Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Monday 9 May 2011

Sudden Departure Of Commrade Hakeem Halepoto By Sami Memon


ڪنھن پرروئان پرين کي....!
حڪيم ھاليپوٽي جو اوچتو وڇوڙو
سامي ميمڻ
Sunday 10th, October 2010
روزانه عوامي آواز


علم، عمل ۽ ڏاھپ اھڙي ماڻھوءَ وٽ ھوندي وڏو فخر محسوس ڪندا آھن، جيڪو کين وڏي عزت ۽ اھميت سان سينگاري ٺاھي پنھنجي قوم ۽ وطن جي نصيب کي سنوارڻ لاءِ صحيح ۽ وقتائتو استعمال ڪندو آھي. اھڙي عمل کان پوءِ تبديلي اڻ ٽر ٿي پوندي آھي، پوءِ تھ جھر جھنگ ۾ چنگ بھ انقلابي سـُر وکيريندا آھن، ڌنارن جون جھونگاريل وايون بھ جنگ جا طبل وڄائينديون آھن ۽ چوڌاري نڌڻڪو ۽ بي واھو بڻيل پورھيت ماڻھو ظلم خلاف وِھھ جو ڍڪ ۽ لـُڪن ۾ بھ رُڪ بڻجي ويندو آهي.
بدين جي رڻ پٽ ۾ جنم وٺندڙ حڪيم ھاليپوٽو بھ اھڙو ئي عملي ماڻھو ھو، ھو رڳو نالي جو حڪيم نھ ھو، پر ڄاڻ، سچائي، بھادري ۽ ڏاھپ جو بھ حڪيم ھو، ھن سڄي عمر سنڌ وطن ۽ پورھيت ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري ڇڏي. ھو جو اندر ۾ سچو پچو انقلابي ماڻھو ھو. لطيف، اياز، منشي، فيض سميت ھر وطن دوست شاعر سميت لينن، مارڪس ۽ پليجي جو عمل ۽ ڏاھپ سندن نسن نس ۾ سمايل ھو، ھن وڏن ليڊرن جيان مٿان کان سياست شروع نھ ڪئي هئي، سندس نظريي، سوچ ۽ سياست جو پھريون محور سندس گھر، ٻار ۽ ٻچا ھئا، پوءِ پاڙو ۽ سڄو ڳوٺ سندس سياست جو اول ۽ آخر ھو. ھر جدوجھد جي اڳين صفن ۾ سندس نياڻيون ۽ مٽ مائٽ پڻ ھوندا ھئا. ھن پهرئين ڏينھن کان سنڌ جي خوشحالي، پارٽي سان محبت ۽ وفاداري ڪندي آخري پساھھ تائين سنڌ لاءِ موت بڻيل ڪالاباغ ڊيم خلاف ويڙھھ ڪندي گذاري. نالي ۽ شھرت کان پاسيرو حڪيم ھاليپوٽو سدائين ليڊرشپ جي پوئين صفن ۾ ھوندو ھو، پر ڪارڪن بڻجي پارٽي جي حڪم جي پوئيواري لاءِ سڀ کان اڳين صفن ۾ بيٺل نظر  آيو.
ڪراچي جھڙو قھري شھر ھجي يا محبتن جو امين ٺٽو شھر، سدائين ڊوڙ ۾، ڪڏھن ميٽنگ، ڪڏھن جلسو، ڪڏھن پريس ڪانفرنس، ڪڏھن سيمينار ۾، ڪڏھن لانگ مارچ تھ ڪڏھن جلوس ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندڙ حڪيم ھاليپوٽو دل جي بي وفائي جو نشانو بڻجي اسان کان اوچتو ڌار ٿي ويو. سندس وڇوڙو ھڪڙي حڪيم ھاليپوٽي جو جسماني وڇوڙو ڪونھي، ھو پنھنجي ذات ۾ پيار، امن ۽ آجپو ھو، علم، عقل ۽ ڏاھپ ھو، سونھن ۽ سرھاڻ ھو، نظريو، پارٽي ۽ انقلاب ھو. ھو اسان جي ھٿن مان ايئن موت ھٿان کنڀجي ويو جيئن ٻار جي ھٿ مان سرڻ مٺو لولو لامارو ڏئي کسي ويندي آھي.
اڄ اسان پنھنجي وفادار ساٿي جي وڇوڙي تي روئي بھ نٿا سگھون، ڏک مان ڍڪون ڏئي پار بھ نٿا ڪڍي سگھون، ھو چوندو ھو تھ انقلابي ماڻھو عوام ۽ وطن جي آزادي، امن ۽ آجپي لاءِ پنھنجا سمورا ذاتي سک، لذتون ۽ خوشيون ڇڏي ان ڏينھن ئي مري ويندو آھي جڏھن وطن لاءِ لالچ، لوڀ ۽ ڪروڌ ڇڏي ڏيندو آھي. اسان کي ھڪ ٻئي لاءِ روئڻ بدران سچائي جو ثبوت ڏيندي سندس واٽ تي ايمانداري ۽ بھادري سان ھلڻ گھرجي.
اڄ الاءِ ڇو ھن جون سموريون ڳالھيون، قول، شاعري ۽ دليل اکين اکيان اچي بيٺا آھن، سندس تقريرون ڪنن ۾ گونجن پيون، ڳالھھ ڳالھھ تي دليل طور لطيف جو شعر سو بھ اھڙو جو دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ ڪڍي ڇڏي. ڀاڳ واري آھي اھا پارٽي جنھن وٽ حڪيم ھاليپوٽي جھڙا سچا، ايماندار ۽ سر گھوريندڙ ڪارڪن آھن، جس لھڻي اھا پارٽي جنھن حڪيم جھڙا ڪارڪن ۽ اڳواڻ تيار ڪيا. حڪيم ھاليپوٽو عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ھو ۽ ھاڻ مرڪزي نائب صدر جي عھدي تي ڪم ڪري رھيو ھو. ھو رسول بخش پليجو جو سچو سپاھي، باعمل ڪردار ۽ وفاداري ۾ فاضل راهو ھو.
حڪيم ھاليپوٽي سان ڪيتريون ئي رھاڻيون رھيون، ڪيترائي بحث ٿيا، ھن ھميشھ مون کي آٿت ڏني، ھمٿايو ۽ سنگت اڳيان تعريف ڪئي. يقين ڪريو تھ حڪيم جي تعريف کان وڏو ڪوبھ سرٽيفڪيٽ مون وٽ ڪونھي. اڄ ھنن ڏکن وارن لمحن ۾ اکيون لڙڪن سان ڀريل ھوندي بھ آءُ پاڻ کي خوش نصيب ماڻھو سمجھان ٿو جنھن کي حڪيم شاباس ڏيندي تلقين ڪئي تھ سنڌ وطن لاءِ ڪڏھن بھ ويسلو نھ ٿجانءِ.
سائين حڪيم تون اسان ڪارڪنن ۽ ساٿين کي ھيئن اڪيلو ڇڏي ويندي مون ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھو، ماڻھو ماءُ پيءُ ۽ اولاد جي مرڻ جو ڏک تھ سھسائي وڃي ٿو، پر روحاني، نظرياتي ۽ سوچن کي تبديل ڪندڙ حڪيم جھڙن ابن ڏاڏن، استادن ۽ اڳواڻن کي وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.
بدين ۾ ڪارڪنن لاءِ سياسي بڙ جي وڻ جھڙي گھاٽي ڇانوَ بڻيل شھيد فاضل راھو کانپوءِ ڪارڪنن جي لاءِ شفقت ۽ پيار جي علامت بڻيل حڪيم ھاليپوٽي جو وڇوڙو ڏاڍو ڏکيو برداشت ٿيندو. آءُ کيس سرخ سلام پيش ڪريان ٿو، سندس واٽ تي ھلڻ جو وچن ڪريان ٿو، پنھنجي سنڌ وطن ۽ پورھيت ماڻھن جي حقن لاءِ وس پڄندي ويڙھھ جاري رکڻ جو عزم ڪريان ٿو، شايد پنھنجي پيارن جي پيرن جي خاڪ بڻجي پئون، شل سندن اميدن تي پورا لھي سگھون، شل پنھنجي حياتي جا ڪي پل حڪيم ھاليپوٽو جھڙا ملي پون تھ نصيب ٺھي پوي.

No comments:

Post a Comment