ڇا هيءُ اهو ئي ملڪ آهي؟
خميس 5 جنوري 2006ع
سوچيندڙ ۽ سمجهو پاڪستاني اڄڪلهه سمجهي چڪا آهن بلڪه انهن مان ڪيترا بار بار چئي رهيا آهن ته هي ملڪي نظام، هي سياسي سٽاءُ، هيءَ سماجي صورتحال مطلب ته هي پاڪستان اهو ناهي جنهن جا پاڪستان جي عوام بلڪه سڄي هندستان جي مسلمان عوام خواب ڏٺا هئا، جنهن لاءِ دعائون گهريون هئائون ۽ لڙڪن ۽ رت جون ڀيٽائون ڏنيون هيائون. قافلا لٽايا هئائون ۽ قربانيون ڏنيون هئائون.
ڀينر آئون ڀوري، مون س۾ سڃاڻي نه ڪيو(شاهه(
60 سالن کن جي عرصي اندر پاڪستان هونئن ته هڪ ائٽمي پاور آهي، پر اهو پنهنجو اڌ وڃائي چڪو آهي. عملي طرح پنهنجو قومي وجود غيرن وٽ يرغمال رکي چڪو آهي. پنهنجا بنيادي آدرش، وفاداريون، بين الاقوامي حيثيتون ۽ وقار وڃائي پنهنجي خودمختياري ۽ آزادي گروي رکي پنهنجي سرزمين جا حصا ڌارين طاقتن جي قبضي ۾ ڏئي چڪو آهي. سندس آئين، سياسي ۽ عدالتي نظام مفلوج آهي. سندس عوام کي فوجي آمريت ۽ فسطائيت مان جان ڇڏائڻ جي ڪا واهه نظر نٿي اچي. ان صورتحال جو بنيادي ڪارڻ جيڪڏهن چڱيءَ طرح ڳولهبو ته اهو موجوده پاڪستان جي اڏاوت جي بنهه هيٺين پيڙهه ۾ ملندو ۽ معلوم ٿيندو ته اسان جو قافلو اٿڻ شرط راهه ويندي لٽجي ويو، بلڪه هٿ وٺي رهبرن هٿان لٽرايو ويو ۽ اسان قومي خودمختياري، آزادي، قومن جي ڀائيچاري، جمهوريت ۽ سماجي انصاف ڏانهن ويندڙ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي ڏسيل واٽ کان ڀٽڪائجي، فوجي ڊڪٽيٽرشپ ۽ ان جي پيدا ڪيل سول ڊڪٽيٽرشپ، سامراج پرستي، عوام دشمني، لاقانونيت، فسطائيت، ڪرپشن، ڪرمنلزم، آپيشاهي، قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ قومي تباهيءَ جي اوڙاهه ڏانهن وٺي ويندڙ واٽ تي هڪلبا پيا وڃون ۽ ڪنهن به وقت قومي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿي وڃڻ جي خطري ۾ پئجي سگهون ٿا.
جديد دور ۾ قومن ۽ ملڪن جا آئين، عمارتن جي پيڙهه وانگر ٿيندا آهن، جيڪڏهن نقشو صحيح هوندو ۽ اڏاوت ان جي مطابق صحيح نموني ٿيندي ته عمارت ڪارائتي سهوليت واري ۽جٽادار ٿيندي. جيڪڏهن پيڙهه ئي غلط هوندي ته پوءِ ان تي کڻي ڪيڏي به محنت سان اڏاوت ڪبي ته به اها پس و پيش ڪم جي نه ٿيندي ۽ ڪنهن به وقت ڊهي اچي پٽ تي پوندي
.
سياسي ڄاڻو چوندا آهن ته حڪمراني ڪوڙ، دوکي، فريب ۽ ظلم، زبردستي کان سواءِ هلي نٿي سگهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي حڪومتون اهي ڌنڌا ڪوشش ڪري جيترو ٿي سگهندو آهي اوترو گهٽ ڪنديون آهن ته ڪي ڄاڻي ٻجهي سعيو ڪري جيترو پهچي سگهندو اٿن اوترو وڌيڪ لاپرواهي ۽ بي رحميءَ سان اهي ڪارستانيون ڪنديون آهن.
سياسي ڄاڻو چوندا آهن ته حڪمراني ڪوڙ، دوکي، فريب ۽ ظلم، زبردستي کان سواءِ هلي نٿي سگهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي حڪومتون اهي ڌنڌا ڪوشش ڪري جيترو ٿي سگهندو آهي اوترو گهٽ ڪنديون آهن ته ڪي ڄاڻي ٻجهي سعيو ڪري جيترو پهچي سگهندو اٿن اوترو وڌيڪ لاپرواهي ۽ بي رحميءَ سان اهي ڪارستانيون ڪنديون آهن.
ويچار ڪري ڏسبو ته اسان جي حڪمراني شروع ڏينهن کان وٺي ڪوڙ، دوکي، فريب، ڦرلٽ، ظلم، ويساهه گهاتي ۽ دلبي جو ڪاروبار پئي رهي آهي. وعدا هڪڙا ڪبا ڪم ان جي ابتڙ ڪبا. گس ٻڌائبو هڪڙو، وٺبو ٻيو. عوام کان حقيقتون لڪائبيون. ساڻن ڪوڙ بدوڙ ڪبا، ڏٽا ڏبا ۽ کين ويساهي ويساهي دلبا ۽ فريب ڏئي سندن ترا ڪڍي ڇڏبا ۽ پوءِ معصوم ۽ البيلو ٿي ويهي رهبو. ڄڻ ته هن تباهي ۽ برباديءَ سان پنهنجو ڪو به واسطو ڪونهي ۽ خبر ناهي ته جيڪي به ٿيو سو، ڪنهن ڪيو، ڇو ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو. ڏوهه ڪبا سنگين، عالمي سطح جا ۽ ڀيانڪ ۽ پريس ۽ پروپيگنڊا جي زور تي سڀ ڳالهه، سڀ ڏوهه گناهه ڦٻائي وڃبا، لکن ڪروڙن کي تباهه ڪري پاڻ ان ڌنڌي مان ڪمايل مال خزانا جمع ڪري ستن پيڙهين جي عيش عشرت جا بندوبست ڪري ويهي موجون ماڻيون ۽ عوام کي واعظ ٻڌائبا ۽ نصيحتون ڏبيون.
جيڪڏهن انهيءَ صورتحال جو ڪو هڪڙو وڏو ڪارڻ آهي ته اهو هي آهي ته قائد اعظم جي جاءِ نشين حڪمران ٽولن”قائد اعظم زنده باد“ جا نعرا هڻندي ۽ سندس عظمت جا ترانا ڳائيندي، کيس پاڪستان اچڻ شرط گهيري ۾ آڻي، عملي طرح سندس هٿ پير ٻڌي ۽ کيس مسلم ليگ جي صدارت تان خارج ڪري، ملڪ جي اهم ترين ڪار گذارين کان بيخبر رکي، پاڪستان کي يرغمال بڻائي، سامراجي ڪالوني ٺاهي، پاڻ سامراجين جي پاران سندن لاٺڙيا بنجي پاڪستان جي عوام کي پنهنجي ڦرلٽ، دادا گيري ۽ رهزني جو شڪار بنائڻ جي ڌنڌي ۾ لڳي ويا. هنن حڪمراني جي اصولن ۽ طريقه ڪار ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏسيل واٽ کي ڇڏي، 360 ڊگرين جو ڦيرو کائي ان جي بنهه ابتڙ واٽ وٺي پاڪستان کي ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجي رٿيل منزل کان هزارين ڪوهه پري وڃي ان اوجهڙ ۾ ڇڏيو آهي، جتي اڄ اهو هڪڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي، جتان نڪرڻ جي ڪا واهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي.
قائد اعظم جي جن ڳالهين ۽ واٽن کي سندن جاءِ نشين ترڪ ۽ نظرانداز ڪيو، تن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه ۽ واٽ آهي سندس ڏيکاريل آئيني واٽ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بنهه ان جي ابتڙ واٽ کي اختيار ڪرڻ. قائد اعظم پاڪستان لاءِ ڪهڙي قسم جي آئيني پيڙهه ڪري ڏني هئي، تنهن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ان جي پس منظر کي واضح ڪرڻ ضروري آهي.
سڀني کي معلوم آهي ته قائد اعظم پهريائين ڪانگريس جو سرگرم اڳواڻ هو ۽ ڪانگريس طرفان کيس هندو-مسلم اتحاد جي علامت جو لقب مليل هو. هن هندو-مسلم اتحاد جي واسطي پنهنجي ڪوششن ۾ ايتري حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي، جو هن جي زبردست ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جيڪي اڳي هڪ ٻئي جون ڪافي ويري هيون، سي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو اچي ويون، جو ٻنهي جا ساليانا اجلاس هڪڙي ئي شهر ۾ هڪٻئي جي لڳو لڳ ٿيڻ لڳا ۽ ٻنهي جا اڳواڻ هڪ ٻئي جي ساليانن جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا، پر جڏهن مهاتما گانڌي آفريقا کان هندستان آندو ويو، تڏهن جناح جهڙي حسابي ڪتابي ماڻهو مان خطرو سمجهي مولوين سڳورن کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي کين پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. 1919ع ۾ ڪانگريس جي ناگپور اجلاس کان پوءِ هندستان جي آزادي جي حڪمت عمليءَ بابت محمد علي جناح ۽ گانڌي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا، جنهن ڪري جناح صاحب کي ڪانگريس ڇڏڻي پئجي وئي. 1928ع ۾ ڪلڪتي ۾ هندستان جي آئيني مسئلن جي نبيري لاءِ هڪڙي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جو سيڪريٽري پنڊت جواهر لعل نهرو جو والد پنڊت موتي لال نهرو هو. انهيءَ ڪانفرنس جي رپورٽ کي مسلمان اڳواڻن جي اڪثريت پسند نه ڪيو. محمد علي جناح انهيءَ رپورٽ ۾ ڪجهه درستيون ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون پر اهي قبول نه ڪيون ويون. اهي درستيون مسلمانن کي معمولي قسم جون رعايتون هيون. انهن ۾ هڪڙي مطالبي جو واڌارو ڪيل هو ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي خودمختياري ڏني وڃي، پر ڪانگريس اهي معمولي گهرون قبول ڪرڻ لاءِ به تيار نه هئي. ان ڪري مسلمانن جي دلين ۾ پنهنجي آئندي بابت خوف ۽ خطرا وڌي ويا جو سمجهيائون ٿي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ انگريز هندستان هندو اڪثريت جي حوالي ڪري هليو ويندو ۽ نوان حڪمران يعني هندو اڪثريت جا اڳواڻ ساڻن الائي ڪهڙو انتقامي سلوڪ ڪندا.
1930ع ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس الهه آباد ۾ ٿيو. ان جي صدارت علامه اقبال ڪئي، جنهن ان اجلاس ۾ رٿ ڏني ته هندستان آزاد ٿئي ان کان اڳي يا پوءِ سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد کي پنجاب سان گڏي هڪڙي يڪي حڪومت قائم ڪئي وڃي، يعني ذري گهٽ اهڙي ساڳي بناوٽ واري حڪومت قائم ڪئي وڃي، جهڙي اڄ آهي. پر اها ڳالهه سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي مسلمانن ٺڪرائي ڇڏي. بدقسمتيءَ سان ماضيءَ جي پنجاب سرڪار جنهن ۾ سکن سان گڏ مسلمان به اهم سول ۽ فوجي عهديدار هئا، تنهن جو پاڙي جي مسلمان قومن سان سلوڪ اڳرائي ۽ قبضي وارو پئي رهيو هو. خشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ”پنجاب جو مهاراجه رنجيت سنگهه“ ۾لکي ٿو ته، ”هڪڙي منزل تي پهچي پنجاب جي شهنشاهيت جي واڌاري جي گس جي راهه ۾ انگريز رڪاوٽ بنجي ويا، جنهن ڪري رنجيت سنگهه جا انگريزن سان تعلقات بگڙجي ويا. انگريزن سنڌ جي اميرن ڏانهن به سفير پئي موڪليو ۽ رنجيت جي دل ۾ اها هورا کورا متل هئي ته پنهنجي بادشاهيءَ کي ان (سنڌ) طرف سمنڊ جي ڪناري تائين وڌائجي.“ (ص:6 7)
”ملتان جي فتح پنجاب ۾ افغان اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڏکڻ طرف جي مسلمان رياستن جو سخت مضبوط دائرو ٽوڙي ڇڏيو. ان فتح بهاولپور، ڊيره غازي خان، ڊيره اسماعيل خان ۽ مانڪره جي رياستن کي تابع ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ڏانهن ويندڙ رستو کولي ڇڏيو.“ (ص: 126)
”پنجاب جي درٻار جون فتحون اتر، اولهه ۾ پنجاب جي آخري جاگرافيائي ڇيڙي تائين پهچي چڪيون هيون.“ جيڪڏهن پنجابي شهنشاهيت کي وڌيڪ ڦهلجڻو هو ته اهو فقط سنڌ جي رڻ پٽ مٿان سمنڊ ڏانهن ٿي سگهيو ٿي. جڏهن انگريزن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ڳالهه ٻُولهه جون خبرون لاهور پهتيون تڏهن درٻار ۾ سخت چوٻول پيدا ٿي ويو ته انگريزن سان هڪ هڪاڻي ٿيڻ کپي. پنجابي پنهنجي افغانن ۽ پٺاڻن مٿان حاصل ڪيل فتحن جي نشي ۾ مست هئا ۽ وڙهه وڙهان سندن فطرت هئي.“ (ص: 54-153)
”هن (رنجيت سنگهه) ميرن کي چوائي موڪليو ته ڌارين کي واپاري يا سياسي دخل اندازي ڪرڻ نه ڏيو پر ان مان ڪو فائدو ڪو نه ٿيو، ڇو ته سندس ارادن جي سڀني کي خبر هئي ۽ پاڻ جنهن اڳرائي واري انداز ۾ شڪارپور تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنائين، تنهن ڪري سنڌين کي سندس صلاحون دل سان نه لڳيون.“ (ص:186)
”هن افغان سياست ۾ سرگرميءَ سان دخل ڏيڻ شروع ڪيو. هن سان هرات جي درٻار مان سفير ملڻ لڳا. هن انگريزن کي ٻڌايو ته روسي ساڻس عهدنامو ڪرڻ لاءِ آتا هئا. هن نيپال جي وڪيلن سان گهرائي رکي، اهي افواهه ڦهلجڻ لڳا ته مرهٽا سردار ۽ حيدرآباد جو نظام ساڻس لاڳاپا وڌائي رهيا آهن.“ (ص186 ) :
”هڪڙي پاسي (سک جنرل) زوراور سنگهه پنجاب جا جهنڊا لهرائي ٿٻيٽ ۾ داخل ٿيو ته ٻئي طرف هو (رنجيت سنگهه) شاهه شجاع کان مطالبا ڪرڻ لڳو ته نه رڳو ملتان، ڊيري غازي خان، ڊيري اسماعيل خان، مانڪره ۽ پشاور تي دعوائن کان دستبردار ٿئي، پر ڏانهنس گهوڙن ۽ ميون جو ڏن به ڏياري موڪلي.
ملتان جي ڏکڻ طرف مزارين پنجاب جي چوڪين تي حمله ڪيا يا نه ڪيا، پر رنجيت سنگهه ان جو بهانو ڪري سنڌ ڏانهن منهن ڪيو. ”شهزادي کڙڪ سنگهه کي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، هن تيزي سان ڇڙواڳ مزاري قبائلين جو ڪم لاهي ڇڏيو ۽ 1836ع جي اونهاري ۾ مٺڻ ڪوٽ ۽ روجهاڻ تي قبضو ڪيائين. هن پِڻس کان شڪارپور تي هلان ڪرڻ جي اجازت گهري، پر هن انگريزن سان اٽڪڻ کان لهرايو. جنهن جي ڪري ڏکڻ طرف (سنڌي سمنڊ طرف) وڌڻ جون سندس امنگون ۽ ارمان پورا نه ٿيا. انگريز ان باري ۾ رنجيت سنگهه سان ڳالهيون ڪيون ۽ مٿس زور آندو ته سنڌ تي حملو نه ڪر، ڇو ته خود کين سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو ارادو هو. ”عالم جاه (رنجيت سنگهه) بي صبري ڏيکاري (پنهنجي وزير خارجه فقير عزيز الدين جو هٿ پڪڙي ان تي بار بار زور سان تريون هنيائين. آخر رنجيت سنگهه ڳالهه مڃي. پر هن ان باري ۾ ڪو به عهدنامون ڪرڻ يا روجهاڻ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ (ص 192-193 ):
انگريزن نيٺ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، پر پنجاب جي حڪمران طبقي ۽ سندن فوج جي تنگ نظري، ڪوتاهه انديشي ۽ خرمستين سبب زبردست فوجي طاقت هوندي به پنجاب نه رڳو انگريزي بيٺڪ بنجڻ کان بچي نه سگهيو، پر سندس فوج انگريزن لاءِ ڪرائي جي فوج بڻجي وئي، جنهن 1857ع واري هندستاني بغاوت ۾ انگريزن پاران وطن دوست بغاوت کي ڪاريون ضربون رسايون ۽ ان کان پوءِ به سڄي دنيا ۾ انگريزن پاران ڪرائي جا فوجي بنجي سر ڏيندا رهيا.
1859ع کان وٺي پنجاب سرڪار پنجاب ۽ سنڌ جي گڏيل درياهن جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا، جيڪي اڃا تائين جاري آهن. انهن سببن جي ڪري پنجاب جي آس پاس جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا ماڻهو، پنجاب سان گڏجڻ کان سخت لهرائيندا رهيا آهن، جو کين پنجاب جي حڪمران طبقن جي ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو سنگين خطرو پئي رهيو آهي. ان ڪري علامه اقبال واري 1930ع واري پنجاب جي اڳواڻي واري گڏيل مملڪت واري تجويز کي ڪنهن به ڌر قبول نه ڪيو ۽ ان کان 7 سال پوءِ تائين جيئن ته مسلم ليگ وٽ هندستان جي مسلمانن جي ڇوٽڪاري جي ٻي ڪا به ان کان بهتر تجويز سامهون ڪا نه هئي، ان ڪري 1937ع جي آل انڊيا چونڊن مسلم ليگ کي ڪا به اهميت نه ڏني ۽ محمد علي جناح اليڪشن کان پوءِ مسلمانن سان مروت ڪرڻ لاءِ پنڊت جواهر لعل نهرو ۽ مهاتما گانڌي کي خط لکي جيڪي ايلاز ۽ منٿون ڪيون، تن کي هنن نهايت غرور ۽ تڪبر سان رد ڪري ڇڏيو. ڪانگريس جي نئين سرڪار ۾ به مسلمانن جي دردن جو دارون ڪرڻ بدران کين ستائڻ لڳي، جنهن ڪري هندستان جي مسلمانن لاءِ اها ڳالهه انتهائي ضروري بڻجي وئي ته هو پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ڪو اهڙو مجرد سياسي نسخو ڳولهي ڪڍن، جيڪو سندن دردن جي دوا ڪري. 23 مارچ 1940ع ۾ هندستان جي مسلمانن اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد پنجاب سان نه گڏبا، پر انهن مان هر ڪو پنهنجي سر الڳ الڳ خودمختيار حڪومت بنجي وڃي. ان ڳالهه کي سٺ سال ٿيا آهن، ان وچ ۾ پاڪستان جي حڪمران ٽولن سوين حيلن بهانن ۽ حرفتن سان هندستان جي مسلمانن جي 23 مارچ 1940ع واري گڏيل فيصلي جو نالو نشان غائب ڪري پاڪستان ۽ قائد اعظم جي نالي جي آڙ ۾ هوبهو اها حڪومت وري مڙهي ڇڏي آهي، جنهن جي 1930ع ۾ رٿ ڏني ويئي هئي ۽ جيڪا رٿ سڄي هندستان جي مسلمانن رد ڪري ان جي جاءِ تي 1940ع واري (آسام سميت) ڇهن آزاد ۽ خودمختيار حڪومتن واري تجويز منظور ڪئي هئي. اسين اڳي پنهنجي هم وطن (هندو ڀائرن) جي دائمي اڪثريت جي راڄ ۾ مظلوم دائمي اقليت ٿي عذاب سهڻ کان ڀڄي اچي وري پنهنجي هم مذهب (پنجابي مسلمان ڀائرن) جي راڄ ۾ دائمي اقليت واري عذاب جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن، ”چورن کان ڇٽي، گَهل تان پيئي“
1940ع واري ٺهراءَ واري آزاد ۽ خودمختيار رياست جي باشندن بنجڻ جي خوبصورت خواب ڏسندڙ سنڌي ماڻهو جو بدلجي بي رحم موت جي خطري جي ڄاڙين ۾ ڦٿڪندڙ اڄوڪي سنڌي ماڻهوءَ جي روپ ۾ اچڻ جي حقيقت جو قصو دلچسپ به ٿيندو ته فائديمند به. ان مان معلوم ٿيندو ته اصل پاڪستان جي اصل آئيني پيڙهه ڪهڙي هئي ۽ ان کي لڪائي گم ڪري، ان جي جاءِ تي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت هڪڙي خراب، آمرانه ۽ فسطائي پيڙهه رکي هن ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ عوام ۽ قومن کي ڄڻ ته ڪنهن عذاب واري حالت ۾ آڻي ڇڏيو ويو آهي.
No comments:
Post a Comment