Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Tuesday 11 October 2011

Press Conference by Rasul Bux Palijo on 10th Oct, 2011


عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم رسول بخش پليجي جي پريس ڪانفرنس جو مڪمل متن: 10 آڪٽوبر 2011ع

(عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي هي پريس ڪانفرنس اڄ تاريخ 10 آڪٽوبر 2011ع تي پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ڪئي).
صحافي دوستو!
گهڻا سال اڳ ڪڏهن آئون به توهان جي سٿ ۾ شامل هوس ۽ ڪراچيءَ جي سنڌي اخبارن ۾ رپورٽري، سب ايڊيٽري، ڪالم نويسي کان وٺي روزاني اخبار جي ايڊيٽري تائين ڪم ڪيم. ان کان پوءِ 60 سال وڪالت ڪئي اٿم. ايترو ئي وقت سياست ۾ سرگرم رهيو آهيان. ڪڏهن ريلن ۾ ڪڏهن جيلن ۾،  انهن سمورن پيشن ۾ ماڻهوءَ جو سچ ۽ ڪوڙ سان ايترو تمام گهڻو ۽ گهرو واسطو پوي ٿو جو ماڻهو ڪهڙي به ڪوڙي تعريف يا وڏي سچ يا ڪوڙ کي ٻڌي عام ماڻهن وانگر حيران نٿو ٿيئي ۽ انهن کي هلي چلي سمجهي نظرانداز ٿو ڪري ڇڏي. سياست ۾ ڪوڙيون تعريفون ۽ الزام تراشيون به ڪي ڳالهه ناهن. مون تي به عملي ادبي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ ڪئين ڪوڙا الزام ۽ تهمتون لڳيون. مون انهن تي ڪاوڙجڻ بدران الزام هڻندڙن کي مذاق بنائي پيئي ڇڏيو. مثال طور ڪن دوستن اچي مون کي ٻڌايو هوندو ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته تون فلاڻي جاگيردار سياستباز جو ماڻهو آهين. مون کلي چيو هوندو ته ادا ڪهڙي سچي ڪهڙي ڪوڙي، پر اوهين به ته انصاف ڪريو نه! اڄ ڪلهه ڪا ڳالهه لڪي ڪانه ٿي، خود اوهان کي معلوم ٿي ويو آهي ته آئون ان صاحب لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳايو پيو ڪم ڪريان، پر مون کي جيڪي ٻئي لک ڏنائين اهي ته گهڻا ڏينهن ٿيا جو ويا کپي. هاڻ ڀلائي ڪري مون سان گڏجي ان وٽ هلو ۽ چئوس ته هي همراهه هيڏي ساري تو لاءِ محنت پيو ڪري ان کي چار ڏوڪڙ ته سولا ڏي. گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو لک کن ته ڏينس تنهنجو ڪم به ڪري پنهنجو پيٽ به پاري. مهرباني ڪري تيار ٿي اچو ۽ جن دوستن اوهان کي اهي احوال ڏنا آهن انهن کي به وٺي اچو ته گڏجي هلي همراهه کي سمجهائي ڇڏيو ۽ منهنجي پارت ڪريو ته سندس ڪم آرام سان اڃان به سٺو هلي. همراهه گولي ٿي ويا، وري نظر نه آيا. ٻيا وري مزيدار  خبرون کڻي ايندا هئا. ڪنهن زماني  ۾ هڪڙي سنڌي اخبار سنڌي وطن دوست اديبن لاءِ لکندي هئي ته اهي ڀارت جا ايجنٽ ۽ پاڪستان ۽ اسلام جا دشمن آهن. ڀارت کان پيسا وٺيو ون يونٽ ۽ ٻين پاڪستاني مامرن خلاف لکن ٿا. هڪڙي ڏينهن لطيف آباد ۾ گهر ويٺو هوس ته ڪي سنڌي صحافي همراهه آيا. چيائون ته جي دل ۾ نه ڪرين ته توکان هڪڙي ڳالهه پڇون. مون چيو هو ته سدا پڇو. چيائون ته اسان ٻڌو آهي ته هندستان سرڪار اوهان ترقي پسند اديبن لاءِ انعام طور ڪي سهڻيون ڇوڪريون موڪليون آهن، مون يڪدم چيو،” ها! مس مس ٻه چار موڪليون اٿن.“ چيائون ته ڪٿي آهن؟ مون چيو ”مون وٽ آهن“ اتاولو ٿي چيائون ”ڪٿي؟“ مون چيو ته ”گهر جي هيٺين تهه خاني ۾ ويٺيون آهن.“ چيائون ته ”اسان کي ڏيکاريندين؟مون  چيو ته ”ڇو؟“ اوهان کي ڇا جي لاءِ ڏيکاريان؟ ڀارت جو ايجنٽ بنجي اسلام، ملڪ ۽ قوم سان غداري ڪريان آئون، باقي سهڻيون ڀارتي ڇوڪريون ڏيکاريان اوهان کي! اوهين مون جهڙا مڙس ناهيو ڇا؟ اوهين به مڙسي ڪري ملڪ، قوم ۽ اسلام جا غدار ۽ ڀارت جا ايجنٽ بنجي ڀارت مان سهڻيون ڇوڪريون نٿا گهرائي سگهو ڇا؟ اهوئي ڏينهن ٿيو. وري منجهانئن ڪا پهر سهڻين ڀارتي ڇوڪرين جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ ڪانه آئي. پر اڄ ڪلهه سياسي بليڪ ميل ۽ ڪوڙي الزام تراشي هڪڙو زبردست منهن جي پڪائيءَ وارو بي حيا ۽ رذليل بنجي ويو آهي. مثلن ڪا اعليٰ سطح جي خلاصي اهڙي قومي گڏجاڻي هجي جنهن ۾ قومي سطح جا ليڊر، حاڪم، فوجي ۽ سول بيورو ڪريٽ پاڻ ۾ ڪنهن خاص قسم جي خلاصي صلاح مصلحت لاءِ گڏ ٿين، گڏجاڻيءَ ۾ ڪنهن به ميڊيا واري کي اچڻ جي اجازت نه هجي، گڏجاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ وقت سواءِ مختصر سرڪاري بريفنگ جي باقي ميڊيا سان عام طرح واريون تفصيلي خبرون چارون ڪرڻ ته فلاڻي ڇا چيو فلاڻي ڇا نه چيو، اهو بند هجي ۽ ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ بنيادي طرح رڳو سرڪاري پڌرائيءَ جو مختصر بيان اچي ته پوءِ اهڙي خاص گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪنهن ماڻهو کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مٿس نسورن، ڪوڙن، ڪريل ۽ واهيات الزامن جا انبار ليٽائي وجهڻ جي ڪوشش ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگهي؟ بظاهر بلڪل نه، پر پنهنجي ڪنهن چئيڪار ويب سائيٽ تان جنهن خلاف جيڪو وڻين سو ڪوڙو ۽ واهيات الزام نشر ڪرائي (2) پوءِ ان الزام کي مفروضو بنائي، ڪنهن هٿرادي فيس بڪ تان ائين چورائي ته ”جيڪڏهن ان ويب سائيٽ تي چيل ڳالهه سچي آهي ته ...... جيڪي به دنيا جهان جا ڪوڙ بدوڙ ٽوڪون، چٿرون، بدمعاشيون، ڪردار ڪشيون ڪرڻيون هجن سي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏجن ۽ (3) پنهنجي پيارن فرمانبردار ٻچڙن جي فوج هٿان پروپيگنڊا جي ڪربلا بلڪه ڪاري قيام مچائي ڇڏجي ته اهو نه رڳو ممڪن آهي، پر اڄ ڪلهه اسان جي ۽ سڄي قوم اڳيان هماليه جبل جيڏو نسوڙو ڪوڙ سامهون اچي بيٺو آهي. هڪڙي عالمي تاريخي ڏاهي چيو آهي ته دنيا جي اڪثر عالمن، ڏاهن، اڪابرن پنهنجو مٿو ان ڳالهه تي کپايو آهي ته هيءَ دنيا ڪئين ۽ ڪهڙي آهي. پر اصل سوال اهو آهي ته هتي دنيا جهڙي به آهي سٺي ناهي. ان کي بدلائڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو ڪونهي، سوال آهي ته هن دنيا کي بدلائجي ڪيئن. ان لاءِ روايتي علم ڏاهپون ڪجهه نٿا ڪري سگهن. ان لاءِ نئين سمجهه، سُرت ۽ تجربي سان گڏ عالمي تاريخي سطح جي نئين علم ۽ سائنس جي حاصلات جي ضرورت آهي. منهنجي ننڍي هوندي کان وٺي سنڌي، هندستاني، ايشيائي، يورپي ۽ عالمي علم، ادب، سياسي، مذهبي، جنگي، اقتصادي، سفارتي، سائنسي ۽ ٻين سماجي ۽ رياستي لاڳاپا رکندڙ تاريخن سان گهري دلچسپي پئي رهي آهي ۽ انهن جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪندو رهندو آهيان ۽ ان مطالعي جي روشنيءَ ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ملڪن جهڙوڪ هندستان، بنگلاديش، نيپال، ٿائيلينڊ، ويٽنام، افغانستان، لبنان، فلپائن، انگلينڊ، اسڪائيلينڊ، آئرلينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا، روس، زيڪو سلوواڪيا جي تعليمي ادارن ۽ علمي، ادبي ۽ سياسي فورمن ۽ ڪانفرنس ۾ پنهنجا موقف پيش ڪندو رهندو آهيان. آخري دفعي جڏهن آئون بمبئي هندستان ويو هوس ته اتي مون هندستاني عالمن، اڪابرن ۽ فوجي سپر سالارن اڳيان چيو هو ته هندستان جي ورهاڱي جا اصل باني توهان آهيو. اسان نه. هنن پڇيو اسين ڪير ”مون چيو هو مهاتما گانڌي، پنڊت نهرو، جن جناح جي معمولي کان معمولي ڳالهه نه مڃي! وڏا بحث هليا، نيٺ انصاف پسندن چيو ته ائين برابر آهي. پاڪستان ۾ هر هنڌ منهنجو موقف اهو پيئي رهيو آهي ته ٻي جنگ عظيم 1939ع کان 1925ع مغربي سامراجي ملڪن برطانيا، فرانس، آمريڪا ۽ جرمني گڏجي سازش ڪري جرمني هٿان روسي انقلاب جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪرائي هئي، پر ان ۾ ناڪام ٿيا ۽ سخت ڪمزور ٿي ويا، ان ڪري هنن پنهنجي غلام ملڪن ۾ اندران ئي اندران پنهنجن ايجنٽن ساز باز ڪري نالي ماتر ڪوڙي آزادي ڏيئي کين سڌي سامراجي غلاميءَ مان ڪڍي آمريڪا جي اڻ سڌي اڳي کان سوين دفعا وڌيڪ رهزن ۽ سفاڪ غلامي ۾ ڏيئي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“ جو مطلب به اهو هو. پاڪستان انگريز جي غلاميءَ مان نڪري لياقت علي ٽولي معرفت انگريزن ۽ آمريڪا پاڻ ۾ ڳٽ جوڙ ڪري پاڪستان جي نالي ۾ مسلمانن کي انگريزن بدران آمريڪا پاڻ وٽ پاڪستان کي غلام ڪري رکيو ۽ پنهنجي ڇاڙتن لياقت علي واري ٽولي کي ظاهري نالي ماتر حڪمران ڪيو  ويو. خاص ڪري سنڌ ته سڌيءَ طرح آمريڪي ڇاڙتن جي غلاميءَ هيٺ آئي ۽ اڄ تائين آهي. آمريڪي سامراج جي پاڪستاني ڇاڙتن نالي ماتر حڪمرانن هر ڳالهه، هر قدم بنيادي طرح آمريڪي ڇاڙتن طور پيئي کنيو آهي. سندن اقتصادي، سياسي، خارجه ۽ فوجي پاليسيون آمريڪا بهادر جي مفادن جي تابع رهيون آهن ۽ پاڪستان/ مسلمان ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جي عوام جي مفادن جي سراسر ابتڙ رهيون آهن. پاڪستان جيڪي به لڙايون ڪيون آهن سي سڀ ناڪام ويون آهن، ڇو ته جرنيل صاحبان نه رڳو نااهل، نا تجربيڪار ۽ لاپرواهه هئا، پر قدم قدم تي سامراج جي اشارن جا منتظر پيئي رهيا آهن. ڪشمير تي ناڪام حملو، اکنور جهڙي Strategic اهميت واري شهر جي دروازي تي پهچي، اوچتو فاتح جنرل بدلي ڪري، ٻيا آڻي پٺتي موٽ کائڻ، بنگال ۾ ردي ۽ نڪمي سياسي جنگي حڪمت عملي سبب 90 هزار فوجن جو هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيئي قيد ٿيڻ جا..... ۽ ٻيا اهڙا ڪئين ثبوت رڪارڊ تي موجود آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان جي جنگي تاريخ ۾ ڪن موڙن تي هڪ اڌ جرنيل ڪنهن ڪنهن مهل ڪجهه مڙسي ڏيکاري آهي. جيئن جنرل اسلم بيگ آمريڪا جو ڇاڙتو ٿي عراق خلاف پاڪستاني فوجون موڪلڻ جي مخالفت ڪئي، پر عام طرح جنرلن جي روين جي صورتحال انتهائي مايوس ڪندڙ پيئي رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ جو سنڌ کي اهو فائدو ٿيو جو ان کان سندس تخت گاهه کسي آمريڪا پرست دهشتگردن جي ڇانوڻي بنايو ويو سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين، نوڪريون، حڪمراني جا حق، سمورا وسيلا، تعليم، روزگار، سنڌ جا وڏا شهر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص کسي مڪمل طور ڌارين دهشتگردن جو غلام بنائي ڇڏيو ويو آهي. اڄ سنڌين لاءِ پنهنجي تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ روزگار يا تعليم لاءِ اچڻ جي منع آهي. اهڙو مثال دنيا جي ڪنهن غلام کان غلام ملڪ ۾ به نه ملندو. مون انهن ڳالهين جو ذڪر بار بار لکت ۾ توڙي تقريرن ۽ ليڪچرن ۾ پيئي ڪيو آهي ۽ ان ضرورت جو اظهار بار بار زور ڏيئي پئي ڪيو آهي ته سڀ باشعور ۽ وطن دوست ڪڏهن گڏجي پاڪستان جي مسئلن جي اصلي سببن ۽ حقيقتن جو سڀ طرفو (سياسي فوجي، اقتصادي ۽ سفارتي) گهرو ۽ تفصيلي جائزو وٺي پاڪستان کي ڏاڪي به ڏاڪي سامراج جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ صحيح ۽ ڪامياب ۽ سڀ طرف حڪمت عملي ۽ عمل جي واٽ تيار ڪري سچ پچ اڳتي وکون وڌايون. گذريل مهيني پاڪستان جي وزيراعظم 29 سيپٽمبر 2011ع تي هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس انهي مقصد لاءِ سڏائي ته ” ويجهڙائي ۾ علائقي جي سلامتيءَ بابت صورتحال ۾ جيڪي اٿلون پٿلون آيون آهن تن بابت لازم آهي ته اسين هڪ قوم جي حيثيت ۾ گڏجي پنهنجون سوچون ميڙي چونڊي گڏي پنهنجي ملڪ جي سلامتي ۽ قومي مفادن خاطر هڪڙي گڏيل حڪمت عمليءَ واري واٽ تيار ڪريون.“ ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، بابر اعواڻ، جهانگير بدر، حفيظ شيخ، حنا رباني کر ۽ ٻيا فوج پاران جنرل اشفاق پرويز ڪياني، آءِ ايس آءِ جو سربراهه جنرل احمد شجاع پاشا ۽ ٻيا مسلم ليگ (ن) پاران نواز شريف، جماعت اسلامي جو منور حسن، تحريڪ انصاف جو عمران خان، جي يو آءِ پاران مولانا فضل الرحمان، عوامي نيشنل پارٽي طرفان اسفند يار ولي، ايم ڪيو ايم پاران حيدر عباس رضوي، مير ظفرالله خان جمالي، محمود خان اچڪزئي، شيخ رشيد، مير ثناءَ الله زهري، چوڌري شجاعت، سليم سيف الله، صاحبزده ابوالخير، علامه ساجد نقوي، مولانا حميد الحق، آفتاب شير پائو، ايس يو پي طرفان جلال محمود شاهه، عوامي تحريڪ پاران آئون ۽ ٻيا ڪيترائي ٻين پارٽين جا پارٽي نمائندا هئا. اخباري توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪوبه نمائندو اندر اچڻ نه ڏنو ويو جو ڪانفرنس کليل نه هئي، خلاصي هئي، ان ڪري ڪانفرنس  جي خاتمي تي ٻاهر نڪرندڙ نمائندن ميڊيا کي دستوري تفصيلي بريفنگ به نه ٿي ڏني ويئي. ڪانفرنس ۾ سڀ ڪنهن پنهنجي ڳالهه فضيلت سان ڪئي. نمائشي وضاحت بلاغت تمام گهٽ هئي. حڪومت جي ڪار گذارين تي ڪافي وزندار بلڪه سخت تنقيدون ٿيون، پر ڪوبه گوڙ فساد ڪونه ٿيو. اڪثر هر ڪنهن فضيلت سان پنهنجي ڳالهه چئي ۽ ٻئي جي ٻڌي. ڪانفرنس بابت سرڪاري اعلان جي مسودي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ درستيون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا. ڪانفرنس 2 بجي کان تقريبن رات ساڍي 11 بجي تائين نو ڏهه ڪلاڪ هلي، منهنجو وارو سڀني کان پوءِ آيو. مون اڃان 7- 8 منٽ کن ڳالهايو ته وزيراعظم صاحب چيو ته خزاني جي وزير حفيظ شيخ کي ٻه ٽي منٽ ڳالهائڻ ڏيو. مون چيو حاضر ۽ تقرير ختم ڪيم. مون پنهنجي تمام مختصر ڳالهه ڪندي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو، جو هن هي اهم ڪانفرنس گهرائي ۽ ٿڌي سيني ۽ غور سان سڀني جون ڳالهيون ٻڌيون. مون چيو ته اخبارن ۾ وزير خارجه حنا کر جي تصوير ڏسي مون سوچيو ته هيءَ ڇوڪري ويچاري ڇا ڳالهائيندي، پر هينئر ڏٺو اٿم ته ٻيو نه ته به انگريزي تيزيءَ سان پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي. مون پنهنجي تمام مختصر ڳالهه ۾ پاڪستان جي انگريز جي جاءِ تي آمريڪي ڪالوني هجڻ، سندس سياست، سفارتڪاريءَ، خارجه پاليسي، جنگي حڪمت عملي، انٽيليجنس ۽ ٻين شعبن ۾ نااهليءَ ۽ نڪمائي جا ٻه ٻه، چار چار مثال ڏنا ۽ صلاح ڏنم ته اچو ته گڏجي ان ڳالهه تي صاف گوئي ۽ سچائيءَ سان ڳالهه ڪريون. اسان جي زندگيءَ جي سمورن شعبن جي صورتحال ڪهڙي آهي ۽ انهن کي ڪيئن سڌارجي، صلاح مصلحت ڪريون ته آمريڪي اڻ سڌي ڪالونيءَ واري غار منجهان ڪئين هر شعبي ۾ آهستي آهستي پيرڙا کڻي ٻاهر نڪرجي ۽ هڪڙو سچو پچو آزاد پاڪستان قائم ڪجي. مون چتاءُ ڏنو ته آمريڪا جي مخالفت جو نالو وٺي وري فوجي آمرن ۽ دهشتگرد مولانائن ۽ ڪراچيءَ وارن ڪلين شيو قاتلن جو کاڄ ٿيڻو ڪونهي. مون سواءِ وزيراعظم ۽ وزير خارجه جي ٻئي ڪنهن جو نه ذڪر ڪيو، نه ڪنهن جي چڱائيءَ مٺائيءَ تي تبصرو، تعريف يا شڪايت ڪئي، ٻاهر نڪتس پي ته ڏٺم ته دروازي وٽ اشفاق پرويز ڪياني بيٺو هو، مون ٻين وانگر کانس به موڪلايو ۽ کيس چيم ته پاڪستاني فوج جي حڪمتِ عملي ڪار گذاري بابت مون پنهنجا خيال پيش ڪيا. اوهان وٽ ان بابت ڪو پنهنجو تجزيو هجي ۽ اهو اوهين ڪڏهن ٻين سان به شيئر ڪرڻ گهرو ته آئون به ٻڌڻ چاهيندس. واپس ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته مون ڪانفرنس ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي سا هئي جنرل اشفاق ڪيانيءَ جا گڻ ڳائڻ چون ٿا ته اها خبر هڪڙي ويب سائيٽ  Topstory.online.com  ڏني آهي. رپورٽ موجب سانا جي عزيز ناريجي ان کي پنهنجي فيس بڪ تي هلايو آهي. ان بي حيائي، بي شرمائي وارن ذليل ترين ڪوڙن جي ڳوٿري ۾ سڄي جڳ جهان جا ڪوڙ گڏ ڪيا ويا آهن. ذريعن جي آڙ ۾ لڳايل هڪڙو شاهڪار ڪوڙ آهي ته ”مون گذريل سال فيبروري ۾ ايڪس سروس مين سوسائٽي جي هڪ سيمينار ۾ رٽائر جنرل اسلم بيگ جي مان ۾ اهڙي زور سان قصيدا پڙهيا جو خود جنرل اسلم بيگ شرمائجي ويو، جڏهن ته ٻيا شريڪ حيران ٿي ويا ته ڀلا هڪڙي وڏي سنڌي قومپرست کي عمر جي آخري حصي ۾ ڇا ٿي ويو آهي، جو هو پاڪستان آرمي جي اڳوڻن سربراهن جي خوشنوديءَ جي لاءِ اهڙي کلي کلائي نموني ڪوشش ڪري رهيو آهي.“ ان اڻ تصديق ٿيل بوگس رپورٽ جي آڙ وٺي فيس بڪ تي الزام تراشين وارو تبصرو ڪندي عزيز ناريجي مجرمانه نسورو ڪوڙ ڪري بي ايماني سان چيو ته پليجي اي پي سي ۾ رڳو جنرل ڪياني جون تعريفون ڪيون. عجب جهڙي ڳالهه آهي نه؟ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته پاڻ کي سنڌ جا اڳواڻ سڏائيندڙ اهم فورمن تي سنڌ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ بدران پنهنجن ڪن ٻين مفادن کي اوليت ڏين ٿا. ان ڪري ئي ته سنڌي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي يتيم، بي يارو مددگار ۽ ڇورو ڇنو سمجهن ٿا ۽ اهو سوچين ٿا ته نه ئي سرڪار سندن خيال رکي ٿي، نه ئي مخالف ڌر. سڀني سنڌين کي رڻ ۾ رلايو آهي. افسوس صد افسوس. آئون هتي پوري ذميواريءَ سان رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته مون گذريل اي پي سي ۾ پنهنجي تقرير ۾ جنرل ڪياني جي تعريف ته پري رهي، پر ان بابت هڪڙو اکر، وري به چوان ٿو ته هڪڙو اکر به نه چيو. هاڻوڪي مخرج باز ڪوڙن ڪسابن جي لوڌ مان ڪو ثابت ڪري ته مون هن ماڻهو جي ڪارڪردگيءَ تعريف جو سڌي يا اڻ سڌي طرح رڳو هڪڙو اکر به چيو ته آئون سنڌي قوم بلڪه سموري پاڪستان جو ڏوهاري ليکجڻ،، سزا کائڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو مطلب ناهي ته سنڌي قوم جي خيرخواهن کي سڄي عمر جتي ڪٿي ٻيو ڪوبه علمي، سياسي، تحقيقي، تاريخي ڪم ڪرڻو ناهي، رڳو گهر ۾ ويهي، ”هاءِ سنڌ! واءِ سنڌ“ ڪرڻي آهي. اسان اديب آهيون، نقاد آهيون، تاريخدان آهيون. قانوندانن ۽ آئيني ڄاڻو آهيون، محقق آهيون، اسين سموري پاڪستان، بلڪه دنيا جي تاريخ جو حساب ڪتاب رکندا آهيون، اسان جي قوم ۽ وطن جي وفاداري ۽ خدمت گذاري جون تقاضائون تمام گهڻيون ۽ قسمين قسمين آهن. مثلن ايڪس سروس مين سوسائٽي جي سيمينار ۾ مون پاڪستان جي فوج جي تاريخ تي ڳالهائيندي چيو هو ته پاڪستاني فوج کي رڳو گئون ماتا وانگر پوڄيو پئي ويو آهي، اها غلط ڳالهه آهي. اسان کي ان جي لياقت، ڪارڪردگي جو سخت تنقيدي جائزو وٺڻو آهي. ان موقعي تي مون ڪشمير تي قبائلي حملي جي تاريخ کان وٺي موجوده وقت تائين، فوج ۽ انٽيليجنس ادارن، فوجي قيادت جي انتهائي ناقص ۽ انتهائي افسوسناڪ رڪارڊ جو ذڪر ڪيو ۽ مون چيو ته توهان فوجي حضرات سدائين اسان جا امتحان پيا وٺو ته اسين ملڪ سان وفادار آهيون يا نه. ڪڏهن توهان به اسان کي موقعو ڏيو ته توهان کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري پڇون ته جنرل ضياءَ الحق اردن ۾ فلسطين جي مظلوم مهاجرن تي ٽئنڪون ڇو پئي چاڙهيون، ٻين جنرلن ٻيون اچرج جهڙيون ڪارستانيون ڪهڙي اعليٰ قومي ۽ اسلامي مقصد لاءِ پي ڪيون. اتي ئي مون چيو هو ته اسين رڳو توهان جي رڳو غلط ڪمن تي اکيون رکيو ڪونه ويٺا آهيون، توهان مان جيڪڏهن ڪنهن ڪي چڱا قومي مفادن وارا ڪم به ڪيا آهن انهن تي به اسان جي نظر آهي، مثلن جنرل ايوب کي 1965ع واري لڙائي کان پوءِ غيرت آئي ۽ ان آمريڪا کان بڊابير جو اڏو واپس وٺي ڇڏيو. جنرل اسلم بيگ عراق جي مسلمانن تي آمريڪي فوجن سان گڏ پاڪستاني فوجون چاڙهڻ جي مخالفت ڪئي. اهڙيون ڳالهيون اسان جي نظر ۾ آهن، اوهان جڏهن به ڪو چڱو ڪم ڪندا ته اسين دل جان سان توهان جي تائيد ۽ تعريف ڪنداسون. عوامي تحريڪ ان جون بردار تنظيمون هزارين ڀينرون ۽ ڀائر گذريل چاليهن سالن کان سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ لڙنديون رهيون آهن. سنڌي ٻولي کي بچايو، نيلام بند ڪريو، ون يونٽ ڊاهيو، ڪالاباغ ڊيم سازش ختم ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو، ڀٽو بچايو، بهاري سنڌ ۾ نه آڻيو، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل نه ڪريو، پاڻي جي کوٽ ختم ڪريو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي بند ڪريو، چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ کي بحال ڪريو، تعليمي ادارن ۾ غنڊاگردي ختم ڪريو، قبائلي دهشتگردي، دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم تي بندش وجهو. ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪريو، بوگس گهر شماري بدران صحيح گهر شماري ڪرايو، درياءُ جي بچاءُ بندن جي صحيح مرمت ڪرايو ۽ ٻيون سوين تحريڪون ۽ جدوجهدون هلائيندي رهي آهي. انهن ۾ مون سميت سوين ڀينرون ۽ ڀائر سالن جا سال دليري ۽ جوان مرديءَ سان قيد ڪاٽيندا، لٺين ۽ گولين سان مقابلا ڪندا، اڳتي وڌندا رهيا آهن. اهي ڳالهيون ظاهر آهن ته سامراج پرست دهشتگرد لڏي، ڪوڙي قومپرست لڏي، ڪوڙي جمهوريت پرست وڏيرڪي لڏي ۽ ٻين پاڪستاني پيارن کي وڻن نه ٿيون. اسان کي رڳو جسماني جيل، لٺيون ۽ مارون نه ٿيون ملن. اسان جي خلاف زباني، قلمي، اخباري ۽ ڪتابي ڀنڊيون صبح شام جاري آهن. هي ذريعن واريون قرب جون ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ ۽ سنڌ جي غم ۾ ڳوڙها ڳاڙيندڙ سنڌي سڄڻن جا پرت جا پيغام ان قديم تاريخي قرب جي سلسلي جي تازي ڪڙي آهي. آئون انهن جي آجيان ڪريان ٿو، مون کي خوشي آهي ته سنڌ جا نه رڳو سنڌي، ايم ڪيو ايمي پر ولايتون وسندڙ سنڌي سڄاڻ ۽ سرواڻ به جاڳن پيا ۽ پنهنجي تاريخي ڊيوٽي سان لڳل آهن. آئون کين ڀليڪار چوان ٿو.
هاڻي آخر ۾ ڪم جي ڳالهه، هيڏانهن آئون پيو هيستائين جي پاڪستاني سياست، فوج ۽ انٽيليجنس جي ڪارڪردگي جا مثال ڏيو، ٺوس ۽ سخت تنقيد ڪريان ۽ هوڏانهن پاڪستان ۾ ويٺل ۽ پرديس ۾ پکڙا اڏي ويٺل سنڌي قوم جي عشق ۾ غرق ٿيل پيارا پيا لکن ته مون ڪانفرنس ۾ رڳو جنرل ڪياني جا ڳڻ پي ڳايا. اها ڪا اتفاقي ڳالهه ڪانهي، قوم جي ڏاهپ جي ڏيَن رٿيل ۽ سوچيل سمجهيل ڪارروائي ڪئي آهي. آئون ڀنڊي ٻارڙيندڙ سڄي ٽولي کي توهان معرفت نوٽيس ٿو ڏيان ته توهان جو بيان ڪيل لفظ لفظ ڪوڙو آهي، بدنيتي سان اسان کي پنهنجي عظيم الشان قومي وفاداري جي رستي تان ڊيڄاري ڀڄائڻ جي واردات آهي. توهان اسان جي مجرمانه بدناموسي ڪئي آهي. آئون هن بيان وسيلي مطالبو ٿو ڪريان ته توهان قانوني طرح ثابت ڪريو ته : 1-توهان جيڪي الزام هنيا آهن اهي سچا آهن ۽ مون اي پي سي ڪانفرنس ۾ سنڌي قوم، پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪونه ڪيون ۽ تجويزون ڪونه ڏنيون. 2-جنرل اشفاق ڪياني جون ساراهون ڪيون. 3-توهان ٻڌايو ته اهي الزام توهان ڪانفرنس ۾ شامل ڪهڙن اڳواڻن، مثلن وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، جهانگير بدر، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، سيد منور حسن، بابر اعواڻ، حفيظ شيخ، اسفند يارولي، مير ظفرالله خان جمالي، محمود خان اچڪزئي، شيخ رشيد، سيد جلال محمود شاهه، مير ثناالله زهري، چوڌري نثار، سليم سيف الله، صاحبزاده ابوالخير، علامه ساجد نقوي، آفتاب شير پائو ۽ ٻين پاڪستان جي چوٽيءَ جي رهنمائن کان پڇي ڳاڇي تصديق ڪري اهي منهنجي ۽ عوامي تحريڪ جي شاندار ۽ تاريخي ڪردار کي بدنيتي سان قتل ڪرڻ لاءِ الف کان وٺي ي تائين ڪوڙا الزام مڙهيا آهن. اڳتي هلي ڪوبه ٽڻي ٽامڻي قومي، آئين ۽ قانون، شرافت ۽ سياسي اخلاق جون سموريون حدون لتاڙي ۽ ذريعن جو چوغو ڍڪي ههڙيون سياسي طور غليظ ۽ خوني حرڪتون نه ڪري. ان لاءِ ۽ پنهنجي ناموس محفوظ رکڻ لاءِ ڏوهارين کي جوڳي سزا ڏيارڻ لاءِ آئون هي معاملو بدناموسي جي قانون ماتحت واسطيدار عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.
پريس ڪانفرنس ڪندڙ
رسول بخش پليجو
سربراهه عوامي تحريڪ

Life profile of RBP

Documentary on the Life of Mr. Rasul Bux Palijo Telecast by KTN News

Part One

Part Two

Part Three



Saturday 1 October 2011