Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday, 29 April 2011

Who will ensure proper share of water of Thirsting Sindh? By Rasul Bux Palijo


اڃ جي گهيري ۾ آيل سنڌ کي پاڻي ڪير ڏياريندو؟
سومر 28 جون 2010ع
پاڻيءَ جي کوٽ مسلسل وڌندي وڌندي هڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. ڇنڇر واري ڏينهن شايع ٿيل مضمون ۾ مون سنڌ اندر پاڻيءَ جي خطرناڪ کوٽ جو جيڪو منظر پيش ڪيو هو، ان ۾ پاڻ ميرپور خاص تائين پهتا هئاسين. اڄ وري اسان سنڌ جي ڪجهه ٻين ضلعن جي صورتحال بيان ڪنداسين.
ٿرپارڪر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
ٿرپارڪر کي آباد ڪندڙ اڪيلي رڻ شاخ جا آبادگار ارباب غلام رحيم کي ياد ڪن ٿا، جنهن جي دور ۾ هن شاخ تي ڪڏهن به وارابندي نه ٿي، جنهن ۾ هن وقت مهينن کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن پاڻي اچي ٿو. هزارين مڻ ٿيندڙ ڪڻڪ جي جاءِ تي هاڻ هڪڙو مڻ به مشڪل سان لهي ٿو. ڏيپلو، ڪلوئي، مٺي، اسلام ڪوٽ سميت  سوين ڳوٺن کي پاڻي مهيا ڪندڙ تلاءَ پاڻيءَ جي لاءِ سڪن پيا. اهڙيءَ ريت لکين ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ کان به محروم آهن ۽ جر جو زهريلو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. رستي ۾ ڀرپاسن کان بيٺل ديوين جا وڻ به وڍجي چڪا آهن، جيڪي ماڻهن جي گذر جو آخري ذريعو هئا. ان پاسي جو هڪ شخص ٻڌائي ٿو ته، ”هاڻي ماڻهن وٽ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، رڳو مانيءَ جي عيوض به ڪير مزدوري نٿو ڪرائي. ماڻهن جي وڏي اڪثريت نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي چڪي آهي، اسڪول ويران آهن، ماڻهو مفت جي ملندڙ مانيءَ لاءِ پنهنجا ٻار مدرسن ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪلين ٿا. مانيءَ عيوض عزت نيلام ٿي رهي آهي.“ مٽياري ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:
مٽياري ضلعي ۾ پاڻيءَ جي صورتحال اها آهي ته ڏهه دريءَ وٽ پاڻي جي کوٽ سبب ڏهه دريءَ مان نڪرندڙ نصير واهه، حيدرآباد بيراج، اڏيرو لعل شاخ، دينار شاخ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. ٽه دريءَ کان نڪرندڙ مٽياري شاخ، ڄام شاخ ۽ حيدرآباد بئراج مان نڪرندڙ راهو جي شاخ، هٽڙي شاخ، هوسڙي شاخ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري مٽياريءَ ۾ انبن، ليمن، ٻيرين، ڪيلن جا باغ، وغيره سڪي تباهه ٿي ويا آهن. رضوان موجب، مٽيارين ۾ باغن جي تباهيءَ جي ڪري اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. مٽياريءَ ۾ بصر جي تباهيءَ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه، سعيد آباد شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، ڇو ته مٽياري ضلعي جي جر جو پاڻي کارو آهي.
سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
سانگهڙ ضلعي ۾ قاضي شاخ، دم واهه، بوڀر شاخ، سونهري شاخ، دل شاخ، ٽنڊو آدم برانچ، مشائخ، کپر واهه جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو اچي ۽ اهي لڳاتار سڪل رهن ٿيون. سدا واهه ڊسمبر کان وٺي شاهپور چاڪر کان اڳتي نٿو وهي. بابو ڇن شاخ ته 1990ع کان وٺي وهي اچڻ کان جواب ڏيو بيٺي آهي. پاڻيءَ لاءِ جهميل شاخ وارن جون جدوجهدون سدائين هلندڙ آهن. بابوڇن تي ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين کان مٿي جا رند زميندار ڀت ڀوت تي يا ميلي ملاکڙي تي سگريٽن جي گهور ڪري تمام تنگيءَ وارو گذران ڪن ٿا. اڍائي سئو ايڪڙ جا مالڪ ذات جا لاکا آهن، جيڪي مقصودي ۾ مانڊڻي ڪڍيو ويٺا آهن ۽ سندن گذر سفر صرف ان مان پنجاهه، سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائڻ تي آهي. پنجاهه ايڪڙ جو مالڪ سدا واهه جهڙي وڏي شاخ تي به زمين غير آباد هجڻ ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري هڪ مينهن جو کير کپائي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ سندس ڇوڪرا مئٽرڪ پاس به نه ڪري سگهيا آهن، جيڪي هاڻ مزدوري پيا ڪن. بابو ڇن شاخ ته 15 سالن کان ڇٽي ڇهه ماهي مڙيئي ڪو ترو پسائي ٿي، نه ته ٻارهوئي سڪل رهندي آهي. جيڪڏهن وهي اچي ته ماڻهو وڻن ۽ آئٽن ۾ پاڻي کولي ڇڏيندا آهن، پر فصل نه پوکين، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته شاخ وري وهي ڪا نه ايندي، اسان مري جهري جيڪڏهن فصل ڪاهيون ۽ خرچ ڪريون ته سڄو زيان ٿي ويندو. هڪ دفعي هڪ ڳوٺ ۾ ويندي مون کي نواڻ محسوس ٿي، گڏ هلندڙ دوست کان ان سانت ۽ چپ چپات جو سبب پڇيم ته هن وراڻيو، ”هن علائقي ۾ سالن کان وٺي پاڻي ناهي آيو ۽ سڪل وڻن ۾ ڪو پکي پکڻ به ناهي، ڇاڪاڻ ته پکي به ڀرپاسي ۾ پاڻيءَ دٻو هوندو، تڏهن وڻن ۾ ويهندا. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي ماحول عجيب ۽ اوپرو ٿو لڳي.“ اڳي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ گهرن مان مال جون ڳوهرون نڪرنديون هيون ۽ ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا، هاڻي اتي ڍڳي، مينهن ۽ ڏاند ته پري رهيا، چانهه جي کير لاءِ ٻڪري به ڪنهن ڪنهن وٽ آهي. رڳو پاڻي نه هجڻ ۽ گاهه نه ٿيڻ ڪري ائين ٿيو آهي. ”هڪ ٻه ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري گهر مان نڪرندا ئي نه هئا، ڀر وارن ڳوٺن ڏانهن اچڻ وڃڻ لڳا، پڇڻ تي خبر پئي ته هو آني بهاني مڙئي مهمان ٿي ماني کائڻ ويندا آهن. اسان وٽ ڪيترن ئي زميندارن پنهنجون زمينون وڪڻي ڇڏيون آهن ۽ ٻيا وڪڻن پيا، انهن ۾ هڪ اڍائي سئو ايڪڙن جو زميندار به آهي، جنهن وٽ هاڻي صرف اٺ-ڏهه ايڪڙ ٻني وڃي بچي هوندي.“ دائود ٻڌائي پيو.
پڃاري، ڦليلي چئنل (اڪرم واهه) ۽ ٻين واهن ۾ درياءَ جو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري حيدرآباد جي گٽرن ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جو زهريلو پاڻي شهدادڪوٽ ۽ وارهه کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سيوهڻ وٽان اهو زهريلو پاڻي واهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. حيدرآباد جي گٽرن جو ۽ پنجاب ۽ بلوچستان مان ڇڏيل زهريلو ۽ کارو پاڻي پيئڻ ڪري عام ماڻهو گيسٽرو جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. بدين ۽ ٺٽي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ نه رڳو پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران آهي، پر ماڻهو مري وڃڻ جي صورت ۾ غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ آهي. پاڻي جي شديد بحران ۽ کوٽ جي ڪري ماڻهو پنهنجن علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. هڪ طرف سنڌو درياءُ سڪي ويو آهي ته ٻئي طرف جيڪو به ٿورو پاڻي اچي ٿو، اهو وري سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي رشوت طور ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو ڪامورو برابر جو شريڪ آهي ۽ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن کي پاڻي وڪرو ڪريو ڇڏي. سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن کي پاڻي ملي پيو، ان ڪري اهو سنڌي عوام سان غداري ڪري پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي.
عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:
ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1996ع کان پاڻي جي کوٽ جي ڪري هر طرف تباهي آهي. نبي سر ڪئنال، ٿر واهه، نور واهه، مٺڙائو جمڙائو جون پڇڙيون تباهه آهن، هزارين ڳوٺ ويران ٿي ويا. هزارين ڍور مري ويا، نبي سر ايريگيشن سب ڊويزن جي پنجن شاخن، ڪنري شاخ، راهمور شاخ، ٻانڊي شاخ، ٻسٽان شاخ، سونٺي شاخ، لولان شاخ ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي ناهي. پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻهو پريشان آهن. ننڍن شهرن ڪنري، نبي سر روڊ، نبي سر ٽالهي ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. پاڻي نه هجڻ ڪري ڪڻڪن جا فصل سڪي ويا آهن. جيڪي مرچ، ڦٽين جا فصل ٿيڻا هئا، اهي وقت سر نه ٿي سگهندا. ڳوٺن جون  عورتون دلا مٿي تي کڻي 16 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀرينديون آهن. نبي سر روڊ تعلقه ڪنري جو هڪ ڳوٺ راهمون نالي آهي، جنهن ۾ پاڻي 1967ع کان ناهي. جيڪو ڳوٺ واپار جو مرڪز هو، اهو هاڻي واريءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿيل آهي. ضلعي عمرڪوٽ ۾ لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ٿي ويون آهن. سامارو ۽ عمرڪوٽ روڊ تي تقريبن 13 ڳوٺ مالهين جا هئا، جيڪي ويران ٿي ويا آهن. جيڪو ڪجهه پاڻي جيڪڏهن اچي ٿو ته حڪمران پارٽي جا وڏيرا آبپاشي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پاڻي کڻيو وڃن ۽ اهي آبادگار ۽ هاري جيڪي سياسي اثر رسوخ نٿا رکن ۽ رشوت نٿا ڏئي سگهن، اهي پاڻي جي کوٽ ڪري 1996ع کان ڪاٺيون وڪڻيو گذر سفر ڪن ٿا. عمرڪوٽ شهر جي ڀر ۾ چاچڙ برادريءَ جا آبادگار جن جون سوين ايڪڙ زمينون هيون، اهي هاڻي تغاريون کڻيو گذر سفر ڪن پيا. ڪنري جي مرچ منڊي جيڪا ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي هئي، اها هن وقت ويران آهي. پاڻي جي کوٽ جي ڪري ضلعي عمرڪوٽ ۾ بدامني ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. منشيات فروشي عروج تي آهي، بدامني جي ڪري چوريون، کاٽ، ڌاڙا، موٽر سائيڪل جي ڦر عام آهي. هر رات ضلعي عمرڪوٽ ۾ سراسري طور 30 موٽر سائيڪلون ڦرجن ٿيون. ڍورن جي چوري ته عام رواجي ڏوهه آهي.
هن وقت سڄي سنڌ خاص ڪري بئراجن ۽ شاخن جي پوڇڙين ۾ رڻ پٽ ۽ ريگستان جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سالن کان درياهه وسيلي پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ ڪري سمنڊ جي ويجهن ضلعن ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر جي  لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويئي آهي، سوين ڳوٺ ۽ ٻنيون سامونڊي پاڻي وسيلي کاريون ٿي ويون آهن. اڌ ضلعي ميرپور ۽ عمرڪوٽ جو جر  ڪارو ٿي ويو آهي. مڇي ۽ جهينگي جو ڪاروبار ڪندڙ هزارين خاندان بک کان بدحال ٿي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن. آبي جيوت ۽ سامونڊي ٻيلن جي جڳهه تي رڻ بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٽن مهينن کان هيٺين آبادگارن تائين پيئڻ لاءِ به پاڻي نه پهتو آهي. جن زميندارن جون ٻه ٻه سئو ايڪڙ زمينون پوڇڙين ۾ آهن، سي پاڻي نه ملڻ ڪري ڪاٺ وڍي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهن. زميندارن معاشي مجبورين ڪري پنهنجا لکين رپين جا باغ وڍرائي ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي پورهيت خاندانن کي ڪيئي ويلا لنگهڻ ڪاٽڻو ٿو پوي ۽ اهي 300 بدران 50 رپيا وٺي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. ماڻهن کي شادي مرادي ۽ مرڻي پرڻي جي رسمن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ لاءِ ميلن تان نلڪن يا دٻن جو ڪنو پاڻي آڻڻو ٿو پوي. جيڪو مسڪين سنڌي عوام لاءِ مرضن ۽ موت جو سبب بڻيل آهي.
ٽنڊي محمد خان ۾ پاڻي جي کوٽ جو احوال:
امان واهه تي ورڙ، منگي، بهراڻي، شيدي، ڪولهي، سيد، کوکر، رند، لاشاري، ملاڻا، دل، سيال، چانڊيا، نظاماڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. جن جون امام واهه تي زمينون آهن، پر پاڻي نه هئڻ ڪري زمينون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن. اسان جي علائقي جا واهه ۽ انهن جا نالا هي آهن ته ڦليلي، ڊوڪيا، شاهه واهه، ربن، جاڙڪي، دوديري، پانڌي واهه، ابڙي، ڪڙيو واهه، ڄام واهه، غلام محمد بيراج، حسن علي واهه، بلڙي شاهه ۽ ٻيون ڪيتريون شاخون آهن، جن ۾ پاڻي بدران واري پئي اڏامي. ماڻهن جو گذر زمين بدران مال تي وڃي بيٺو آهي. پر  هاڻي مال به پاڻي نه هئڻ ڪري گاهه ڪٿان چري؟ ان ڪري مال به اڃ ۽ بک جي ڪري مري رهيو آهي. انور رند ٻڌائي ٿو ته، ”پ پ جي حڪومت ۾ هتي ٿيل ڪلورن جو داستان ڊگهو آهي. سڄي علائقي ۾ پوليس جي ٻڌ-ڇوڙ جاري آهي. پ پ وارا ۽ پوليس گڏجي ماڻهن کي ڦرين ٿا. بينظير سپورٽ پروگرام جي نالي سان مائين کي ڪجهه پئسا ملن ٿا، پر ان مان اڌ پ پ جا مقامي جيالا کنيو وڃن. غريب ماڻهن جو ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي، ليگلا وري سڀ وڏيرا آهن، جيڪي پاڻ ۾ مليا ويٺا آهن.“
سنڌ تي هڪ نظر وجهي ڏسو، جانورن جي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي ۽ ماڻهو زهريلو ۽ شهرن جي گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، وڻ سڪي ختم ٿي ويا آهن. آڪٽوبر ۾ پوکيل ڪمند پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ويو آهي. کيڙي، ٻج ۽ ڀاڻ جو خرچ آبادگارن ۽ هارين جي ڳچيءَ ۾ آهي، ڪمائي ته ڇٽي، پر محنت ۽ خرچ به ٻڏي ويو آهي. سنڌ جي آخري ڪوٽڙي بيراج جون شاخون ڊسمبر کان سڪل آهن. جن علائقن کي ٻارهن مهينا پاڻي ملڻ کپندو هو، انهن علائقن ۾ 4 مهينن کان فصلن لاءِ ته ٺهيو، پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي. غريب هاري، مزدور، آبادگار ۽ واپاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڪاٺيون وڪڻي گذر سفر ڪندڙن جو وسيلو به ختم ٿي چڪو آهي. جانور بکن، اڃن ۽ بيمارين وگهي مري رهيا آهن. مارڪيٽن ۾ وڪري جي پوزيشن به ناهي. ٻهراڙين ۾ ته غربت جي انتها ٿي چڪي آهي، نه روزگار آهي، نه اناج ۽ نه زميندارن طرفان کين قرض ٿو ملي. معصوم ٻارڙا، پنڻ يا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڪرپشن ۽ محتاجي انساني عزت کي نيلام ڪري رهي آهي، حڪومتي وڏيرن ۽ ڪامورن جو ته ڪاروبار اڳئين مشرف دور ۾ به جاري هو ۽ اهو ساڳيو ڪاروبار هن دور ۾ به تيزيءَ سان هلندڙ آهي. سنڌ دهشتگردن، وڏيرن ۽ جيالن جي حوالي آهي، جن لاءِ عوام جون دانهون آهن ته ڪرپشن عروج تي آهي. ڪو به پڇڻ وارو ناهي. محمد خان ٻڌائي ٿو ته، ”هر يونين ڪائونسل کي ملندڙ 2 لک رپيا قسط مان ماهوار ڏيڍ لک رپيا في يونين ڪائونسل ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن تحت وڃي رهيا آهن. حساب ڪيو ته تعلقن، ٽائونن ۽ يونين ڪائونسلن مان اربن جي ڪرپشن هر مهيني ٿئي ٿي. ايريگيشن، هاءِ ويز، پوليس، منرل، فوڊ، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ جي بجيٽ ڪرپشن تحت دهشتگردن ۽ سرڪاري وڏيرن ۽ جيالن جي ذاتي کاتن ۾ وڃي رهي آهي ۽ ڪوڙن ڪاغذن تحت فائل ٺهي رهيا آهن. عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان حڪومتي ڦرلٽ جاري آهي. 5 ڪروڙ عوام پاڻي، تعليم، صحت، روڊن رستن ۽ امن امان جي سهولتن کان محروم آهي ۽ ماڻهو بکن، ڏکن ۽ تڪليفن جي ايذاءَ ۾ ڦاٿل آهن“.
گذريل ٿورن ڏينهن جي اخباري اطلاع موجب پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا ۽ مظاهرا ڪيا ويا. جهڙوڪ سانگهڙ، گلاب لغاري، ڪنري، خانپور مهر، جاتي، جهڏو، ڦل، ڀان، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، ڄامشورو، بٺورو، ڏيئي، دولتپور، کپرو، سوڀوديرو، گهوٽڪي، بدين لاڙڪاڻو وغيره. وڌيڪ اطلاع هئا ته ڄام نواز علي تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. ٽنڊي آدم ۾ آبپاشي کاتي وارن شاخ بند ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڇڪتاڻ پيدا ٿيل آهي. اتر سنڌ جي اهم ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري سارين جو ٻيجارو پوکجي نه سگهيو آهي. رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه ڇڏڻ تي عملدارن کي توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. نصير آباد، ٺٽي، ڄامشوري، پٿوري، ڳوٺ گلاب خان لغاري ۽ سچل ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي. ٿر ۾ برساتي پاڻي جا ذخيرا ختم ٿي ويا آهن. ٽئنڪرن جا مالڪ ٺيڪيدارن سان گڏجي پاڻي پئسن تي وڪڻن ٿا ۽ غريب خريد ڪرڻ کان لاچار آهن. ڄامشوري ۾ به ساڳي حالت آهي ۽ سرنديءَ واريون ڌريون پئسن سان پاڻي خريد ڪرڻ لڳيون آهن ۽ غريب عوام سخت پريشانيءَ ۾ ڦاٿل آهي. پٿوري بابت اطلاع آهي ته پٿوري جي شاخن ۾ 6 مهينن کان پاڻي نه پهتو آهي، فصل سڪي ويا آهن، گذر سفر جا وسيلا ختم ٿيڻ لڳا آهن. آبپاشي عملدارن جي نااهلي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻي جي وڪري ڪرڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر ۽ ويران بڻجي وئي آهي. دولتپور بابت اطلاع آهن ته شاخن جي منڍ ۾ بااثر زميندار لفٽ مشينون هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. ٽنڊي ڄام جي ڄام شاخ ۾ ڪيترن سالن کان پاڻي نه پهچڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بنجي وئي آهي. پوڇڙ وارن آبادگارن جو مطالبو آهي ته ڄام شاخ تي رينجرز مقرر ڪئي وڃي.
سنڌ پاڻيءَ لاءِ ڪيترو پريشان آهي، ان جو رهيل احوال وري ايندڙ تحرير ۾ اورينداسين.

Water Shortage causing Monstrous sights in Sindh By Rasul Bux Palijo


پاڻي کوٽ جا ڀوائتا منظر پسندڙ سنڌ!
ڇنڇر 26 جون 2010ع
سنڌ لاءِ هن وقت قيامت جي گهڙي ويجهي پوندي وڃي، تباهيءَ جو سج نيزي پاند اچي بيٺو آهي. ڪنهن هڪڙي مصيبت، آفت يا تباهيءَ جو خطرو هجي، جنهن کي ٽارڻ جو ڪو بلو ڪجي، هڪڙو ويري يا دشمن هجي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌجي، هتي ته ڳالهه لطيف واري سَسئيءَ جي ويرين کان به چڙهيل آهي.
”اٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽيا پنهونءَ پير،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير،
واهيريءَ جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين (شاهه)
آسمان کي ڇهندڙ مهانگائي، اٿاهه اڃ، بک ۽ بيروزگاري ۽ ان جي ڪري آنڊن ڄاون ٻچن جا وڪرا، خودڪشيون، ديده دليري واري رشوت خوريءَ جي گرم بازاري، ڏينهن ۽ رات جي اٺن ئي پهرن ۾ هر پل ڦرون، ڌاڙا، اغوا، قبائلي قتلِ عام، نياڻين جا ڪوس، ابهم ٻارڙين سان اجتماعي زنائون روزمرهه جو معمول بڻجي ويو آهي. پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ عزيزن جي جانين ۽ عزتن ۽ آزادين مٿان خوف جي راڪاسن جو راڄ آهي. بي رحم ۽ سفاڪ دورن جا ڀوائتا منظر ڄڻ اکين اڳيان بيٺا ڏسجن. جمهوريت، انتظام، قانون جي حڪومت، تعليم، انصاف، امن و امان مذاق ۽ ڍونگ بنجي ويا آهن. سنڌي ماڻهن جي تاريخي، قانوني، آئيني ۽ انساني ملڪيتن، حقن، آزادين، اختيارين ۽ هزارين بي دردين سان ختم ڪيل جانين جي حساب ڪتاب ۽ جزا ۽ سزا جي انصاف کي مفاهمت جو راڪاس ڳهي ويو آهي. سنڌ جو تخت گاهه دهشتگردن جي نشاني تي آهي، جن جي هڪڙي دلپسند تفريح ۽ راند ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ آهي. پنهنجي بي شمار پراڻين توڙي نين ڪارگذارين، ڪار وهنوارن ۽ دوستين دشمنين جي حسابن ڪتابن جي فڪرن ۾ مبتلا جمهوري حڪمرانن کي پنهنجا پلاند آجا رکڻ جي پل پل جي انيڪ خسارن کان ايتري فرصت ڪٿي، جو هو کين ووٽ ڏيندڙ ۽ چونڊيندڙ الهه لوڪ ۽ ويساهه وسوڙيل سنڌي مخلوق جي گهڙيءَ گهڙيءَ جي گهاوَن سان چڪنا چور موت جهڙي زندگيءَ جي ڦٽن تي ڪو مرهم رکڻ جو سوچي سگهن. هونئن کين هن پاسي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ڪا اهڙي گهڻي ضرورت نظر نٿي اچي، ته هو پنهنجي ذاتي ۽ حڪمرانيءَ جي اٿاهه مصروفيتن ۽ مجبورين هوندي پنهنجو قيمتي وقت سنڌي ماڻهن جي اڻکٽ ۽ ڄڻ ته قدرتي طرح ۽ لاعلاج مسئلن کي منهن ڏيڻ تي سيڙائي سگهن. سندن حساب ڪتاب موجب سنڌي ماڻهو جيڪي روزِ ازل جا محروم ۽ مجبور آهن ۽ ڪڏهن سک جو ڏينهن سنبرن ئي ڪو نه، تن لاءِ موجوده جمهوري حڪمرانن جا دلاسي جا ٻه اکر ئي وڏي ڳالهه آهن، ڇو ته سندن جسم جو وار وار جمهوري حڪمرانن جي قرب ۽ محبت ڀريل ٻولن، سهڻن واعدن، من موهيندڙ اقرارن ۽ خاص ڪري جمهوريت لاءِ سر قربان ڪندڙ شهيدن جي قربانين جي احسانن ۾ گرفتار آهي. هو ۽ سندن ايندڙ نسل کڻي سوين جنم جيئرا رهن، ته به حاڪمن جي انهن احسانن جو قرض لاهي ئي نٿا سگهن، ان ڪري جمهوري حڪمران کڻي، سئو ڀيرا کين سندن ٻچن ٻارن جي جانين، ملڪيتن، بلڪه زندگين کي تين وال ڪري ڇڏين يا گهاڻن ۾ وجهي پيڙهائي ڇڏين ته به خير آهي. سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سندن جهڻ ٻچو سندن احسانن جون زرخريد ملڪيتون آهن، جن کي هو جيڏانهن به ڪن ۽ جيئن به ڪن، کين سئو ڀيرا اختيار آهي. جيڪڏهن سنڌي قوم کي چهٽيل انهن سمورن بيشمار موزي مرضن مان ڪو هڪڙو سڀ کان خطرناڪ ۽ اک ڇنڀ ۾ ڪم لاهڻ جهڙو آهي ته اهو آهي پاڻي. خاص ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڏڪار جو موتمار مرض.
سنڌ هن وقت پاڻي جي جنهن ڪربلا ۽ قيامت هيٺ آيل آهي، تنهن جو قصو ڪو هڪ اڌ سال يا ٻن ٽن سالن جي سوڪهڙي ۽ سختيءَ جو ڪونهي، جو ماڻهو ڀانئين ته دنيا ۾ اهي لاها چاڙها ته سدائين آهن، الله ڪندو ته ڏکيو سکيو ڏڪار سڪار جو وقت نيٺ گذاري ڪنڌيءَ ڀيڙا ٿينداسين. هيءَ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي، اهو ذري گهٽ ڪنهن خون جي ڪيس ۾ مليل موت جي سزا جهڙو يا ڪنهن موذي مرض ۾ لوڙي لوڙي اچي مرض الموت جي ڪنهن ڪنڌي تي پهچڻ جي برابر آهي. جهڙيون حالتون آهن، تن مان جند ڇٽڻ جي ذري گهٽ خير ڪا به اميد نٿي ڏسجي. جن ماڻهن کي سرزمين تي پاڻيءَ جي سپلاءِ جي صورتحال جي اکين ڏٺي خبر آهي، تن کي معلوم آهي ته جيڪڏهن فوري ۽ اثرائتا اپاءَ نه ورتا ويا ته سنڌ جي لاڙ توڙي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ مال ۽ ماڻهن جي موت جا حقيقي امڪان نظر اچي رهيا آهن. ڪجهه هفتن کان سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪلورن بابت مختلف علائقن جي متاثر ماڻهن کان جيڪي احوال ملن پيا تن جا ڪجهه تفصيل هن ريت آهن.
ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ:
ٺٽي سان تعلق رکندڙ بلاول ٻڌائي ٿو ته، ”اسان جي شهرن ٺٽي، مڪلي، ور، ميرپورساڪرو، ڳاڙهو، ٻهارا، جنگشاهي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به موجود ڪونهي. کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ماڻهن کي ايترو مٺو پاڻي نٿو ملي، جو جنازن کي غسل ڏيئي سگهن. کارو ڇاڻ تعلقي کي آباد ڪندڙ ناليون ماڇڪي نالي، انڊو دارسي ۾ ڇهه ڇهه مهينا پاڻي ڪونهي. ٻن شاخ، جنهن تي ٻگهاڻ ۽ ڪيٽي بندر شهرن جون واٽر سپلائي لائينون آهن، گذريل 4 مهينن کان بند آهي. گهار گهگهي، راڄ واهه، ڊوهڙو ناڪاڻي، ناهيڪي، پالڪي ماڙي، ڄام واهه، ڄام برانچ، خاناڻي، کيراڻي، لڌ کانٽي، نصير واهه، کارڙو، وهڙو جاگي، نانگو واهه، لڌيا، ڪرم پور، اوٺارڪي، شورڪي نالين ۾ پاڻي موجود ناهي. ٺٽي، ساڪري، گهوڙا ٻاريءَ جا بااثر زميندار نالين مان ڪٽ ڏيئي پنهنجا فش فارم ڀرائي ننڍن آبادگارن کي پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ تڙپائي رهيا آهن.“
بدين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
لطيف بلوچ ٻڌايو ته، ”پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٺٽو ۽ بدين ضلعا ٿيا آهن. جتي جا 200 ايڪڙ جا زميندار به ڪاٺيون وڪڻي پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف سمنڊ کي ويجهي زمين تيزيءَ سان کاري پاڻيءَ جو کاڄ بڻجندي پئي وڃي.“ تازو رپورٽ ٿيو آهي ته سيراڻيءَ جي پاسي ميت کي تڙ ڏيارڻ لاءِ به ڳوٺاڻن چندو ڪري بدين مان پاڻي گهرائي لاش کي غسل ڏياريو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڻيءَ جي آسري جن ماڻهن هن مهانگائيءَ جي دور ۾ قرض کڻي ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکيا، تن سان ڪهڙو حشر ٿيو هوندو. اڳي پوڇڙ وارن جون دانهون هونديون هيون. هاڻي منڍ وارا به روئن پيا. ڪوٽڙي بيراج جي کاٻي پاسي نڪرندڙ ٽيئي واهه ڦليلي، پڃاري ۽ اڪرم واهه حيدرآباد جي شهر وچان وهي نڪرن ٿا. ٿوري تڪليف ڪري وڃي ڏسو ته توهان کي انهن واهن ۾ درياهه جي پاڻيءَ بدران حيدرآباد جي گٽرن جو کارو پاڻي وهندي نظر ايندو ۽ بدبوءِ توهان کي ساهه کڻڻ نه ڏيندي.
حيدرآباد تعلقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
حيدآباد تعلقي ۾ گهوٽاڻا شاخ، شاخ ماتي مائينر، بلوري شاخ، هوسڙي شاخ ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙين ۾ پاڻي ناهي. اتان جي هڪ مقامي رهواسي اياز خاصخيلي پاران مليل معلومات موجب ”انهن شاخن جي پوڇڙيءَ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻهن پنهنجون زمينون سرن جي بٺن لاءِ پٺاڻن کي ڏيئي ڇڏيون آهن. پٺاڻن جي ڪري علائقي ۾ منشيات جو ڪاروبار وڌي ويو آهي، نوجوانن ۾ نشي جو رجحان وڌي رهيو آهي. هن علائقي ۾ سال ٻن کان  ٽنڊو حيدر کان ڳوٺ بهاول زنئور تائين شيخ ڀرڪيو روڊ جي ٻنهي پاسن کان غير آباد زمينون اسٽيٽ ايجنسين وارن زمين مالڪن کان ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري پلاٽن جون  اسڪيمون هلائي رهيا آهن. انهن پلاٽن جي قيمت 300 کان 400 رپيا في اسڪوائر فوٽ آهي. اهي پلاٽ حيدرآباد شهر جا سنڌي نه ڳالهائيندڙ سيٺ، واپاري ۽ پٺاڻ وڏي پئماني تي خريد ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ ريت هن علائقي جا ننڍا آبادگار پنهنجون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري وڪڻي بي زمين ٿي رهيا آهن.“ انهن شاخن جي منڍ ۾ ٿورو گهڻو پاڻي وارابنديءَ تحت اچي ٿو. وڏا زميندار، جن جي واٽر ڪورسن جا منهن ڀڳل آهن، انهن تي لفٽ مشينون رکيل آهن. اهي سڀ پاڻي کڻي وٺن ٿيون. ننڍن آبادگارن ڏانهن پاڻيءَ جو ڦڙو به نٿو وڃي، انهن جون زمينون غير آباد آهن. جنهن ڪري وڏا زميندار غير آباد زمينون خريد ڪري رهيا آهن. آهستي آهستي ننڍو آباگار ختم ٿيندو پيو وڃي، وڏن زميندارن جون زمينون وڌنديون پيون وڃن. ٽنڊو حيدر، بهاول زنئور، موري منگر، ٽنڊو عالم مري وارن علائقن ۾ زمين جو پاڻي کارو هجڻ ڪري ماڻهو شاخن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. هنن علائقن جا ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ٽئنڪرن وارن کان 40 کان 50 رپيا في ڏول وٺڻ تي مجبور آهن. هن علائقي ۾ غريب ماڻهو ڪاٺيون وٺي گذارو ڪن ٿا. ڪاٺيون ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي ماڻهو انهن جا لاهه ڪڍي وڪڻڻ لڳا آهن. پٻڻ شريف جي 4 ڪلوميٽرن جي هم چورس زمين جو مٺو پاڻي هجڻ ڪري ننڍن آبادگارن پنهنجين ٻنين ۾ ٽيوب ويل لڳرايا آهن. ٽيوب ويلن جي مسلسل هلڻ ڪري ڳوٺ جا هينڊ پمپ پاڻي ڇڏي ويا آهن. انهن جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي. ان سان آئنده پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران وڌي ويندو.
لاڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
ڪوٽڙي بيراج مان چار واهه نڪرن ٿا. ڪوٽڙي بگهاڙ فيڊر جو پاڻي 12  مهينا وهائڻ جو فيصلو ٿيل آهي، ان ڪري جو هن واهه جي پاڻي کي ڪينجهر ڍنڍ ذريعي ڪراچي جي آبادي کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ٿو. 15 ڊسمبر کانپوءِ ڪوٽڙي تائين سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب 15 ڏينهن وقفي سان پاڻي ويندو رهيو آهي، ان ڪري ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي اٽڪل 12 فٽ کان وڌيڪ هيٺ لاٿ ڏني آهي. سبب ڪراچيءَ کي پاڻي مسلسل ڏيڻو پوي ٿو، ان ڪري ٺٽو سب ڊويزن ۽ ساڪرو سب ڊويزن جون آباد زمينون پاڻي نه ملڻ ڪري سوڪهڙي جو شڪار ٿيون آهن. ٻئي طرف تر جا بااثر زميندار ڇتي چنڊ ويجهو KB فيڊر جي ريگيولٽر وٽان غير قانوني طور زوري زبردستي ڪٽ هڻي درياءَ جي ڪچي جي علائقي ۾ 500 ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي وهائي درياءَ جي ڪچي جون زمينون آباد ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه KB فيڊر تي تمام گهڻيون بي قاعدي لفٽ مشينون رکيل آهن، جن سان به گهڻو پاڻي کنيو وڃي پيو. گهوڙا ٻاري ۽ ميرپور ساڪرو جا ننڍا آبادگار سخت مشڪلات جو شڪار آهن. ڪوٽڙي بئراج وٽان اوڀر طرف ڦليلي واهه نڪري ٿو، جنهن جي گهرج اٽڪل 2400 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان پڃاري واهه، گوني واهه ۽ اڪرم واهه (لائين چينل) آهن، ۽ گوني واهه ۾ تمام ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو، جيڪو وڏا بااثر زميندار هڙپ ڪن ٿا. انهن جا فصل ڪجهه نه ڪجهه ٿيا آهن ۽ ڏسڻ جهڙا آهن، پر پڃاري واهه، جنهن جي گنجائش 14 هزار ڪيوسڪ ٿيندي، ان ۾ 15 ڊسمبر کان اڄ تائين هڪڙو ڦڙو پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي. هن سب ڊويزن ۾ آبادگار شگر مل، شاهمراد شگر مل، ديوان شگر مل ۽ لاڙ شگر مل، جن جي سالياني ڪمند جي پيڙهائي اٽڪل 6 ڪروڙ مڻ کان به مٿي آهي، انهن کي هن سال هڪ ڪروڙ 50 لک مڻ کان مٿي ڪمند نه مليو، جنهن جو سبب پاڻي جو نه هئڻ آهي. ياد رهي ته پڃاري واهه حيدرآباد شهر جي وچ مان وهي ٿو، ان ڪري حيدرآباد شهر جا سمورا گٽر پڃاري ۾ کوليا ويا آهن، اهو گٽر جو پاڻي پڃاري تي رهندڙ انسان، جانور، پکي پکڻ ۽ ٻيا  ساهه وارا جيت پين ٿا. ان ڪري هزارين انسان، جانور، پکي پکڻ هر سال موت جو شڪار ٿين ٿا.
گل حسن ٻڌائي ٿو ته، ”ڪوٽڙي کان هيٺ درياهه ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سنڌ سرڪار اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن طرفان ڏنل انگن اکرن موجب 16 لک ايڪڙ آباد زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. هاڻي اتي ڪو به فصل پوکي ڪو نه پيو سگهجي. درياهه اندر جر جو پاڻي  تار تائين کارو ٿي ويو آهي. چوهڙ جمالي، سجاول، ٻيلو، دڙو ۽ بٺورو تائين نلڪن جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. سجاول سب ڊويزن ۾ ڪاري سائي عام آهي، هر گهر جا تقريبن چار کان 7 ڀاتي انهيءَ مرض ۾ ورتل آهن. سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪاري سائي جو مرض 70 سيڪڙو تائين آهي.“ پڃاري واهه مان ڪل 14 ننڍا وڏا واهه ۽ شاخون نڪرن ٿيون. قادر ڏنو شاهه ريگيوليٽر وٽان 6 شاخون نڪرن ٿيون، وري دڙو ڀرسان دڙو بيراج، محمود واهه، شيخا واهه ۽ گنج بحر نڪرن ٿا. هوڏانهن ڇريٽاڻي وٽان شاخون نڪرن ٿيون. هي فقط پڃاري واهه جون شاخون آهن. گوني واهه مان تقريبن 15 کان 16 ننڍيون وڏيون شاخون نڪرن ٿيون، جن ۾ به هن چيٽ جي موسم ۾ پاڻي اڻ لڀ آهي. هڪ اندازي موجب 5 ايڪڙن کان 50 ايڪڙن تائين جا ننڍا وڏا آبادگار شهري سيٺين جي وياج هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ميرپورخاص ۾ پاڻيءَ جي کوٽ:
ميرپورخاص جي جمڙائو واهه ۾ ڊسمبر ۽ جنوريءَ کان گهربل پاڻي موجود ناهي. جمڙائو ڪئنال جي ايسٽ جمڙائو ۽ ويسٽ جمڙائو ٻنهي جي پوڇڙيءَ تائين پاڻي موجود ناهي. منڍ ۾ به پاڻي موجود ناهي. بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڪي ويو آهي. انبن، ڪيلن ۽ ٻيرن جا باغ سڪي ويا آهن، آبادگارن ۽ هارين جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن. آبادگارن ۽ هارين جو ڀاڻ، کيڙي ۽ زرعي دوائن جو خرچ ٻڏي ويو آهي. ميرپورخاص کان جهڏي تائين پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي، جنهن ۾ وچ جا شهر ٽنڊو جان محمد، ڪوٽ غلام محمد، ڏهون ميل موري، لانڍي، ميرواهه، ڊگهڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي. غلام مصطفيٰ ٻڌائي ٿو ته، ”انهن علائقن ۾ جر جو پاڻي به خراب آهي، مال متاع، پکي پکڻ توڙي انسان وڏي پيماني تي بيمار ٿي رهيا آهن، مال ۾ مينهن، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن ۾کارو ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ سبب موت لامارا ڏيئي رهيو آهي، اسان ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ۽ ميرپورخاص کان نئون ڪوٽ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڏسنداسين ته اسان کي مئل جانورن جا ڪيترائي هڏاوان پڃرا پکڙيل نظر ايندا. انسانن ۾ زهريلي پاڻيءَ جي ڪري هيپاٽائيٽس سي ۽ بي الٽيون، پيچش، ٽائيفائيڊ جون بيماريون عام آهن، ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو بي موت مري رهيا آهن.“  ٻين شهرن جي ڇا صورتحال آهي؟ ايندڙ مضمون ۾ اها بيان ڪئي ويندي.

Global context of planning against Sindh By Rasul Bux Palijo


سنڌ جي خلاف جڙندڙ منصوبن جو عالمي تاريخي پسمنظر
جمع 7 مئي 2010ع
ڪائنات، انساني سماج ۽ انساني سوچ جي سائنس اسان کي ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ اهو به سيکاري ٿي ته ڪائنات اندر جيڪي بظاهر ڪروڙين اربين ڇڙوڇڙ ۽ اڻ لاڳاپيل شين، لقائن جا منتشر مجموعا نظر اچن ٿا، سي دراصل هڪڙي پاسي هڪٻئي سان ابتڙن ۾ ورتل ته ٻئي طرف پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ، هڪٻئي کي متاثر ڪندڙ ۽ هڪٻئي کان متاثر ٿيندڙ نظامن جا مجموعا آهن. سموري انساني اوسر جي تاريخ به ائين آهي. مثلاً هيٺين ڪن تمام وڏن ڇڙوڙ تاريخي ڳالهين ۽ واقعن جو پاڻ ۾ ڪو به  واسطو نظر نه ايندو، پر جيئن نظر ايندو تيئن ناهي، انهن جو پاڻ ۾ سڌو يا اڻسڌو ويجهو يا پرانهون واسطو، دارومدار ۽ اثر آهي. روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ٿينديون رهيون. پندرهين کان ويهين صديءَ جي شروعات تائين سڄي دنيا تي مغربي سامراجين جو تسلط هو، جنهن ۾ انگريزي شهنشاهت جي دور جي وڏي ۾ وڏي شهنشاهيت هئي، جنهن تان ڄڻ سج لٿو ئي نٿي. هندستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان جي تابع هئا. آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ روس ٻيون وڏيون طاقتون هيون. 1914ع کان 1919ع تائين يورپ ۾ مهاڀاري لڙائي لڳي. ان لڙائيءَ هلندي روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو، جنهن آمريڪي ۽ يورپي عالمي سرمايه دار سامراج جي عالمي وجود جي بنيادن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. سامراجي دشمنن ان انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين قسمن جون زبردست ڪوششون ڪيون، اهي ناڪام ٿيون. جڏهن اها مهاڀاري جنگ ختم ٿي تڏهن ويڙهو ڌر جو اڳواڻ انگلينڊ هو، تنهن ڌر کٽيو ۽ جرمن اڳواڻيءَ واري ڌر هارايو. کٽيندڙ ڌر جرمنيءَ تي اهڙا موتمار شرط ۽ ڏنڊ وڌا، جن جو اڳ مثال ملڻ مشڪل هو. پر ويهن سالن اندر ئي جرمني وري جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. پر اها جنگ جرمن بادشاهن ۽ جرنيلن بدران هڪڙي نام نهاد مزدور لٻاڙي ليڊر پاران شروع ڪرائي ويئي، جنهن بظاهر سڄي يورپ ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏي. جرمنيءَ جا تاريخي دشمن برطانيه ۽ فرانس سندس ڄڻ پيرن جي خاڪ ٿي ويا ۽ هن جيڪي کين ڪرڻ لاءِ چيو، سو هڪدم مڃيائون. حقيقت ۾ اها انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا جي روس کي تباهه ڪرائڻ لاءِ  سٽيل هڪڙي زبردست ڳجهي عالمي سازش هئي، جنهن ۾ جرمني به شريڪ هئي. هن اعلان ڪيو ته هو روس تي قبضو ڪرڻ ۽ دنيا جي يهودين کي ختم ڪرڻ گهري ٿو. هن يورپ جي ڪيترن ملڪن تي حملا ۽ قبضا ڪيا ۽ آخر ۾ روس تي حملو ڪيائين، جنهن کيس شڪست ڏني ۽ وري جرمني ۽ سندس ساٿاري اٽلي ۽ جپان وغيره هارائي ويا ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا وارا في الحال وري به کٽي ويا. پر ان جي عظيم جنگ کانپوءِ انگلينڊ ۽ فرانس جون شهنشاهتون ۽ ٻيون يورپي شهنشاهتون ختم ٿي ويون ۽ سندن سڄي دنيا جي غلام بنايل علائقن مان هندستان، پاڪستان، الجزائر، موراڪو، انڊونيشيا ۽ ٻيا گهڻا ملڪ وجود ۾ آيا. هڪڙي طرف سڄي سرمائيدار دنيا جو اڳواڻ انگلينڊ جي جاءِ تي آمريڪا ٿي ويو ۽ ٻئي طرف سوويت يونين سپر پاور بنجي ويو. ”ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا“.
ڪيترا ملڪ پاڪستان وانگر آزاد ته ٿيا، پر اهي سٺ سالن گذرڻ بعد به حياتي ۽ موت جي ڪشمڪش مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهيا آهن. اها ئي قبائليت، اها ئي جاگيرداري، اها ئي بک، اها ئي ڦرلٽ، اها ئي جهالت، اها ئي بدنظمي، اها ئي ڏنڊا شاهي ۽ نرم گرم انگريزي راڄ بدران فوجي ڊڪٽيٽرشپ...جيڪا به وک آهي، سا اڳي کان پوئتي وڃي ٿي، اڳتي نٿي وڌي. ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي کنڊن ۾ گهڻا مسلمان ملڪ آهن، پر اهي ذري گهٽ سڀ خراب حالن ۾ آهن. انگلينڊ انهن جي خراب حالن جو ناجائز فائدو وٺي ڪيترن مسلمانن کي ڪرائي جو سپاهي ڪري هڪٻئي خلاف استعمال ڪندو رهيو. تازو آمريڪا کين افغانستان ۾ روس خلاف استعمال ڪري منجهائن ڪم ڪڍي وري کين سڄي دنيا ۾ دهشتگرد طور سندن شڪار ڪرائي رهيو آهي، ۽ مسلمان دنيا کي موت جي منهن ۾ وجهيو ويٺو آهي.
دنيا بدلجي پئي!
دنيا مان سوويت يونين ختم ٿي ويو آهي، پر مزدور، هاري ۽ سوشلسٽ جدوجهد ختم ڪا نه ٿي آهي. هوڏانهن دنيا ۾ سرمائيداري آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ چين ۽ ٻيا سوشلسٽ، ايشيائي، آفريقي ۽ لاطيني ملڪ ڏاڪي به ڏاڪي زور وٺندا وڃن. هوائن جو رخ اولهه (آمريڪا ۽ يورپي ملڪن) بدران اوڀر (ايشيا، آفريقا، لاطيني آمريڪا) جي فائدي ڏانهن محسوس ٿي رهيو آهي.
ٻين لاءِ کنيل کڏن ۾ ڪرندڙ سامراج:
مٿيون سڀ ڳالهيون ۽ واقعا رڳو قدرتي طرح يا رڳو اتفاق سان يا پنهنجي ليکي پاڻهي ڪو نه ٿيا آهن، انهن ۾ واسطيدار ڌرين جون ظاهري توڙي ڳجهيون ڪامياب توڙي ناڪام رٿابنديون، محنتون، ڪوششون، حرفت بازيون ۽ سازشون به شامل آهن. مثلاً انگلينڊ، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا جيڪا روس خلاف زبردست عالمي سازش ڪئي، اها کين ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. دنيا جي جن ماڻهن پنهنجي اها ذميواري ڪري ليکي هوندي ته هو انسان ذات جي عالمي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ارتقا ۽ سفر جي باري ۾ هر ممڪن حد تائين سربستي ۽ ڳوڙهي جاچ ڪري پوريءَ طرح باخبر رهن ۽ ان ڄاڻ کي روشني بنائي دنيا جي پورهيت ۽ مظلوم قومن ۽ عوام جي ڇوٽڪاري جي ويڙهه جي سفر کي وڌ ۾ وڌ سڻائو ۽ ڪامياب بنائين، تن کي مٿين ڳالهين، واقعن سان لاڳاپو رکندڙ هيٺين عالمي تاريخي ڳالهين ۽ واقعن بابت ڪجهه نه ڪجهه خبر ضرور پئجي سگهي هوندي ۽ هو اهو معلوم ڪري سگهيا هوندا ته انهن سمورن ڇڙوڇڙ ۽ ظاهري اڻ لاڳاپيل ۽ غير واسطيدار ڳالهين ۽ واقعن جا پاڻ ۾ ڪئي سڌا ۽ اڻ سڌا واسطا هئا ۽ آهن.
روس کي جرمني هٿان تباهه ڪرائڻ جي ناڪام سازش:
پهرين جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ جڏهن روس ۾ سوويت انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ سرمائيدار ملڪ خاص ڪري انگلينڊ ۽ فرانس هر ممڪن ڪوشش باوجود سوويت سوشلسٽ انقلاب کي نيست ۽ نابود نه ڪري سگهيا، تڏهن هنن اها رٿ رٿي ته هاڻ جرمنيءَ کي روس خلاف استعمال ڪجي ۽ ٻيو نه ته ٻنهي کي پاڻ ۾ ويڙهائي چٽ ڪجي. ان ڪري انهن پاڻ ۾ ڳجهي رٿ رٿي جنگ بعد صلح جي عهدنامي ۾ سعيو ڪري جرمنيءَ خلاف غير معمولي طور اهڙا سخت شرط وڌا، جو جيڪڏهن پوءِ انهن شرطن کي نرم ڪجي ۽ جرمنيءَ کي ٻيون به خاص رعايتون ڏجن ته هو روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ دل جان سان سندن ٻانهن ٻڌو ٻانهو ٿي ڊيوٽي ڏي. خاص ڪري تڏهن جڏهن جرمن سرمائيدارن کي به روسي انقلاب کان ڪو گهٽ خطرو ڪو نه هو ۽ کين ان خلاف ڪا ٿورڙي ڪاوڙ ڪا نه هئي. انگلينڊ، فرانس، جرمني، آمريڪا وغيره سرمائيدار ملڪن جي حڪومتن ۽ ڪارپوريشنس جرمن فوج کي روس تي حملي لاءِ دل جان سان تيار ڪيو ۽ هنن جيڪي گهريو، سو کين ڏنائون. پر هڪڙي طرف سموريون واسطيدار سياسي حالتون سندن قبضي ۾ نه رهيون ته ٻئي طرف روس به تيزيءَ سان ڳالهه سمجهي جوابي سفارتي ۽ فوجي ڪارروايون ۽ تياريون تيز ڪيون. تان جو هن حملو ڪندڙ جرمن فوج کي شڪست ڏئي خود برلن تي اچي قبضو ڪيو. ٻي جنگ عظيم ايڏي ڊيگهه، تباهي ۽ بربادي ڪئي جو نه رڳو روس ۽ جرمني، پر برطانيه ۽ فرانس وغيره به سمورو رت ست وڃائي ويهي رهيا ۽ منجهن پنهنجين شهنشاهتن کي قبضي ۾ رکڻ جي به پهچ نه رهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي ان تباهيءَ مان فائدو ٿيو ته اها فقط آمريڪا هئي.
”لالا! مال خلاص!“:
هندستان جي وائسراءِ لارڊ ويول برطانوي سرڪار کي جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ 1945ع ۾ لکي موڪليو ته هاڻ هندستان تي تسلط جاري رکڻ ناممڪن آهي، وڌيڪ رهبو ته خواري ٿيندي، ان ڪري ان کي هڪدم خالي ڪجي. في الحال هندو صوبا خالي ڪجن ۽ پوءِ مسلمان صوبن کي ڏسجي...۽ پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ طئي ٿيو ته، پنجاب ۽ يوپيءَ جي ليڊرشپ (سڪندر حيات خان، لياقت علي خان وغيره وغيره) ۽ انگريزن جا ويجها ڪامورا (سر ظفر الله خان، ايوب خان، اسڪندر مرزا، چوڌري محمد علي وغيره وغيره) سڀ انگريزن جي اشارن تي پئي هليا. سڀني ڌرين جي وچ ۾ ماٺ مٺيءَ ۾ طئي اهو ٿيو ته مسلمان علائقن کي نالي ماتر آزادي ڏيئي، جناح ۽ سندس روشن خياليءَ واري حڪمت عمليءَ مان جند ڇڏائي ملڪ لياقت علي ۽ پنجاب ۽ يو پيءَ جي انگريزن جي وفادار سياستبازن ۽ ڪامورن معرفت آمريڪا ۽ ان جي ننڍي ڀائيوار انگلينڊ جي حوالي ڪري بلوچستان، سرحد ۽ خاص ڪري سنڌ کي سامراج جي ماتحت، پنجاب، يو پي، سي پي بهار وارن جي جاگير بنائي قبائلي سردارن، خانن ۽ ڀوتارن کي ڪمدار بنائي سنڌ جا سمورا وسيلا سنڌين کان اسلام، پاڪستان ۽ آزادي جي نالي ۾ کسي ملڪ ميدان ڪري موجون ڪجن.
سنڌ مخالفن جا خواب پورا ٿيا:
ائين ئي ڪيو ويو، فيبروري 1948ع ۾ لياقت عليءَ محمد علي جناح کان عملي طرح مسلم ليگ کسي ورتي. سنڌ تي ڪنٽرول جي رٿ دهلي توڙي لاهور وارا اڳي ئي سٽي آيا هئا. ورهاڱي وقت فساد ڪرايا ويا، ۽ اهڙيءَ طرح انهن جو سنڌ جي حوالي سان خواب پورو ٿيو. ياد رهي ته علامه اقبال 1930ع ۾ الهه آباد ۾ مسلم ليگ جي اجلاس جي صدارت ڪندي جيڪو مطالبو ڪيو هو ته انگريز هندستان مان وڃن نه وڃن سندن مرضي، پر سنڌ، بلوچستان، سرحد پنجاب ۾ ضم ڪيا وڃن. (Should be merged with Punjab) اهو به هيڏي ساري مخالفت هوندي نيٺ پورو ٿيو. ملڪ جي آزاديءَ جي آڙ ۾ سنڌ تي باقائدي گهڻ طرفو حملو ڪري وڏين ويڙهن کانپوءِ ان کي مفتوح علائقو بنايو ويو. سنڌ کان سندس تازو حاصل ڪيل صوبائي خودمختياري هڪدم کسي ويئي، يوپي، سي پي ۽ لاهور جا کڙپيل آفيسر سنڌ کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويا. ڪراچي سنڌين کان کسي ورتي ويئي، سنڌي هندن جي گهرن ۾ گهڙي کين ماري ڪٽي ڊوڙائي ڪڍيو ويو. زوري لڏايل سنڌي هندن جي ملڪيتن جا وارث يو پي، سي پي وارا ٿي ويٺا، محمد علي جناح کي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ قبر ڀيڙو ڪيو ويو. ان ماحول ۾ لياقت علي خان وزير اعظم جي حيثيت ۾ آرام سان سنڌ خلاف سنڌ جي تاريخ جو اهو وڏي ۾ وڏو موتمار فيصلو ڪري ورتو، جو ڏينهن ڏٺي جو سمورن ملڪي، اسلامي ۽ بين الاقوامي قانونن کي ٺڪرائي هن سنڌ جي جياپي جا سهارا سنڌو ندي ۽ ان جي سٿ جون نديون ماٺ مٺيءَ ۾ منڍ واري سخت مخالف پنجاب سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيون. پوءِ سنڌ جي اجازت بنا، ان جي مفادن جي سراسر خلاف هڪٻئي پٺيان تيزيءَ سان هيٺيان ۽ ٻيا لاڳاپيل غير قانوني، غير آئيني ۽ غير انساني قدم کنيا ويا.
(1) هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏپ وارن درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ بنايل ڪميٽيءَ ۾ تاريخي بي قائدگي ۽ لاقانونيت ڪري سنڌ جو ڪو به نمائندو شامل ڪو نه ڪيو ويو. فقط مغربي پنجاب جا ٽي نمائندا، (1) مغربي پنجاب جو سردار شوڪت حيات خان (2) چيف انجنيئر ۽ سيڪريٽري اريگيشن عبدالحميد ۽ (3) چيف سيڪريٽري حافظ عبدالمجيد مقرر ڪيا ويا، جن جلد وڃي هندستاني پنجاب جي نمائندن سان گڏجي سنڌ خلاف هڪڙي تمام ڊگهي عرصي واري گهڻ پاسائين بين الاقوامي سطح جي تمام وڏي گوناگون منصوبا بندي تيار ڪئي، جنهن تي عمل ڪندي سنڌ جو جهڳو اهڙو جهڻ ڪري ڇڏيو ويو آهي، جو اها اڄ ٽيهٺ سال گذرڻ بعد به پنهنجا پير جهلي نه سگهي آهي، بلڪه روز بروز وڃي قومي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي موتمار کاهيءَ ڏانهن ڌڪبي. ڪا خبر ناهي ته اها ڪنهن وقت وري به پنهنجا پير جهلي ويندي يا مورڳو مڪمل طرح اڃ، بک ۽ ڏڪار جو شڪار ٿي دنيا جي تختي تان ائين ختم ٿي ويندي، جو ڄڻ ته اها دنيا ۾ پيدا ٿي ئي ڪا نه هئي.
اسٽي آرڊر متان وٺو!
سڀ درياهه هندستان ۽ ڪشمير جي علائقن مان نڪري پنجاب مان ٿيندا سنڌ پهچن ٿا، ان لاءِ ضروري هو ته جيسين هندستان ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ورهاست بابت مڪمل تسلي بخش فيصلو ٿي وڃي، تيستائين هندستان ان پوزيشن ۾ نه هجي، جو پاڪستان تي ناجائز دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪنهن درياهه جي هيڊ ورڪ وٽ پاڪستان ايندڙ پاڻي روڪي ڇڏي. ان ڪري بندوبست ڪيل هو ته هندستان پاڪستان طرفان صلاح سان مقرر ڪيل واسطيدار اختياريءَ يعني آربٽرل ڪميٽيءَ کان پاڪستان طرفان اڳواٽ درخواست ڏيئي اسٽي آرڊر وٺي ڇڏجي ته جيسين آخر ٺاهه نه ٿي وڃي، تيستائين هندستان پاڪستان جو پاڻي بند نه ڪري. ان ٽربيونل جو صدر هندستان جو چيف جسٽس سر پئٽرڪ اسپينس Sir Patrik Spence هو.
جلنڌر واري عالمي منصوبا بندي:
جلنڌر واري گڏجاڻي ۾ ٻنهي پنجابن جي حڪومتن طرفان پنهنجي مظلوم حريف ۽ مخالف سنڌ خلاف تمام ڊگهي، تمام گهڻن ڏاڪن واري، تمام اونهي ۽ تمام بي رحميءَ واري منصوبا بندي اها ڪئي ويئي ته: (1) اعلان ڪجي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، سڀ ڀائر آهيون، پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، ڪنهن پاڻيءَ جي بندش يا ٻي گڙ ٻڙ جو ڪو به ۽ ڪنهن به قسم جو خطرو ڪونهي. ان ڪري پاڪستان آربٽرل ٽربيونل کان ڪو به اسٽي آرڊر نه وٺي. جيڪا درخواست پيل آهي، سا پاڪستان جو اٽارني جنرل واپس وٺي ڇڏي. جيڪڏهن ڪو ٻيو يا خود ٽربيونل جو سربراهه چوي ته ”هي ٽربيونل جي مدت تمام ٿورڙي آهي، ٿورن ڏينهن اندر ختم ٿي ويندي پوءِ اسٽي آرڊر ملي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن رڪاوٽ پئي ته ان جو ڪو به علاج ڪو نه ٿي سگهندو، تنهن ڪري بهتر آهي ته پاڪستان اسٽي آرڊر وٺي ڇڏي ته آخري ٺاهه تائين هندستان پاڪستان ويندڙ پاڻي نه روڪي ته سڀني لاءِ سٺو ٿيندو.“ ته اها آڇ به هرگز نه قبولي وڃي ۽ اسٽي آرڊر لاءِ ڪيل درخواست پاڪستان واپس وٺي ڇڏي. (2) پوءِ جيئن ئي پهرين مارچ 1948ع تي ٽربيونل جو مدو پورو ٿئي، تيئن هندستان پاڪستان ڏانهن ويندڙ پاڻي هڪدم بند ڪري ڇڏي. پوءِ پاڪستان وٺي هاءِ گهوڙا شروع ڪري ته اسين سادا ۽ ويساهه وسوڙيل مسلمان ماڻهو، اسان سان هندستان انجام ڪيو هو ته پاڻي بند ڪو نه ڪنداسون، توهان اعتبار ڪريو، اسان سندن واعدي تي اعتبار ڪري اسٽي آرڊر ڪو نه ورتو ته اسان سان هندستان ظلم ڪري ڇڏيو. پاڻي هڪدم نه کليو ته اسين تباهه ۽ برباد ٿي وينداسون. هندستان مڳيءَ  ۽ معتبريءَ جو پوز هڻي چپ ڪري ويهي ۽ پاڪستان هاءِ گهوڙا سان آسمان مٿي تي کڻندو رهي. پوءِ ”بي وس ۽ محتاج“ پاڪستاني وفد ”مجبور ٿي“ ”لاچار“ وڃي مغرور هندستان جيڪي چوي سو مڃي پاڻي ڪجهه وقت لاءِ چالو ڪرائي اچي ۽ هندستان جي چوڻ تي ٽي درياهه لکي هندستان کي ڏيئي اچي ته انهن درياهن جو پاڻي هندستان جي ملڪيت آهي، اسان جو ناهي، اسين جيترا پئسا (Signor money) هندستان چئي ٿو اهي ڏيئي اهو پاڻي في الحال زر خريد وٺون. پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ هلن ڳالهيون، جنهن ۾ هندستاني پنجاب کي ٽي درياهه ملن ۽ ٻيا ٽي ملن مغربي پنجاب کي ۽ سنڌ جي پتيءَ جو نالو نشان مٽائي ڇڏجي. ان جي پتيءَ جو پاڻي پنجابي برادر سرڪاريون پاڻ ۾ ورهائي موجون ماڻين.
ان سازش تي هوبهو عمل ٿيو!
پاڪستان جي مرڪزي سرڪار ۽ هتان جي پنجاب يڪمشت ٿي ان تي عمل ڪيو. درياهن جي پاڻيءَ جي مالڪي ۽ ڀائيواري جي سلسلي ۾ سنڌ جو نالو نشان به نه رهيو. گويا پاڪستان ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو هو ته هندستاني ۽ پنجابي مسلمان ڀائر جيڪي اڳ ان تي قابض ٿي سندس وسيلا ڦٻائي نه ٿي سگهيا، سي آزادي ۽ مذهب جا نعرا هڻي سنڌي قوم جو پاڻي، زمينون، سندس سمنڊ، شهر، ٻنيون، ڌنڌا، واپار، تعليم کسي سندس مالڪ بنجي ويهي رهن.
پاڪستان جي اٽارني جنرل اسٽي آرڊر وٺڻ کان انڪار ڪيو!
جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جا اٽارني جنرل مٿين سازش مطابق يڪراءِ ٿي آربٽرل ٽربيونل جي سربراهه وٽ ويا ته اسان جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، اسان کي اسٽي آرڊر ڪو نه کپي. تڏهن هن مٿن زور ڀريو ته ائين نه ڪريو، پاڻيءَ جي وهڪري جاري رکڻ لاءِ ڪو آرڊر ڪرايو، پر هنن نه مڃيو. (سر اسپينس جي لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ايسوسيئيشن اڳيان 23 فيبروري 1955ع تي ڪيل تقرير، حوالو چوڌري محمد علي جو ڪتاب The Emergence of Pakistan ص 38).
اپريل 1948ع تي جيئن ئي آربٽرل ٽربيونل جو مدو پورو ٿيو، تيئن ئي هندستان پاڪستان جي (مٿين سٽيل منصوبي مطابق)...باري دو آب ڪئنال سسٽم، ديبالپور ڪئنال سسٽم ۽ بهاولپور اسٽيٽ ڊسٽريبيوٽري جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ”اوڀر پنجاب وار اچوڻ لڳا پاڪستان جو پاڻي ڪونهي، پئسا ڏي ته پاڻي کوليون...پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، لکين ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا، ڍور ڍڳا بکن ۾ مري ويا آهن، پاڻيءَ جو ڏڪار پئجي ويو آهي...مئي 1948ع جي شروعات ۾ غلام محمد وزير خزانه جي قيادت ۾ وفد دهلي ويو، ٻيا ميمبر هئا، مغربي پنجاب جا وزير سردار شوڪت علي خان ۽ ممتاز دولتانه...غلام محمد لارڊ مائونٽ بيٽن کي منٿون ڪيون ۽....پوءِ غلام محمد جي اڳيان هڪڙو بيان رکيو ويو، جنهن تي مجبورن کيس ۽ ٻن وزيرن کي 4 مئي 1948ع تي صحيح ڪرڻي پئي، ٻئي طرف نهروءَ وارن صحيح ڪئي...“ (حوالو چوڌري محمد علي جو ساڳيو ڪتاب ص 38-32)
سنڌي انجنيئر دٻاءَ ۾ نه آيا:
ان کانپوءِ سٽيل سازش موجب عالمي بئنڪ جي اڳواڻي هيٺ هند-پاڪ ڳالهيون ڪرايون ويون، ان ۾ ڪن سنڌي انجنيئرن (صالح محمد قريشي ۽ ٻيا) کي به شريڪ ڪرڻو پئجي ويو. مٿن پنجاب جي انجنيئرن طرفان هر طرح جو دٻاءُ وڌو ويو، پر هو نه مڙيا ۽ سنڌ جي ڪنهن به حق تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيا، ان ڪري ٻين مقصدن سان گڏ پاڻيءَ جي حوالي سان به پنهنجي پر ۾ سنڌ جو قانوني وجود ختم ڪرڻ لاءِ 1954ع ۾ سرڪاري دهشتگرديءَ ذريعي ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ان جي آڙ ۾ درياهن جي پاڻيءَ بابت بين الاقوامي ڳالهين ۾ سنڌ کي لادعويٰ بنائي نويڪلائيءَ ۾ سندس پرپٺ، پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙن جو بندوبست ڪيو ويو.