Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

What Mushraf regime had been doing against Sindh By Rasul Bux Palijo


مشرف سرڪار سنڌ سان ڇا ڇا ڪندي رهي؟
اربع  19  مارچ  2008ع
پاڪستان جو قيام برطانوي راڄ ۾ مسلمان اڪثريتي آبادي وارن صوبن جي ڊگهي ۽ لڳاتار سياسي ۽ آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو. ان ۾ سنڌ جو ڪردار اڳواڻ دستي وارو هو، ان ڪري سنڌ کي تاريخي طور پاڪستان جي خالق صوبي جو درجو حاصل آهي. برطانوي راڄ کان اڳ سنڌ هڪ خودمختيار رياست هئي، 1940ع واري تاريخي ٺهراءَ ۾ سنڌ سميت سمورن صوبن کي آزاد ۽ خودمختيار قومي وطن (Independent and sovereign national homelands) سڏيو ويو آهي. 1946ع واريون چونڊون، جن ۾ پاڪستان جي قيام جو فيصلو ٿيڻو هو، تنهن کان اڳ مسلم ليگ طرفان سنڌي ٻولي ۾ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي عوام سان واضح طور واعدا ڪيا ويا هئا ته،
جي توهان چاهيو ٿا ته ؛
ڪامورا شاهيءَ کان آزاد ٿيو،
توهان جي حقن جو تحفظ ٿئي،
توهان جي ڪلچر ۽ تهذيب جي سلامتي يقيني بڻجي،
توهان کي پنهنجي زمين جي آبياري لاءِ پاڻي ملي،
توهان کي سٺا رستا ۽ سستيون سفري سهولتون هجن،
توهان کي روزگار ۽ پيداوار لاءِ صنعتون ملن،
توهان کي سمورن شعبن ۾ عزت ڀريو روزگار ملي،
توها جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم ملي،
بي زمين هارين کي زمينون ملن،
مفت دوائون ۽ ڳوٺاڻي سطح تائين به علاج جون سهولتون ملن،
توهان کي غلامي کان نجات ملي ۽ هڪ خوشحال ۽ سگهاري زندگي ملي.
پر پاڪستان جي قيام کانپوءِ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي پاسيرو ڪري ملڪ تي انهن قوتن قبضو ڪري ورتو، جن جو هن ملڪ جي خالق قومن جي عوام سان ڪو به رشتو نه هو ۽ نه ئي سندن مفاد جمهوريت ۽ انصاف جي نظام سان وابسته هئا. سنڌ جي وسيلن جو استحصال ڪرڻ ۽ سنڌين کي ان جي تاريخي وطن ۾ بي وطن ۽ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو ڄار وڇايو ويو. ملڪ جو ڍانچو ۽ نظام قطعي به اهو نه آهي، جنهن جو خواب ملڪ جي باني محمد علي جناح ڏيکاريو هو ۽ جن واعدن ۽ ضمانتن تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي.
ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام وقت ڪٿي به اهو ذڪر يا معاهدو نه هو ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ آباديءَ جي مٽا سٽا ڪئي ويندي. سنڌ جون اربين، کربين رپين جو ملڪيتون، گهر، زمينون سنڌين کان Evacue property جي نالي ۾ کسي قبضي ۾ ڪيون وينديون. سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي سازش تحت تهس نهس ڪري سنڌين جي ثقافتي نسل ڪشي ڪئي ويندي. 1952ع ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نان سولين ۽ سول ڪامورا شاهي کي ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪئي وئي، 1954ع ۾ سنڌ جي مرضيءَ خلاف ون يونٽ مڙهي سنڌ جون زمينون نان سولين ۽ سول ڪامورا شاهي کي الاٽ ڪرڻ جو سلسلو ون يونٽ جي سموري دور ۾ جاري رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي پاڻي کڻڻ ۽ سنڌ جي تاريخي وجود ۽ جياپي جي وڏن ذريعن سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ پنجن ٻين درياهن مان سنڌين جي مالڪي کسڻ لاءِ مختلف دورن ۾ تربيلا، منگلا، چشما جهلم لنگ ڪئنال، تونسه پنجند لنڪ ڪئنال ۽ هاڻي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ وڏن ڊيمن ذريعي بدترين رٿائن جو سلسلو هلندڙ آهي،
سنڌي قوم سٺ سالن جي آزادي ۽ جمهوريت جي نعمتن ماڻڻ، ڪيترن ئي آزاد چونڊن ۾ چونڊيل بااصول ۽ عوام دوست ميرن، پيرن، جاگيردارن، سردار نمائندن ۽  قوم جي محبوب ۽ جڳ مشهور سرفروش ۽ دانا عوامي اڳواڻن جي قابليتن، ڏاهپن، قربانين ۽ سندن جمهوري حڪومتن جي دور انديش رٿابندين، جاکوڙن ۽ جفا ڪشين جي نتيجي ۾ اڄ هيٺين منزل تي رسي چڪي آهي هو،
(1) سنڌ جا ماڻهو گذر لاءِ تنگ ۽ اٽي لپ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. ڌاڙيلن، دهشتگردن، پوليس، قبائلي قتلام ڪرائيندڙ ڀوتارن جا لڏا سر تي سوار اٿن، ٻچا وات ۾ اٿن، اکين اڳيان اوندهه اٿن، اها خبر ڪا نه اٿن ته سڀاڻڪو ڏينهن ڪيئن گذرندو.
(2) چئوطرف سنڌ بڻجي ويئي ”ڪربلا ڪربلا“ وارو منظر آهي، پوليس ۽ انصاف وارن ادارن تي شهرن ۽ ٻهراڙين جي اثر رسوخ وارن ڀوتارن جو قبضو آهي. ڪو ڏينهن نٿو گذري جڏهن معصوم ٻار ۽ ٻارڙيون، نياڻيون، جوان ۽ پوڙها ڪنهن نه ڪنهن ٽولي هٿان اغوا، قيد، زوري زنا، ڪارو ڪاري، دهشتگردي، قبائلي قتلام جي ڪاتن جو کاڄ نٿا ٿين. سندن گهرن تي بلڊوزر نٿا ڪاهين، سندن وستيون نٿيون ڊهن، سندن ٻچن ۾ رڙ نٿي پوي، سندن لڄون قرآن پاڪ کڻي قاتلن کي رحم ڪرڻ لاءِ ٻاڪارينديون نٿيون وتن، پريس ڪلب اڳيان بي وسي جا ماتم نٿا ٿين.
(3) سنڌي قوم جون پناهه، رحم ۽ انصاف لاءِ دانهون، ڪوڪون، آزيون نيزاريون، پلاند پوتيون، پاڪ ڪتاب جا واسطا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارا ڪن ۽ اکيون بند آهن. چئوطرف انصاف ۽ مدد جي پڪارن جي ماحول مٿان هڪڙي بي رحم ماٺ جي راڪاس جو راڄ آهي.
(4) سنڌين کان سندن بقول 1940ع واري ٺهراءَ جي ”آزاد ۽ خودمختيار قومي وطن“ جي مالڪي ۽ ان تي حڪومت ڪرڻ جو پيدائشي ۽ تاريخي 5 هزار سال پراڻو حق کسي ورتو ويو آهي. ڀوتار قوم جي حقن ۽ وسيلن تان گهڻا ڏينهن اڳ دستبردار ٿي چڪا آهن. سنڌي قوم سنڌ جي قومي حقن ۽ وسيلن تان ڏاڪي به ڏاڪي لادعويٰ بڻائجي رهي آهي،
(5) سنڌ جي لکين ايڪڙن جي سون ورني زمين تي اصلوڪن بدران ٻيا پيا فائده ماڻين. سنڌين کي پنهنجي ديس ۽ وطن ۾ قانوني طرح رهڻ لاءِ چونڊيل نمائندن هٿان ٻه ٽي وال پٽ جون ٽڪريون به نصيب ڪو نه ٿيون ۽ روز سندن مٿان بلڊوزر اڀا ٿيا بيٺا آهن، نياڻيون ۽ ٻار پوليس هٿان روز پيا سٽجن ڪٽجن.
(6) پاڪستان کان سنڌ ڇهن درياهن ۾ اڌ ڀائيوار هئي، هينئر سنڌ کي آباديءَ لاءِ ته ڇا، پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي. آهستي آهستي ماڻهو مرڻ لڳا آهن.
(7) سنڌي پنهنجي بمبئي يونيورسٽي واري تعليم سبب علي ڳڙهه ۽ پنجاب يونيورسٽي جي عالمن فاضلن کان ڪيئي قدم اڳتي وڌي ويا هئا، خاص ڪري انگريزي ٻولي تي دسترس ۾. اڄ سنڌ جي پرائمريءَ جا اسڪول ”گهوسٽ اسڪول“ بنائجي چڪا آهن، هاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽون مٿائن مڙهيل سرڪاري پگهاردارن هٿان پڙهندڙن لاءِ ”نوگو ايرياز“ ۽ قلم ڪتاب وارن لاءِ قتل گاهو بڻيل آهن.
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر تازو ٽي وي تي دانهون ڪيون آهن ته پوليس کي چئي چئي ۽ لکي لکي بيهي رهيا آهيون پر يونيورسٽي تي قبضو ڪري ويٺلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي.
(8) سنڌي شاگرد ڪاپي ڪلچر جي ڪات هيٺ ڪوڙي انگريزي پڙهي ۽ ڪوڙيون ڊگريون ڪڇن ۾ ڪريو، مٿي جي داخلائن ۽ نوڪرين لاءِ جتيون گسائي گسائي، مائٽن کي ڪنگال ڪريو نيٺ ڪنڌ هيٺ ڪريو گهرن مٿان وبال بنيا پيا پساهه کڻن.
(9) سنڌ جي 80 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر پوک تي آهي، پوک کي پاڻي کپي. پاڻي ۾ پساهه آهي، پاڻي سڀني کي کپي، ماڻهن کي، زمين کي، جانورن کي، پکين، ڌرتي کي، سمنڊ کي، آبهوا کي، پاڻي ملندو ته اهي  جيئندا، نه ته نه جي سگهندا.
(10)ويري چاهين ٿا ته سنڌ جي زمين مالڪن کان آجي ڪري اربين کربين رپين تي آمريڪا ۽ يورپ وارن سان وڪڻون ۽ جاوا ڪريون. ان ڪري پاڻي هٿرادو نموني بند ڪري ڇڏيو اٿن. فصل ٿيڻ نه ٿا ڏين، جيڪي نالي ماتر فصل ٿين ٿا، انهن جا اگهه هٿ وٺيو ڪيرايو تمام گهٽ ڪريو، جن جي ڪري خرچ به ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي. سنڌ جو اپايل ان اسمگل ڪريو ٻاهر موڪلين ۽ وريو تمام وڏي اگهه تي اتان ساڳيو ان گهرائين، تان جو آبادگار کي ڪوڏيون ملن ۽ غريبن کي اٽو سون جي اگهه تي ملي.
(11) وچان سرڪاري ايجنٽ اربين کربين ڪمائي سڄا سون پيا ٿين.
(12) اربين رپين جي بجيٽ هڪڙا سٽي گورنمنيٽ جا مالڪ بنايل کائي ويا، ٻيا ضلعي جون ڀوتار حڪومتون کائي ويون. روڊن ۽ رستن تي رڳو ڳرا پٿر پيا آهن، هلڻ جا رستا جيڪي اڳي هئا، اهي به بند ٿي ويا آهن.
(13) سڀ ڪم هٿراڌا، ڪوڙا ۽ ڪچا ڪرائي اربين رپيا شاهه شاهوڪار کائي ويا آهن. جتي ضرورتون آهن، اتي واري پئي وسي. مطلب ته مشرف سرڪاري نااهل نمائندن جو دور سنڌ تي ڪڙڪائي ڇڏيو.
اهو سڀ ڪجهه ازخود ۽ اوچتو ته ڪو نه ٿيو آهي. ايئن ٿي سگهي ئي نٿو. ان سڄي ڳالهه ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا جيڪي سوين هزارين سنڌ سان لقاءَ ٿيل آهن، تن جو حاصل مطلب ڇا ٿيو؟ سبب ڪهڙو ٿيو؟ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ فيصلو آخر ڪهڙو آهي؟ ڇو آهي؟ پيش پيش ڪير آهن، ۽ ڪهڙي ڏوهه ۾ ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي؟ ان تي هر سوچيندڙ سنڌي کي ڳوڙهو غور ڪري ان جو ڪارائتو حل ۽ ٽوڙ جلد از جل ڳولهي لهڻ گهرجي ۽ سنڌ  ۽ سنڌين کي قومي حيثيت ڏياري نيستي ۽ نابودي کان بچائڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ هيٺيان ابتدائي مکيه تاريخي نڪتا ذهن ۾ رکبا ته ڳالهيون سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
(1) غلام، بيمار ۽ مريض بنايل قومن ۽ تهذيبن کي وري آجو ڪرڻ ۽ جيئارڻ هڪڙي طرف سجاڳ، باشعور، ڀلن ۽ فرض شناس ماڻهن لاءِ هڪڙو فرض، هڪڙو پورهيو، هڪڙي جاکوڙ، هڪڙو سورهيائي ۽ پاڻ ارپڻ جو ڪارنامو هوندو آهي ته ٻئي طرف اهو ڪم پنهنجي سر هڪڙو هنر ۽ هڪڙو فن به آهي ته هڪڙي اعليٰ درجي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي به آهي.
(2) ساڳئي طرح جيڪي ماڻهو ۽ ڌريون آزاد ۽ چڱين ڀلين قومن ۽ تهذيبن کي غلام بڻائي، جيئري ماري ڇڏڻ پنهنجي ضرورت، پنهنجي ڀلي جي ڳالهه سمجهنديون آهن، سي ان ڪري انهن مظلوم ماڻهن ۽ قومن جون جاني دشمن ۽ ويري بڻجي وينديون آهن، جو انهن لاءِ اهو ڪم هڪڙو انتهائي اهم، بنيادي ۽ مرڻ جيئڻ جو مسئلو، سندن غيرت لاءِ چئلينج بلڪه هڪڙي مقدس قومي فرض وغيره کان گهٽ نه هوندو آهي.
(3) مغربي سامراج قوتن صدين کان وٺي دنيا جي سندن هٿان غلام بڻايل قومن کي ڦري، ڪنگال ڪري، موڳو ۽ گابو گگدام بڻائي، چرڻ پرڻ کان چٽ ڪرڻ جي فن، هنر ۽ سائنس کي آسمان تي رسائي ڇڏيو آهي، پر رڳو هاڻوڪي دور جي ڳالهه ڪونهي هر دور ۾ چالاڪ ۽ عيار ٽولا سنون سڌن ماڻهن کي دٻائي، چيڀاٽي، هوش مان ڪڍي وائڙو بتال بنائي کين ناپاڪ ۽ نجس ۽ غلام چئي ڍورن وانگر وهائيندا، ايذائيندا ۽ چيچلائيندا رهيا آهن. ان جي ڪيئي مثال آهن، هندستاني تاريخ جي اوائلي دور جي آرين طرفان هندستان جي اصلي رهاڪن کي ماڻهن مان ڦيرائي جانور بنائي سندن انساني وجود مٽائڻ لاءِ کين ناپاڪ، شودر، اڇوت سڏي حيوان جو درجو ڏنو، جنهن مان صديون گذرڻ بعد اڄ ڏينهن تائين سندن جند ڪانه ڇٽي آهي. (ڏسو منوشاستر وغيره).
(4) هندستان تي مسلمان حڪمراني جي دور ۾ عالم سڳورن سلطان علاءُالدين خلجيءَ کي چيو هو ته، هندستان جا هندو يهودين يا عيسائين وانگر اهلِ ڪتاب ناهن، تنهن ڪري کين قتل ڪري ڇڏجي، يا ٻيو نه ته به کين اهڙي حالت ۾ رکجي، جنهن ۾ سندن ڪريل حالت کي ڏسي اسان جي سر بلندي ثابت ٿئي. سلطان چيو هو ته توهان جي ڳالهه ته صحيح آهي پر اسان جي حڪومت جا ڪم ڪار ۽ نوڪريون چاڪريون هندو رعيت نه ڪندي ته ٻيو ڪير ڪندو؟ ان ڪري کين قتل ته نٿا ڪري سگهون پر توهان جو چوڻ مڃي کين اهڙي ڪريل حالت ۾ رکبو، جنهن مان اسان جي سربلندي ظاهر ٿئي ۽ هو جيئرا رهي اسان جي چاڪري به ڪندا رهن. پر اهڙي حالت ۾ جو ڄڻ ته نه جيئرن ۾ هجن، ۽ نه مئلن ۾.
(5) ٻين سامراجي يورپي ملڪن جيان انگريزن جي هندستان ۾ هونئن ته عام پاليسي رجعت پرست هئي، پر مسلمانن کان جيئن ته کين خاص خطرو هو ته متان صديون اڳ وانگر هڪ ڀيرو وري جديد علمن ۽ سائنس سان مسلح ٿي، وري سجاڳ، زمانه شناس ۽ با شعور ۽ روشن خيال بنجي مغربي سامراجي غلاميءَ جو طوق ڀڃي وري هندستان ته ڇا، پر دنيا تي نه ڇانئجي وڃن، ان لاءِ انهن بابت انگريز جي پاليسي خاص طرح رجعت پرست، جمهوريت دشمن عوام جي مٿي وڃائڻ جي هئي.
پاڪستان ۽ سنڌ سان ڇا ٿيو، بلڪه ڇا ڪيو ويو، ان کي ان پس منظر ۾ ڏسڻ کانسواءِ سمجڻ مشڪل ٿيندو.

No comments:

Post a Comment