Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Thursday 28 April 2011

Rights of inhabitants of Indus and International Declaration By Rasul Bux Palijo


سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن جا حق ۽ عالمي پڌرنامو!
رسول بخش پليجو
قائد اعظم محمد علي جناح جو قول آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن وفاق ۾ ڪا ڌر ڏاڍي ۽ گهڻائيءَ ۾ آهي ته اها ٿورائي وارن علائقن جا ڏاڪي به ڏاڪي سڀ حق هضم ڪري سگهي  ٿي.“ ان ڪري هو ڪانگريس جي ابتڙ اجائي مضبوط مرڪز جي سخت خلاف هو. سڄي دنيا کي خبر آهي ته دنيا جي اصلوڪن ۽ اڳتي نه وڌيل علائقن جي ماڻهن سان طاقتور پاڙيسرين ڪهڙا حشر پئي ڪيا آهن ۽ ڪن پيا. آمريڪا جي ريڊ انڊين ۽ ٻين اصلوڪن رهاڪن جا مثال سڄي دنيا جي اکين اڳيان آهن، ان ڪري سڄي دنيا جي باضمير ۽ انصاف پسند عوام ڪن زمانن کان مطالبا پئي ڪيا آهن ته دنيا جي سنڌي ماڻهن جهڙن اصلوڪن باشندن جي حقن، وسيلن، جانين ۽ مالن جي حفاظت لاءِ بين الاقوامي قانون ٺاهي اهڙو بندوبست ڪيو وڃي، جو انهن جي وجود، سلامتيءَ، حق، وسيلن ۽ ترقيءَ جي راهن کي ڪير به نقصان رسائي نه سگهي.
2007ع ۾ جميعت اقوام دنيا جي انصاف پسند ماڻهن جو اهو جائز ۽ ضروري مطالبو قبول ڪري دنيا جي (سنڌ جي ماڻهن جهڙن) اصلوڪن رهاڪن جي سمورن قومي، تهذيبي، اقتصادي، سياسي ۽ انساني حقن جي حفاظت لاءِ بين الاقوامي طرح لاڳو ٿيندڙ قانون بحال ڪيو آهي، جنهن موجب پاڪستان سميت سڀني ملڪن جي حڪومتن توڙي اقوامِ متحده ۽ ان جي عالمي ادارن جو اهو قانوني فرض مقرر ڪيو ويو آهي ته ڪهڙن به بظاهر قانوني طريقن سان (سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جهڙن) دنيا جي اصلوڪن رهاڪن سان ٿيندڙ ناانصافيون، سندن زمينن، علائقن ۽ وسيلن تي ناجائز قبضا ختم ڪيا وڃن، سندن ترقيءَ جون راهون هرگز نه روڪيون وڃن، سندن سياسي اقتصادي، سماجي نظامن ۽ سندن ثقافتي تاريخي حقن جو احترام ڪيو وڃي، سندن پنهنجين زمينن، علائقن ۽ وسيلن مٿان نويڪلن حقن جو احترام ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به ريت ۽ بهاني کين پنهنجن حقن کان محروم ڪري ڌارين قبضاگيرن جي تابع ۽ ماتحت نه ڪيو وڃي ۽ ساڻن جيڪي به زيادتيون هيستائين ٿيون آهن، يا ٿيڻ واريون آهن، تن کي ختم ڪيو وڃي. کين ڪنهن ٻي ڌاري آباديءَ سان گڏجي رهڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، سندن پنهنجي وطن ۾ نويڪلو رهڻ ۽ پنهنجا سمورا حق, وسيلا ۽ اختيار ڪتب آڻڻ جي حق کي يقيني ۽ محفوظ بنايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سندن هر طرح مالي توڙي ٻي مدد ڪئي وڃي ته جيئن هو بين الاقوامي ليول تي پنهنجي حق رسائي حاصل ڪري سگهن.
ٻئي طرف پاڪستان جي وجود جو جيڪو پيڙهه جو پٿر يعني 1940ع وارو ٺهراءُ آهي، اهو سنڌ کي ۽ سنڌي قوم جي وجود، آزادي ۽ حقن کي ڪنهن به نام نهاد قانون جي آڙ ۾ ختم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ان ڪري سنڌ تي هيستائين جيڪي ناجائز قبضا ڪيا ويا آهن ۽ سنڌي قوم جي برخلاف جيڪي جرم ڪيا ويا آهن ۽ جيڪي ٻيا بوگس آدمشماريءَ وغيره ذريعي رٿيا پيا وڃن، تن جي هرگز اجازت ڪانهي ۽ سنڌي قوم کي هر قسم جي ناجائز هلت خلاف مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪري پنهنجو تاريخي قومي وجود سلامت رکڻو آهي ۽ فقط اها آدمشماري قبول ڪرڻي آهي، جيڪا فقط سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي هجي ۽ ڌارين جي نه. مٿي ڄاڻايل اقوام متحده جو پڌرنامو اصلوڪن رهواسين جي حقن جو تحفظ هن ريت ڪري ٿو:
گڏيل قومن جو پڌرنامو:
”...جنرل اسيمبليءَ کي انهيءَ ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته (ملڪن ۽ علائقن جي) اصلي رهاڪن سان تاريخي ناانصافيون ٿيون آهن. کين غلام بنائي، سندن زمينن، علائقن ۽ وسيلن تي ناجائز قبضا ڪيا ويا آهن ۽ اهڙي ريت کين پنهنجن ضرورتن ۽ مفادن مطابق ترقي ڪرڻ جو حق استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.“ 
”جنرل اسيمبلي اِها ڳالهه مڃي ٿي ته اصلي رهاڪن جا جيڪي پيدائشي حق آهن. جيڪي سندن سياسي، اقتصادي ۽ سماجي نظامن ۽ سندن ثقافتن، روحاني روايتن، تاريخن ۽ فلسفن مان اُڀري نڪتا آهن، تن جو ۽ خاص ڪري سندن پنهنجي زمينن، علائقن ۽ وسيلن مٿان حق آهن، انهن جو احترام ٿيڻ کپي، انهن کي ترقي ڏيارڻ کپي....“
”جنرل اسيمبلي ان ڳالهه جي آجيان ٿي ڪري ته اصلوڪن رهاڪو پنهنجي سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ واسطي ۽ هر قسم جي مت ڀيد ۽ ظلم خلاف چاهي اهو ڪٿي به ٿيندو هجي منظم ٿي رهيا آهن.“
”جنرل اسيمبلي قبول ٿي ڪري ته گڏيل قومن جو چارٽر، اقتصادي سماجي ۽ ثقافتي حقن جو بين الاقوامي عهدنامو، سول ۽ سياسي حقن جو بين الاقوامي عهدنامو ۽ وايانا وارو پڌرنامو ۽ عمل جو پروگرام سمورن ماڻهن ۽ قوميتن جي خود اراديت جي اِن حق جي بنيادي اهميت کي تسليم ڪن ٿا، جنهن حق جي ذريعي هو پنهنجي سياسي حيثيت آزاديءَ سان طئي ڪري سگهن ٿا ۽ آزاديءَ سان پنهنجي اقتصادي، سماجي، ثقافتي ترقي جي جدوجهد هلائي سگهن ٿا.“
”جنرل اسيمبلي ان ڳالهه تي زور ٿي ڏئي ته گڏيل قومن کي اصلوڪن رهاڪن جي حقن کي ترقي ڏيارڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ اهم ۽ لاڳيتو ڪردار ادا ڪرڻو آهي...“
”آرٽيڪل 8-جيڪڏهن ڪو به اهڙو قدم کنيو ويو هجي، جنهن جو مقصد يا نتيجو اِهو نڪري ته اصلوڪن رهاڪن کي پنهنجي قوم طور جدا حيثيت يا سندن ثقافتي قدرن يا نسلي سڃاڻپن کان محروم ڪيو وڃي يا کانئن سندن زمينون، علائقا ۽ وسيلا کَسيا وڃن، يا آباديءَ جي اهڙي لڏپلاڻ ڪرائي وڃي، جنهن جو مقصد اِهو هجي يا جنهن جو نتيجو اهو نڪري ته سندن ڪن به حقن جي خلاف ورزي ٿئي يا کين زبردستي ٻين ماڻهن سان گڏي هڪ ڪيو وڃي ته انهن حالتن ۾ حڪومتن جو فرض ٿيندو ته اهڙين حرڪتن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻن...“
”آرٽيڪل 20- اصلوڪن رهاڪن کي اهو حق آهي ته سندن گذر جا وسيلا ۽ سندن ترقيءَ جا رستا سندن حوالي هجن ۽ جن جن اصلوڪن رهاڪن جي گذر جا وسيلا ۽ واڌاري جا رستا کانئن کسيا وڃن، انهن جو صحيح ۽ مناسب تدارڪ ڪيو وڃي...“
”آرٽيڪل 26-اصلوڪن رهاڪن کي اهو حق حاصل آهي ته سندن زمينون، علائقا ۽ وسيلا جيڪي هنن جي روايتي طرح ملڪيت ۽ قبضي ۾ آهن يا ٻئي طرح استعمال ۾ آهن يا حاصل ڪيا ويا آهن، اهي سندن قبضي ۽ استعمال ۾ رهن...“ ”حڪومتن جو فرض آهي ته انهن زمينن، علائقن ۽ وسيلن کي قانوني مڃتا ڏين ۽ انهن جي حفاظت ڪن...“
آرٽيڪل 29 موجب ”اصلوڪن رهاڪن کي حق آهي ته پنهنجي ماحول ۾ پنهنجي زمينن، علائقن ۽ وسيلن جي پيداواري صلاحيتن کي برقرار رکن ۽ انهن جي حفاظت ڪن. حڪومتن جو فرض ٿيندو ته اهي انهن جي اِن ڳالهه ۾ مدد ڪن. انهن زمينن، علائقن ۽ ڪنهن به خطرناڪ مواد کي نه رکيو وڃي ۽ نه نيڪال ڪيو وڃي. حڪومتن جو ڪم آهي ته اهڙين حالتن ۾ اصلوڪن رهاڪن جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ گهربل انتظام ڪن....“
آرٽيڪل 40 موجب ”جيڪڏهن اصلوڪن رهاڪن جي حقن جي سلسلي ۾ ڪو تڪرار ٿي پوي ته حڪومتون ان جو جلد از جلد نبيرو ڪن.“
آرٽيڪل 41 تحت چيو ويو آهي ته ”هن پڌرنامي تي مڪمل طرح عمل ٿئي، تنهن لاءِ گڏيل قومن جي نظام جي ادارن، مخصوص ايجنسين ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيمن کي گهرجي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ٻين ڳالهين سان گڏ مالي تعاون ۽ ٽيڪنيڪي مدد به ڏين. اهڙا رستا ۽ وسيلا ڳولي ڪڍيا وڃن، جن جي وسيلي اصلوڪا رهاڪو ساڻن واسطو رکندڙ مامرن جي باري ۾ ٿيندڙ نبيرن ۾ شرڪت ڪري سگهن.“
آرٽيڪل 42 موجب ”گڏيل قومن جو اصل رهاڪن جي معاملن وارو دائمي فورم ۽ گڏيل قومن جون مخصوص ايجنسيون بين الاقوامي توڙي ملڪي سطح تي هن پڌرناميءَ جو احترام ڪرائينديون ۽ انهن تي ڀرپور عمل ڪرائڻ ۾ سرگرم حصو وٺنديون.“

No comments:

Post a Comment