تاريخ جي صفحن ۾ عرب جو ڪلاسيڪي نثري ادب!
اربع 28 مئي 2008ع
ربي ادب دنيا جي اهم ادبن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان جو ڪلاسيڪي دور اسلامي دور کان اڳ پنجين ڇهين عيسوي صديءَ ۾ انهيءَ تاريخي دور سان شروع ٿئي ٿو، جنهن کي عرب تاريخ ۾ ”جهالت جو دور“ سڏجي ٿو. البته انهيءَ حساب سان ان دور جي عربي ادب کي عربي ٻوليءَ جي سونهري دور جو ادب ليکيو وڃي ٿو. ان دور ۾ صحيح ۽ فصيح عربي ٻوليءَ جا سرچشما شهر نه ٻهراڙيون ليکبيون هيون. معياري اعليٰ عربي ٻوليءَ جا استاد ٻهراڙيءَ جا سگهڙ ليکبا هئا ۽ نه ڪي شهري ۽ پڙهيل عالم. ڪنهن عرب اديب ۽ شاعر جي علمي ڄاڻ جو اندازو ان مان لڳائبو هو ته هن ٻهراڙيءَ جي عرب سگهڙن کان ڪيتري گهڻي ۽ اونهي تربيت حاصل ڪئي. ان جو هڪڙو مکيه سبب اهو هو جو ”اسلام آيو ته قريشن، مديني وارن ۽ يهودي واپارين ۾ مس ڪي 10-12 ماڻهو لکڻ پڙهڻ ڄاڻندا هئا.“ (تاريخ ادب عربي، ص: 35، مصنف: استاد احمد حسن زيات-اردو مترجم عبدالرحمان طاهر سورتي)
عربي ادب جي تخليق ۾ نه صرف عرب مسلمان، عرب عيسائي، عرب يهودي ۽ ٻيا عرب غير مسلم به شامل هئا، پر ڪيترا ئي غير عرب مسلمان يعني ايراني، اسپيني، ترڪ، هندستاني ۽ ٻين نسلن ۽ ملڪن جا مسلمان به شريڪ هئا، جن جي مادري زبان عربي نه هئي.
ڪلاسيڪي عربي ادب جون ڪي خصوصيتون هي هيون:
(1) عرب جا وڏا خطيب ۽ شاعر پنهنجي قبيلن ۽ قوم جا اڳواڻ، نمائندا ۽ سندن عزت، آبرو ۽ وقار جا قابلِ فخر ۽ سر فروش محافظ ليکيا ويندا هئا. بقول مشهور عرب اديب مورخ استاد احمد حسن زيات جي: ”عرب ۾ هر قبيلي جي اها خواهش هوندي هئي ته منجهانئن نالي وارا خطيب، شاعر ۽ اڳواڻ پيدا ٿين، پر انهن ٽنهي مان سندن وڌيڪ محبوب شاعر هوندو هو ۽ جڏهن ڪنهن قبيلي ۾ ڪو وڏي درجي جو ڪامل شاعر پيدا ٿي ويندو هو، تڏهن ان خوشيءَ ۾ ڪاڄ ڪيا ۽ جشن ملهايا ويندا هئا. ٻين قبيلن کان مبارڪون ملنديون هيون ۽ تهنيت جا پيغام موڪليا ويندا هئا. ڇو ته ان زماني ۾ شاعر ئي اهي ماڻهو هئا، جيڪي ڪنهن به اجوري وٺڻ کان سواءِ پنهنجيءَ قوم جي اڳواڻي ۽ گڏجاڻيءَ جي موقعي تي پنهنجي قبيلي جي حمايت ۽ بچاءُ ڪندا هئا. سندن تاريخ ۽ روشن ڪارنامن کي امرتا بخشيندا هئا ۽ پنهنجي قبيلي جي دل ۽ دماغ تي فخر جا نقش چٽي ڇڏيندا هئا...“ (حوالو ساڳيو ڪتاب؛ ص 104- 105)
(2) ادب دوست عرب عوام ۾ عربي شاعريءَ سان محبت ڪڏهن ايتريءَ حد تائين پهچي ويندي هئي، جو ساڳي فوج جا سپاهي اڪثر ميدان جنگ ۾ به ان بحث ۾ هڪٻئي سان وڙهي پوندا هئا ته عرب شاعر فلاڻو وڌيڪ سٺو آهي يا فلاڻو- ۽ هو پوءِ ڪنهن نموني مخالف فوج جي عالم ۽ ادب شناس ڪمانڊرن تائين پهچي ويندا هئا ۽ انهن کان فيصلو ڪرائي ايندا هئا ته ٻنهي شاعرن مان ڪهڙو وڌيڪ سٺو!
(3) ڪلاسيڪي عربي ادب ۾ عرب ماڻهن جي مخصوص ذهني ۽ تهذيبي بناوت سبب سنسڪرت، يوناني ۽ فارسي وغيره زبانن وانگر مهاڀارت، اليد يا شاهنامي جهڙا تمام وڏا منظوم يا نثري جنگناما، قصا ۽ داستان پيدا نه ٿيا.
(4) عربي نثر جو بنياد ڪيترن هندستاني، ايراني قصن ڪهاڻين تي رکيل هو. ٻيا ته ٺهيو، پر خود الف ليليٰ ۽ ڪليله و دمنه جهڙن جڳ مشهور ۽ سڄيءَ دنيا ۾ هر دل عزيز ”عربي“ داستانن جو اصل بڻ بنياد به ايراني ۽ هندستاني آهي ۽ نه عربي.
(5) دنيا جي ٻين ڪيترن عقل دوست، روشن خيال ۽ علمي ۽ سائنسي ذهن رکندڙ باڪمال ماڻهن وانگر عرب صوفين، فيلسوفن ۽ سائنسدانن سان گڏ ڪيترن ئي عربي زبان جي اديبن ۽ شاعرن کي وقت جي تنگ نظر ۽ رجعت پرست حڪمران- ملا ڳٺ جوڙن هٿان وڏيون ذلتون ۽ عذاب سَهڻا پيا ۽ ڪن کي جنسي ساڙي ٻاري، ختم ڪيو ويو.
نثري ادب: عربي ادب جي نثري تخليقن ۾ خطابت کي وڏي اهميت آهي. حضور اڪرم صلعم، حضرت عمر رضه، حضرت علي عه، سحبان بن وائل، زياد بن ابيھ، حجاج بن يوسف ۽ عمرو بن معد يکرب الزبيري عرب جي وڏن خطيبن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا.
عربي نثر جي هڪ صنف سَجُ يعني منظوم نثر آهي، جنهن جو اندازو عرب پيشن گوئي ڪندڙ ڪاهنن جي ڳالهائڻ جي انداز جهڙو هوندو هو. ٻي صنف هوندي هئي ايام العرب، جنهن ۾ مختلف عرب قبيلن جي لڙائين ۽ جنگين جا داستان بيان ڪيا ويندا هئا. انهن بيانن ۾ عربي زبان جون چونڊ چوڻيون ۽ پهاڪا وغيره گهڻا ڪتب آندا ويندا هئا.
ان دور جي نثر جي هڪڙي مقبول ادبي صنف مثمرا يعني رات جي گفتگو يا ڪچهري هوندي هئي، جنهن مان پوءِ مقامه نالي ادبي صنف پيدا ٿي، جنهن کي ڳالهه يا افسانو چئي سگهجي ٿو. ڪيترا ئي حڪمران خطن پَٽن، حڪمن، فرمانن ۽ درخواستن تي مختصر، پر اثرائتي ٻوليءَ ۾ نوٽ لکڻ ڪري مشهور آهن. انهن مختصر نوٽن کي توقيعات (نوٽ) چئبو هو ۽ انهن کي عربيءَ جي هڪڙي اهم نثري صنف تسليم ڪيو ويو.
پهرئين عباسي خليفي سفاح پنهنجي ڀاءُ ابو جعفر منصور کي، جيڪو (پوءِ پاڻ مشهور خليفو ٿيو) ان وقت واسط ۾ ابن هبيره سان لڙائيءَ ۾ مشغول هو، تنهن جي خط جي جواب ۾ نوٽ لکيو: ”تنهنجي برباديءَ تنهنجي علم کي خراب ڪري ڇڏيو ۽ تنهنجي سستيءَ تنهنجي وفاداريءَ کي مشڪوڪ بنائي ڇڏيو. تون پاڻ کي منهنجي لاءِ ۽ خود پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ ٿورو تڪليف ۾ وجهه.“ خليفي هارون رشيد خراسان جي واليءَ کي نوٽ لکيو: ”پنهنجي زخم جو علاج ڪر، متان وڌي نه وڃي.“ پنهنجي وزير اعظم جعفر بن يحيٰ برمڪيءَ کي قتل ڪرائڻ کان پوءِ ان واقعي بابت نوٽ لکيائين ”وفا شعاريءَ کيس ڄڻيو، نپايو ۽ نافرمانيءَ کيس ڪاٽي ڇڏيو.“
عربي ادب جي هڪڙي قابل ذِڪر صنف ادبي خط به آهي. انهيءَ کان سواءِ مقامات آهن، جن کي ان زماني جا مختصر افسانا سڏيو ويو آهي. ڪيترا ماڻهو خطبن ۾، صوبن جا حڪمران جيڪا فصاحت ۽ بلاغت ڪم آڻيندا هئا، تنهن کان متاثر ٿيندا هئا. حضرت علي عه جي تحرير نهج البلاغه (فصاحت جي واٽ) کي هڪ بي مثال نثري تخليق ليکيو وڃي ٿو. خليفو معتز (وفات 908ع) جيڪو فقط هڪڙي ڏينهن لاءِ خليفو ٿيو، سو هڪڙو سٺو شاعر ۽ نقاد به هو. هن عرب جي نئين شاعريءَ بابت ڪتاب البادي (نين ڳالهين جو ڪتاب) لکيو. هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جي پراڻن ۽ نون لاڙن جي ڀيٽ ڪندي، ڄاڻايو ويو ته شاعري سدائين پراڻيءَ واٽ تي هلي نٿي سگهي.
1064ع ۾ وفات ڪندڙ هڪڙي ديني عالم ابن هيشم اسپين ۾ خالص عشق تي پنهنجو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو هو توڪل حمامه (ڪبوتر جي پير جي ڪڙي) جنهن جو ڪيترن مغربي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. سورهيائيءَ جي ڪارنامن بابت شاعريءَ جا ٻه ڪتاب شام جي ابو تمام (وفات 845) ۽ هن جي پوئلڳ بهتري (وفات 897) جيڪي ٻئي سٺا ڪلاسيڪي شاعر پڻ هئا، تن شايع ڪيا. انهن مجموعن ۾ عربيءَ جي قديم شاعريءَ جا چونڊ نمونا شايع ڪيا ويا هئا. هڪڙي صديءَ کان پوءِ ابو فرج اصفهاني جنهن 967ع ۾ وفات ڪئي، تنهن پنهنجو ڪتاب ”ڪتاب الاغاني“ يعني نغمن جو ڪتاب ڪيترن جلدن ۾ شايع ڪيو، جن ۾ ڪيترن شاعرن ۽ ڳائڻن جو احوال شامل هو. جن مان مسلمان ملڪن جي پهرين چئن صدين جي ادبي زندگيءَ جو ڀرپور احوال ملي ٿو. 10هين صديءَ جي وچ ڌاري شام جي اليپو شهر ۾ همداني درٻار ۾ هڪڙو نئون ثقافتي مرڪز قائم ٿيو.
ابو الاعليٰ المعري (وفات 1057) شام جو هڪڙو اکين کان سڄو شاعر هو. هو عربي ادب جي دنيا جو هڪڙو نرالو انسان هو. جيڪو نظم توڙي نثر جو بادشاهه هو. هن جي ٻن مشهور ڪتابن رسالت الغفران ۽ فصول والغايت جو پروفيسر رينالڊ اي نڪلسن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ مغرب ۾ سندس خيالن جو پرچار ڪيو آهي. المعري ان دور جي پرهيزگارن، زاهدن جي دنياداريءَ جون خوب کلون لاٿيون آهن ۽ سماجي جرئت ۽ بي باڪيءَ سان عربي ادب جي ڪن روايتن تي طنز ڪئي آهي. ابن المقفه (وفات 756) اصل ايراني هو. هن هندستان جي بي ڊپائيءَ جي آکاڻين جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان جو نالو رکيائين، ڪليله والدمن- ان ڪتاب سڄي اسلامي دنيا کي ڪهاڻين ۽ نقلن نظيرن جو اڻ کٽ خزانو ڏئي ڇڏيو. هن ايراني حاڪمن بابت ڪتاب ”خواتِ نامڪ“ (بادشاهن جو ڪتاب) جو پڻ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. بادشاهن کي حڪومت ڪيئن هلائڻ کپي، تنهن بابت جيڪو ايرانيءَ ۾ ادب هو، تنهن جو پڻ هن عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. بدقسمتيءَ سان حاسدن، ڪن ملن سان ساز باز ڪري، هن کي جيئري ساڙائي ماري ڇڏيو. عربيءَ جي سڀ کان نامور انشا پرداز الحافظ (وفات 869) دينيات تي ڪتاب لکڻ سان گڏ هر قسم جي موضوعن تي مضمون ۽ مقالا لکيا، جن جا موضوع ٻين سان گڏ بخيل، گڏهه، چور به آهن. هن جو ٻيو شاهڪار ڪتاب الحيوان آهي يعني جانورن جو ڪتاب، پر ان ڪتاب ۾ حيوانن بدران عربي پهاڪن، رسمن، وهمن جو ذڪر آهي. ابن الدنيا (وفات 894) به مختلف موضوعن تي مقالا لکي، عرب جي اوائلي ادب جي دائري کي وسيع ڪيو. ايراني نسل جي ابن القطيبه (وفات 889) پنهنجي ڪتاب عيون الاخبار (آکاڻين جا چشمه) جي نالي سان 10 جلد لکيا، جن مان هر هڪ الڳ الڳ موضوع تي هيو. هيءُ ڪتاب مسلمان دنيا جي ادب لاءِ مثال بنجي ويا. پنهنجي ڪتابن ۾ ابن القطيبه ان عقيدي کي چئلينج ڪيو ته ڪو اسلام کان اڳ واري عرب شاعري بي مثال هئي. ٻيو زبردست ليکڪ هو ابو هيان التوحيدي (وفات 1023)، جنهن پنهنجي دور جي حڪمران طبقي تي اهڙا سخت تبصرا ڪيا، جو مشهور مغربي نقاد گب چوي ٿو ته ”جنهن وٽ به اهو ڪتاب هوندو هو، ان تي مصيبت نازل ٿيندي هئي.“ چينين سان هڪڙي لڙائيءَ ۾ عربن جي قيد ۾ اهڙا قيدي اچي ويا، جن کي ڪاغذ ٺاهڻ ايندو هو. ان ڪري مسلمان دنيا ۾ سستو لکڻ جو سامان پيدا ٿيو ۽ بي پناهه واڌارو آيو. سن 988ع ۾ هڪڙي ڪتاب فروش ابن النديم ادبي ڪتابن جي هڪڙي فهرست تيار ڪئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور تائين ڪتابن جو ذخيرو اٿاهه ٿي ويو هو، پر بدقسمتيءَ سان اهي ڪتاب اڳتي هلي گم ٿي ويا. بديع الزمان الهمداني جيڪو 1008 ۾ گذاري ويو، تنهن مقامه نالي عربي ادب جي صنف ايجاد ڪئي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل انداز کان بلڪل مختلف ڳالهيون هيون، پر ان فن جو سڀ کان وڏو استاد الحريري پيدا ٿيو، جيڪو بديع الزمان کان هڪ صدي پوءِ آيو. هو بصري جي شهر ۾ سرڪار جي جاسوسي کاتي جو سربراهه هو. هن ابو زيد السروجي نالي ڪردار جي حوالي سان 50 ڳالهيون لکيون، جن سان ان ڪتاب جو اثر سرياڪ، هيبريو (يهودين جي ٻولي) ۽ هندستان جي مسلمان لکڻين تي پيو. اسپين ۽ پورچوگال ۾ اموي حاڪمن جو مرڪز قرطبه هو. ان جي عروج جو زمانو عبدالرحمان -3 جي راڄ دوران هو. يعني 912 کان 961 تائين. اتي عبدالربيهي (وفات 940) پنهنجو ڪتاب العقدل فريد لکيو، جيڪو ابن القطيبه جي طرز تي هو. پر اهو ان کان وڌيڪ مشهور ٿيو.
ابن راشق (وفات 1064) ۽ قرطه جني (وفات 1285) تيونس ۾ ادبي تنقيد جو بنياد رکيو. فلسفو، طب اوڀر کان اولهه تائين پهتا ۽ اتان وچولي دور واري يورپ تائين پهتا. انهن کي پهچائڻ وارا اوڀر جي ان علمي ۽ فڪري سرمايي کي يورپ تائين پهچائڻ وارا اڪثر يهودي هوندا هئا، جيڪي ڪيترن ٻين عيسائين سان گڏ ثقافتي ۽ ادبي نقطه نظر جي خيال کان عرب ذهن رکندا هئا. اوڀر جي ملڪن ۾ ڪيترا ئي فيسلوف پيدا ٿيا، جن ۾ الڪندي (وفات 890) الفارابي (وفات 950) ۽ خاص ڪري بو علي سينا (وفات 1037) شامل هئا. بو علي سينا هڪڙو عالمي تاريخي جينيس هو، جنهن 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو ۽ ان ئي سال وقت جي بادشاهه جي هڪڙي لاعلاج مرض جو علاج ڪري، کيس چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين. هن جي فلسفي، سائنس ۽ طب جي ڄاڻ غير معمولي هئي ۽ ان کي يورپ ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو. هن ڪيترن ئي ٻين موضوعن تي به لکيو. هن هڪڙو فلسفياڻو عشقيه داستان به لکيو، جنهن کي مغرب جي ٻئي مسلمان فيلسوف ابن طفيل (وفات 1185) پنهنجي ڪتاب ”هي ابن يقضان“ (جيئرو پٽ جاڳيل جو) ۾ نئين روپ ۾ شامل ڪيو. ان ئي ڪتاب جو لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو 1671ع ۾ ڪيو ويو.
بدقسمتيءَ سان ٻين ڪيترن مايه ناز عالمي سطح جي مسلمان اديبن، شاعرن، عالمن، فيلسوفن ۽ سائنسدانن وانگر بو علي سينا به جاهل ۽ عوام دشمن درٻاري ماڻهن جي فتوائن کان بچي نه سگهيو ۽ هنن ۽ ٻين حاسدن گڏجي، کيس ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ۽ هو هميشه هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيو. هو فارسي توڙي عربيءَ جو اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو. سو هڪڙي عربي شعر ۾ ان ماجرا تي تبصرو ڪندي، چيائين ”آئون ايڏو وڏو ٿي ويس جو ڪنهن به شهر ۾ سمائجي نه سگهيس ۽ ايڏو مهانگو ۽ قيمتي ٿي ويس، جو ڪنهن به بادشاهه جي خزاني کي مون کي خريد ڪرڻ جي پهچ نه ٿي سگهي.“ هن جو طب جو ڪتاب ”القانون“ ڪن زمانن تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو.
الموحدن جي دور ۾ سڀ کان بااثر شخصيت ابن الرشد هو، جنهن 1198ع ۾ وفات ڪئي ۽ جيڪو مراڪش ۾ بربر بادشاهن جو شاهي طبيب هو. هن يونان جي جڳ مشهور فلسفي ۽ سڪندر اعظم جي استاد ارسطوءَ جي فلسفي تي تبصرو ڪيو. هن ان دور جي عيسائي فلسفيانه فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو. امام غزالي (وفات 1111ع) پنهنجي ڪتاب تحافته الفلاسفه (فيلسوفن جو توائي پڻو) ۾ فلسفين تي طنز ڪئي هئي. ابن الرشد پنهنجي ڪتاب تحافته التحافت ۾ (توائي پڻي جو توائي پڻو) ۾ ان جو زبردست جواب ڏنو هو. اوڀر ۾ دين ۽ تصوف تي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ويا هئا، پر انهن سڀني کان وڏي ۾ وڏو صوفي عالم ابن العربي (وفات 1240) اسپيني نسل جو ۽ اسپيني باشندو هو. هو بهترين قسم جا غزل به لکندو هو.
عالمي تاريخ ۾ پراڻي رجعت پرست جاگيردار ۽ پادري پرست يورپ جي جاءِ تي نئين روشن خيال، عقل دوست، سائنسي ۽ ترقي پسند يورپ جا بنياد رکندڙ ٽي ماڻهو ليکيا وڃن ٿا: هڪڙو اطالوي عالم پيٽرارڪ (Petrark) ، ٻيو اديب بوڪيشو ۽ ٽيون اسپيني فيلسوف Averos. نئين يورپ جو اهو ٽيون اڏيندڙ ماڻهو ايوروس ئي هو، جنهن کي رجعت پرستن، انسان دشمنن، ڪفر جون فتوائون ڏيئي بادشاهن کي برغلائي، اول يهودي قرار ڏئي، يهودين جي ڳوٺ ۾ قيد ڪرايو ويو ۽ پوءِ کيس سياري جي هڪڙيءَ سرد ترين رات ۾، مسجد شريف ٻاهران ٻڌي ويهاري، نمونيا ۾ بيمار ڪرائي مارايو ويو. اهو ماڻهو دراصل اهو عظيم ترين مسلمان فلسفي ابن الرشد هو، جنهن جو يورپي تاريخ ۾ لاطيني ۾ نالو Averos مشهور آهي. جيتوڻيڪ سندس اصل عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب اڄ دنيا ۾ ناپيد آهن، پر انهن جا لاطيني ۽ يوناني ٻولين ڪيل ترجما اڃا تائين يورپ جي لائبريرين ۾ موجود آهن ۽ وڏي احترام جي نظر سان پڙهيا ۽ ساراهيا وڃن ٿا. جيڪڏهن بو علي سينا، البيروني، ابن طفيل، الڪندي، ذڪريا الرازي، ابن رشد ۽ ٻين سوين اهڙن روشن خيال ۽ ترقي پسند مسلمان باڪمال ماڻهن کي وقت جا جاهل، رجعت پرست ۽ عوام دشمن اختياريءَ وارا اڳتي وڌڻ ڏين ها ته اڄ سڄيءَ دنيا ۾ خاص ڪري مسلمان دنيا جي صورتحال سراسر ابتڙ ۽ بلندين تي رسيل هجي ها.
No comments:
Post a Comment