Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday, 29 April 2011

Historical Conspiracy in literature against Sindh By Rasul Bux Palijo


سنڌ سان ادب جي ميدان ۾ ڪيل تاريخي مَلهه!
خميس 24   اپريل 2008ع
”سورن اسان ساڻ،ننڍي ئي نينهن ڪيو“ ۽ ”سرجي تان سور، ساماڻي تان سک ويا“ جي ڳالهه وانگر، هونئن ته سنڌ صدين جون صديون حجاجن، علائوالدينن، نادر شاهن، مدد خانن جهڙن سوين حملي آورن جي حملن، ڦرن، لٽن، دهشتگردين، ننڌڻڪاڻين، بکن، ڏکن ۽ ڏڪارن ۾ مبتلا، بمبئي ۽ لاهور وارن ون يونٽن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ سامراجي پٽيلن ۽ لاٺڙين جي سول ۽ فوجي مارشل لائن جي گهاڻن ۾ پيسجندي ۽ پراون کان وڌيڪ نام نهاد پنهنجن جي بزدلين، بي وفائين، ويساهه گهاتين، بي دردين ۽ سفاڪين  سبب ٽڙڪندي، ڪڙهندي ۽ پچندي رهي آهي، پر هن وقت سنڌ جي دردمند ۽ دلبر شاعر زاهد شيخ جي دل کي گهائيندڙ اها سٽ شاعري نه پر حقيقت جو اظهار بڻجي چڪي آهي ته”سنڌ بنجي وئي، ڪربلا ڪربلا.“ سنڌي ماڻهن لاءِ مغربي سامراج، ان جي ڇاڙتي ملڪي اسٽئبلشمينٽ ۽ ان جي پاليل قوم دشمن، موقعي پرست، پيٽ پوڄاري، وڏيرڪي سياست طرفان سندن زندگيون حرام ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين بندوبست ڪيا ويا آهن. پاڻي بند، اٽو گم، زراعت تباهه، روزگار ختم، ماڻهن جون زندگيون نانگن، بگهڙن ۽ درندن حوالي ڪرڻ لاءِ هڪڙي پاسي سرڪاري ڌاڙيلن ۽ سندن ساٿاري پوليس وارن جا لشڪر، ٻئي پاسي رجعت پرست، مدي خارج، ڪڙم ۽ قوم جي ويري انساني حقن، آئين ۽ قانون جي باغي قبائلي نظام جا خوني قبائلي ڪٽڪ، ٽئين پاسي شهرن ۾ سامراج ۽ سندن ڇاڙتن سياستبازن طرفان ڪوس ڪرڻ ۽ شهر تباهه ڪرڻ جي پروانن سان هٿياربند ۽ ڪنهن به پڇا ڳاڇا ۽ ڪيس ڦڏي، سزا ۽ جزا کان اڳواٽ آجپو مليل فسطائي ٽولا، جيڪي ويهن سالن کان سامراجي آقائن جي اشارن تي سنڌ جي شهرن کي يرغمال بنايو ويٺا آهن. چوٿين پاسي تعليمي ادارا سامراجي ايجنٽ ”ڪامريڊ“ قاتلن جي لوڙهن ۾ تبديل ٿي پيا آهن، جن ۾ شاگرد ڄڻ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر سر تريءَ تي رکي، پاڻ ڪهائڻ لاءِ تيار ٿي گهران اچن ٿا. پنجين پاسي بقول اڄ جي انقلابي عوامي شاعر آفتاب ڪلوئيءَ جي”قيد ۾ قانون آهي، آ عدالت ڪاٺ ۾.“ انهن سڀني نقصانن، تباهين ۽ عذابن جو ٿورو گهڻو ذڪر ڪچهرين ۽ اخباري ڪالمن ۾ ٿئي پيو، پر سنڌي قوم جي زندگي ۽ موت سان واسطو رکندڙ هڪڙي اهم ترين هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ ۽ ڏڪار جو ذڪر ٿئي ئي نٿو بلڪه سنڌي ماڻهن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته سامراج جي سيکاريل پاڙهيل اسٽيبلشمينٽ طرفان سوين چالاڪين ۽ بدمعاشين وسيلي سنڌ جي باشعور، سگهاري عوامي انقلابي ادب، شاعري ۽ فن کي جيڪي سنڌي قوم جي ٻانهن جو ٻل ۽ دل جي قوت هئا، تن کي موت جي ننڊ سمهاري، ان جي جنازي کي رلائي، دربدر ڪري، ادبي چونڊ ملاکڙن جا سانگ رچائي، سنڌ سان ڪيڏي تاريخي ملهه ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قومي جدوجهد کي ڪيڏو نه ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو آهي.
اڄوڪي ڪچهريءَ سان ان ماجرا بابت پڙهندڙن کي گهربل احوال ڏيڻ جي شروعات ڪجي ٿي. ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور ۾ جتي عوام جا ٻيا ڳاٽي ڀڳا نقصان ٿيا، تعليمي ادارن کي غنڊا، شهرن کي دهشتگرد ۽ ٻهراڙين کي ڪرپٽ پوليس عملدار، وڏيرا، ڌاڙيل ۽ قبائلي قاتل بڇيا ويا، اتي عوام کي پنهنجي انقلابي، عوامي، وطن دوست ادب، شاعري ۽ ٻئي فن جي زبردست ڏڍ، مدد ۽ رهبريءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ سرڪاري درٻارن ۾ عوامي اديبن ۽ شاعرن کي خريد ڪرڻ لاءِ نيلام گهر قائم ڪري، وڏا وڏا واڪ ڏيڻ شروع ڪيا ويا. ڏسندي ڏسندي وڏا وڏا ادبي درخت اوچتو ٺڪاءُ ڏيئي وڃي پٽن تي پيا. ٽاڪوڙو پئجي ويو. ڪئين ماڻهو پنهنجي ادب، فن ۽ زندگيءَ جي اعليٰ ترين آدرشن کي ٿڏي وڃي نيلام گهرن ۾ پهتا ۽ جڏهن اتان موٽيا ته ڄڻ اهي اڳيان ماڻهو ئي نه رهيا، ڪن ڪيڏانهن منهن ڪيو، ڪن ڪيڏانهن. بقول استاد بخاريءَ جي:
ڪشمڪش ۾ چوٽ تي چوٽون لڳيون
بزدليءَ خود پاڻ سان سوچيون ٺڳيون
ڪي مسيتن ڪي عقيدن ۾ لڪا
ڪي مڪاني ٿي فقيرن ۾ لڪا
ڪي ڊڪي وارن جي وڪڙن ۾ لڪا
ڪي رڙي، سهڻن جي ٽهڪن ۾ لڪا
ڪي شڪي ٿيندي شرابن ۾ لڪا
ساڀيا ٿيا خوار، خوابن ۾ لڪا
جي ٿڪا سي راڳ، رقصن ۾ لڪا
ڀاڪرن جي ڀيڙ، بوسن ۾ لڪا
ڪي ته آفيمي، ڪلامن ۾ لڪا
کوڙ تجريدي فسانن ۾ لڪا
انقلابي ڪشمڪش کان منهن مٽي
ڪلچري بزمن بهانن ۾ لڪا
ڪن سري پنهنجي تريءَ تي آ رکي
توب سامهون ته به چيائون حق وڌي
زندگي
او زندگي!
...
ڪي ڏينهن هيا، جو نينهن هيا ۽ ڪنهن جي سونهن ورونهن هئي
نه رهي، نه رهي، نه رهي او الا، گذري به وئي، گذري به وئي.
(اياز)
جڏهن پنجاهه جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري سنڌي وڏيرن سول ۽ آمريت جي اڳيان نچي ٽپي، انعام اڪرام وٺي، صوبيدارن جون بدليون ڪرائي، زمينن جا جعلي کاتا بدلائي، ون يونٽ مڙهايو، سنڌ جا لکين ايڪڙ بهترين زمين، بي زمين سنڌي هارين کي ڏيڻ بدران فاشسٽ سولين، نان سولين ۽ ٻين قبضا گروپن کي ڏيارائي ڇڏي، سنڌ جي نالي تي بندش وجهرائي ڇڏي، ٻيو ته ٺهيو ٽپال جي ائڊريس ۾ ”حيدرآباد سنڌ“ لکڻ ڏوهه ٺهرائي ڇڏيو، تڏهن ان وقت جي باشعور، خوددار ۽ باڪمال اديبن ۽ شاعرن وطن جي ويري ۽ ڌارين جي ٽاپرو وڏيرا شاهيءَ سان سمورا ناتا ٽوڙي، پنهنجي قوم ۽ وطن جي حقن، آزادين ۽ وسيلن جي بچاءَ ۽ اڳرائي ڪندڙ قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو جهنڊو بلند ڪيو. اسان جي انقلابي، عوامي ۽ وطن دوست اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن پنهنجي سمجهه، جذبي، ڏات جي لاٽن سان سنڌي عوام جي دلين کي گرمايو، کين ڏڍ ڏنو، کين ويساهه بخشيو، کين هر ڏاڍ سان اکيون اٽڪائڻ لاءِ للڪاريو. کين پڪ ڏياري ته پنهنجي ٻچن، پنهنجي ڪڙم، پنهنجي وطن، پنهنجي قوم، پنهنجي ٻوليءَ سان وفاداريءَ جو هڪڙو پل به قومي غدارن جي سموري زندگيءَ کان وڌيڪ املهه ۽ قيمتي آهي. هنن شاگردن ۽ استادن، هارين، مزدورن کي علم ۽ ادب دوستن کي عورتن، ٻارن ۽ پير مردن کي ڌونڌاڙي سجاڳ ۽ پيرن تي کڙو ڪيو ۽ هنن ڀونگين، ڳوٺڙن، واهڻن، شهرن، ميدانن، جهنگلن، ٿرن، برن ۾ سمجهه، سرت، خودداريءَ جا ڏيئا ٻاريا ۽ ڏسندي ڏسندي اتر کان لاڙ تائين، ڪراچيءَ کان ڪارونجهر تائين سنڌ سڄي سجاڳ، باهمت، متحد ۽ متحرڪ ٿي وئي. اسان جا ننڍا وڏا اديب، شاعر، فنڪار ۽ دانشور پنهنجيءَ قوم جا سچا ۽ سڄاڻ ويڄ بڻجي ويا ۽ سندس زخمي بدن، دل ۽ روح کي آهستي آهستي نوبنو بنائي وڌائون.

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.
آ مرڻو، هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر هينئن نه مرنداسين ساٿي!
ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.
....
باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آءٌ سماج،
تو سان وڙهندي رهندي، منهنجي هر هڪ رت ڦڙي.
...
اي اياز آدمي ٿو مري هونئن ڀي،
ڪو نه ڪنهن کان ڊنا، سچ ڳاتو سچن!
...
اي ”اياز“ اوچتو سنڌ ڀڙڪي پئي،
آگ پيئي ٻري، آگ پيئي سڏي!
...
گونگا ماڻهو، ٻوڙا ماڻهو، ماڻهو ٻوٿ ٻڌل،
للڪارون، للڪارون ٿي ويا، لڏي ويا ايوان.
...
بي موت مئا، تولاءِ ڪٺا، انسان هزارين مان نه رڳو!
هن دنيا ۾ اي ديس! هيا، نادان هزارين مان نه رڳو!
(شيخ اياز)

هنن شعرن ۾ زندگيءَ جو نئون پيغام هو، جنهن روايت پرست ادبي ٽولن کي ادب جي ميدان مان ٽپڙ گول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڇو ته هي نئون لهجو ۽ نئين روايت هئي، جنهن پراڻين، مدي خارج ۽ درٻاري شاعرن جي روايتن کي واريءَ جي ڪوٽن وانگر ڪيرائي وڌو هو. ان دور جي شاعرن جا کڻي  لفظ ۽ سٽون ڌار ڌار هيون، پر مکيه موضوع هڪڙو ئي هو، انقلاب، وطن دوستي، قوم دوستي ۽ عوام دوستي. هنن پنهنجن ماڻهن کي سک جي ڀاڙي ساٿ کي ڇڏي، ڏک جي وطن دوست ڏاهپ جي سٿ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو هو؛
هي هيڏا وڏا ڪوٽ، ڊهي ئي پوندا،
محلن جا مٿيان چوٽ، ڊهي ئي پوندا.
ڪنهن وقت به ڌرتيءَ جو ڪو ڌوڏو کاڌو،
گهوڙن تي چڙهيل گهوٽ، ڊهي ئي پوندا.
...
جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،
هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،
او منزل مقصود، هي وعدو آهي،
آيو جي اڳيان اڀ ته به ڦاڙي اچبو.
...
ٺلها سکڻا ٺڳ، ڏينهون ڏينهن گشا نوان،
ماڻهن سامهون ماتمي، محلي اندر مڳ،
ساڳيا ديرا، دڳ، کوٽا نعريٰ کوکلا.
هيءَ اها شاعري هئي، جنهن اميد جا نوان سج اڀاريا ۽ ماڻهن کي سيکاريو ته زماني جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪيئن جيئجي. هن ئي شاعريءَ سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو ۽ ڀٽائيءَ کان پوءِ سمهي پيل سنڌ کي صدين جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳڻ تي مجبور ڪيو.
 (استاد بخاري)
هر روز صبح و شام، سئو سئو مٿس سلام
وڌندي رهي مدام-سنڌڙي نه ٿئي غلام
بدلي ۾ بند ۾، جي پياسين ته ڇا ٿيو
سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو.
جيڪو وجهي نظر، پنهنجو کسي نگر
تنهن لاءِ ٿي قهر، ان جي وٺون خبر
ان راهه تي رفيق مئاسين ته ڇا ٿيو
سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو
(عبدالڪريم گدائي)
سنڌڙيءَ جي سدائين رهڻ جي تمنا ئي هئي ۽ ان سان هر معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتين جو جهنجهوڙيندڙ احساس ئي هو، جنهن ان دور جي شاعرن کي پنهنجي هاريءَ، مزدور ۽ پورهيت سان ڳنڍي رکيو ۽ پنهنجي قلم کي ڪٽ لڳڻ نه ڏني، بلڪ اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ملوث پرمتڙين ۽ ٽڪن تي اڪن ڇڪن ٿي، پنهنجي وطن ۽ قوم سان غداري ڪندڙن کي بي نقاب ئي نه ڪيو، پر سندن گهيرو به تنگ ڪيو. ان ڪري ئي قلمي قبيلي جي ڪنهن به شخص درٻارن جي حاضريءَ کي پنهنجي لاءِ شرم ۽ غيرت جو معاملو پئي سمجهيو، پر هاڻ وري اهو ڪڌو ڪاروبار شروع ٿي ويو آهي. بقول ابراهيم منشيءَ جي؛
قلم جيڏا گرم هئا، وري اوڏا نرم ٿي ويا
قلم اگهه ۾ وڪامي ويا، قلم تي ڪئين ڪرم ٿي ويا.
جڏهن تاريخ منهن کولي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايئن ٻولي
ته ڪهڙا قاضي قاضن دور هن ۾ بي شرم ٿي ويا.
قلم ڪي قوم جا قاتل ٿي، سينو سنڌ ويا ساڙي
قلم منشي ڪي سيني سنڌ سڙيل جا ملم ٿي ويا.

No comments:

Post a Comment