 آغا سليم پنهنجي 16 مئي جي ڪاوش واري مضمون جو عنوان رکيو آهي ”ڇا چندر گپت موريا سنڌي هو؟“ ان مضمون ۾ هن سڪندر اعظم جي هندستان تي ڪاهه جو مختصر احوال ڏيندي لکيو آهي: ”اسان سنڌين جو سنڌ سان عجيب وحدت الوجودي عشق آهي، جنهن جو اظهار اسين نموني نموني سان ڪندا آهيون. ڪنهن وڏي شخصيت، ڪنهن وڏي واقعي کي سنڌ سان منسوب ڪندا آهيون. فلاڻو سنڌي هو، فلاڻو السندي هو، حضرت آدم عه جنت مان نڪتو ته سنڌ ۾ لٿو، هندن جو اوتار شري رام چندر پنهنجي بن واس جي دوران سنڌ ۾ آيو هو. ڪراچيءَ ۾ رام باغ وٽ رهيو ۽ پوءِ هنگلاج ويو. اسان جي اهڙي نفسياتي ڪيفيت جو سبب شايد ته اسان ۾ پنهنجي ڪمتريءَ جو احساس آهي. جنهن جي پورائي لاءِ اسان اهڙيون خوش فهميون پيدا ڪري انهن ۾ جيئندا آهيون. مان به شايد ان ساڳيءَ ڪيفيت ۾ تاريخ کان پڇڻ ويٺو آهيان ته ڇا قديم هندستان جي عظيم سلطنت جو پايو وجهندڙ چندر گپت موريا سنڌي هو؟“ ”ايگر مانٽ جو چوڻ آهي ته پاتال جي حڪمران موئيرس جي نالي سان ذهن ۾ موريا قبيلي جو نالو ٿو اچي. هن قبيلي هندستان ۾ موريا گهراڻي جي شهنشاهيت جو پايو وڌو ۽ يونانين چندر گپت موريا کي Sendro cottus سڏيو آهي. سينڊرو ڪوٽس کي سنسڪرت ۾ چندر گپت ٿا چون. (سڪندر جي جرنيلن) Eudemus  ۽ Peitha جي سنڌ ۽ پنجاب مان وڃڻ کانپوءِ هن سنڌو ماٿريءَ جو سارو علائقو فتح ڪيو. منهنجي خيال ۾ اسان جو اهو اندازو غلط نه ٿيندو، جيڪڏهن اسين موئيرس کي چندر گپت موريا سمجهون.“

انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا جي جلد 2 جي صفحي 799 تي لکيل آهي ته ”چندر گپت موريا 321 قبل مسيح کان 297 قبل مسيح تائين هندستان تي راڄ ڪيو. هن موريا گهراڻي جي حڪومت جو بنياد وڌو. هي پهريون شهنشاهه هو، جنهن ذري گهٽ سڄي هندستان کي هڪڙي راڄ هيٺ آندو...چندر گپت جو پيءُ بهار جي علائقي ۾ پنهنجي قبيلي جو سردار هو. هو هڪڙي ٻئي قبيلي سان لڙائي ڪندي گذاري ويو. سندس مامن کيس وڃي هڪڙي ڌراڙ وٽ ڇڏيو، جنهن کيس پنهنجي پٽ طور نپائي وڏو ڪيو. پوءِ هن کي هڪڙي شڪاريءَ سان وڪيو ويو، جتي هو هن جو مال چاريندو هو. جڳ مشهور سياسي دانشور پنڊت ڪوٽليه چاڻڪيا هن کي سندس مالڪ کان خريد ڪري ٽئڪسيلا (جيڪو پاڪستان ۾ آهي) وٺي ويو. پنڊت چاڻڪيه اتي کيس فوجي حرفتن ۽ ثقافتي فنن جي تعليم ۽ تربيت ڏني. جڏهن سڪندر اعظم هندستان تي حملو ڪيو، تڏهن هن ڪنهن طرح وڃي کيس ڏٺو. پنڊت چاڻڪيه جي صلاح سان هن هِتان هُتان ماڻهو گڏ ڪري انهن کي سپاهي بڻائي، ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري، ان وقت جي نندا گهراڻي جي حڪومت جو انت آندو ۽ سندن فوجن جي ڪمانڊر بداصلا کي شڪست ڏني، ۽ سڪندر اعظم جي فوجن جي والاريل ڪيترن علائقن کي آزاد ڪرايو. 325 قبل مسيح ۾ هو بهار جي مگڌ جي بادشاهت جي تخت تي ويٺو. هن پنهنجي انتظام کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هڪڙي طاقتور ڳجهي فوج (سيڪريٽ سروس) جو انتظام رکيو. جڏهن سڪندر 323 قبل مسيح ۾ گذاري ويو. تنهن کان هڪڙو سال اڳ سندس ٻه جرنيل به هندستان ڇڏي ويا ۽ چندر گپت 322 قبل مسيح ڌاري پنجاب جي حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي شهنشاهيت کي ايران جي سرحد تائين پهچايائين. هن 305 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم جي مشهور جرنيل سليوڪس نيڪتور سڪندر جي ڇڏيل ايشيائي شهنشاهيت تي وري قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو. چندر گپت ان کي ناڪام بنائي ڇڏيو. ان کانپوءِ هن 6 لک فوج وٺي پهريائين ڏکڻ طرف وڌيو. جبلن جي قطار اڪري ڏکڻ هندستان تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ وري اتر طرف وڌي هماليه جبل اڪري ڪابل جي گاديءَ تي حمله آور ٿيو. چندر گپتا جي شهنشاهيت تاريخ جي سڀ کان وسيع شهنشاهتن مان هڪڙي هئي. ان شهنشاهيت جي سربلندي ۽ ٻن نسلن تائين قائم رهڻ جا ٻه سبب اهي به هئا، ته هن پنهنجي شهنشاهيت جو انتظامي نقشو ايران جي هخامنشي شهنشاهيت ۽ پنڊت چاڻڪيه جي سياست جي ڪتاب ارٿ شاستر جي بنيادن تي رکيو.“ 

 ”هندستان جي تفصيلي تاريخ“ جو ليکڪ هينري بيورج پنهنجي ڪتاب جي صفحي 38 ۽ 39 تي لکي ٿو: ”سڪندر جون فتحون مستحڪم بلڪل ڪو نه هيون ۽ انهن جي ڪري ميسيڊونيا وارن جي هڪڙي اهڙي شهنشاهيت ٺهي، جيڪا بلڪل نالي ماتر هئي. اها سڪندر جي مرڻ بعد ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ سندس جنرلن پاڻ ۾ ورهائي کڻي ڇڏي هئي. ان فتح ڪيل علائقي جو سڀ کان اڀرندو حصو سڪندر جي نامور جنرل سليوڪس نڪاتور کي ڏنو ويو، جنهن بابل کي پنهنجو مرڪز بنايو ۽ پنهنجي گهراڻي جي حڪومت قائم ڪئي، جيڪا اڍائي صديون قائم رهي...هن ۾ اهو حرص پيدا ٿيو ته آئون به سڪندر وانگر فاتحانه ڪارناما ڪريان ۽ پنهنجون فوجي ڪارروايون پري اوڀر تائين پهچايان. هن هندستان کي قدرتي طرح پنهنجي فتح ڪيل ملڪ جو حصي پئي سمجهيو ۽ جڏهن ٻڌائين ته هندستانين (چندر گپت جي اڳواڻيءَ هيٺ) بغاوت ڪئي آهي ۽ سڪندر جي نمائندن کي ڪهي ڇڏيو اٿن ۽ ميسيڊونيا جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڦٽي ڪئي اٿائون، تڏهن هن فيصلو ڪيو ته انهن کي باغين جهڙي سزا ڏيان. ان ڪري بيڪٽريا تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ هو سنڌو ندي پار ڪري ٽئڪسيلا ۽ راجا پورس جي علائقن ۾ داخل ٿيو. انهن ٻنهي (هندستاني حاڪمن) مان ڪنهن به سندس اختيار کي چئلينج نه ڪيو. ان ڪري هو اڳتي وڌندو وڃي ان علائقي تي پهتو، جنهن تي چندر گپت اڳوڻي راجا کي ماري قبضو ڪيو  هو...چندر گپت جلد ئي پنهنجي لياقتن ذريعي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو حڪومت ڪرڻ جي اهل هو. هن طاقت، خوف ۽ ڳالهين ٻولهين ذريعي چوطرف پنهنجي حڪومت جو دائرو ايترو وسيع ڪري ڇڏيو جو سندس فوج جو تعداد لکن ۾ ٿي ويو. هن کي سڪندر جي جنرل سليوڪس کي مقابلو ڪرڻوهو...چندر گپت کي جنرل سليوڪس جي مجبورين ۽ پنهنجي برتريءَ جي خبر هئي ۽ هن ان صورتحال جو پورو پورو فائدو ورتو. نتيجو اهو نڪتو جو سليوڪس چندر گپت کان 500 هاٿي وٺي ان جي عيوض سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي سڪندر جي قبضي ڪيل سموري علائقي تان دستبردار ٿي ويو ۽ اهي چندر گپت جي حوالي ڪري ڇڏيائين. ان عهدنامي ۽ ساٿ کي پڪو ڪرڻ لاءِ چندر گپت يوناني جنرل سليوڪس جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. چندر گپت جي سلطنت جو تخت پتالي پترا هو ۽ اهو اڄوڪي دور جي پٽنا شهر جي ويجهو هو....اڳتي هلي هندستان ۾ سخت ڏڪار اچي منهن ڪڍيو، جيڪو 12 سال هليو. پنهنجي ماڻهن جي بدحالي ۽ ڏک کي هي برداشت ڪري نه سگهيو ۽ جڏهن سندس سمورين ڪوششن جي باوجود ڏڪار ۾ فرق نه پيو، تڏهن هن تخت ۽ تاج تان هٿ کڻي جهنگ منهن ڪري بنواس ورتو ۽ مرڻ تائين روزو رکي پنهنجو انت آڻي ڇڏيائين.“


 چندر گپت موريا دنيا جي فوجي ۽ سياسي معجزا ڪري ڏيکاريندڙ ڳاڻ ڳڻين جرنيلن ۽ شهنشاهن مان هڪ هو، جنهن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن ڪو پورهيت ماڻهو سچار، ايماندار ۽ دلير وطن دوست سپاهي بنجي ٿو ۽ ڪنهن ڪوٽليه چاڻڪيه جهڙي دنيا جي چوٽيءَ جي جنگي ۽ سياسي نظريه دان استاد جي رهنمائي تي مڪمل ايمان رکي ان مطابق جدوجهد ڪري ٿو ته اهو پورهيت ماڻهو کڻي پهريان هڪڙو غريب ۽ غلام ڌراڙ ڇو نه هجي، پر جي کيس ڪا اڻ ملهه حق پرست نظرياتي ۽ فڪري رهنمائي حاصل ٿي وڃي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌي ته پوءِ سندس جدوجهد ڪاميابيءَجي آسمانن کي ڇهي سگهي ٿي. ان صورتحال جو نقشو سسئي جي واتان سهڻي لطيف هيئن چٽيو آهي:


سڌر       سين     سڱ      ٿيو،   پر     کنڊين      پياس،
نه ته ڪير برهمڻ؟ ڪن جي؟ ڪير ڄاڻي ڪڻياس؟
هوند   نه   سنڌ   سُياس،   هن   پُرين   ڪيس   پڌري!
 


معلوم هجي ته جڳ مشهور هندستاني شهنشاهه اشوڪ اعظم چندر گپت جو سڳو پوٽو هو ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ پنهنجي بي مثال ۽ عظيم ڏاڏي کان به گوءِ کڻي ويو. (ان جو ذڪر به ڪنهن ٻي صحبت ۾ ايندو.) ڳالهه جو اکر ٿورو ته، چندر گپت موريا جهڙو ڪم جهڙو ڪنڌار مڙس، سندس ۽ اسان جي ڪنهن بدقسمتيءَ سبب سنڌي هجڻ کان محروم رهجي ويو.

No comments:

Post a Comment