Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Wednesday 4 May 2011

Stricken Against in house census conspiracy and Karachi’an positive response


ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!
دودو چانڊيو
پهرين مئي 2011
"ڪراچي ۾ پاڪستان ۾ آباد هر قوم هڙتال ڪرائي سگهي ٿي، پر اوهان سنڌي ڪراچي ۾ 4 دڪان به بند نٿا ڪرائي سگهو." اهي طعنا اسان کي بلوچ، پنجاب، پختون ۽ سرائڪي ٻوليون ڳالهائيندڙ صحافي هڻندا رهيا آهن. پنهنجي ڌرتي جو، پنهنجو شهر، ان ۾ اسان جي اها لاوارثي انتهائي ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي، پر آئون ڪالهه تمام گهڻو خوش هئس، جڏهن اهي طعنا هڻندڙ صحافي فون ڪري ٻڌائي رهيا هئا ته "يار  آگرا تاج ڪڏهن بند ناهي ٿيو، اڄ بند آهي، منگهو پير ۾ سنڌين ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪريون جاري آهن. ايم اي جناح روڊ تي سنڌياڻيون ڌرڻو هڻي ويٺل آهن." مون کي گورا قبرستان وٽ هڪ ٽيڪسي ڊائيور مليو، چيائين "ڪورنگي مان پيو اچان، سنڌين هي هيڏو سڄو صنعتي علائقو بند ڪرائي ڇڏيو آهي. گاڏيون پيون سڙن." جنهن بعد سفوران چورنگي، ڊالميا، شانتي نگر، عزيز آباد ۽ نائين زيرو سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ڀانگرا (برفت) ڳوٺ، ڪلمتي ڳوٺ، تين هٽي وٽ بلوچ پاڙن، چنيسر ڳوٺ، گذري ۽ ٻين علائقن مان فون ايندا رهيا ته، اتي ڪامياب هڙتال آهي." مون کي ڪنهن چيو ته، مزو نه آيو. مون چيو "آئون خوش آهيان، ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جي اها پهرين انٽري هئي. آئون هڪ سنڌ دوست ۽ وطن پرست صحافي جي حيثيت ۾ مطمئين آهيان." ان جا ڪافي ڪارڻ آهن.
(1) ڪراچي ۾ سنڌي قومپرست جماعتون هن کان اڳ ايتريون سرگرم نه ٿيون هون، جيتريون هن وقت آدمشماري جي معاملي تي ٿيون. ان ۾ جلال محمود شاهه جو ڪردار انتهائي اهم هو. هن سمورين قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان گڏجي تمام گهڻي محنت ڪئي. نواز شريف جي اڳواڻن کان وٺي پير پاڳاري، سني تحريڪ ۽ ٻين فورسز آڏو پنهنجو ڀرپور ڪيس رکيو.
(2) ڪراچي ۾ جيئن پختون، ڀلي ڪهڙي به پارٽي ۾ هجي، پر ڪراچي ۾ هو پختون نعري هيٺ گڏ ٿئي ٿو، ائين پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ سنڌين به اهڙي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. علي حسن چانڊئي کان وٺي الاهي بخش بڪڪ تائين، مظهر راهوجي کان وٺي حريف چانڊئي تائين، سامي ميمڻ کان وٺي هارون جمالي تائين، شاهنواز سرگهاڻي کان وٺي گل محمد ڪلمتي تائين، سليمان سنڌي کان وٺي سمورين پارٽين جي قومي ڪارڪنن پارٽي نظرين ۽ اختلافن کان مٿاهون ٿي سنڌين جي جذبي تحت ڪراچي ۾ محنت ڪئي، جيڪو عمل پڻ تعريف جوڳو آهي.
(3) ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو نون ۽ پراڻن سنڌين جي وچ ۾ جيڪا ويجهڙائپ ٿي آهي، اها انتهائي فيصلا ڪن آهي. ڪراچي جي پراڻن سنڌين، ملاحن، ڪڇين، ميمڻن، منڌرن، سومرن ۽ ٻين سان سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري آيل سنڌين سياسي رابطا رکيا آهن، جن هن آدمشماري ۽ هڙتال واري عمل ۾ انتهائي اهم رول ادا ڪيو.
(4) هڙتال جي ڪال بعد آدمشماري ڪاميٽي جي اڳواڻن اسماعيل راهو، مخدوم شاهنواز، حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ سني تحريڪ جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري سڄي ڪراچي جي ميڊيا آڏو جيڪو موقف رکيو، اهو انتهائي اهم هو. سنڌين جي هن ڪيس کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. ڪراچي جي ميڊيا ان سنڌين جي موقف کي غور سان ٻڌو ۽ ڇپيو.
(5) پير پاڳاري جيڪو آدمشماري تي Stand  ورتو، اهو به انتهائي اهم هو. ملڪي سطح جي سياست ڪندڙ ليڊرشپ مان پير پاڳارو پهريون ماڻهو هو، جنهن چيو ته "هي آدمشماري ٽوٽل ڪوڙي آهي، ان کي رد ڪري فوج جي نگراني ۾ ٻيهر آدمشماري/گهرشماري ڪئي وڃي. پاڳاري جي اهڙي وزندار موقف ڪراچي ۾ آباد سنڌين جي ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
(6) آدمشماري ڪمشنر نور محمد لغاري تي ڀلي هزارين الزام لڳن، پر هن پنهنجي سمورين پريس ڪانفرنس ۾ سنڌي قومپرستن جي موقف جي ڄڻ حمايت ڪئي. هن هڪ ڀيري ائين به چيو ته "ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسان جي عملي کي اگر سياسي ڪارڪن ٺهيل لسٽون ڏيندا ته سنڌ جا ماڻهو ان آدمشماري کي ڪيئن قبول ڪندا ۽ پوءِ احتجاج ڪندا،" هڪڙو سرڪاري ملازم ايترو ئي ڪجهه چئي سگهي ٿو.
(7) ڪراچي ۾ هڙتال کي ناڪام بنائڻ لاءِ ايتريون ئي ڪوششون ٿيون، جيتريون ڪوششون آدمشماري ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون. سرڪاري ۽ ڏنڊا بردار مشينري لاڳيتو سرگرم رهي، پوءِ به هڙتال ۾ شهر جا وڏا علائقا بند رهيا، جيڪا سنڌين جي ڪراچي ۾ تمام وڏي ڪاميابي آهي. ائين چئجي ته پهريون قدم بهترين قدم هو، هن کان اڳ ريليون، جلوس ۽ مارچون ته ڪراچي آيون آهن، پر شهر ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪرائڻ جي پهرين ڀيرو ڪوشش ٿي آهي، جيڪا تمام گهڻو ڪامياب وئي.
ڪراچي ۾ ٿيل هن ڪامياب ڪوشش جو سهرو ڪنهن هڪ جي سر تي نٿو وڃي پوري قوم تي وڃي ٿو. ان ماموي ڪڇي کي به ڪيئن وساريون، جنهن آگرا تاج ۾ سڀ کان پهرين دڪان بند ڪيو. 7-ڊي اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ويٺل فهميده سومرو، شازيه ڀٽو، تسبحه مري، ۽ شهربانو راهوجو ڏي ئي ڪريڊٽ وڃي ٿو، جيڪي صبح سان ئي شهر جي شهه رڳ وٽ پهتيون. هن شهر ۾ جيڪا اوپرائپ ٿي رهي هئي، اها هاڻي ختم ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي. هاڻي ڪير ائين نه چوندو ته سنڌي ڪراچي بند نٿا ڪرائي سگهن. مون کي سڄي سنڌ جي بند ٿيڻ تي ضرور خوشي ٿي هوندي، پر وڌيڪ خوشي ڪراچي جي ڇوٿين حصي بند ٿيڻ تي ٿي آهي. جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ ائين ٻڌي جو مظاهرو ڪيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن مورڙي جي ماڳ جا وارث ئي هن شهر جي سياسي قوت هوندا.
Published in Daily Kawish

 

 

No comments:

Post a Comment