Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

What HAARP caused this flood 2010 Pakistan? By Rasul Bux Palijo


ڇا اسان آمريڪا جي تيار ڪيل موسمي هٿيار هٿان ٻڏا آهيون؟
سومر 27 سيپٽمبر 2010ع
گهڻا سال اڳ آمريڪا جي هڪڙي اڳوڻي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار زبگ نيو برزرينسڪيءَ هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جنهن جو عنوان آهي ”ٻن زمانن جي وچ ۾“. هن لکيو هو ته ”ٽيڪنالاجي مکيه عالمي قوتن جي رهنمائن کي اهي طريقا ٻڌائيندي جن سان هو پنهنجي مخالف ملڪن خلاف ڳجهيون جنگيون ڪري سگهندا...موسمن ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ردوبدل ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪري هو (انهن ملڪن ۾) ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ڏڪار يا طوفان پيدا ڪري سگهندا“.
اي آر جيرل لکي ٿو: ”هاڻي جيڪي خبرون پيون آهن، سي ظاهر ٿيون ڪن ته آمريڪا ۾ جيڪا ٽيڪنالاجي High frequency active aural research program HAARP واري پروگرام جي ماتحت جوڙي راس ڪئي پئي وڃي، سا ستارن جي جنگين واري منصوبي جو حصو آهي. اهو پروگرام آمريڪا جي رياست الاسڪا جي شهر گوڪوما ۾ هلندڙ آهي. ان جو انتظام آمريڪي ايئرفورس ۽ نيوي گڏ هلائي رهيون آهن. ان پروگرام ماتحت هٿيارن جا نوان نظام تخليق ڪيا پيا وڃن، جن جي ڪمان آمريڪا جي ريسرچ لئبارٽرين واري خلائي گاڏين جي ڊائريڪٽوريٽ جي هٿ ۾ آهي. (HAARP) ڇا آهي؟ اهو ڪمپيوٽر جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ طاقتور ائنٽنائن جو نظام آهي، جيڪي خلائي جهازن ۾ مرضي موجب مڪاني ردوبدل ڪري سگهن ٿيون.
”سائنسدان ڊاڪٽر نڪولس بيگچ جيڪو HAARP يعني آمريڪا واري عام مخلوق کي ختم ڪري سگهندڙ موسمي هٿيار خلاف جدوجهد هلائي رهيو آهي، سو چوي ٿو ته، ”اها ٽيڪنالاجي طاقتور ريڊيائي لهرن جا ترورا استعمال ڪرڻ سان خلائي دنيا جي ڪيترين ايراضين مٿان اهي مٿيان طاقتور ترورا استعمال ڪري گهربل ايراضين کي تپائي باهه ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ بجلي ۽ مقناطيس جون لهرون انهن تتل خلائي ايراضين سان ٽڪرجي جڏهن ڌرتي ڏانهن موٽ کائينديون تڏهن جيڪا به شيءِ يا دنيا، جيئري يا مئل، سامهون اچين ٿي، تنهن ۾ سمائجيو وڃن“.
هن ان موضوع تي هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ملٽري پئنڊورا باڪس“. ان ۾ هن مٿين ٽيڪنالاجي دنيا سان جيڪو حشر ڪري سگهي ٿي، تنهن جا خوفناڪ مثال ڏنا آهن. ”3 نومبر 2000ع تي لنڊن جي مشهور معروف ٽائيمس اخبار جڳ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر روزلي برٽيلس جو هڪڙو سائنسي مقالو شايع ڪيو، جنهن ۾ مٿين ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي ”آمريڪا جا فوجي سائنسدان ان رٿا تي ڪم ڪري رهيا آهن ته موسمي نظامن کي ڪيئن هٿيارن طور ڪم آندو وڃي. انهيءَ ڪم ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪرڻ تي ڪم ٿئي پيو، سي آهن ته ڌرتيءَ جي خلائي ماحول ۾ زبردست طوفان اٿارجن ۽ گهم جي ندين جا رخ موڙجن ته جيئن جتي وڻي اتي پاڻيءَ جي مڪمل سوڪ يا ڏڪار پيدا ڪري سگهجي ۽ جتي وڻي اتي زبردست ٻوڏون آڻي سگهجن“. ڊاڪٽر برٽيل وڌيل لکي ٿي ته، ”HAARP هڪڙو اجگر جيڏو هيٽر آهي، جيڪو خلائي ماحول ۾ ڳڙٻڙيون پيدا ڪري خلائي ديوار ۾ رڳو ٽونگ ٽينڊا نه، پر ڊگها چهڪ ڏئي ڌرتي جي گولي کي ٽهڪائي ٽانڊا ڪري سگهي ٿو. آمريڪي هوائي فوج جي يونيورسٽيءَ هڪڙي آخري رپورٽ AF2025 آمريڪي سرڪار کي موڪلي آهي، جنهن ۾ ايئرفورس طرفان خلا تي تحقيق جو نتيجو پيش ڪيو ويو آهي. ان رپورٽ مطابق خلا ۾ هٿرادا چهڪ ۽ چير ڏئي ڌرتي جي موسمي نظامن ۾ اهڙي ردوبل ڪري سگهجي ٿي، جو دشمن ملڪ جو مواصلاتي نظام ۽ سندس ريڊار نڪما ۽ بي اثر بنائي سگهجن ٿا.“
هڪڙي فوجي هٿيار طور HAARP ائٽم ۽ هائڊروجن بمن کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ آهي. اهو ليزر ۽ پارٽيڪل ترورن ذريعي تباهه ڪندڙ قوت جا ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي اهڙا وار ڪري سگهي ٿو، جيڪو ائٽمي بمباري واري تباهي مچائي سگهندا. هن هٿيار جي زور تي ئي هن بش جي پيءُ صدر جارج بش جي ايڏي جرئت ٿي جو هن اعلان ڪيو ته اچو ته نئين عالمي نظام ڏانهن مارچ ڪريون.
نئون عالمي نظام لِڪَ جو نالو آهي، آمريڪا جي نئين فاشسٽ ٽولي (Neo-con) نيوڪان جي انهيءَ خواب جو ته 21 هين صدي آمريڪا جي صدي هجي، جنهن ۾ آمريڪا سڄي جهان جي مٿان حڪم هلائي. هن خوفناڪ ڳجهي هٿيار کي استعمال ڪري موسمي نظامن کي تهس نهس ڪري دنيا جي ملڪن جا سڄي جا سڄا قومي اقتصادي نظام درهم برهم ڪري سگهجن ٿا. مزو وري اهو هوندو ته ڪنهن به ملڪ کي اها خبر ئي ڪا نه پوندي ته اهو حشر ڪيئن ٿيو آهي، هرڪو پيو قدرت کي ڏوهه ڏيندو. ڪنهن کي به اهو خيال ڪو نه ايندو ته آمريڪا بهادر ڪا مٿس چڙهائي ڪئي آهي. مطلب ته آمريڪا جنهن ملڪ تي ڪاوڙجي تنهن کي بدمعاش قرار ڏئي ان جي زراعت ۽ اقتصاديات کي تباهه ۽ برباد ڪرائي سگهي ٿو، پوءِ اهو ملڪ پنهنجي ماڻهن تان لامارا ڏيندا موت جا راڪاس ٽارڻ لاءِ لاچار پيو آمريڪا جي هٿ ٺوڪين اقتصادي ايجنٽن World bank ۽ آءِ ايم ايف اڳيان جهوليون جهليندو ۽ گيسيون ڪندو، ان ڪري دنيا جي پوئتي پيل ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪن. في الحال سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ جيڪا سڄي دنيا ۾ گهوڙا گهوڙا لڳي پئي آهي ته قدرتي طرح دنيا جون موسمون بدلجي ويون آهن ۽ دنيا قدرتي طرح تپي ٽانڊا ٿي ويئي آهي، سا ڳالهه دراصل نتيجو آهي HAARP ۽ ان جي فوجي سائنسدانن جي ڪرتوتن جو. ان خوفناڪ حقيقت کي لڪائڻ لاءِ آمريڪا رات ڏينهن هڪ ڪري اهي افسانا پئي ڦهلائي ته دنيا جي گرم ٿيڻ جو سبب چين، هندستان ۽ ٻين ترقي ڪندڙ ملڪن طرفان گهڻا ڪارخانا هلائڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو صحيح نيڪال نه ڪرڻ ڪري اهو نتيجو نڪتو آهي. ٻئي طرف اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته دنيا جي ملڪن دنيا کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گهربل اپائن وٺڻ جو جيڪو عهدنامو تيار ڪيو آهي، تنهن تي صحيح ڪرڻ لاءِ آمريڪا هرگز تيار ناهي، ڇو ته ان تي صحيح ڪرڻ سان آمريڪا کي HAARP جو هٿيار استعمال ڪرڻ ۾ رنڊڪون درپيش اينديون. (حوالو: HAARP: American WMD) ڏسو A.R. Jerral جو سائنسي مقالو روزاني The Nation 21 سيپٽمبر 2010).
سنڌ تي ڪڙڪايل هن مها ٻوڏ جي بيان ڪيل صورتحال ۽ آمريڪا بهادر جي نئين خوفناڪ موسمي هٿيار جي حقيقتن جي روشني ۾ جيڪي ماڻهو مشڪل ۽ خطرناڪ مسئلي جي ڪارڻ جي سوال پڇڻ تي جواب ۾ ”الائجي؟“، ”خدا کي خبر!“ چئي جان ڇڏائيندا آهن، تن کي ڇڏي باقي جيڪي دنيا جهان بابت ڪجهه نه ڪجهه سڌ سماءُ رکندڙ آهن، خاص ڪري اهي جن جو قدرتي ۽ سماجي سائنس(Natural and social sciences) سان ڪافي واهپو آهي، سي ان نتيجي تي پهچڻ کان بچي نه سگهندا ته هيءَ مها ٻوڏ بلڪل هٿرادو آندل آهي ۽ ان ۾ اسان جي سموري موجوده جهان جي وارث آمريڪا مائي باپ، اسان جي وڏن موڀي پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن ۽ اسان جي پنهنجي گهر جي وڏن ۽ وارثن سدائين خودبخود چونڊجندڙ سياسي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، ڪاني ڪرامت جي صاحب پيرن ميرن جون دل جان سان ڪيل قربائتيون ڪوششون شامل آهن.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي، پر اسان پنهنجن قابل احترام پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن جو ڪهڙو ايڏو وڏو ڏوهه ثواب ڪيو آهي، جو هو گذريل ڏيڍ سئو سالن کان وٺي اسان جو ساهه نپوڙي ڪڍڻ بنا هڪ پل به رهي نٿا سگهن؟
ان ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين تي پاڻ ايندڙ صحبت ۾ ويچار ڪنداسون.

No comments:

Post a Comment