Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Monday 6 February 2017

Save Sindh Long March Reported By

عوامي تحريڪ جو لانگ مارچ شروع، گوڙاڻي ڊيم خلاف اسلام ڪوٽ ۾ هڙتال، وچ شهر ۾ ڌرڻو

ٿرپارڪر(رپورٽ: غازي بجير)گوڙاڻو ڊيم ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن تي اسلام ڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ جو رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو پنج ڪلاڪ تاريخي ڌرڻو.ڊئم رد،تاريخي لانگ مارچ سفر ڏانهن روانو،واپاري ڊيم خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي ويا.ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ طرفان گوڙاڻو ڊيم  خلاف ۽ سنڌ جي آدمشماري سميت ٻين مسئلن تي اعلانيل لانگ مارچ ۾ گذريل ڏينهن پارٽي ڪارڪنن سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن سميت هزارين ماڻهن عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ ريلي ڪڍي گشت ڪرڻ بعد ٽائون موڙ تي نٽهڻ اس ۾ ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون. ڌرڻي ۾ ڊيم هٽايو ٿر بچايو جي زوردار نعريبازي ڪئي ويئي جڏهن ته شهر جي واپارين سڏ کي مانائتي موٽ ڏيندي مڪمل شٽربند ڪري احتجاج ۾ شامل ٿي ويا.ڌرڻي کي خطاب ڪندي رسول بخش پليجي چيو ته پاڪ چين دوستي قيمتي آهي جنهن جا اسين مخالف ناهيون پر ملڪي ترقي جي دشمنن ۽ سامراجي ايجنٽن کي هتي ٿاڦيو ويو آهي جيڪي گوڙاڻي ڊيم سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري ماڻهن کي دربدر ڪري انهي ٻنهي ملڪن جي دوستي تي اثرانداز ٿي رهيا آهن ۽ چين کان ملندڙ اربين روپيه هڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. چين کي خبر ئي ناهي ته اسان جي ڏنل امداد ۾ هتي ڇا پيو ٿئي انهي لاءِ اسان سڀ ڀڄڻ بجاءِ گڏ ٿي هن تحريڪ جو حصو بڻجي. چين کي اکيون کولڻ تي مجبور ڪريون.هن چيو ته اڳئين زمانن ۾ طاقتور ڌريون ٻين ملڪن تي قبضا ڪري حڪمراني ڪندا هئا پر هن وقت آمريڪا مسلمان ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائي تباھ ڪرڻ سان گڏ اتي اهڙا پنهنجا ايجنٽ حڪمران بنائي ڇڏيا آهن جيڪي سندن جي غلامي ۾ جڪڙيل هجڻ ڪري عوامي حقن جي لتاڙ ڪري دربدر ڪري رهيا  آهن.هن چيو ته سنڌ وڏيرا شاهي جي حوالي ٿيل آهي هر علائقو وڏيري جي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪوبه ماڻهو پنهنجي مرضي سان قدم نه کڻي. هن چيو ته ٿر جي وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن کي حق ڏيڻ بجاءِ انهي کي لڏائي دربدر ڪري بي گهر ڪيو پيو وڃي. اهڙي قسم جي زيادتين خلاف پوري سنڌ کي گڏ ٿيڻو پوندو اڄوڪو لانگ مارچ سنڌ جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ آهي جيڪا ڊگهي تاريخ رقم ڪندو.عوامي تحريڪ جي صدر جي اين کوسي خطاب ڪندي چيو ته پ پ  دور ۾  مذهبي انتهاپسندي وڌي آهي، پ پ وارا مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏيئي رهياآهن جمهوريت جي دعويدارن جي حڪومت ۾  سنڌ ۾ مندرن تي حملا ٿيا هتي هندوبرادري کي تحفظ نه ٿوملي، اسان ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ سجاگ آهي ۽ ٿر مان تحريڪ جنم وٺي چڪي آهي جيڪا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي هن چيو ته سنڌ جي وڏي دشمن پيپلزپارٽي آهي جنهن جي هر دور ۾ سنڌ سان زيادتيون ڪيون ويون آهن پر افسوس اسان اڃان به هنن جي حق ۾ ڊانسون ڪرڻ ۽ جمالا ڳائڻ ۾ مصروف آهيون هاڻي پ پ روشن خيال ۽ ترقي پسند نه پر رجعت پسند ۽ انتهاپسند بنجي ويئي آهي زرداري پنجاب جي هارين جي حقن جي ڳالھه ڪري ٿو پر هن کي سنڌ جا هاري نظر نٿا اچن.مرڪزي اڳواڻ قادر رانٽي چيو ته انگريزن سان ويڙھ روپلي ڪولهي ڪئي هئي بلاول، نوازشريف يا عمران خان جي وڏن نه ڪئي هئي اڄ روپلي جي ڌرتي تي ڌارين جي يلغار آهي انهي لاءِ اڄ امتحان جو وقت آهي اٿي سڀ کڙا ٿيو ۽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪريو. هن چيو ته سنڌي توڙي قومي ميڊيا هن اهم مارچ کي وڌ کان وڌ ڪوريج ڏين.نامياري ليکڪ مير حسن آريسر چيو ته سمن جي دور ۾ جيڪا ڪاھ ارغونن ڪئي هئي اها روايت وري ورجائي پئي وڃي.ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني جو سربراھ شاھ بيگ بنجي لٿو آهي جيڪو ٿرين جي حقن ۽ احتجاج تي ٺٺوليون پيو ڪري اهڙي بي حيائي تي ڪاوڙ اچي ٿي اسان سلام پيش ٿا ڪريون ٿر جي ان بهادر نياڻين ۽ ماروئڙن کي جن لاڳيتو احتجاج ڪري تاريخ جي رقم حاصل ڪري رهيا آهن.اڄ اسان جي عمل جو ڏينهن آهي انشاالله اهو مارچ سوڀارو ٿيندو.مرڪزي اڳواڻ وسند ٿري چيو ته گوڙاڻو ڊيم ٺهڻ سان ٿر جي لکين ايڪڙ زمين، وڻ، جانور، جيت  ۽ انسان متاثر ٿيندا جنهن جي هنن حڪمرانن کي ڪابه پرواھ ناهي ملڪ جي ترقي چاهيو ٿا ته هتان جي ماڻهن کي پنهنجا رائيٽس ڏيڻا پوندا.هتي سکيا مرڪز کولي ماڻهن عزت وارو روزگار ڏنو وڃي هن چيو ته 32 ڏينهن جو سفر طئه ڪري ڪراچي پهچڻ تي لکين ماڻهو گڏ ڪنداسين مرڪزي اڳواڻ سرتاج چانڊيو چيو ته جڏهن ملڪ جو وجود نه هو تڏهن ٿر ۽ سنڌ جو وجود هو ٿرواسي ملڪ جا وفادار آهن جنهن سان هن وقت ترقي جي آڙ ۾ وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي اسان مري وينداسين پر پنهنجي وجود سان هٿ چراند ڪرڻ نه ڏينداسين سنڌياڻي تحريڪ جي زاهده شيخ ۽ شمشاد لغاري چيو ته انهي مارچ جي ذريعي دنيا کي ٻڌائينداسين ته پاڪستان جا حڪمران ۽ ڪمپنيون ٿر جي ماڻهن سان ظلم ڪري رهيا آهن سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون ڪفن ٻڌي گهران نڪتيون آهن اڄ ٿر جي عورتن ۾ اتساھ پيدا ٿيو آهي ته هو به پنهنجن حقن لاءِ ويڙھ وڙهي سگهن ٿيون،ان موقعي تي ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو.رحمان نهڙيو،مگنو ڪولهي.ڳوٺاڻو نهال مهراڻپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو.جڏهن ته ڌرڻي ۾ ديال صحرائي،ننڍڙي نتاشا پليجو ۽ ٻين قومي گيت ڳائي داد حاصل ڪيو.جڏهن ته مارچ دوران انتظاميه طرفان پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا.جڏهن ته مارچ مٺي طرف روانو ٿي ويو جيڪو ٽن ڏينهن جي سفر بعد مٺي پهچندو.

No comments:

Post a Comment