Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 10 February 2017

Dilshad Bhutto ji wall taan...

Dilshad Bhutto ji wall taan...
سَڪتي ۾ پيل سياست ۾ نئون روح ڦُوڪجي پيو:
ھُو پوڙھو جھُور آھي،صفا ھڏڙن جي مُٺ آھي،ساھ ۾  مري پيو.جڏھن سنڌ جي سياست کي ڪرپشن،لاتعلقي،بي حسي جو سرطان وڪوڙي ويو آھي.سياسي اڳواڻن جي  ويساھ گھاتين جي ڪوڙھ سبب عوام ۾ سياست کان بيزارگي وڌي آھي.ان وقت ھي پوڙھو اڇل کائي اٿي پيو آھي.تقريبن ھڪ صدي جي جدوجھد ڪندي مرڻ ڪنڌي تي پھتل ھن ديو قامت کاھوڙي جا جوش،جذبا ۽ ولولا،ھمتون ۽ جرئتون ساڳيون آھن.ايوبي آمريت کان ضيائي اگھاڙي آمريت کي ھن سختي سان سَٺو.رسول بخش پليجو صاحب جي تاريخي جدوجھد، جنھن سنڌ ۾ آدرشي،نظرياتي، انتھائي منظم .مزاحمتي۽ انقلابي سياست جا بنياد رکيا.پورھيتن.ھارين.عورتن،شاگردن ۽ اقليتن تي ٻَڌل ھيٺين پيڙھيل طبقي جي نج سياسي جماعت قائم ڪئي.توڙي جو آءُ سندس پارٽي ۾ نہ رھيو آھيان پر ان باوجود آءُ پليجو صاحب جي اڻٿڪ جدوجھد.ڏاھپ،علم ۽ مطالعي جو قدردان ضرور آھيان.ھتي مخالفتن.انائن.بغض،ساڙ ۽ عناد ۾ عظيم ماڻھن جي حقيقي محنتن ۽ قربانين کي ڪراس لڳائي پاڻي ڦيريو ويندو آھي.آءُ پليجو صاحب جي تاريخي جدوجھدن جو اکين ڏٺو شاھد آھيان.مون ساڻس گڏ لانگ مارچ بہ ڪيا آھن تہ مختصر عرصي لاءِ ساڻس گڏ جيل بہ ڪَٽيو آھي.پليجو صاحب جيل ۽ جيل کان ٻاھر بہ بلند حوصلن جو مالڪ آھي.ايم آر ڊي تحريڪ مشرف جي مارشلا تائين پليجو صاحب ھر آمريت کي للڪاريو.مشرف جي دور ۾ جڏھن محترمہ بي نظير ۽ ميان نواز شريف ساختہ يا خود ساختہ جلاوطني وٺي ڀڄي پِڙ ڪري ويا تہ ان وقت پليجو صاحب ۽ ان جا ڪارڪن روڊن تي يا جيل ۾ ھئا.پيپلز پارٽي جھڙي جماعت سُسي ۽ سُڪڙي وئي ھئي.ان وقت ھر اتحاد ۽ گڏيل جدوجھد لاءِ پليجو صاحب جي شرڪت لازمي ھئي.ان جو وڏو سبب ھي ھو تہ پليجو صاحب وٽ ھڪ مضبوط پارٽي ۽ پارٽي وٽ پليجو صاحب جھڙي ديو قامت شخصيت ھئي.پليجو صاحب پنھنجي ذات ۾ خود ھڪ ادارو ۽ انجمن آھي.اڄ جيڪي صحافت،ادب،شاعري.سياست ۽ مختلف شعبن ۾ ڪجھ سيبتا ۽ متحرڪ ماڻھو ملن ٿا اُھي پليجو صاحب جي مدرسي جا تيار ٿيل طالب آھن.اڳتي ھلي ڪجھ ٿَڪا،ڊٺا.ڀاڄ کاڌائون،اختلاف.چسڪي،لَٺ۽ چَٺ طرف ويا پر پليجو صاحب جا ڪڏھن بہ پير نہ ٿِڙڪيا نہ ڪَنبڻي آئي.جڏھن پيپلز پارٽي محترمہ بي نظير ڀُٽو جي شھادت کان پوءِ بينيفيشري ٿي اقتدار ۾ آئي.زرداري صاحب اقتدار جي مسند تي ويٺو تہ سنڌ جي اڪثر پارٽين بسترا ويڙھي چيو تہ ھاڻ جمھوريت بحال ٿي وئي.جدوجھد ختم.ڪافي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پي پي ۾ شامل ٿي ويا.اڪثر قوم پرست ۽ آزادي پسند پارٽين جاڳواڻ پ پ حڪومت کان سڌي يا اڻ سڌي طرح مالي فائده وٺڻ ۾ جُنبي ويا.سرڪاري ٺيڪا.نوڪريون،سرڪاري زمين تي قبضہ،مطلب جتان ٻہ روپيہ مليا پئي اھو ڌنڌو ڪيائون.پارٽين جي ڪارڪنن جي آزمائش رڳو لَٺ بانٺي ۽ جيل ۾ نہ ٿيندي آھي پر لَست،چُسڪي ۽ سکئي دور ۾ بہ ٿيندي آھي.ھي ڪريڊٽ پليجو صاحب ڏانھن وڃي ٿو تہ پليجو صاحب ڪارڪنن کي ڪرپشن ۽ ڪرائم کان پري رکيو.پليجو صاحب جا ڪارڪن ڀَتي خوري.سرڪاري زمينن تي قبضي.بينڪ ڊڪيٽي،انقلاب لاءِ اغواء براءِ تاوان.ڪار لفٽنگ ۽ ٻين ڏوھن کان پري رھيا.پارٽين اندر اُتار چڙھاءُ.مايوسيون ۽ نا اميديون اينديون آھن .،ارٽي جا اڳواڻ.دوست ۽ گھر جا ڀاتي بہ ويساھ گھاتيون ۽ غداريون ڪندا آھن.پاڪستان جي سياست ڪنڊن جي سيج آھي.جيئن اڄ رياست ۽ ايجنسنين جا پيدا ڪيل دادلا بہ ڪُٽجن ۽ مارون پيا کائن۽ گھڻن ڀڃي شلوارون خراب ڪيون آھن.جڏھن مشرف جي مارشلا وئي ۽تقريبن 9 سالن کان پي پي جي جي عوام کان بھترين انتقام وٺڻ واري حڪومت ھلي پئي تہ ائين محسوس پئي ٿيو تہ ڄڻ سڀني سياسي پارٽين جي منشور ۾ شامل سڀ ايجندائن تي عمل ٿي ويو.مظلوم سنڌين کي حق ملي ويا ھجن،کير ۽ ماکي جون نديون وھي ڇڙيون ھجن.اڪثر پارٽين پاڻ کي آفيسن ۽ بيانن جي حد تائين محدود ڪري ڇڏيو.گھڻن سياسي اڳواڻن سياسي سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون.پاڻ کي جيئرو رکڻ لاءِ سالگره ۽ ورسين جي پروگرامن تي گذارو ڪرڻ لڳا.9 سالن ۾ پ پ حڪومت جيڪا تباھي ڪئي ان تي آمنہ صدقنہ چوندا رھيا يا وات ۾ مُنڱ وجھي چُپ رھيا.مٿان جيئن جنرل راحيل شريف پي پي حڪومت سميت سمورين سياسي پارٽين خلاف سونٽي ۾ ھٿ وڌو تہ زرداري سميت ڪيترائي يا ڀڃي ويا يا خوف ۾ خاموش ٿي ويا.جواز ڪھڙو تہ دھشتگردي خلاف آپريشن پيو ھلي.ان ڪري سياسي سرگرميون معطل آھن.اصل ۾ کين خوف آھي تہ متان سندن فائل نہ کوليا وڃن ۽ ڳچي ۾ ھٿ وجھي پراڻو ۽ نئون حساب نہ ورتو وڃي.ان ڪري ھن وقت سنڌ جي سياست کي ڄَڻ سَپ سُنگھي ويو آھي موت جھڙي ماٺار آھي.جڏھن سڀني کي خبر آھي تہ حالتون اڳ کان ڪيترا ڀيرا بدتر آھن.پر اڳواڻي ڪير ڪري؟ سياسي ڪارڪن ويچارا پارٽي قيادتن کي چون پيا تہ ڪجھ ڪجي پر اڳواڻن کي خوف آھي تہ سرگرمي ڪرڻ سان ايجنسين جي نظر ۾ اچي وينداسين پوءَ مُنھن تي ڪپڙو ۽ اکين تي پَٽيون ٻَڌي 90 ڏينھن لاءِ ميٺا رام ھاسٽل ۾ ڪُٽينديون.پي پي وارا وري قوم پرست پارٽين کي باور ڪرائن ٿا تہ اسانجي حڪومت سنڌين جي حڪومت آھي اوھان گوڙ ڪندا تہ پنجاب پنھنجا ماڻھو يا گورنر راڄ مسلط ڪندو تنھن ڪري سنڌ جي قومي مفاد ۾ اچو تہ گڏجي سنڌ کي لُٽي برباد ڪريون.پليجو صاحب جي لانگ مارچ يا سياسي ھلچل سان ڀل سنڌ کي حق نہ ملن يا سندس جائز سنڌ جا مطالبہ منظور نہ ٿين پر ھاڻ اھا ڳالھ تہ سمجھ ۾ آئي تہ پ پ حڪومت کي پليجو صاحب جي جدوجھد مان سرسام تہ لڳو آھي.ان ڪري ڪروڙين روپين جا اشھتار ڏئي ڪرپشن ختم ڪرڻ جون نيڪيون ڪيون پيون وڃن.تڏھن تہ نثار کھڙو پليجو صاحب سان ملاقات ڪئي. ڇاڪاڻ چور ھميشہ صاف.سچي ۽ ايماندار ماڻھو کان ڊڄندو آھي.ٻيو تہ پليجو صاحب جي لانگ مارچ سبب سنڌ جي سياست جيڪا پوئين پساھن ۾ ماڳھين سڪرات ۾ ھئي.سياسي اڳواڻ جيڪي بيوه رَنن وانگي سياسي ڪم کي اين جي او ٽائيپ ڪري ڇڏيو.وينٽيليٽر تي پيل سياست کي نئون روح ڦوڪي جَلا ضرور بخشي آھي.ڪجھ ڪرڻ لاءِنئون اتساھ ضرور  پيدا ٿي پيو آھي.ھن پوڙھي ماڻھو جي اٿي پوڻ سان سياست مان مرڻ ۽ گرفتار ٿيڻ جو خوف ضرور ختم ٿيندو.ٻين سياسي پارٽين جا ڪارڪن بہ پنھنجي اڳواڻن جو مٿو ضرور کائيندا تہ ھو مرڻينگ پوڙھو جڏھن ھن عمر ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن لاءَ  روڊن تي آھي تہ پوءَ اوھين ھَٽا ڪَٽا بنگلن ۾ ڇو پيا آھيو.پليجو صاحب جيڪڏھن ھن عمر ۾ ڪجھ بہ نہ ڪري تہ مٿس ڪھڙي ميار آھي؟پر ضمير.سچائي.ايمانداري ۽ ڪجھ ڪرڻ جي ولوڙ پليجو صاحب کي ويھڻ نہ ٿي ڏئي.ڪنھن بہ پارٽي يا ماڻھو سان شخصي،سياسي،نظرياتي.پاليسين ۽ سوچن جا اختلاف ٿي سگھن ٿا پر سنڌ جي اجتماعي تباھي ۽ پ پ جي بدترين انتظامي حڪمراني توڙي ڪرپشن تي سڀني جو ساڳيو موفق آھي ايتري قدر جو پ پ ۾ ويٺل چونڊيل نمائيندن جو موقف بہ ساڳيو آھي تہ پوءِ ڇو نہ پليجو صاحب جي جدوجھد کي سگھارو ڪجي؟

No comments:

Post a Comment