Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 29 April 2011

Few Question? Injustice in water share against Sindh By Rasul Bux Palijo


پاڻيءَ تي سنڌ سان ٿيل ناانصافين تي ڪجهه سوال!
آچر 4 جولاءِ 2010ع
هن وقت جڏهن ڏيڍ سئو سالن جي مسلسل ۽ منٽ به نه گهٽجندڙ ڀائرن جي ڀلائيءَ سبب پاڻيءَ جي کوٽ سنڌي قوم جو ذري گهٽ ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي. برادري ۽ هم وطني توڙي انساني همدردي ۽ ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ مٿان موت جي گهڙين ۾ رحم ۽ قياس جي تقاضا آهي ته اقوام متحده، يورپي يونين، اسلامي ملڪن جي ڪانفرنسن ۽ شانگهائي اتحاد سميت سڄي دنيا جون رحمدل قومون، عوام، ملڪ ۽ ادارا سنڌ ۾ پاڻي جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڀيانڪ ڏڪار جي تدارڪ لاءِ ميدان ۾ لهن ۽ هڪڙو پل به وڃائڻ کانسواءِ سنڌ مان هٿرادو پاڻي جي کوٽ جو قهري دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ سفارتي، سياسي ۽ ٻيا هر قسم جا اپاءَ وٺڻ شروع ڪن. اسان جي وڏي ڀاءُ جهڙي برادر صوبي، جنهن جي اڳواڻن جي ڏيڍ سئو سالن جي لاڳيتن برادرانه ”مهربانين“ ۽ ”شفقتن“ سبب سنڌ هينئر موت جي منهن ۾ ڦٿڪي ۽ تڙپي رهي آهي، تنهن جو سڀني حسابن سان سڀني کان اڳ پهريون فرض آهي ته اڳتي ڊوڙي اچي ۽ سنڌي قوم جي ساهه ۾ موتمار سوڙهه کي ختم ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ گهٽائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور زور لڳائي. هن قيامت جهڙي قهري گهڙيءَ ۾ اسان جي مربي ۽ شفيق ٻاجهارن پنجاب جي حاڪم ۽ اڳواڻ ڀائرن (حڪمران پيپلز پارٽي توڙي ٻين پارٽين سان لاڳاپيل) اوچتو ئي اوچتو گڏجي سڏجي پنهنجي ميڊيا مافيا سان سر سان ملائي ڪورس ۾ پنجاب ۾ پاڻيءَ جي زبردست کوٽ جي واويلا ۽ ڪالاباغ ڊيم جي فوري تاريخي ۽ اڻ ڌر قومي ضرورت جا ترانا ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سان گڏوگڏ چشما-جهلم بجلي گهر اڏڻ، ٿل ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ ٻيا ڪئين قسمين قسمين رينگٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، يعني همدرديءَ وچان مدد ملڻ ته مور جي ماڳ، الٽو نڙگهٽ ۾ هٿ پئجي ويا آهن. گذريل 63 سالن ۾ اسان جي حڪمرانن ۽ اڳواڻن پنهنجي عوام دوست جمهوريت نوازي، غريب پروريءَ، وطني حب، دليري ۽ سرفروشيءَ جون هاڪون دنيا جي چئن ڪنڊن ۾ ڦهلائي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري انهن جي عقلمندي، دانائي ۽ دور انديشيءَ ۽ تدبر بابت ڪنهن به لب ڪشائيءَ جي گستاخيءَ کان ڪنارو ڪندي، رڳو هيترو چوڻ شايد ڪافي ٿيندو ته:
پائي ڪان ڪمان ۾ ميان! مار نه مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي (شاهه)
سنڌ ۽ سنڌي قوم کي تباهه ۽ برباد ڪري دنيا جي صفحهءِ هستيءَ تان ميسارڻ جي کيپ کٽڻ مان اسان جا سنڌي توڙي پنجابي پهلوان حاڪم ۽ سورهيه سرواڻ ڇا ٿا حاصل ڪرڻ گهرن؟ ڇا جيئن بنگال کي تباهه ڪرڻ جو ڪيتو سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخوا لوڙيو ، تيئن هن ڀيري پنجاب جو به وارو نٿو اچي سگهي؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”رب رسي ته مت کسي، هڻي ڪو نه هٿيار“.  ڇا پنجابي ليڊر شپ لوهه جي ٺهيل آهي، جيڪا اوسي پاسي جي برادر قومن ۽ سندن قومي وطنن کي مختلف بهانن سان تباهه ۽ برباد ڪندي رهندي ۽ مٿس ڪو اثر ڪو نه پوندو؟ هر ڳالهه جي هڪڙي حد هوندي آهي، منهن جي پڪائي ۽ جمهوري سرڪاري دهشتگرديءَ جي حد هئڻ گهرجي. ڇا اسان اٻوجهه ۽ اڀرن سنڌي ماڻهن جي وڏي مان ۽ شان وارن سڀرن ۽ سرواڻ پاڙيسرين کي خبر ڪانهي ته:
1. نديون ۽ ندين جو پاڻي رڳو پاڪستان ۾ ڪونهي، دنيا جي پنجن ئي کنڊن جي سوين ملڪن ۾ آهي؟
2. جيئن دنيا جي ٻين انساني ملڪيتن، زمينن، ٻيلن، ٻنين، رستن، ڳوٺن ۽ ملڪن جي مالڪي هوندي آهي، سندن مالڪ هوندا آهن ۽ مالڪيءَ جا مڃيل ۽ تسليم ٿيل قائدا ۽ قانون هوندا آهن. جن کي لتاڙڻ ۽ اورانگهڻ سڄي جهان ۾ اصل کان وٺي سنگين ڏوهه ليکيو ويندو آهي، تيئن درياهن جي به مالڪي، ڀائيواري ۽ ورهاست وغيره جا تاريخي، عالمي ۽ آئيني طرح مڃيل ۽ تسليم ٿيل قانون هوندا آهن، جن موجب جڏهن هڪ کان وڌيڪ علائقا يا ملڪ ڪنهن نديءَ ۾ ڀائيوار هوندا آهن، تڏهن منڍ وارن علائقن يا ملڪن وارن کي ڪو حق نه هوندو آهي ته هو پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي اجازت کانسواءِ سندن پتيءَ جي دستوري پاڻيءَ ۾ ڪا دست اندازي ڪن يا پنهنجي پتيءَ کان وڌيڪ پاڻي پوڇڙ وارن جي اجازت کانسواءِ کڻي وڃن، بلڪه سالن جا سال ۽ صدين جون صديون کڻندا رهن ۽ کين ڪو چوڻ وارو نه هجي؟ پوءِ ڀلي پوڇڙ وارا نيٺ پنڻ ڀر ٿي وڃن، يا مورڳو مري کپي وڃن؟
3. ڇا کين خبر ڪا نه هئي ۽ ڪا نه آهي ته گڏيل هندستان ۾ پاڪستان واري موجوده علائقي اولهه هند ۾ جيڪي ڇهه نديون آهن، يعني سنڌو ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ يا کيس ڏن ڀريندڙ (Tributary rivers) نديون جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ بياس ۾ تاريخي طرح هزارين سالن کان ٻه مکيه ڀائيوار صوبا/علائقا آهن، يعني پنجاب ۽ سنڌ.
4. کين اها به خبر ڪونهي ته مٿي ذڪر ڪيل ٻه ڏن ڀرو نديون پنجاب جي علائقي پنجند وٽ اچي سنڌوءَ سان ملي هڪ ٿي وينديون آهن ۽ سڀني جو گڏيل پاڻي اڳتي هلي سنڌ کي سيراب ڪري وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي؟
5. ڇا کين خبر ناهي ته ان صورتحال ۾ ندين جي بين الاقوامي قانون، اسلامي قانون ۽ اڻ ورهايل هندستان توڙي پاڪستان جي قانون موجب منڍ واري ڀائيوار پنجاب کي ڪو به قانوني اختيار نه هو ۽ نه آهي ته هو سنڌ جي مٿين ندين جي پاڻيءَ مان سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به روپ ۾ مٿان ئي مٿان پنهنجي دستوري پتيءَ جيتري پاڻيءَ کان وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ۽ ان پاڻيءَ مان سنڌ کي سندس پتيءَ جي پاڻيءَ کان محروم ڪري؟
6. ڇا ان صورتحال ۾ اسان جا مهربان اسان کي ۽ دنيا کي ٻڌائي سگهندا ته هنن کي ڏيڍ سئو سال اڳي کان وٺي ڪهڙو حق حاصل هو ۽ آهي جو هو سنڌ ۽ پنجاب جي گڏيل درياهن جي پاڻيءَ مان سنڌ جي اجازت بنا ۽ سندس مرضيءَ خلاف سڄي جهان ۾ مڃيل ندين جي قانون جي لتاڙ ڪري گڏپ وارن پاڻين مان واهه ڪڍندا، بند ٻڌندا، درياهن ۾ کاٽ هڻندا رهيا آهن ۽ ڪو ڏينهن نه هو ۽ نه آهي، جڏهن هو سندرا ٻڌيو گڏپ جي درياهن جي پاڻيءَ مان سنڌ جي پتيءَ جي پاڻي تان کاٽ هڻڻ جي ڪا نه ڪا اسڪيم کنيو نه بيٺا هئا يا آهن، جيئن هو هاڻي سندرا ٻڌيو، ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال، چشما-جهلم پاور پلانٽ ۽ ٻيون بي انداز ڳجهيون پڌريون اسڪيمون ٺاهيو سنڌي عوام جي گردن تي سوار ٿيو بيٺا آهن؟
7. هنن ڪهڙي قانون هيٺ ڪنهن جي اجازت سان 1859ع ۾ گڏپ واري سنڌوءَ جو ڏن ڀريندڙ (Tributary) ندي راويءَ مان دو-آب واهه ڪڍي اهو گڏپ وارو پاڻي پوڇڙ واري ڀائيوار سنڌ جي اجازت کانسواءِ ناجائز طرح پاڻ استعمال ڪيو ۽ سنڌ کي نقصان ڏنو؟
8. هنن ڪهڙي اختيار هيٺ 1885ع کان 1901ع تائين ساڳيءَ طرح لوئر چناب ۽ لوئر جهلم واهه سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڪڍي گڏپ وارو پاڻي ناجائز طرح اڪيلي سر پاڻ ڪتب آندو؟
9. هو مهرباني ڪري اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته هنن جي اختياريءَ وارن ان وقت جي گڏيل هندستان جي حڪومت ۾ 1901ع ۾ قائم ڪيل انڊيا ايريگيشن ڪميشن جي ان حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سنڌو ندي ۽ ان جي ڏن-ڀرو ندين جو پاڻي اڪيلي سر کڻڻ کان اڳ ۾ سنڌ کان اجازت ورتي وڃي؟
10. هنن ڪهڙي قانون هيٺ 1919ع ۾ سنڌ-پنجاب گڏپ واري ستلج نديءَ مان هڪڙي ڌڪ سان 11 واهه ۽ 4 بيراج ڪڍڻ جو منصوبو ۽ ٿل پروجيڪٽ جو منصوبو پيش ڪري مطالبا ڪيا ته کين سنڌ خلاف اهي ڌاڙا هڻڻ ڏنا وڃن؟
11. ڇا ائين برابر آهي ته انهن سببن ڪري 1919ع ۾ هند سرڪار سنڌ جي فرياد تي پنجاب جي ناجائز حرڪتن جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڪاٽن ڪميٽي ٺاهي پنجاب کان جواب طلب ڪيو ۽ پنجاب جي اختياريءَ وارن کي سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن ۾ دست اندازي ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي، پر پنجاب جا اختياريءَ وارا باز نه آيا.
12. ڇا اهو صحيح آهي ته پنجاب جي اختياريءَ وارن وري به 1924ع ۾ مطالبو ڪيو ته کين گڏپ جي پاڻين مان ٿل منصوبو ٺاهڻ لاءِ ننڍڙي شروعات ڪرڻ ڏني وڃي؟ ڇا اهو صحيح آهي ته پنجاب جا حڪمران هميشه پهريائين ننڍڙا منصوبا پيش ڪري پوءِ انهن جي موڪل ملڻ جي آڌار تي وڏا ڌاڙا هڻندا رهيا آهن؟
13. پنجاب جي اختياريءَ وارن 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ جي قلم 130 ۽ (6) 131 جي انهيءَ قانوني فيصلي جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي، جنهن موجب چيو ويو ته منڍ وارن ڀائيوارن کي ڪو حق ڪونهي ته گڏپ وارين ندين ۾ پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي پڇا کانسواءِ گڏپ واري پاڻيءَ جي دستوري ورهاست سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪن؟
14. ڇا ائين برابر آهي ته اڳتي هلي پنجاب جي اختياريءَ وارن سنڌو سٿ جي گڏپ واري پاڻيءَ تي نئون زبردست ڌاڙو هڻڻ لاءِ هڪڙو نئون پهريون ڀيرو ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو يعني باکڙا ڊيم منصوبو کڙو ڪيو، جنهن خلاف سنڌ جي حڪومت 7 جون 1941ع تي گورنر جنرل هند جي اڳيان شڪايت ڪئي، جنهن 11 سيپٽمبر 1941ع تي رائو ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ڪري مشهور معروف 1945ع جو ٺاهه ڪرايو؟
15. ڇا ائين برابر آهي ته 13 آڪٽوبر 1945ع تي پنجاب سرڪار اهو ٺاهه قبول ڪيو؟ پر جيئن ته پاڪستان جي ٺهڻ جا هوانا ٿيا ۽ هنن سمجهي ورتو ته سڄو پاڪستان عملي طرح سندن ملڪيت بنجڻ وارو آهي ته هو هڪدم ان ٺاهه تان ڦري ويا؟
16. ڇا پنجاب جا اختياريءَ وارا ٻڌائي سگهن ٿا ته ڇا  اهو صحيح آهي يا نه، ته سنڌ جي پنجاب خلاف پاڻيءَ جي کڻت بابت فرياد جي نبيري لاءِ هند سرڪار ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج سر بي ڊبليو رائو جي اڳواڻيءَ هيٺ جيڪا ڪميشن ٺاهي، تنهن جي رپورٽ ۾ (ڏسو رپورٽ جو صفحو 33 ۽ پئراگراف 49) ڏنل ان فيصلي کي اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به نه مڃيو آهي ته منڍ واري نديءَ جي ڀائيوار کي ڪو به حق ناهي ته جيترو وڻيس گڏپ واري درياهه مان اوترو پاڻي کڻي پوڇڙ واري درياهه کي رڻ پٽ بڻائي ڇڏي. اهو ناجائز ڪم ندين جي پاڻيءَ بابت بين الاقوامي قانون توڙي گورنمينٽ آف انڊيا 1935ع جي قلم 130 ۽ (6) 131 جي کلي کلائي ڀڃڪڙي ٿيندي، جنهن جي اجازت هرگز نٿي ڏئي سگهجي؟ ڇا ان ڳالهه لاءِ پنجاب اختياريءَ وارا ڪو به ملڪي، اسلامي، بين الاقوامي قانوني يا فلاحي جواز پيش ڪري سگهن ٿا؟
17. پنجاب جي اختياريءَ وارن کي خبر ناهي ته خود پاڪستان جي وزير اعظم چوڌري محمد علي جهڙي برک پنجابي رهنما به پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان جي پيدائش“ (ص 118-117) ۾ جسٽس رائو جي ان اصول کي جائز ۽ بين الاقوامي طرح مڃيل اصول ڪري تسليم ڪيو آهي ته گڏپ وارن درياهن جي منڍ واري ڀائيوار کي ڪو اختيار ناهي ته اهي پوڇڙ واري ڀائيوار جي پتيءَ جي پاڻيءَ سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪن؟
18. ائين برابر آهي يا نه ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1947 ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جو نبيرو ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي ويئي، تنهن ۾پاڪستان جي پنجابي حڪمرانن سازش ڪري فقط پنهنجا ماڻهو کڻايا ۽ سنڌ جو ڪو به نمائندو شامل ٿيڻ نه ڏنو؟
19. ڇا اسان جا مهربان اسان کي ٻڌائي سگهندا ته اهو ڪهڙي قانون يا اخلاقي اصول مطابق جائز هو ته هو پاڪستان ٺهڻ شرط اوچتو ئي اوچتو سڄي پاڪستان جي درياهن جا اڪيلا وارث ٿي ويهي رهن. جڏهن ته سنڌ هزارين سالن کان هر قانون موجب انهن ۾ اڌ ڀائيوار هو؟
20. ڇا اسان جا مهربان اسان کي اهو ٻڌائيندا ته ڇا ائين برابر آهي يا نه، ته سنڌ جهڙي پاڪستان جي پاڻين ۾ واسطيدار ۽ اڌ ڀائيوار ڌر کي غير حاضري رکي جيڪي به هڪ طرفا فيصلا هندستان سان ڪيا ويا، سي دنيا جي هر قانوني اصول جي حساب سان بي قاعدي، رد ۽ باطل هئا ۽ آهن ۽ ان لاءِ سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ پابند ٺهرائي نٿو سگهجي؟
21. ائين برابر آهي يا نه ته اها ڳالهه رڪارڊ تي موجود آهي ته پاڪستان جي پنجابي ڀائرن سنڌ جي پرپٺ ۽ سنڌ جي خلاف هندستان جي شهر جلنڌر ۾ وڃي هندستان سان درياهي پاڻين جي ورهاست بابت ڳجهو ٺاهه ڪري ڇڏيو. (ڏسو پنجاب جي تڏهوڪي وزير سردار شوڪت حيات خان جو ڪتاب ”جنهن پنهنجو روح وڃائي  ڇڏيو“ (ص: 203-202)
22. ڇا اسان جا مهربان پاڪستان جي عوام کي ٻڌائڻ پسند ڪندا ته درياهن جي پاڻيءَ ۾ اڌ ڀائيوار سنڌ جي پرپٺ پنهنجي جوڙيوال هندستاني پنجابين سان پاڪستان جي نمائندن جي حيثيت ۾ اهو جلنڌر وارو ڳجهو ٺاهه هنن ڪهڙي ۽ ڪنهن جي حڪم ۽ اجازت سان ڪيو؟ اهو جازت نامو ۽ حڪم جو اصول ڪهڙي رڪارڊ ۾ رکيل آهي ۽ اهو پاڪستان جي عوام کي يا پارليامينٽ يا ٻئي ڪنهن اداري جي اڳيان ڪڏهن پيش ڪيو ويو؟ جيڪڏهن نه ڪيو ويو ته ڇو؟ پوءِ ان حالت ۾ ان ڳجهي، بي قاعدي ۽ فراڊي ٺاهه جي ماتحت ڪيل پاڻي بابت هند-پاڪ فيصلن جي ڪهڙي قانوني يا اخلاقي حيثيت رهي ٿي؟
23. رڪارڊ موجود آهي ته هندستان جي طرف کان پاڪستان ڏانهن پاڻيءَ جي سپلاءِ جاري رکڻ لاءِ ضروري هو ته پنهنجي ملڪن جي واسطيدار اختيارين يعني آربيٽرل ٽربيونل کان اسٽي آرڊر وٺجي. ان لاءِ اڳواٽ درخواست به ڏني وئي هئي پر جلنڌر واري ڳجهي ٺاهه کانپوءِ اها درخواست پاڪستان جي نمائندن واپس ورتي. حالانڪه خود ٽربيونل هدايت ڪئي ته احتياط وٺي ڇڏجي، نه ته پاڪستان جو پاڻي بند ٿي ويندو ۽ وڏو مسئلو ٿي پوندو. پر پاڪستاني پنجاب سرڪار جي نمائندن پاڪستاني نمائندن جي حيثيت ۾ ان کان انڪار ڪيو. ڇا پنجاب جا حڪمران ڀائر ٻڌائڻ پسندا ڪندا ته اهو فيصلو ڪنهن جي ڪهڙي حڪم ماتحت ڪيو ويو؟ اهڙو ڪو فيصلو رڪارڊ تي موجود آهي؟ جي نه ته ڇو ڪونهي؟

No comments:

Post a Comment