Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

Why do not we open the historical record? By Rasul Bux Palijo


هاڻ ڇو نه اصل تاريخي رڪارڊ کولي ڏسون؟
 خميس 16 اپريل 2009ع
وڏا چئي ويا آهن ته، ”تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي“ چي ”حجام! اڇا يا ڪارا؟“ چيائين ”ابا اجهو ٿا پٽ تي ڪرن، پوءِ پاڻ  ڏسج.“ سو پاڻ وارن ڀوتارن جا اڇا ڪارا آهستي آهستي پڌرا پيا ٿين. ٻيا ته ٺهيو پر سندن پنهنجا گهر جا ماڻهو به کانئن ڇٽا ٿيو بيٺا آهن ۽ منجهانئن ويڪون پيا ڪڍن. سموري عمر ناٽڪ ڪيائون، قوم، وطن ۽ مسڪين ماروئڙن سان دوکا ۽ فريب ڪيائون ۽ سندن دشمنن جي هٿن جاباز ٿي ڪرسيون ماڻيائون ۽ گهر ڦوڪي ڏياري ڪيائون ”سياڻو ڪانءُ  ٻه ٽنگو ڦاسي“ هڪڙي پاسي پنهنجي اٻوجهه ۽ ويساهه ولوڙيل سنڌي عوام جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو اٿن. بک، بيروزگاري، ڪرپشن، اٺ ئي پهر اغوائون، رهزنيون، قبائلي قتلام، سوين هزارين خون ٻوڙيندڙ جرڳن ذريعي قانون ۽ آئين خلاف کليون کلايون بغاوتن جون سرپرستيون ته ٻئي پاسي پاڪستان جي سرزمين غير آئيني طرح لکين مسڪين عوام جون زندگيون جهنم بنائيندڙ خود ساخته مذهبي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪرڻ، پاڪستان جي قانون ۽ آئين جا ترا ڪڍڻ، ٽئين پاسي صبح شام ڊرون حملا ڪرائڻ، مٿان ”امداد“ جا نوان تباهه ڪندڙ شرط، پاڙيسري ملڪن جي آڻ مڃڻ جا مطالبا، اتحادين جون بغاوتون، مطلب ته ”ڍينگو ڍيري ۽ ٽپڙ ٽيشن تي.“ ”ڀينگ ٿي ويئي آهي دلبر، ٻيو مڙئي خير آهي“ وارو ڪم ٿي ويل ٿو ڏسجي. اهو سڀ ڄڻ اک ڇنڀ ۾ ائين ڇو ٿي ويو آهي؟ ڪنهن مغربي داناءَ چيو آهي ته آمريڪي حڪومتون به اهڙا ئي بي وقوفيءَ جا ڪم ڪنديون آهن، جهڙا ٻيون حڪومتون ڪن ٿيون، پر اهي تباهيءَ کان بچي ان ڪري وڃن ٿيون جو حڪومت تي تنقيد جي آزاديءَ جي ڪري اهي ٻين کان گهڻو اڳ پنهنجون غلطيون معلوم ۽ درست ڪري وٺن ٿيون.
پاڪستان ۾ حڪمران ٽولن جو سمورو ڪاروبار جڳاڙ، پروپيگنڊا، ڪوڙي تاريخ، ڪوڙن داستانن ۽ ڏند ڪٿائن تي هلي ٿو. ظلم آهي ته جتي ماڻهو اڃا پنج سئو سال پراڻي سامراجي، قبائلي، جاگيرداري واري جسماني توڙي روحاني دهشتگرديءَ واري ڌٻڻ ۾ غرق هجن، اتي چونڊون ڍونگ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿيون ٿي سگهن؟ عوام هر ڳالهه ۾ آهي حڪمرانن طرفان ٻڌايل قصن ڪهاڻين جي رحم ڪرم تي. ابا ڇا پيا ڪريو؟ چي ”اسلام لاءِ جهاد پيا ڪرايون!“ حالانڪه اصل حقيقت اها هئي ته افغانستان ۾ مجاهدين جيڪو ”جهاد“ پئي ڪيو، ان جي حڪمت عمليءَ جي اصل آڳ واڳ اسامه بن لادن ۽ ملا عمر بدران دنيا جي ڪٽر کان ڪٽر تعبصي انتهاپسند عيسائي ۽ يهودي اڳواڻن، بدنامِ زمانه جنرل شيرون (صابره ۽ شطيله جي فلسطيني ڪيمپن جو قتل عام ڪرڻ واري ۽ آمريڪي سينيٽر چارلي ولسن جي هٿن ۾ هئي. انهن ئي ان جي حڪمت عملي ۽ هٿيار پنوهار مهيا پئي ڪيا. خود مردِ مومن مردِ حق جنرل ضياءُ الحق جي آڳ واڳ هڪڙي انتهائي مخصوص تربيت يافته ڪٽر عيسائي سي آءِ اي ايجنٽس جي هٿ ۾ هئي، جنهن جو پيشو مسلمان ليڊرن ۽ شيخن کي عاليشان دعوتن ۽ خوبصورت نازيننن ذريعي ريجهائي آمريڪا جي هٿ جو کيڏڻو بڻائڻو هو. مٿي ذڪر ڪيل عيسائي ۽ يهودي قاتلن ۽ جلادن جو جوڙيوال جنرل صاحب اهو راڪاس هو، جنهن اردن ۾ بي گهر ۽ تباهه حال فلسطينن تي ٽئنڪون چاڙهي انهن جي رت جا ريلا وهائڻ جو نيڪ ڪم ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. جنهن جي انعام طور آمريڪا کيس پاڪستان جو چيف آرمي چيف بڻرايو. انهن حقيقتن کان پاڪستاني عوام ته ڇا سڄاڻ ماڻهو به بي خبر آهن. پاڪستان جا سڄاڻ ماڻهو ڄاڻڻ چاهيندا ته اها معزز خاتون ڪير هئي ۽ سندس ڪارنامن ۽ مٿي ڄاڻايل ٻين حقيقتن جو رڪارڊ ڪٿان هٿ اچي سگهندو؟ جواب آهي ته ان خاتون جو نالو هو  جون هيسنگ (Joan Hessing) ان جي رڪارڊ لاءِ پڙهو جارج ڪرائيل (George Crile) جو ڪتاب ”چارلي ولسن جي جنگ“ (Chalrie Wilson’s war) ڇو ته اها جنگ اصل ۾ مسلمانن جي نه پر ڪٽر ۽ انتهاپسند يهودين ۽ عيسائين جي هئي، ٻيو ڏسو محمود مامداني (Mahmood Mamdani) جو ڪتاب ”“سٺو مسلمان خراب مسلمان“ (Good Muslim, Bad Muslim) صفحو (275 ۽ ٻيا) (هيٺ ڏنل سوالن بابت رڪارڊ بلڪل موجود ۽ هڪيو تڪيو حاضر آهي، پربهتر ائين ٿيندو ته سڄاڻ ماڻهو پاڻ تڪليف وٺي انهن جا جواب ڳولي هٿ ڪن ۽ پوءِ جي کين ڪنهن مدد گهرجي ٿي ته اها ملي ويندي.) پاڪستاني تاريخ بابت ٻيون اهڙيون سوين بنيادي ۽ اهم حقيقتون جيڪي سڀني کي معلوم هئڻ گهرجن. ڇا هن جمهوري دور ۾ به انهن حقيقتن تي غور ڪري انهن جو صحيح مطلب عوام اڳيان پيش ڪري سگهجي ٿو ته جيئن هو سمجهي سگهن ته حڪمران کين ڪهڙي طرف ڪاهيندا پيا وڃن؟ ڇوٽڪاري ڏانهن يا ڪنهن اڃا به وڏي اوڙاهه ڏانهن؟ مثال طور:
(1) پاڪستان جي هاڻوڪي رياست 1940ع واري بنيادي آئيني ٺاهه جي سراسر برخلاف آهي.
(2) پاڪستان جي 1973ع واري آئين سميت ڪو به آئين جائز اختيار مطلب جائز طريقي سان نه ٺاهيو ويو.
(3) پاڪستان پنهنجن 60 سالن جي عمر ۾  ڪڏهن به ڪو وفاقي، آئيني ۽ جمهوري راڄ رهيو آهي، نه اڳ نه اڄ.
(4) مطلب ته آزادي، خودمختياري، آئيني بالادستي، وفاق ۽ جمهوريت جون سموريون ڳالهيون ڏندڪٿائون آهن.
(5) پاڪستان جي حاڪمن طرفان سامراج جي غلاميءَ خلاف بغاوت ۽ جدوجهد جا داستان ۽ ڏندڪٿائون بنيادي طور انتهائي وڌاءَ ۽ غلط بياني تي ٻڌل آهن. ان حالت ۾ هي جيڪي پڪائيءَ سان عوام کي برغلائين پيا ته هن ملڪ ۾ جمهوريت آهي، ماڻهن کي هيءَ حقيقت معلوم ڪرڻ جي آزادي آهي، فلاڻا قومي هيرا هئا، فلاڻا بدمعاش هئا، تن کي گهرجي ته پاڪستان جي تاريخ بابت تحقيقات ڪري ڄاڻ ۽ معلومات جي ڏي وٺ ۽ بحث مباحثو ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار بنائن ته جيئن ڪوڙن، ڏندڪٿائن، سورهيائي، قربانيءَ ۽ عوام دوستي، جمهوريت نوازي ۽ سامراج خلاف بغاوت وغيره وغيره جي اصل حقيقت عوام کي معلوم ٿي سگهي.
ٻين سان گڏ هيٺين ڳالهين بابت تحقيقات ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري اصل حقيقتون عوام تائين پهچائجن ته جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي سياست ۽ حڪمراني بابت هيستائين ٿيل گمراهين ۾ درستي ٿي سگهي ۽ ملڪ بچائي سگهجي.
1. ائين آهي ڇا ته هي جيڪو موجوده 1971ع کانپوءِ وارو پاڪستان آهي، جنهن ۾ پنجاب سان سنڌ، بلوچستان، سرحد کي گڏي هڪ رياست ٺاهي وئي آهي، تنهن جي تجويز 80 سال اڳ 1930ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس جي صدارت ڪندي علامه اقبال پيش ڪئي هئي ۽ هندستان جي مسلمانن اها قبول نه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا ماڻهو اهڙي رياست ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا، جنهن ۾ پنجاب جي ايتري زبردست بالادستي هجي، جو سڀني تي جيئن وڻيس تيئن حڪم هلائي سگهي ۽ انهن جي حقن ۽ وسيلن سان جيڪو وڻيس سو حشر ڪري؟
2. ائين آهي ڇا ته 1940ع ۾ جيڪو بنگال ۽ آسام کي هيترن هزارن ميلن پري هوندي به اولهه پاڪستان جي ملڪن سان ڳنڍيو ويو، ان جو سبب اهو هيو ته ننڍن صوبن وارن چيو هو ته اڪثريت ڀلي بنگالين جي هجي، جن مان ننڍن صوبن کي ڪو به خوف خطرو ڪو نه هو.؟
3. ائين آهي ڇا ته 1940ع وارو بنيادي ٺهراءُ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٺهيو، تنهن ۾ ڪنهن به هڪڙي گڏيل مسلمان ملڪ ٺاهڻ جو ذڪر ئي ڪو نه هو، نه وري اهو چيل هو ته ان ملڪ جو نالو پاڪستان هوندو يا ان ۾ شريعت جو قانون رائج ڪيو ويندو يا وري ان ۾ فيڊريشن يا ڪانفڊريشن هوندي؟
4. ائين آهي ڇا ته ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته بنگال، آسام، سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان آزاد ۽ خودمختيار هوندا؟
5. ائين آهي ڇا ته آل انڊيا مسلم ليگ جي بحال ڪيل ان بنيادي ٺهراءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان ڪنهن به قسم جي جائز نموني ۽ باقائدي اهڙي ڪا به ترميم ڪا نه ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل اصولن کي ختم ڪيو ويو هجي؟
6. ائين آهي ڇا ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مٿين سمورن اصولن جي خلاف ورزي ڪري عملي طرح سنڌ تي ٻاهرين ماڻهن قبضو ڪري ورتو؟
7. ائين آهي ڇا ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جيڪا ملڪ جي رائج قانونن Transfer of Property Act ۽ Registration act مطابق سنڌي مسلمانن جي ملڪيت هئي، تنهن کي انتظامي طور ڪنهن مخصوص ٽولي جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان زمين تي ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي هارين جا جيڪي بنيادي حق هئا، اهي به ختم ڪري کين بي گهر ۽ دربدر ڪري ڇڏيو.
8. ائين آهي ڇا ته قبضي خور مافيه اچڻ شرط ان جي سڀ کان قيمتي تاريخي قومي ملڪيت، ان جي تخت گاهه ۽ ان جي دل ڪراچيءَ تي ناجائز قبضو ڪري سنڌين کي اتان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ اڃا تائين سنڌي اتان تڙيل آهن.
9. ائين آهي ڇا ته سنڌ اند سنڌين جي انتظامي مشينري ان مخصوص ٽولي جي ڊڪٽيٽرشپ کي نيست و نابود ڪري اتي up, cp ۽ پنجاب مان امپورٽ ڪري آندل تعصبي آفيسر ٽولي کي سنڌ جي مٿان ٿاڦيو ويو، جن سڄي سنڌ ڦري ورتي.
10. ائين آهي يا نه ته ٻاهران آيلن جي ڊڪٽيٽرشپ سنڌ جي صوبائي حڪومتن کي هڪٻئي پٺيان ناجائز طرح Dismiss ڪري سنڌ کي up, cp ۽ پنجاب جي بالادستي هيٺ آڻي ڇڏيو؟
11. ائين آهي ڇا ته ان ساڳي ٽولي پهرين ڏينهن کان وٺي بنگال ۽ سنڌ کي پنهنجي اک ۾ رکيو. بنگال جي سڀ کان قابل اڳواڻ سهروردي کي آئين ساز اسيمبليءَ مان خارج ڪري ڇڏيو، بلڪه کيس ڏيهه نيڪالي ڏيئي بنگال اچڻ کان به روڪي ڇڏيو؟
12. ائين برابر آهي ڇا ته جڏهن اسڪندر مرزا نالي ماتر آئين ٽوڙي ايوب خان سان گڏجي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪئي، تڏهن ڪيترن ٻين سياستدانن به سندس حمايت ڪئي، ۽ هڪڙي سنڌي سياستدان ته ائين به لکت ۾ اعلان ڪيو ته ”اسڪندر مرزا محمد علي جناح کان به وڏو پاڪستان جو محسن آهي.“ جيڪڏهن ائين آهي ته ان سياستدان جو نالو ڪنهن کي معلوم آهي؟
13. ڇا جڏهن ايوب جي ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿي، تڏهن هن جي وزيرن مان هڪڙي اعلان ڪيو ته، ”ايوب واري مارشل لا هڪڙي فخر جوڳو انقلاب آهي، پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي قانون ساز اسيمبلي نه هجي، جيڪا صدر ايوب مٿان حڪم هلاني.“ ڇا هن وڌيڪ اهو به چيو هو ته ”بنگال کان وٺي پنجاب تائين سڄو ملڪ هڪڙو one unit هئڻ کپي ۽ سڀ پاور مرڪز ۽ ايوب خان جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن ۽ ڪا به صوبائي اسيمبلي نه هئڻ گهرجي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي هڪڙي هئڻ گهرجي، جنهن جا ضلعي جا صدر ڊي سي هجن ۽ سيڪريٽري SP هجن، ٻين پارٽين جي ڪا به ضرورت ڪانهي. ڇا اهڙو ڪو سياستدان هو ڇا؟ جي ها ته ان جو نالو ڇا هو؟
14. ائين برابر آهي ڇا ته one unit مڙهڻ کانپوءِ سنڌ جو نالو وٺڻ قانوني ڏوهه بنجي چڪو هو ۽ ايوب جي زماني ۾ سنڌي ٻولي جي پڙهائي تي ٽن درجن کانپوءِ بندش وڌي وئي هئي. اڳتي هلي غلام محمد بئراج ٺهيو ته سنڌ جا 25 لک ايڪڙ زمين بنگالين، قبائلين ۽ ٻين ٻاهران کان آيل ماڻهن کي ڏئي ڇڏيا، ۽ پاڪستان جا ڇهه درياءَ جنهن ۾ سنڌ اڌو اڌ ڀائيوار هو، تن کي ٻاهران ئي ٻاهران سنڌي انجنيئرن ۽ پاڻي جي ماهرن جي شرڪت کانسواءِ پنجاب ۽ هندستان سان ٺاهه ڪري سنڌ کي عملن انهن سمورن دريائن مان لا دعويٰ ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ مغربي پاڪستان جي نالي تي کنيل قرض فقط هڪڙي صوبي پنجاب تي خرچ ڪري ان جو وڏو حصو سنڌ کان چٽي طور ڀرايو ويو. ڇا اهڙو ڪو سنڌي سياستدان وزارت ۾ شامل هو، جيڪو مٿين سنڌ دشمن قهري قدمن جو خاموش توڙي علي الاعلان حامي، پر چارڪ ۽ مبلغ هو ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ وارن کي پاڪستان جو غدار ٺهرائيندو هو. جيڪڏهن ڪو اهڙو صاحب هو ته ان جي نالي جي ڪا اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي سگهي آهي؟
15. ائين آهي ڇا ته 1965ع واري جنگ ۾ هي جو پاڪستان وارن کي زور و شور سان ٻڌايو پئي ويو ته پاڪستان شاندار فتح حاصل ڪئي هئي. پر ڪنهن غدار حاڪم دل جي ڪمزوري ۽ بزدلي سبب منصوبو سٽي ۽ سازش ڪري پاڪستان جي ان فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو.اها ڳالهه هن ملڪ جي تاريخ جي وڏن ڪوڙن مان هڪ آهي.در حقيقت فتح جا ڍنڍورچي ئي تمام گهڻي حد تائين ان شڪست لاءِ بنيادي طور ذميوار هئا، جيتوڻيڪ ٻيا به ساڻن گڏ هئا.
16. ڇا ائين سچ آهي ته ڪنهن بدنام ڊڪٽيٽر واقعي سامراج سان سندس پاڪستان سان بي وفائي جي ڪري، عملي طرح بغاوت ڪئي کيس پاڪستان وارن اڏن مان ٽپڙ کڻايا. سندس دشمنن سان ٺاهه ڪري انهن سان اتحاد ڪيو ۽ آمريڪي سامراج ان جي جواب ۾ سندس خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا هلائي کيس بدنام ڪري ڪڍائي ڇڏيو. ان آمريڪي مهم جا ٻه مکيه اڳواڻ هئا. هڪڙو جنرل هو ۽ هڪڙو سويلين هو، ڇا اها ڳالهه صحيح آهي؟ جي ها ته انهن ٻنهي سامراجي مهم جي اڳواڻن جا نالا معلوم ڪري سگهجن ٿا؟
17. پاڪستان ۾ اهڙي ڪا مشهور ۽ معروف جمهوري پارٽي ٿي گذري آهي، جنهن پنهنجي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل اهڙي جنرل کي مقرر ڪيو هجي، جنهن کي بنگال ۽ بلوچستان جي عوام طرفان ڪاسائي Butcher of  Bengal and Balochistan لقب مليل هجي
18 ڇا ائين صحيح آهي ته 4 آڪٽوبر 1988ع جي اخبارن جي رپورٽ مطابق 86 سنڌي لاشن جي تصديق ڪئي، جن مان 52 لاش ٻورين ۾ ڀري اندرئين سنڌ موڪليا ويا؟ ڇا ملير ۾ مهراڻ ڊسپينسري ڀرسان سومرن جي ڪٽنبن جا اٺ لاش پيل هئا، جن کي کڻڻ لاءِ جڏهن ماڻهو پهتا ته انهن تي گوليون وسايون ويون ۽ ڀڄايو ويو؟ ڇا 3 آڪٽوبر 1988ع جي حلال پاڪستان جي رپورٽ مطابق ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ 11 سنڌي عورتن جا اگهاڙا لاش پهتا هئا؟
19. ڇا 16 نومبر 1988ع جي حلال پاڪستان جي رپورٽ مطابق هڪڙي سنڌي سياسي هستي سومر جي ڏينهن صبح جو انهن وٽ پهتي. ڇا ان سنڌي سياستدان هستي انهن نقطن سميت چارٽر تي ويچار لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪندي چيو هو ته ”انهن ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.“ ڇا انهن ليڊرن مان ڪنهن جي نالي جي ڪنهن کي خبر آهي؟ جي ها ته اهي ڪير هئا؟
اهڙا سوين ٻيا بنيادي ۽ اهم سوال آهن، جيڪي پيش ۽ حل ٿيڻ گهرجن. ڇا هن جمهوري سڏجندڙ دور ۾ انهن سوالن تي غور ڪري انهن جو صحيح جواب عوام اڳيان پيش ڪرڻ ممڪن آهي؟ ان سوال جو جواب نه رڳو جمهوري سڏائيندڙ حڪومت ۽ سندس قصيدا پڙهندڙن کي، پر سڄي سول سوسائٽي کي ڏيڻو  پوندو.

No comments:

Post a Comment