Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Thursday 21 July 2011

Palijo Calls to Sindh by G. N. Mughal


پليجي جو سنڌ کي سڏ جي اين مغل
رسول بخش پليجو هن وقت سنڌ جو بزرگ ترين سياستدان آهي، پليجي سان ڪنهن جا به ڪنهن اشوءَ تي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر هن جي تجربي، سنڌ لاءِ تڙپ ۽ حالتن کي سمجهڻ واري بصيرت تي ڪي به ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن، پليجي صاحب سومر جي ڏينهن حيدرآباد ۾ هڪ انتهائي اهم پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ کي لاحق خطرن جو تفصيل سان ذڪر ڪندي سنڌ جي عوام کي ”اٿي کڙا ٿيو“ وارو سڏ ڏنو آهي، ساڳئي وقت هن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ۽ ماڳن  جي تحفظ لاءِ ڪي انتهائي اهم تجويزون به ڏنيون آهن.
مون جڏهن کان ”عوامي آوازجي سٿ ۾شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ اخبار ۾ وقت به وقت مختلف اشوز تي  ڪالم لکيا آهن تن ۾ مون اڪثر سنڌ کي درپيش سنگين خطرن جو ذڪر پئي ڪيوآهي، ان حد تائين جو اڪثر دوستن شڪايت ڪئي ته آئون خوامخواهه  مايوسي ”ڦهلائي رهيو آهيان، انهن خطرن جي مدنظر، جيڪي هڪ صحافي جي حيثيت ۾ حالتن جو جائزو وٺندي مون کي نظر آيا آهن،  انهن جو ذڪر پيش ڪيو آهي، مون تازو ”پليجي ۽ جويي کي سنڌ جي پارت هجي“ جي عنوان سان هڪ ڪالم لکيو، جنهن ۾ مون، پنهنجن راءِ مطابق سنڌ کي درپيش خطرن جي مدنظر پليجي صاحب ۽ جويي صاحب کي اپيل ڪئي ته هو انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مڙني سياسي ڌرين ۽ دانشورن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري لاحق خطرن کان بچاءُ لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي تيار ڪن.
ايئن بلڪل نه آهي ته پليجي صاحب  اها پريس ڪانفرنس  منهنجو ڪالم پڙهڻ کان پوءِ ڪئي، منهنجي اها پڪي راءِ آهي ته، يا ته حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ پليجي صاحب سنڌ کي لاحق خطرن کي سنجيدگيءَ سان محسوس ڪيو ۽ ضروري سمجهيو ته اها پريس ڪانفرنس ڪري، جنهن کي لاشڪ  سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم پريس ڪانفرنس سڏي سگهجي ٿو، يا ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته پليجي صاحب کي سنڌ جي ڪجهه گهڻگهرن اعليٰ سطحي حلقن طرفان ان قسم جي صورتحال جي معلومات ڏني وئي هجي،جنهن کان پوءِ پليجي صاحب ضرور  سمجهيو ته پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ جي عوام تائين اها معلومات پهچايان، سچ پڇ پليجي صاحب اها پريس ڪانفرنس ڪري شايد مٿس تاريخ جو هڪ وڏو قرض لاٿو آهي ۽ سنڌ جي هڪ حلالي پٽ جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي.
پليجي صاحب جي پريس ڪانفرنس جو هر لفظ اهم آهي، پر جيڪي چند ڳالهيون مون کي وڌيڪ اهم محسوس ٿين ٿيون، اهي هن ريت آهن:
(اي) جنهن نموني سان گذريل صدي  ۾ نازين يورپ کي تازي ڪئمپ بڻائي ڇڏيو  ۽ سامراجين فلسطين مٿان اسرائيل مڙهي ڇڏيو آهي، تيئن هن وقت سنڌ کي به هڪ نازي ڪئمپ ۽ هڪڙو ٻيو اسرائيل بڻايو ويو آهي ۽ ننهن کان چوٽي  تائين زرهه پوش هٿياربند قانون جي پهچ  کان ڪوهين ميل پري سامراج جا دادلا دهشت گرد علي الاعلان سنڌين کي مارڻ سان گڏ سنڌي قوم کان سندن  وڏا شهر کسي وٺڻ جي مطالبن جي چاڪنگ  به ڪري  رهيا  آهن ۽ هاڻ ته اهو به پڌرو ٿيو آهي ته ان دهشت گرد  تنظيم وٽ اربين رپين جا اسرائيلي هٿيار پڻ آهن.
(بي) ٻئي طرف سنڌ جا سياسي چنيسر ۽ ميرجعفر، ويڪائو وڏيرا، نالي جا حڪمران بڻيا سنڌ ۾ ٿيندڙ ان ماراماري ۽ قتلام تي نه رڳو خاموش آهن پر هو سنڌين جي قتلن جي باوجود الٽو قاتلن کان معافيون وٺي، گيسيون ڪري ساڻن ڪرسي ڪمائڻ ۽ مال کائڻ جون سياسي سوديبازيون ڪري رهيا آهن.
(سي) موجوده حالتن ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو عوام ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ٻاهرئين حملي آورن بدران پنهنجي ملڪ ۾ موجودهه مختلف قسمن جي مڪاني ۽ ٻاهرين قبضو ڪندڙن ۽ دهشت گردن جي دهشت گرديءَ سبب سخت خطري ۾ آهي.
(ڊي) هڪ طرف سنڌ جون ٻهراڙيون عام طور قوم دشمن، وطن فروش، وڏيرا شاهيءَ جي پالتو ڦوروئن، ڌاڙيلن، اغوا ڪندڙن ۽ قبائلي دهشت گردن جي نشاني تي آهن ته ٻئي طرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن جو بي هٿيار سنڌي عوام مٿيئن ماراماري سان گڏ شهرن جي  ڀتا خوري، ڦورن، سياسي دهشت گردي ۽ مذهب جي اوٽ ۾ ٿيندڙ ماراماري ۽ قتل عام جو شڪار آهن.
(اِي) تيزي سان بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۾ وڏيرن ۽ حڪمرانن جي غداري سبب اسان سخت خطري ۾ آهيون، اسان جو وطن، خطري  ۾ آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل سوديبازي، دهشت گردي ۽ لاقانونيت  هٿان خطري ۾ آهن.
(ايف) ڪارونجهر کان ڪراچي تائين، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سموري سنڌ کي پنهنجو اباڻو ڳوٺ، سندس ڌيئن، پٽن کي پنهنجي گهر جا ڀاتي سمجهي، سمورن سنڌ دوست سنڌي ماڻهن ۽ ڌرين سان گڏ جي پنهنجي علائقن، پاڙن، گهٽين، شهرن، ڳوٺن ۾ محلا ڪميٽيون، مقامي اتحاد، بچاءُ ڪميٽيون ٺاهي چوڪيداري نظام ۽ رات جو پهرو ڏيڻ جو بندوبست ڪري مردن توڙي عورتن کي بچاءُ جون مڪمل ۽ جديد تربيتون ڏئي ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃون.
پليجي  صاحب جي اٿاريل انهن نقطن سان گڏ انهن اطلاعن جو ذڪر ڪرڻ به غير ضروري نه ٿيندو ته پرويز مشرف جي دور ۾ جديد هٿيارن ۽ خطرناڪ اسلحي سان ڀريل سامونڊي جهاز اچي ڪراچي بندر وٽ لنگر انداز ٿيندا هيا ۽ انهن اطلاعن مطابق اهي خطرناڪ هٿيار ڪنهن جي مختلف مخصوص علائقن ۾ زير زمين تهه خانن ۾ ذخيرو ٿيل آهن، افغاني دهشت گردن جي يلغار ان کان علاوه آهي.
بهرحال، پليجي صاحب جيڪو سڏ ڏنو آهي ان جو ما حاصل اهو آهي ته  ڪنهن به ”اڳڀرائي کان پنهنجو ڪيئن بچاءُ ڪيووڃيپليجي صاحب ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، جنهن جو مقصد ڪنهن جي خلاف اڳرائي  ڪرڻ  هجي. سنڌ جو ڪو به فرد ايئن سوچي ئي نه ٿو سگهي، پر اهڙن خطرن کان پنهنجي ماءُ سنڌ جو بچاءُ ڪرڻ نه فقط اسان جو فرض پر مذهب به آهي، ڪهڙو سنڌي آهي جيڪو پليجي صاحب جي ان سڏ ۾ سڏ نه ڏيندو ۽ پنهنجو پاڻ کي سڄي قوم آڏو توڙي تاريخ جي ورقن تي به لڄائيندو!.
پليجي صاحب سنڌ کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو سڏ اسان مڙني جو سڏ آهي،پوءِ ڀلي اسان جو ڪهڙي به سوچ ۽ سياسي ڌر سان واسطو هجي، مون کي يقين آهي، جيڪڏهن اڄ سائين جي ايم سيد زنده هجي ها ته مڙني اختلافن کي هڪ طرف رکي سڄي سنڌ مياڻي يا دٻي ۾ اچي گڏ ڪري ها. مون پنهنجي هڪ ڪالم۾ لکيو هو ته سنڌ کي جيڪي خطرا لاحق آهن، انهن جي مدنظر سڄي سنڌ جي ٻڌي جي ضرورت آهي، انهي ڪالم ۾ مون علامتي طور لکيو هو ته اڄ سنڌ جي ڪارڻ “سيد، ڀٽي ۽ پليجي“ جي اتحاد جي ضرورت آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ سڀ سنڌي، پوءِ هو سيد جا پوئلڳ آهن. پليجي جا پوئلڳ آهن يا ذوالفقار  علي ڀٽي جا پوئلڳ آهن، سڀ اختلاف وساري هڪ هنڌ گڏ ٿين، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جون سڀ محب وطن سياسي ڌريون، دانشور، تعليمي ماهر، صحافي ۽ ٻيون سڄاڻ ڌريون هڪ هنڌ گڏ ٿين، انهن خطرن جو تفصيل سان ۽ گهرائي سان جائزو ورتو وڃي. جن جو ذڪر پليجي صاحب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو آهي، يا ان سلسلي ۾ کيس  ڪي ٻيا تفصيل به معلوم آهن، ضرورت آهي ته سڀ گڏي سوچين، گڏ جي حڪمت عملي تيار ڪن ۽ گڏجي سنڌ جي بچاءَ ۾ اڳتي قدم وڌائين، ڇا هن موقعي تي آئون اها جسارت ڪري سگهان ٿو ته سيد جلال محمود شاهه، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادرمگسي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين  رهنمائن دوستن ۽ ساٿين کي اپيل ڪجي ته سنڌ جي واسطي سڀ  اختلاف ختم ڪري هڪ هنڌ گڏ ٿي، سنڌ جي بچاءَ ۾ گڏجي ڪو قدم کڻن

Wednesday 20 July 2011

Press Conference By Awami Tahreek


سنڌ جو عوام هزارين سالن کان مختلف ٻاهرين حملي آورن سان وڙهندو ۽ پنهنجي وطن ۽ وجود جو تحفظ ڪندو آيو آهي
معزز صحافي ڀائرو؛




سنڌ جو عوام هزارين سالن کان مختلف ٻاهرين حملي آورن سان وڙهندو ۽ پنهنجي وطن ۽ وجود جو تحفظ ڪندو آيو آهي، پر موجوده حالتن ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو عوام ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ٻاهرين حملي آورن جي بدران پنهنجي ملڪ ۾ موجود مختلف قسمن جي مڪاني ۽ ٻاهرين قابضن ۽ دهشتگردن جي دهشتگرديءَ سبب سخت خطري ۾ آهي. هڪ طرف سنڌ جون ٻهراڙيون عام طرح قوم دشمن وطن فروش وڏيرا شاهيءَ جي پالتو ڦوروئن، ڌاڙيلن، اغوا ڪندڙن ۽ قبائلي دهشتگردن جي نشاني تي آهن. قانون ۽ انصاف سودي جون شيون آهن، پوليس وڏيرن جي ذاتي ملازم آهي، ان ڪري غريب بي پهچ عام هاري، مزدور ۽ شاگرد خاص ڪري ٻار ۽ عورتون بي وس ۽ لاچار هجڻ سبب پنهنجو ڪوبه تحفظ نٿا ڪري سگهن. جڏهن ته ٻي طرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن جو بي هٿيار سنڌي عوام  مٿيئن عام مارا ماريءَ سان گڏ شهرن جي ڀتاخوري، ڦرن سياسي دهشتگردي ۽ مذهب جي اوٽ ۾ ٿيندڙ مارا ماريءَ ۽ قتل عام جو شڪار آهي.
تان جو جهڙي نموني سان گذريل صديءَ ۾ نازين يورپ کي نازي ڪئمپ بنائي ڇڏيو هو ۽ سامراجين فلسطين مٿان اسرائيل مڙهي ڇڏيو آهي، تئين هن وقت سنڌ کي هڪ نازي ڪئمپ ۽ هڪڙو ٻيو اسرائيل بنايو ويو آهي ۽ ننهن کان چوٽي تائين زرهه پوش هٿياربند قانون جي پهچ کان ڪوهين پري سامراج جا دادلا دهشتگرد علي اعلان سنڌين کي مارڻ سان گڏ سنڌي قوم کان سندن وڏا شهر کسي وٺڻ جي مطالبن جي چاڪنگ به ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ ته اهو به پڌرو ٿيو آهي ته ان دهشتگرد تنظيم وٽ اربين روپين جا اسرائيلي هٿيار پڻ آهن، ٻئي طرف سنڌ جا سياسي چنيسر ۽ مير جعفر ويڪائو وڏيرا نالي جا حڪمران بنيا سنڌ ۾ ٿيندڙ ان مارا ماري ۽ قتلام تي نه رڳو خاموش آهن، پر هو سنڌين جي قتلن جي باوجود اٽلو قاتلن کان معافيون وٺي، گيسيون ڪري ساڻن ڪرسي ڪمائڻ ۽ مال کائڻ جون سياسي سوديبازيون ڪري پنهنجي ڪمزور ڪرسيءَ کي ٽيڪون ڏيئي سنڌي عوام کي اڃا به وڌيڪ ڦرڻ ۽ ڦرائڻ، لٽڻ ۽ لٽائڻ، آزارڻ ۽ غلام بنائڻ ۽ پنهنجي ستن پيڙهين تائين موجون ماڻڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
ان صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي گذريل 64 سالن کان غلام بنايل، ڦرجندڙ، لٽجندڙ ۽ روز روز رت ۾ وهنجارجندڙ عوام کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃڻ گهرجي ته تيزي سان بدلجندڙ عالمي ۽ علاقائي صورتحال ۾ وڏيرن ۽ حڪمرانن جي غداريءَ سبب اسان سخت خطري ۾ آهيون، اسان جو وطن خطري ۾ آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل سوديبازي، دهشتگردي ۽ لاقانونيت هٿان خطري ۾ آهن. لطيف جي ماروين جي ديس جي لوين جي لڄ خطري ۾ آهي. تنهن ڪري ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته اسين اٿي کڙا ٿيون.
پنهنجي وطن ۽ وسيلن، حقن ۽ آزادين، پنهنجن ٻارن، ٻچن، عزتن ۽ آبروئن جي بچاءَ کي سئو پيڙهياتا غدار وڏيرا حڪمران مفاهمت ۽ گيسين واري سياست ذريعي ۽ اسان جي عوام جي حقن، آزادين، وسيلن بلڪه لاشن کي وڪڻي مزا ماڻي رهيا آهن، تن ۾ ڪابه اجائي اميد نه رکون، پنهنجا ويڄ پاڻ ٿيون، پنهنجي پيرن تي بيهي، پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ پنهنجي سونهري تاريخ جي شاندار سورهيه ڪردارن، دودن ۽ درياخانن، شاهه عنايتن ۽ بلاولن، هوشوئن ۽ هيموئن ۽ ٻاگهين ۽ مائي بختاورن جي مقدس ياد مان اتساهه، قوتون ۽ هشمتون حاصل ڪري پهاڙن وانگر اڏول بنجي هر سختي ۽ تلڪيف کي برداشت ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ ۽ سامراج جي پالتو قاتلن ۽ جلادن کي ٽوٽا چٻائڻ ۽ سندن ڏند کٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون. ڪارونجهر کان ڪراچي تائين، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سموري سنڌ کي پنهنجو اباڻو ڳوٺ سندس ڌين، پٽن کي پنهنجي گهر جا ڀاتي سمجهي، سمورن سنڌ دوست سنڌي ماڻهن ۽ ڌرين سان گڏجي پنهنجي علائقن، پاڙن، گهٽين، شهرن، ڳوٺن ۾ محلا ڪميٽيون، مقامي اتحاد، ڊفينس ڪميٽيون ٺاهي چوڪيداري نظام ۽ رات جو پهرن جو بندوبست ڪري، مردن توڙي عورتن کي بچاءَ جون مڪمل ۽ جديد تربيتون ڏيئي ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ۽ ان لاءِ جيڪي به گهربل قانوني قدم هجن اهي کڻون ۽ جيڪي به وسيلا گهرجن انهن جو انتظام ڪريون.
ٻئي طرف پاڻ کي منهن جي پڪائي ۽ نڪ جي وڏي ڏاڍائيءَ سان سنڌي قوم جي نمائندگي ڪندڙ هر دلعزير حڪومت سڏائيندڙ وڏيرڪي سرڪار جو گهٽ ۾ گهٽ فرض اهو ٿو بنجي ته اها جي ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گذريل 64 سالن ۾ هزارين سنڌي گهر برباد ڪرائي پاڻ کي ٿلهو متارو پاڏو بنائڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڪري جو سنڌي عوام کي جنهن ڳالهه جي فوري ضرورت آهي سا کين مهيا ڪري ڏي، يعني هٿيارن جا ليسن ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي پڪي پختي تربيت.
ان سلسلي ۾ هڪ طرف ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر کان ڪراچي تائين سموري سنڌي قوم جي قوم دوست ماڻهن کي گهرجي ته هو پنهنجي تر جي نام نهاد چونڊيل نمائندن کان مضبوطيءَ سان مطالبو ڪن ته سنڌ جي قتل گاهن جي اڏيءَ تي پهچايل عوام کي هٿيارن جي ليسنن، بچاءَ جي هٿيارن ۽ گهربل تربيت مهيا ڪرڻ جو فوراً بندوبست ڪن ۽ عوام کي ٻڌائين ته منجهانئن هر هڪ پنهنجي پنهنجي تر جي ماڻهن جي ملڪيتن، زندگين، عزتن ۽ لڄن جي بچاءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا قدم کڻي ٿو ۽ بندوسبت ڪري ٿو ۽ سندس ڪوٽا مان ڪيترا لائيسنسزز غريب ۽ ضرورت مند سنڌين کي ڏي ٿو. ساڳئي وقت سنڌ جي سمورن خير جا ڪم ڪندڙن ۽ سرنديءَ وارن جو فرض آهي ته هن ڏکيءَ ۾ ڏکي تاريخي گهڙيءَ ۾ پنهنجي قوم ۽ عوام جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ ۽ کين گهربل بچاءَ خاطرقانوني هٿيار ۽ تربيت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏين.
اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته سامراجي ڇاڙتن نازي فاشٽ، درندن کي منهن ڏيڻ ۾ روس ۽ سڄي يورپ جي بهادر مظلوم ماڻهن پاڻ ملهايو ۽ ايشيا ۾ روسين ۽ چينين، ڪورين، ويٽنامين، فلسطينين ۽ ليبنانين هماليه جبل جيڏي سامراج کي رڪ جا چڻا چٻارائي انسانيت جو ڪنڌ مٿي ڪيو آهي، هينئر تاريخ سنڌ کي موقعو ڏنو آهي ته هو رتو رت ڪيل پنهنجي وطن ۽ قوم جي وجود، وسيلن، عزت ۽ آبرو جي بچاءَ لاءِ دنيا جي ٻين دلير قومن جي نقش قدم تي هلي اهڙو مثال قائم ڪري جو ايندڙ نسلن کي مٿن فخر ٿئي.

پريس ڪانفرنس ڪندڙ
رسول بخش پليجو
سربراهه عوامي تحريڪ