Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Saturday 7 May 2011

Bogus Census and role of Sindhi Women Organization by Malhar Khaskhali

بوگس گهر شماري نامنظور
                ڪالهه ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جو هڪ ئي مطالبو هو ته ”سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ بوگس گهر شماري نامنظور!“ ڪالهوڪي هڙتال سنڌ ۾ اڳ ۾ ٿيل هڙتالن کان بلڪل منفرد ۽ انتهائي دلفريب منظر ڏيندڙ هئي، سو هيئن ته عورتن لاءِ قاتل رسمون رکندڙ ۽ ورهين تائين خوني قبيلائي جهيڙن کي تاتيندڙ اتر سنڌ کان وٺي ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي سنڌياڻي تحريڪ ريلين، ڌرڻن ذريعي شديد احتجاج ڪري سنڌ جي احتجاج کي ٻچي ٻچي جو احتجاج بڻائي ڇڏيو. ائين اڳ نه ٿيو آهي. صبح جو جيڪب آباد مان ايس ايم ايس آيو ته ڊي سي او چوڪ تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ خانزادي ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳي چڪو آهي. ٽائرن کي باهيون. ان کانپوءِ ميسيجز جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڌ ڏينهن گذرڻ بعد به هلندو رهيو. ڪيڏي مهل ميسيج لاڙڪاڻي مان آيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنا راهوجو ۽ ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ جناح چوڪ تي وڏي انگ ۾ سنڌياڻين ٽائرن کي باهيون ڏئي شهر ۾ ريلي ڪڍي. سڄي شهر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. وري ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ، ڪنڌڪوٽ ۾ به سنڌياڻي تحريڪ سراپا احتجاج، حيدرآباد،  بدين، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجن جا ميسيج موصول ٿيندا رهيا. سنڌياڻي تحريڪ جا اهي سمورا احتجاج آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي سمورين ميمبر تنظيمن عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سيو سنڌ موومينٽ، جي يوپي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن جي احتجاجن کي وڌيڪ سگهه ڏيندا رهيا ۽ ائين ڪالهوڪو احتجاج سڄي سنڌ جو احتجاج بڻجي سامهون آيو ته هي بوگس گهر شماري اسان کي قبول ناهي.“ سچ پچ ته سلام آهي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي ۽ جس هجي انهن قومپرست پارٽين کي جن تاريخي احتجاج ڪري سنڌ خلاف ٿيل سازش کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي.
مرڻو به کائبو-پرڻو به کائبو
  


              ڪي ٽي اين تي احتجاج جي خبرن ڏسڻ دوران ان وقت پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جو هڪ ڀيرو وري دلچسپ بيان سامهون جڏهن هن چيو ته ”گهر شماريءَ ۾ وڏي پئماني تي شڪايتون آهن ۽ سموري گڙٻڙ جا ذميوار ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز آهن.“ تاج حيدر اهو به چيو ته ”مون لکت ۾ اهي شڪايتون ڪيون آهن.“ جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت جتي جتي ايم ڪيو ايم کي من پسند نتيجا گهرجن اتي اهو سڄو ڪم ڊي سي اوز ۽ ڊي ڊي اوز ئي ڪري رهيا آهن پر دلچسپ ان ڪري آهي ڄڻ ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ نه پر قومپرستن کان وڌيڪ بيوس هجي ۽ هن وٽ فقط لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ جو رستو بچيو آهي! باقي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه آهي ته اهي تاج حيدر صاحب جي درخاشت قبول ڪن نه ڪن يا پڙهن- نه پڙهن! بيوسيءَ جو اهو عالم آهي جو جلال شاهه صاحب ته سينسس ڪمشنر سان ملي سگهي ٿو ۽ جماعت اسلاميءَ جو وفد ته وڏي وزير سان ملي سگهي ٿو پر پ پ پ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ملي نٿو سگهي، تنهنڪري قانوني گهرج کي به پورو ڪندي درخواست لکي پئي وڃي ته جيئن اڳتي هلي موٽ نه ملي ته ان درخاشت سميت ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري انصاف وٺي سگهجي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته مولوي مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي.“ سو پيپلز پارٽي حڪمران به پاڻ ته مظلوم ۽ مخالف ڌر به پاڻ پئي ٿئي. پيپلز پارٽي سرڪار جو گهر شماري عمل ۾ فقط شڪايتون ملڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي بجاءِ گهوڙا- گهوڙا ٿيندي ڏسي پاڻ به ان کان وڌيڪ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اهڙي حڪمت عملي لڳي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي نالي ۾ ”اتحادين جي به ونگار وهي وڃجي ۽ عوام کي روئي پِٽي چئجي ته ”ڇا ڪجي؟ اسان جي ڪير ٻڌي ئي نٿو!! ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او به نٿا ٻڌن!!“ ڀلا جي ڊي سي او ۽ ڊي ڊي او نٿا ٻڌن ته بدلي ڪرڻ لاءِ رڳو چوٿائي پنو ته گهرجي ٿو. وڏو وزير به پيپلز پارٽي جو، ايوان صدر ۾ ويٺل صدر به پيپلز پارٽيءَ جو ۽ وزيراعظم سميت ٻيا وڏا حڪومتي اهم عهدا به پيپلز پارٽي وٽ باقي ڇا اڃا ڪي ٻيا عهدا آهن جيڪي پيپلز پارٽي وٽ ناهن ۽ اهي هجن ها ته وڏيون صحيحون ۽ ٺپا هڻي ڊي سي او به بدلي ڪري ڇڏجن ها ۽ چيو نه مڃيندڙ ڊي ڊي اوز جا سر وڃائي ڇڏجن ها؟
 گهر شماريءَ جا مخالف ڪير ڪير
                گهر شماري عمل کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قومپرستن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي تنظيمن سڀ کان پهرين آدمشماري ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي جنهن جي جائزي ۾ گهرشماري ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون نظر آيون، جيڪي ميڊيا ذريعي دنيا اڳيان آنديون ويون، پوءِ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ شامل تنظيم احتجاج ڪرڻ شروع، انهن احتجاجن ۽ ڌانڌلين جي وڏن ثبوتن کانپوءِ سينسس عملدارن ۽ خود وزيراعليٰ سنڌ اعتراف ڪيو ته بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن، ان بعد حڪومتي اتحادي اي اين پي به دانهن ڪئي ته ڌانڌلي پئي ٿئي. ساڳي ريت حڪومت جي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ به دانهيو ته گهر شماري بوگس ٿي رهي آهي ۽ سڀئي گهر شماريءَ ۾ ڌانڌلين جو ذميوار حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم کي قرار ڏئي رهيا آهن. ڪالهوڪي تاريخي هڙتال ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي باقي سمورين جماعتن جي مخالفت- احتجاج ۽ سنڌ جي فيصلي کانپوءِ ڇا ڪو جواز بچي ٿو جو موجوده گهر شماريءَ کي قبول ڪجي ۽ ان کي جاري رهڻ ڏجي؟
پيرپاڳاري جي خواهش ۽ ايم ڪيو ايم جو خواب
                جيتوڻيڪ پير پاڳاري وٽ هميشه سڀني مسئلن جو حل فوج ئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سائين جن جو پنهنجو مسئلو به فوج ذريعي ئي حل ٿئي ٿو، سو پير پاڳاري جي خواهش آهي ته گهر شماري فوج ذريعي ڪرائي وڃي. مطلب ته ٻيو ڪوبه طريقو ناهي جنهن سان گهر شماري ڪرائي سگهجي! پر ائين ناهي. انهيءَ تجويز تي عمل جي ڪابه گارنٽي ناهي ته اهو ڪو غير تڪراري رهندو يا ان ذريعي سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي خطرا نه رهندا. ان ڪري اها تجويز بلڪل به عمل جوڳي ناهي ۽ نه ئي شفاف گهر شماري ڪرائڻ ڪو وڏو مسئلو آهي. ضرورت آهي نيت جي- سنڌ جي مفادن تي مفاهمت کان انڪار جي جرئت جي- موجوده گهر شماري جيئن ٿي رهي آهي، ان مان سرڪار جي رويي مان لڳو آهي ته ان وٽ گهر شماري ڪو سنجيده ڪم ناهي. سمورا بندوبست گهر شماريءَ کي بوگس ڪري رهيا آهن. گهر شماري گهڻن حوالن سان انتهائي سنجيده معاملو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت خاص شهرن لاءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي هٿ وس ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن گهر ۽ آدمشماريءَ جا مرضيءَ جا نتيجا وٺي سگهجن ۽ ان کانپوءِ مرضيءَ جون تڪبنديون ٺاهي سگهجن. يوسيز، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون تڪبنديون اهڙي انداز سان جوڙي سگهجن ته جيئن اڳتي هلي ضلعي حڪومتون به پنهنجون قائم ڪري سگهجن ۽ صوبائي سيٽون به وڌيڪ کڻي سگهجن ته جيئن هميشه لاءِ وڏ وزارت به ماڻي سگهجي ته ان سان گڏ وزارت عظميٰ کي به ڪلهو ڏئي سگهجي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن بوگس گهر ۽ آدمشماريءَ کي قبوليت ملي.
آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آڻيو
                ڳجها معاملا يا ڳالهيون اهي رکيون وينديون آهن جيڪي سلامتيءَ متعلق هونديون پر ڪهڙي گهر ۾ علو، ولو، هيرو ۽ خيرو رهي ٿو؟ اهو ڪو ملڪي سلامتيءَ جو راز ناهي جو گهر شماريءَ ۾ اهي تفصيل ڳجها رکجن ۽ فقط انگ ظاهر ڪجي ته هن صوبي ۾ هيترا ماڻهو آهن ۽ فلاڻيون فلاڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. ڪنهن علائقي ۾ ڪيترا گهر آهن؟ ۽ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا؟ سچ پچ ته اهو راز ۾ رکڻ ڪنهن مشڪري کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته توهان ساڳي ئي وقت تي ووٽر لسٽن جي صورت ۾ انهن ئي ماڻهن جا تفصيل هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آڻي ڇڏيو ٿا ته پوءِ آدمشماري جا سمورا انگن اکرن سميت تفصيل عوام جي پهچ ۾ ڇو نٿا آڻيو؟ سڄي گڙٻڙ ۽ بداعتمادي اتان ئي شروع ٿئي ٿي. ان ڪري ان گورک بڻايل معاملي کي آسان ڪرڻ لاءِ گهر ۽ آدمشماري جا تفصيل عوام جي پهچ ۾ آسانيءَ سان آڻڻ ممڪن بڻايو وڃي ته هر ڪو ڏسي سگهي ته اهو گهر يا آدمشماري ۾ ڳڻيو ويو آهي يا نه؟ ۽ ڪهڙا بوگس گهر ۽ نالا شامل ڪيا ويا آهن جن کي آسانيءَ سان ختم به ڪري سگهجي.
                پيپلز پارٽي سرڪار کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هاڻي سال- ڏيڍ ۾ هن کي وري ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ وڃڻو آهي ۽ سنڌ جهاڳڻي آهي. ان ڪري قومي مفادن تي مفاهمت کي ختم ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ بوگس گهر شماريءَ کي مڪمل ختم ڪيو وڃي، ان بعد شفاف گهر شماريءَ لاءِ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي سڀ کان پهرين (1 ) گهر شماري ڪندڙ عملي ۾ علائقي جي اسڪول جي مقامي استادن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي. (2 ) گهر ۽ ڪٽنب شماريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ اهڙا بوڪ استعمال ڪيا وڃن جيڪي عام نه هجن ۽ انهن تي بوڪ نمبر هجي ۽ پيجز تي سيريل نمبر هجي. (3 )اهي تفصيل/لسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر بلاڪ جي مقامي اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين موجود رهڻ ڏنيون وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجا تفصيل ڏسي سگهن. (4 ) ان سان گڏ اهي سمورا تفصيل انٽرنيٽ تي اپ لوپ ڪيا وڃن ته جيئن اهو بخوبي ڄاڻي سگهجي ته ڪٿي ڪو گهر ۽ ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي ته نه ويو آهي ۽ ڪٿي ڪي بوگس تفصيل ته نه شامل ڪيا ويا آهن؟ ان ڪم ۾ نه حڪومت جو ڪو اضافي خرچ ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان مٿان ڪا آڱر کڄي سگهي ٿي پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي سرڪار جنهن وڻ جي ڏار تي ويهي ان کي وڍڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي ته پوءِ ڀلي اهي ساديون ڳالهيون نه سمجهي ۽ جي هوش ڪرڻ چاهي ٿي ته اڄ ئي اعلان ڪري ته هي بوگس گهر شماري ڪينسل ۽ وري شفاف گهر شماري ڪرائي ويندي 


No comments:

Post a Comment