Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Monday 6 February 2017

ساٿ ھلندو رھي، لاٽ ٻرندي رھي

عوامي آواز ۾ 5 فيبروري تي شايع ٿيو
منان چانڊيو

اڄ 5 فيبروري تي مارئي جي اباڻي ديس ٿر جي آخري ڇيڙي واري شھر اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصي وارو ڊگھو لانگ مارچ عوامي تحريڪ پاران ڪيو پيو وڃي.لانگ مارچ لفظ جڏھن ذھن ۽ زبان تي اچي ٿو تہ پوءِ چين ۾ مائوزي تونگ جي اڳواڻي ۾ عوامي انقلابي فوج واري 1800 ڪلو ميٽر ڊگھي ورن.وڪڙن، لاھين چاڙھين، ٻه قدم اڳتي وڌڻ، چار قدم پوئتي ھٽڻ، دشمن جتي ڪمزور ھُجي اُتي وڌي حملو ڪرڻ.جتي طاقتور ھُجي اُتي پوئتي ھٽڻ.وغيره وغيره جھڙين حڪمت عملين سان ڀرپور گوريلا طرز تي ڪيترن ئي اوچن جبلن.وھندڙ درياھن ۽ خوفناڪ ڌٻڻين کي عبور ڪندڙ موتمار لانگ مارچ کي ھرگز وساري نٿو سگھجي.

خير اُھا تہ ھئي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي چيئرمين جي رھبري واري شاندار ڪامياب ۽ تاريخي لانگ مارچ جنھن جي طفيلي 1 آڪٽومبر 1949ع تي چين ۾ عوامي جمھوري رعيتي راڄ جو قيام عمل ۾ آيو.پر پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو لانگ مارچ عوامي تحريڪ پنھنجي پارٽي جي سورھ سرويچ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي شھادت کانپوء 27 فيبروري 1987ع تي شھيد جي چاليھي واري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن کان عوامي تحريڪ جا ڪارڪن پيادل لانگ مارچ ڪري راھوڪي پھتا.بس پوء سنڌ ۾ ڄڻ تہ لانگ مارچ جو بنياد يا شروعات پئجي وئي.

عوامي تحريڪ ھونئن تہ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي رھبري ۽ رھنمائي ۾ پنھنجي وجود کان وٺي ھن وقت تائين سنڌ سنڌي قوم ۽ عوام کي درپيش قومي. طبقاتي ۽ روزمرھ جي بنيادي ۽ خطرناڪ مسئلن.مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي بھادري، بيباقي، خوداعتمادي ۽ بھترين حڪمت عمليءَ سان منھن مقابل ٿي پنھنجي تنظيمي.افرادي ۽ مالي قوت مطابق ميدان عمل ۾ رھي اُھو ثابت ڪيو آھي تہ.ھُو سنڌين تي ٿيندڙ پنھنجن ۽ پراون جي زيادتين.ظلمن ۽ ڏاڍاين کان ڪڏھن بہ ڪو نہ ڊنا آھن ۽ نہ وري غافل ۽ لاتعلق رھيا آھن.

مثال طور تي جنرل ضياءُالحق جي قھري مارشل لا واري دور ۾ جتي ھر طرف ڏاڍم ڏمر ۽ ڏھڪاءَ جو سناٽو ڇانيل ھيو.پوري پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جي دماغن ۽ زبانن تي ڄڻ تہ تالا لڳل ھئا.۽ سياسي طور تي ھڪ قسم جي ماٺار طاري ھئي.ان وقت فاضل صاحب جي ڳوٺ ۾ ھزارين ماڻھن جا ميڙ گڏ ڪري عوامي تحريڪ ۽ ان جي قيادت فوجي آمريت کي للڪاريندي چيو تہ اوھان جا لانگ بوٽ ۽ سنگينون اسانکي سياسي ھل چل کان روڪي ڪو نہ ٿيون سگھن.۽ ان کانپوء ايم آر ڊي تحريڪ دوران عوامي تحريڪ جي سوين باضمير.باھمت.باڪردار ڪارڪنن انتھائي تدبُر حوصلي ۽ سورھائي واري جذبي سان  رضاڪاراڻي نموني گرفتاريون ڏئي فوجي ڪورٽن پاران ڦٽڪن.قيد ۽ ڏنڍ وارين ٻڌايل سزائن جي آڏو ڪو نہ جھُڪيا پر مڙس ماڻھو ٿي جيلن ۾ اسٽيڊي سرڪلز جا بنياد وجھي جيلن کي تربيت گاھ جا مرڪز بنائي ڇڏيا.چوڻ جو مطلب تہ فوجي آمريتون ھجن يا سول آپيشاهيون ھجن عوامي تحريڪ ان جي قيادت ۽ ڪارڪنن سنڌ ۾ تنظيم ڪاري.جدوجھد ۽ تحريڪن جا نت نرالا ٽرينڊ متعارف ڪرايا.

جتي تنظيم سازي جي مامري ۾ عوامي تحريڪ سنڌي قوم ۽ عوام جي سڀني طبقن يا حصن کي سنڌي ھاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪمسُجاڳ ٻار تحريڪ ۽ ٻين برادر محاذ قائم ڪري متحرڪ ڪيو. اُتي وري جدوجھد جي ميدان ۾ لانگ مارچون.شارٽ مارچون.علامتي بک ھڙتالون.جلسا.جلوس.ڌرڻا.دستخت واريون مھمون ۽ ٻيا ڪيترائي عوامي احتجاجي رُخ.موڙن يا روايتن کي جاندار ۽ مستحڪم بنايو.

ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت خلاف سکر کان ٻه دفعا ڪراچي تائين لانگ مارچون ھجن يا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي زندگي ۽ موت وارن چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاء ڀٽ شاھ ۽ حيدرآباد کان لانگ مارچون ھجن توڙي سنڌ ۽ سنڌين جي حق حڪمراني.قومي پيداواري وسيلن جي ڦر لُٽ ۽ غدار سردارن.ڀوتارن.پيرن.ميرن.جاگيردارن.سرمائيدارن پاران وقت جي حڪمرانن جي آشيرواد ۽ سرپرستي ۾ عوامي حقن جي پائمالي جي خلاف ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين قومي عوامي احتجاجي لانگ مارچ ھجي.

چوڻ جو مطلب تہ عوامي تحريڪ ۽ ان جي قيادت سدائين وقتائتا فيصلا ۽ عمل ڪري سنڌ دوستي جو ڪردار ادا پئي ڪيو آھي.اڄ وري جڏھن ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ ۽ سنڌين کي چوطرف سنڌ ۽ عوام دشمن ڌريون وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويون آھن تہ عوامي تحريڪ پنھنجي شاندار.بيمثال.عوام دوست روايتن کي ورجائيندي مارئي جي ماڳ وٽان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ ذوالفقارآباد.بحرياٽائون.۽ ٻين اڏاوتي منصوبن خلاف ٿر مان ملندڙ ڪاري سون ڪوئلي جي کربين رپين جي پيداوار مان سنڌين ۽ خاص ڪري ٿرين کي نظر انداز ڪرڻ.ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائيءَ واري زھريلي پاڻي کي ٿر جي آباد زمينن.ڳوٺن.وڻن.ٽڻن.پکي.پکڻن ۽ ٻين ساھواري جيوت واري پرڳڻي تي ھزارين ايڪڙن تي ٻڌل گوڙاڻي ڊئم جي اڏاوت خلاف پھريون ڀيرو عوامي تحريڪ ۽ ان جي قيادت اُتر سنڌ بدران ڏکڻ سنڌ وٽان ڪراچي ڏانھن سنڌ ۽ سنڌين جي بقاءَ لاءِ سندرا تاڻي ڪاھيندي پيا اچن.المقصد تہ سنڌ ۽ سنڌين کي چُھٽيل زھريلي ڄورن کان آجو ڪرائڻ لاءِ عوامي تحريڪ ان جي قيادت ۽ ڪارڪن ڪڏھن اُتر سنڌ ڪڏھن وچولي سنڌ ڪڏھن ڏکڻ سنڌ کي پنھنجا عوامي انقلابي اڏا بنائي عوام کي سُجاڳ متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ پنھنجو قومي ۽ عوامي فرض پئي سمجھيو آھي اھڙي جاکوڙ لاءِ ڄڻ تہ ڀٽائي ھينئن فرمايو آھي:

جئان وھي تئان واٽ.ڪپر پڇن ڪوڙيون

جن کي سڪ ساھڙ جي.سي گھيڙ نہ پڇن گھاٽ

جن کي عشق جي اُساٽ.سي واھڙ ڀانئين وکڙي

ڀٽائي گھوٽ چواڻي حالتون ڪھڙيون بہ ھجن.رستا ۽ واٽون ڪيتريون ئي اڙانگيون ۽ ڏکيون يا دشوار ھجن پر جن کي پنھنجا مقصد ماڻڻا ھجن ۽ منزلون طئي ڪرڻيون ھُجن انھن لاءِ سوين ميلن وارو سفر يا وڏا ۽ ويڪرا واھ ۽ گھيڙ پار ڪرڻ ھڪ وک جي برابر ھوندا آھن.

اڄ جڏھن پليجو صاحب ۽ ان جي پارٽي کان سندس سدا ملوڪ سُلڇڻو پُٽ اياز لطيف پليجو پنھنجي پيرو ڪارن سميت ڌار ٿي ويو آھي.۽ اھڙي عوامي تحريڪ ۾ ٿيل تنظيمي ڀڃ ڊاھ يا ڌڙا بندي کانپوءِ ڪيترن ئي اسان جي مھان ليکڪن پنھنجي تيز ۽ شوخ ذھن ۽ قلم ذريعي فتوي ساز فيڪٽرين مان فتوي جا پروانا جاري ڪندي اُھو فرمايو ھيو تہ بس ھاڻي عوامي تحريڪ معني(پليجو صاحب جي سرپرستي واري )مڪلي واري مقام ۾ دفن ٿي وئي آھي.يا ٿي ويندي. پر پنج فيبروري تي اسلام ڪوٽ ۾ ھزارين عوامي تحريڪ جا بيلوث.بيداغ ۽ مخلص ڪارڪن محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سڏ ۽ ولولا انگيز قيادت ھيٺ گڏ ٿي اڳوڻي مائي ڪولاچي واري شھر ۽ موجوده ڪراچي ڏانھن وڏي جوش جذبي ۽ نظم ضبط سان روانا ٿيندا تہ پوءِ وري ھڪ ڀيرو ٻيھر لطيف سائين جي ھن شعر جي عڪاسي ٿيندي تہ:

کاھوڙين کَڻي، ساجُھر ٻَڌا سَندرا.

ڏوريندي ۾ ڏوُنگرين.ڪَيائون پاڻُ پَڻي.

ڏُکَن ڏيل ھَڻي، ڇيههُ لَڌائوُن ڇَپَرين.

اسان آخر ۾ سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن مان اُھا توقع ۽ اميد رکُون ٿا تہ جن مسئلن جي حل لاء عوامي تحريڪ اسلام ڪوٽ کان ڪراچي ڏانھن راھي ٿي آھي.اُن سنڌ ۽ سنڌين جي قومي.طبقاتي.نجات واري راھ تي ھلندي پنھنجو قومي.عوامي.جمھوري ۽ سنڌ دوست فرض سمجھندي ۽ اُن جو ثبوت ڏيندي عوامي تحريڪ جو ساٿ ڏين جيئن گدائي جون ھيءُ سٽون آھن تہ .

ساٿ ھلندو رھي.لاٽ ٻرندي رھي

نوجوان ساٿيو سنڌ جا وارثو.

No comments:

Post a Comment